; سنڌي شخصيتون: ڪيرت مھرچنداڻي

07 July, 2016

ڪيرت مھرچنداڻي

ڪيرت مھرچنداڻي
(ڄم ۱۹۳۳ع ۽ وفات ۱۹۸۹ع)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڪيرت مھرچنداڻيءَ، تاريخ ۲۲ جون ۱۹۳۳ع تي ڪيولرام مھرچنداڻيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس ڄم جو ھنڌ، شھر دريا خان مري، تڏھوڪو ضلع نوابشاھ ۽ ھاڻوڪو ضلع نوشھروفيروز آھي. تعليم؛ ايم اي ۽ بي ايڊ تائين حاصل ڪئي ھيائين. خاص مشغولي؛ ريڊيو ٻڌڻ ۽ اخبار پڙھڻ ھيس. پيشي جي لحاظ کان، اسڪول ٽيچر ھيو. ڪتاب جي ڇاپي وقت، يعني ڊسمبر ۱۹۸۱ع ڌاري، آدرش ھاير سيڪنڊري اسڪول، ڪٻير نگر، احمدآباد ۾ تعينات ھيو.
سندس تڏھوڪو سرنامو؛ ۶/۲، نيو جي وارڊ، ڪٻير نگر، احمدآباد. (گجرات) آھي.
نوڪريءَ دوران فارغ وقت ۾، جنھن ڪار يا ڪرت ۾ پاڻ کي مشغول رکندو ھيو، تنھن حساب سان ھو؛ ناول نويس، ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار ھيو. ان کان علاوھ سمپادن پڻ ھيو.
سندس پھاڪن ۽ چوڻين بابت لکيل ڪتاب، چونڊ سنڌي چوڻيون، پھريون دفعو ۱۹۸۱ع ۾، ڪويتا پرنٽنگ پريس، سھج-پور، احمدآباد اندر ۷۵۰ ڪاپيون ڇپيو. ان وقت ڪتاب جي قيمت ۹.۵۰ ساڍا نو روپيا ھئي. اھو ڇاپو ليکڪ پنھنجي سر پاڻ ڇپايو ھيو، جنھن ڪري سمورا حق ۽ واسطا پاڻ وٽ قائم رکيا ھيائين. جڏھن ته ڪتاب جي ڇپائي، گجرات سرڪار جي مالي مدد سان ئي ٿي ھئي. عنوان يا ٽائيٽل تمام سادو ھيس، جيڪو ھوندراج بلواڻيءَ جو ڊزائين ٿيل ھيو. اھو ئي سبب آھي جو ڪتاب جي مٿان، ڪنھن ڇپائيندڙ اداري جو نالو ئي ڏنل ناھي.
ھن ڪتاب ۾، پھاڪن ۽ چوڻين جا مکيه اندراج، ڳاڻيٽي جي حساب سان، ۱۰۴ آندا ويا ھيا. جڏھن ته ڳڻپ ۾ ڪجھ غلطيون پڻ ٿيل ھيون. ھڪڙا ٻه پھاڪا يا چوڻيون ڪتاب اندر ورجائي لکيا ويا ھيا ۽ فھرست اندر اھي ۽ ٻيا ڪجھ وري نظر انداز پڻ ڪيا ويا ھيا. ڪي ته زوريءَ اندر داخل ته ڪيا ويا ھيا، پر فھرست اندر پنھنجي جاءِ تي داخل ڪرڻ کان رھجي ويا، جيڪي وري وچور جي آخر ۾ آندا ويا. سمورا اندراج، لغت جي حساب سان ترتيب نه ڏنل آھن. بلڪ ساڳئي اکر سان شروع ٿيندڙ پھاڪا، چوڻيون يا ورجيسون، پاڻ ۾ يڪجاءِ ڪيل آھن. اندراج بابت اھو به نه ڄاڻايو ويو آھي ته آيا، اھو پھاڪو آھي، چوڻي آھي، اصطلاح آھي يا ورجيس آھي. يا وچئون ئي ڪا ٻي جنس آھي. ان کان علاوھ ڪتاب جي اندر ڪيترا ئي ھندي لفظ ڏنا ويا آھن، جن جي ڪري سنڌ اندر ڪير به پڙھندڙ، معنوي ڄاڻ نه ھئڻ سبب، پڙھڻ وقت ڏکيائي محسوس ڪندو. فقط اھو نه بلڪ ڇپائيءَ دوران، ڪتاب جا پروف چيڪ نه ٿي سگھيا، جنھنڪري ڪتاب اندر ڪافي غلطيون ٿي ويون. انھن غلطين جو ڀلنامو پڻ تيار ڪيو ويو، جيڪو ٻه-ڪالمي چئن صفحن تي آڌاريل آھي.
اھي سموريون اوڻايون چوڻايون ڪتاب جي زينت کي وڃايو ويٺيون ھيون. اھو ئي سبب آھي جو ڪتاب تي نظر ثاني ڪرڻ ضروري ٿي پيو ۽ ڇپائيءَ کان اڳ، کيس غلطين کان آجو ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي آھي. اميد ته پڙھندڙن کي اھا ڳالھ ضرور پسند ايندي. ڇو جو نيٽ تي سندس انھيءَ ڪتاب بابت ڪنھن جي راءِ رکيل آھي؛
True to his teaching profession (though also a novelist, short story writer and essayist), Kirat Meharchandani brought out Choonda Sindhi Chavnyoon (Selected Sindhi Sayings) specially for the benefit of the student community,...
ھن ڪتاب تي کيس ايوارڊ پڻ مليو ھيو.
Government of Gujarat Award Kirat Meharchandani was awarded Rs. 2000 for his collection of short stories Sangarsh. Goverdhan Shastri Award Dr. Bhawani L;;l Bhartiya, Head of the Dayanand Chair, [ational ivention ' Indian Authors 3er ...

ھن ڪتاب کان علاوھ سندس ٻيا به ڪيترا ئي ڪتاب پڻ ڇپيا. تن ڇپيل ڪتابن جي وچور، ھيٺ ڏجي ٿي.

ڪيرت مھرچنداڻيءَ جا ٻيا اصلوڪا شيع ٿيل ڪتاب
ناول
1.     گناھ جي رات
2.     جواني ديواني
3.     رات ڏينھن
4.     سپنو ۽ حقيقت (اصلوڪو ناول) صفحا ۱۰۵، سال ۱۹۶۰ع ڌاري ڇپيو.
5.     نئون صبح، نئون گيت صفحا ۱۵۴، سنڌو پاڪيٽي بوڪ سيريز، احمدآباد انڊيا، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۶۳ع.
6.     سپنو ھيءُ سنسار، صفحا ۹۵، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۷۲ع.
Sapano Hem Sansar, a novelette by Kirat Meharchandani, concerns itself with the ill-famed dowry system. Anand loves well Asha, a poor sweet girl and yet marries another, Ratna, whom he had not even seen before the marriage. ...
Though there are already a number of books on the subject, 'Sa'il' has revised and uptodat- ed them. It could be useful to students and teachers of Sindhi. Kirat Meharchandani has published a collection of 20 essays...
7.     الزام
8.     انتظار
ڪھاڻين جا مجموعا
1.     جيون ڌارا؛ صفحا ۹۸، رامو تولاڻي، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۶۵ع
2.     مني ڪلاڪ جي ملاقات؛ صفحا ۹۱، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۶۰ع.
3.     سوجھرو (سوراشٽر يونيورسٽيءَ جو درسي ڪتاب)
4.     ھڪڙو ھئو سنڌي واپاري (اصلوڪين سنڌي ڪھاڻين جو مجموعو)؛ صفحا، رتن ڪتاب گھر احمدآباد سال
5.     ڇايا مايا (اصلوڪيون ڪھاڻيون)؛ صفحا ۷۰، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۶۸ع.
6.     سمترا (چونڊ اصلوڪيون آکاڻيون)؛ (انعامي ڪتاب) (سوراشٽر يونيورسٽيءَ جو درسي ڪتاب) صفحا ۹۹، رتن پبليڪيشن احمدآباد، ڇپائيءَ جو ۱۹۸۰ع.
7.     سنگتراش؛ صفحا ۹۸، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۰ع
8.     زندگي تو بنا اُداس آ اُداس؛ صفحا ۷۲، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۷۱ع.
9.     ڪچي ڀت (چونڊ آکاڻيون)؛ صفحا ۶۶، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۷ع

