; سنڌي شخصيتون: ساقي شاهه - وحيد مراد سيال

30 July, 2016

ساقي شاهه - وحيد مراد سيال

ساقي شاهه
سندس ياد ۾
وحيد مراد سيال
سيد سلطان شاهه ساقي هڪ فرض شناس پرائمري استاد هو جيڪو پنهنجي پيشي سان تمام وڏو پيار ڪندو هو. جڏهن به اليڪشن يا ٻيون ڊوٽيون سنڌ سرڪار هڻندي هئي ته هي انهن جي خلاف احتجاج ڪندو هو ته اسان معصوم ٻارن کي تعليم ڏيندڙ استاد آهيون اسان کان اليڪشن ۽ پوليو جي ڊيوٽي وٺي معصوم ٻارڙن جي تعليم تباهه نه ڪيو. ساقي شاهه اسڪول پابندي سان ويندو هو.سيد سلطان شاهه ساقي هڪ بهترين شاعر، ليکڪ، اديب دانشور ته هو ئي هو پر ان کي شاهه عبداللطيف جي ٻولي جي وڏي ڄاڻ هئي. ساقي شاهه ڪچهري لاءِ ويهندو ئي شاهه لطيف کي ڄاڻن لاءِ هو ڇو ته هو هميشه شاهه عبداللطيف کي سمجهڻ پئي چاهيو هن جي اها به خواهش هئي ته هو ڪراچي ۾ گمنام شاعرن، اديبن، دانشورن  ۽ سماجي ورڪرن تي ٻڌل ڪتاب آڻي جن ماڻهن وٽ ڪتاب ڇپرائڻ ۽ وڏن وڏن پروگرامن ۾ اچڻ جي سگهه نه هئي انهن لاءِ هو وڏي همدردي رکندڙ هو.


سيد سلطان شاهه ساقي کي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن سان تمام وڏي انسيت هئي. هو هڪ صحافي به هو، ملير پريس ڪلب جو باني ميمبر به هو. صبح جو اسڪول ۽ اسڪول کان بعد ئي سڌو پريس ڪلب ايندڙ واحد صحافي هو جيڪو پابندي سان ايندو هو  لينڊ مافيا، ڪامورن ۽ سياسي ڀوتارن جي ياري کان نفرت ڪندو هو. هو مظلوم انسان جو دوست هو هن جي دل ۾ مظلومن جو آواز بلند ڪرڻ جي سگهه ۽ طاقت جذبو هو.
سيد سلطان شاهه پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ضمير جي سودي بازي نه ڪئي. استادي پيشي سان سچو ۽ کرو رهندڙ فرض شناس استاد ۽ وري صحافت ۾ به سماج دشمن ماڻهن جو دشمن هو. هن جي خواهش هئي ته انسان انسانيت کي سمجهي جڏهن انسان انسانيت کي سمجهندو ته اهو خدا کي به سمجهندو. هن سنڌ جي ڏکن تڪليفن تي به تمام وڏو لکيو آهي. هن جي شاعري ۾ سنڌ سان محبت، مظلومن جو پيڙاءُ آهي سلطان شاهه ساقي اڄ هزارين دلين تي راڄ ڪري ٿو ان جو سبب اهو آهي ته هن زندگيءَ جا پنجاهه سال پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ماڻهن سان محبت ڪندي گذاريا.
ايم آر ڊي دور ۾ جوانيءَ جي جوڀن ڏينهن ۾ هو به بچي نه سگهيو ۽ هن به جيل ڏٺا ان کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين هو اهي يادگيريون هر ڪنهن کي ٻڌائيندو هو. اڄ سيد سلطان شاهه جي اڱڻ رزاق آباد ۾ شام 4 وڳي ورسي تقريب آهي انهيءَ تقريب ۾ سوين ماڻهو موجود هوندا پر سيد سلطان شاهه جو جسماني وڇوڙو سمورن دوستن يارن گهر ڀاتين جي وري ياد تازي ڪري ڇڏيندو.

ساقي شاهه دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. جسماني طور برابر هو اسان کان وڇڙي ويو آهي پر سندس تحريرون، ڳالهيون، سندس ياد ڏياريندا رهيا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا