; سنڌي شخصيتون: ماسي سدوري - منظور ڪوھيار

17 July, 2016

ماسي سدوري - منظور ڪوھيار

ماسي سدوري
قربائتو ڪردار
منظور ڪوھيار
عبدالرحيم ڪلهوڙي جي ڳوٺ جو ذڪر نڪتو، ته هڪ اهڙو قربائتو ڪردار ياد اچي ويو، جنهن جي قرب جو احساس اڃا تائين ذهن ۾ ٻيرن جي خوشبوءِ ۽ کجيءَ جي ڏوڏن جي مٺاڻ مثل تازو آهي. اهو ڪردار هيو، ماسي سدوريءَ جو. سچ پچ ته ماسي سدوري، رڳو نالي جي سدوري نه هئي، پر لڳندي به سدوري هئي. ٻاجھاري ٻولي، منهن ۾ نيمڪ، چپن تي مرڪ، ڪڻڪ رنگي، سنهڙي، ڦڙت جھڙوڪر ڇيهل. ماسي سدوري هئي، ته منهنجي نانيءَ جي سنگتياڻي، پر اَمان جو اُن کي ماسي سڏيندي هئي، سو اسان ٻارن جي به ماسي هئي.


جڏهن به اسان جي ناني، ماسي سدوريءَ سان ملڻ ويندي هئي، ته مان منهنجي ڀيڻ ۽ ماسي بلقيس (جيڪا عمر ۾ مون کان ٿوري وڏي هئي) هلڻ لاءِ ڇيڏڪ هڻي بيهي رهندا هياسي.
ناني هڪ چونئريءَ ۾ ٽي چار چاڻا مکڻ جا وجھي، چونئري چيلھ تي رکي، نڪرندي هئي ۽ اسان ٻار سندس اڳيان پٺيان نانگ وڪڙ چارن تي ڊوڙندا هلندا هياسي. ڪلهوڙن جو ڳوٺ، ڳوٺ ڪنڍي بڙدي جي اولھ ۾ هوندو هيو. اندازًا ميل سوا (ڏيڍ ڪلو ميٽر) جو مفاصلو وچ تي هيو. پر انهيءَ وچ ۾ مختلف نظارا پسبا هيا. ڳوٺ کان نڪربو هو، ته پاڻيءَ سان تار ڪنب ۽ ان جي پاسن ۾ وڏا لَوا ۽ انهن تي وڪوڙيل وڻ ويڙهيون گل جھليون بيٺيون هونديون هيون. جنهن تي مختلف پکي پر سوئيندي ويٺل نظر ايندا هيا. ٿورو اڳتي هلبو هو ته گھاٽن سَرن وارن ٻوڙن جو سلسلو شروع ٿي ويندو هيو. جنهن هيٺان ڪا نه ڪا ڳوه يا سانڊي هلندي يا ڊڪندي نظر ايندي هئي. پوءِ ٻٻرن جو وارو ايندو هيو، جنهن جي ٽارين ۾ ڳيرن جا آکيرا لڙڪندا ۽ هوا تي لُڏندا لمندا رهندا هيا. پوءِ هلندي ڪي ڪمايل ۽ ڪي نَوهر ٻنيون اکين آڏو اچي وينديون هيون، جنهن جي وٽين سان ٻيرين جون قطارون بيٺل هونديون هيون. جن مٿان جھنگ جھرڪين جا ولر هيڏانهن هوڏانهن اُڏامندا رهندا هيا. اهو منظر ختم ٿيندو هيو، ته عبدالرحيم ڪلهوڙي جي ڳوٺ جا اُٺ جيڏا لوڙها ۽ انهن جي وچ ۾ بيٺل اُوچي ڳاٽ وارا نمون ۽ پپل ڪر کنيون بيٺا هوندا هيا. ڳوٺ ۾ گھڙڻ وقت پهريان پلا ڏسڻ ۾ ايندا هيا؛ جنهن ۾ پيل پلال ۽ ڪُٽو پيو هوندو هو، جن مٿان ڪتن جا ولر اوپرن ماڻهن جي آدرڀاءُ لاءِ زبانون لڙڪايون ويٺا هوندا هيا. ڏسندي ئي پهريان ڀؤنڪڻ شروع ڪندا ۽ پوءِ ڪندا هيا باهوڙ. اسان ڀؤ وچان نانيءَ جي گگي کي پڪڙي سندس پٺيان لڪي بيهي رهندا هياسي. ناني زور سان ڳوٺ وارن کي واهر لاءِ سڏيندي هئي، ”ابا، انهن ڪتن کي ته هڪل ڏجو!“
اوچتو هڪل ڪندي ڪو همراه نڪري پوندو هيو، ڪتن کي ڀونڊو ڏيندي چوندو هيو؛ ”ڪتوءَ! لک لانت جي ٿَو!“ ڪتن جو ولر هڪدم بيهجي ويندو هيو. همراه اچي ناني کي هٿ ڏئي چوندو هيو، ”آئي! ڀلي آئين!“ ۽ پوءِ اڳيان ٿي، ماسي سدوريءَ جي گھر جي ڳلي تائين پهچائيندو هيو. ماسي سدوري کي الائي ڪيئن اسان جي اچڻ جي خبر پئجي ويندي هئي. هوءَ اڳيئي انتظار ۾ بيٺي هوندي هئي. نانيءَ کي ڀاڪر پائي ملڻ کانپوءِ اسان سان ڀاڪر پائي ملندي چوندي هئي، ”آ، من!... آ، دل!..“ اهي لفظ ايڏي ته مٺڙي انداز سان چوندي هئي جو اڄ تائين انهن لفظن جو پڙاڏو ذهن ۾ موجود آهي. سندس انهن لفظن جو اثر ڇوڪرين تي ايترو هيو، جو گڏين سان کيڏڻ وقت ماسي سدوري جو ڪردار اُڀري ايندو هيو. گڏيون هڪ ٻئي کي کيڪارڻ وقت چونديون هيون، ”آ من!.. آ دل!..“
ماسي سدوري جون اڳواٽ ئي ورانڊي ۾ ٻن ٽن کٽن تي ٽُڪ جون رلهيون وڇايل هونديون هيون. جن تي خوبصورت وهاڻن جو ڇَئون چڙهيل هونديون هيون. جن تي هٿ جي ڀرت وارا رنگ برنگي مور، ڪڪڙ، هرڻ ٺهيل هوندا هيا. ناني کيس چؤنري هٿن ۾ ڏيندي هئي، ته ماسي سدوري چوندي هيس، ته؛ ”ادي، ايڏي تڪليف ڇو ٿي ڪرين، رب مٺي جو قسم اڳيئي تنهنجو ڏنل مکڻ پيو آ“
”اصلي وڏي تڪليف ڪئي اٿم. الله ڏنو آ، ته ڀينرن حصو ته لهڻو نه؟“
پوءِ حالن احوالن ۾ شروع ٿينديون، آهستي آهستي ڳوٺ جون ٻيون عورتون به مِڙنديون وينديون. انهيءَ دوران اسان ٻارن کي کڇٽ کانسواءِ ويهڻ ڪٿي ٿو اچي، جو ويهي ماين جا حال احوال ٻڌئون.
جيڏي ماسي سدوري جي دل ڪشادي هوندي هئي، اوترو ئي سندس اوڀر-منهون گھر ڪشادو ۽ وڻن ٽڻن سان ڀرپور هوندو هيو، جو اسان کي هر ڪنڊ عجائب خانو لڳندي هئي. جي سيارو هوندو هيو، ته پهريائين ٻيرين جي هيٺان بيهي ٻيرن کي ڇاپڙون يا ڀتر هڻندا هياسي؛ جي اونهارو هوندو هيو، ته گھر جي اتر طرف بيٺل کجين کي. ان کانپوءِ رڍن ۽ ٻڪرين جي واڙ ۾ گھڙي پوندا هياسي. رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ جيئن ته چرڻ لاءِ جھنگ ويل هوندا هيا، ان ڪري سندن نون ڄاول ڦرن کي پيا ڊڪائيندا هياسي. جڏهن ڊُڪي ڊُڪي ساڻا ٿي پوندا هياسي، ته ورانڊن ۾ اچي کٽن تي ڪرندا هياسي. جتي ماسي سدوري شربتي ڪڻڪ جا اوڦراٽا ۽ تريل آنا اچي اڳيان رکندي هئي. اسان پاڻ ۾ وڙهندا به هياسي ته کائيندا به هياسي. ناني عورتن سان ڪچهري ڪندي، پئي دڙڪا دهمان به ڪندي هئي، ”بس ڪري کائو، نه ته شيطان کائي ويندئوَ.“
”ادي ٻار هِن، شيطانيون ته ڪندا.“ ماسي سدوري اسان جو پاسو کڻندي هئي.