ٻال رچنائون
1.     گلن جھڙا ٻارڙا
2.     سدا مھڪن گلڙا
جيون چرتر
1.     گرو نانڪ (انعامي ڪتاب) (جيوني ۽ وڪار) صفحا ۸۸، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، سال ۱۹۷۹ع.
2.     ساڌو واسواڻي (جيوني ۽ وڪار) سال ۱۹۷۵ع ڌاري احمد آباد انڊيا ۾ ڇپيو.
3.     سوامي وويڪانند
4.     ڀارت رتن
نظم
1.     گل ۽ آنسو (شاعري) صفحا ۶۳، رامو تولاڻيءَ، جنوري ۱۹۶۶ع ڌاري بڙودا انڊيا مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
2.     اڌورا گيت (شاعري) صفحا ۶۴، گوسوامي شيواپوري، ۱۹۶۲ع ڌاري جيپور انڊيا مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
ٻيا ڪتاب
1.     مضمون مالھا (چونڊ سنڌي مضمون) صفحا ۱۵۲، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، سال ۱۹۷۲ع.
2.     سنڌي مضمون
3.     اُپٽارون (اٺاويھن چونڊ سنڌي چوڻين جو مجموعو، جنھن ۾ انھن جي سمجھاڻيون ڏنيون ويون آھن) ۴۴ صفحن تي مشتمل اھو ڪتابڙو، سال ۱۹۴۶ع ۾ وشنداس اين چندناڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو ھيو.
4.     ادبي گل
5.     پکڙيل گل؛ صفحا ۱۰۱، ڪيرت مھرچنداڻي احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۲ع.
6.     شناخت، آکاڻيون، خط ۽ درخواستون (پنجين درجي کان نائين درجي تائين) صفحا ۴۵، دولت اسٽورس بڙودا انڊيا مان سال ۱۹۶۵ع ۾ ڇپيو.
7.     سليس سنڌي ويا ڪرڻ؛ صفحا ۸۶، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۷۱ع.
8.     دونھين جون لڪيرون (انوادڪ) (سنڌي ڪھاڻيون) ليکڪ؛ بروڪر گلابديس. ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۱ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
9.     تبصرو (ادبي ليک)؛ صفحا ۱۰۴، رتن ڪتاب گھر احمدآباد، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۵ع.
10.اتھاس جو اڻ ٽٽندڙ سلسلو؛ آتم ڪٿا، سال ۱۹۸۸ع ڌاري لکيو ھيائين، جنھن ۾ ۱۹۴۷ع کان پوءِ جي سنڌي جيوت بابت ڄاڻ ڏنل آھي. Kirat Meharchandani (d. 1989). A fiction writer in Sindhi. Also write Itihasa Jo Ana-tutandara Silsilo, an autobiographical account (1988), which mirrored the Sindhi life after partition of the country in 1947. b. Krishnaprasad Misra. ...
11.گل ڦل (مضمون)؛ صفحا ۱۳۸، ڇپائيندڙ ڪيرت مھرچنداڻي، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۳ع

ترجما
1.     ٽينڊر بحال نه ٿيو. (سنڌي ڪھاڻيون) موھن مھرچنداڻيءَ سان گڏجي لکيائين. ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۶ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
2.     ھڪ ٻيو دروناچاريه (سنڌي ڊرامو). ليکڪ: شنڪر شيش. ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۴ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
3.     اوطاق (سنڌي ڊرامو) سال ۱۹۸۵ع ڌاري، رتن ڪتاب گھر احمدآباد انڊيا مان ڇپيو.
4.     روشنيءَ جا ترورا (سنڌي اصلوڪين ڪھاڻين جو مجموعو) ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۴ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
5.     پکڙيل گل (سنڌي مضمون) صفحا ۱۰۱، ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۵ع ڌاري احمدآباد انڊيا مان ڇپرايو.
سمپادن
1.     پشپانجلي
2.     وديارٿي (مخزن)
3.     انجلي (مخزن)
4.     جھرمر (ٻال رسالو)
5.     جھلڪ (مخزن)
6.     پدمڻي (مخزن)
7.     بووڪ (مخزن)
8.     چانڊوڪي (مخزن)
9.     سنڌيت (مخزن)
10.نئون گل (ڪھاڻيون) وغيرھ
11.دھشت ۽ ٻيون ڪھاڻيون؛ صفحا ۶۵، ڇپيندڙ ڪيرت مھرچنداڻي، ڇپائيءَ جو سال ۱۹۸۶ع.

ترجما

ان کان علاوھ، ڪيرت مھرچنداڻيءَ ٻين ليکڪن سان گڏجي به ڪتاب لکيا يا ترتيب ڏنا جيڪي ھيٺ ڏجن ٿا.
1.     اوائلي سنڌي نثر جو جائزو؛ مرليدر جيٽلي سان گڏ، صفحا۸۸، ڪيرت مھرچنداڻيءَ سال ۱۹۸۶ع ۾ ڇپرايو.


سندس تذڪرو، مختيار احمد ملاح صاحب جي ڪتاب ’سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ منجھ ملي ٿو. جتي سندس ڪھاڻيڪار وارو پھلو اجاگر ڪيو ويو آھي. ٻڌايل آھي؛ ”ھو شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس ھيو. سندس ڪھاڻين جا ڪيترا ئي ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ ’جيون ڌارا‘، ’سڌا‘، ’مونجھ‘، (۱۹۸۷ع) ۽ روشنيءَ جا ترورا (۱۹۸۴ع) اھم آھن. ڪيرت مھرچنداڻيءَ جي ڪھاڻين جو تعداد تمام گھڻو آھي.“

No comments:

راءِ ڏيندا