استاد محمد بچل
سُرن کي روشني ڏيندڙ آڱرين جي موڪلاڻي
رکيل مورائي
استاد محمد بچل حادثاتي طور سنڌ
جي سُرن کان جدا ٿي ويو. سنڌ جو ادب سندس لاڏاڻي تي اداسُ ڪو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ
جا اڪثر اديب کيس ڪو نه سڃاڻن. ان ڪري هنن جو سندس وفات تي قلم کڻڻ ڏکيو آهي، انهن
جو ڏوهه به نه آهي. هو سنڌ جي مختلف هنرن ڏي ڌيان گهٽ ڏيندا آهن. هو فقط عالمي ڄاڻ
رکندا آهن. پر....