”ٻار هِن! اهو منهنجو ڏوهٽو ته وڏو شيطان آ.“ ناني مونڏانهن اشارو ڪندي چوندي هئي؛ ”ڇا ڪينئي، جو اڱڻ تي ڪتر جي لاءِ پلال جي ٻنڊ رکيسي. اچي ٿو ٽپا ڏي. جيڏو جھلِ ڇوڪري کي، اوڏو نه مڙي. ڏنئين جوزور سان ٽپو ته ٻانهن اچي پٽ تي لڳس، ٺونٺ جي ٽڻي ٻاهر. شابس آ، ادي تو کي جنهن آئڍ ڏئي ٽڻي اندر ڪيس.“ ناني اها ڳالھ ڪيترا دفعا ٻين جي اڳيان به ڪئي هئي، پر هر ڀيري مونکي وڏو مزو ڏيندي هئي، ته مان شيطان کان گھٽ ناهيان ۽ وڏو سورهيه آهيان. پر جڏهن وڏو ٿيس ۽ شاه سائين جو اهو بيت پڙهيم ته ’عاشق ته عزازيل، ٻيا مڙيوئي سڌڙيا، منجھان سڪ سبيل لعنتي لعل ٿيو‘، ته اها خبر پئي، ته نه ٻيلي شيطان جو مان ۽ مرتبو وڌيڪ آهي. اسان نام نهاد انسانن کان ته شيطان هزار دفعا چڱو. اسان ته نالي ۾ نهال آهيون.
خير، جنهن مهل ناني اُٿڻ جي ڪندي هئي، ته ماسي سدوري پيار ۽ پاٻوھ سان چوندي هيس؛ ”ادي ارباب، پنهنجو گھر اَٿوَ، رهي پئو!.. جادم جو پيءُ مڇي مارڻ ويو آ، ڊرگھ ڍنڍ. ڄاڻ آيو. مڇي ماني کائي، پوءِ وڃجو“
” ادي، کاڌي جو ڪو بکيو ڪونهي. هر ڪو آ قرب جو بکيو. قرب ونڊيوسي، سڪ لٿي. ادي ميهر کي سلام ڏجانءِ. تون به جلدي ڀيرو ڪجانءِ. ڏينهن نه لائجانءِ. هاڻي موڪلاڻي ڪونهي.“
ميهر ڪلهوڙو به ڌڱ مڙس هيو. رنگ جو سانورو پر مضبوط هڏ ڪاٺ وارو، هر فن مولا. ڊکاڻڪي ڪم کان وٺي، بندوقن ٺاهڻ، مڇيءَ جا ڄار ۽ ڪُڙهيون ٺاهڻ، ويندي ڪورڪي ڪم جو ماهر. ان ڪري عبدالرحيم ڪلهوڙي جي ڳوٺ کي ڪورين جو ڳوٺ ڪري به سڏيو ويندو هيو. چيو وڃي ٿو ته انگريزن کان به اڳ، اهو ڳوٺ آڏاڻن جو مرڪز هيو. مون کي هاڻي احساس ٿئي ٿو ته ڪلهوڙن جي صاحبيءَ واري دؤر ۾، پڪ سان ميهر ڪلهوڙي جھڙا برجستا ماڻهو گھڻا هوندا. تڏهن ته مغلن کي مجبورن سنڌ جي نوابي، ڪلهوڙن کي ڏيڻي پئجي وئي. ميهر ڪلهوڙو، اسان جي ڳوٺ ايندو هيو ته سڄي ڳوٺ وارا ايلازو هوندا هيس. ڪو ڦاٽل ڄاري کنيون ايندو ته ڪو بندوق جو گھوڙو ٺهرائڻ. جي اوزار ساڻ نه هوندس، ته ٻڪرين ۽ رڍن جي بيمارين جو علاج پيا پڇندس.
ناني ۽ ماسي سدوري، موڪلاڻيءَ وقت هڪ ٻئي کي ڳراٽڙيون پائي موڪلائينديون هيون. پوءِ اسان ٻار اڳيان، پٺيان ناني؛ ٻيرن يا ڏوڪن سان ڀريل ڳنڍيون مٿي تي، سهڪندي اچي گھر پهچندا هياسي.
پر هاڻي ته قربائتن ڪردارن جي اڻاٺ ٿيندي ٿي وڃي؛ ’قرب ونڊيندي ماڻهو گرفتار ٿي وڃي ٿو.‘ ’قرب ونڊڻ‘ محاوري جي معنى پهريائين؛ ’حال احوال وٺڻ ڏيڻ يا ڏک سُور اورڻ‘ هوندو هيو. هاڻي، نئين دؤر جي لسانيات جي ماهرن، اڪابرن ۽ صحافين، ان کي ’ناجائز تعلقات رکڻ‘ جي نئين معنى ۽ مطلب سان سينگاري ڇڏيو آهي. خدا خير ڪري، اڳتي هلي، دوستي، ڀائري، سنگتي ۽ ساٿي جي معنى ۽ مطلب به ڪجھ ٻيو نه ٿي وڃي. ڀلا ڇو نه ٿئي، هاڻي هر اداري ۽ چيئر مٿان چالاڪ، چتينگ ۽ چُٽيل جو ويٺا آهن.


1 comment: