استاد محمد بچل
سُرن کي روشني ڏيندڙ آڱرين جي موڪلاڻي
رکيل مورائي
استاد محمد بچل حادثاتي طور سنڌ
جي سُرن کان جدا ٿي ويو. سنڌ جو ادب سندس لاڏاڻي تي اداسُ ڪو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ
جا اڪثر اديب کيس ڪو نه سڃاڻن. ان ڪري هنن جو سندس وفات تي قلم کڻڻ ڏکيو آهي، انهن
جو ڏوهه به نه آهي. هو سنڌ جي مختلف هنرن ڏي ڌيان گهٽ ڏيندا آهن. هو فقط عالمي ڄاڻ
رکندا آهن. پر....
پڪ اڄ سنڌ جا سڀ سُر اداسُ آهن.
ڪلياڻ کان ڪوهيارڪيءَ تائين ۽ ملهار کان مالڪوس تائين، سڀ سُر اداس آهن. ڇاڪاڻ ته انهن
کي تال ڏيڻ وارا هٿ، اڄ بي ست ٿي ويا آهن.
استاد محمد بچل، ڍولڪ نواز هئو.
ملڪ جو وڏو ڍولڪ نواز. پر جيئن ته هو سنڌي هو، ان ڪري هُن کي فقط سنڌي سازيندا سڃاڻن.
جيڪڏهن ڪي ٻيا سڃاڻن ٿا ته کيس قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هُئا ۽ نه ئي کيس ملڪي ليول تي
اهو مانُ مليو.
هن جا هٿ جڏهن ڍولڪ تي هلندا هئا
ته سامهون ويٺلن جي جسم ۾ عجيب هلچل مچندي هئي. هُن جي هٿن جي حرارت سُرن کي مرتبو
بخشيندي هئي. راڳي کانئس ڊڄندا هئا. ڇاڪاڻ ته هو استاد ڍولڪ نواز هئو. جنهن ٽي وي،
ريڊيو کان وٺي، ملڪ جي وڏن گائڪن سان ڍولڪ تي سنگت ڪئي. جن سان هُن ڍولڪ تي سنگت ڪئي،
اهي کيس ڪڏهن به نه وساري سگهندا. خاص طور اهي ادارا به کيس ياد ڪندا، جن ۾ استاد محمد
بچل ڪم ڪيو هوندو. هو ڪيتري وقت کان الڳ الڳ بيمارين ۾ ورتل هئو، علاج تي هلندڙ هئو،
پر ڪڏهن به لکا ڪا نه ڏنائين ته بيمار آهي. هن جون آڱريون روشني وکيرينديون هيون، جيڪا
روشني ٻڌندڙن جي روح ۾ لهي، سندن روح کي تازگي بخشيندي هئي. اهڙي تازگي، جهڙي صبح جو
تازو ڦٽل گلاب، اکين ۽ روح کي بخشيندو آهي.
استاد محمد بچل جا فنڪار هٿ، اڄ
خاموش ٿي ويا. وري ڪو به سُرُ سندس هٿن جي ڇهاءَ لاءِ صديون سڪندو. اڄ جڏهن سنڌ هر
طرف کان تخليقي طور غريب ٿي رهي آهي، اتي هڪ وڌيڪ غربت سنڌ جي کاتي ۾ آئي آهي. جنهن
جو پوراءُ ڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿيندو.
جيستائين استاد محمد بچل جي معيار
جو ڍولڪ نواز سنڌ پيدا ڪري، پڪ سان تيستائين سنڌ جا سُر اداس رهندا. اهي سُر جن جي
وسيلي استاد بچل لکين ماڻهن/ ٻڌندڙن جون دليون موهيون. اڄ اها دل خود به بجليءَ جي
ڪرنٽ سبب ڌڙڪڻ کان رڪجي وئي، اهي آڱريون چُرپر کان بيهي ويون، جيڪي سُرن جو هڪ وڏو
سنسار جوڙينديون هيون. جنهن سنسار ۾ داخل ٿي، ڪيترا سريلا ماڻهو آنند محسوس ڪندا هئا.
ڪيترا سُرَ سندس فن جي شموليت لاءِ آتا هوندا هئا.
اسان جو هيءُ بيمثال فنڪار وقت کان
اڳ مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي ويو ۽ اڄ سنڌ جا سڀ سُر سوڳوار حالت ۾ آهن، ماتمي لباس ۾ آهن.
شايد ايستائين اهي سوڳوار هوندا، جيستائين سنڌ وري ڪو سندس جهڙا سُرَ سرجڻهارُ پيدا
ڪري، جنهن جو امڪان بهرحال گهٽ ئي آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ تائين جيڪو به فنڪار اسان کان وڇڙيو
آهي ان جي کوٽ جو پوراءُ اسان کان نه ٿيو آهي. سنڌ جو جيڪو نقصان ٿيو آهي ان جو پوراءُ
اسان جي وس ۾ نه رهيو آهي. استاد محمد بچل جو وڇوڙو به هڪ نقصان آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا