; سنڌي شخصيتون: مير غلام الله ٽالپر - مخمور مهيري

29 July, 2016

مير غلام الله ٽالپر - مخمور مهيري

مير غلام الله ٽالپر
سندس غمناڪ وڇوڙو- چاليهي جي مناسبت سان
مخمور مهيري
سنڌ ڌرتي اُها شاداب ۽ سرسبز ڌرتي آهي، جنهن زندگي جي هر شعبي ۾ هميشه ناياب ۽ نامدار شخصيتون پيدا ڪيون آهن، پوءِ ڀلي اهو شعبو علم جو هجي، ادب جو هجي، سياست جو هجي، سماج جو هجي، مذهب جو هجي، محبت جو هجي، مزاحمت جو هجي، زراعت جو هجي، ٽيڪنالاجي جو هجي يا وري زندگي جي ڪنهن ٻئي وهنوار سان واڳيل هجي يا واسطو رکندو هجي. جيڏانهن به نظر ۽ نگاهه ڪجي ٿي ته ڪيتريون ئي قدآور شخصيتون ستارن جيان چمڪندي ۽ جرڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. تاريخ ۾ امر ۽ رقم ٿيل اهڙين شخصيتن جي ڪم ۽ ڪردار کي اڄ تائين وقت جو واچوڙو وڃائي نه سگهيو آهي. اهڙن قربدار، خوشبودار، مک ۽ خلق جي خدمت ڪندڙ چهرن کي ياد ڪندي هن وقت جنهن شخصيت جو چهرو اکين اڳيان اُڀري رهيو آهي، انهن ۾ سابق تعلقي ناظم ٽنڊو محمد خان مير غلام الله ٽالپر به هڪ آهي.


پيدائش تعليم ۽ تربيت:
مير غلام الله ٽالپر 18 جنوري 1954ع تي سابق صوبائي وزير روينيو ۽ بلديات مير علي نواز ٽالپر جي ڪراچي واري سرڪاري رهائشگاهه ”قيصر ناز“ ۾ پيدا ٿيو ۽ ابتدائي تعليم ڪراچي جي جيڪ اينڊ جِل انگلش ميڊيم اسڪول مان حاصل ڪري ميٽرڪ ۽ انٽر جي تعليم پبلڪ اسڪول مان پاس ڪئي. جنهن کانپوءِ پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. مير غلام الله ٽالپر پنهنجي خانداني تسلسل سبب سياست، سماجي خدمت ۽ عوامي مدد ڪرڻ ۾ هميشه کان دلچسپي رکندو هو، اُن ڪري پاڻ خانداني تسلسل کي نه فقط قائم رکيو پر پنهنجي عوامي خدمت ۾ هڪ ڀرپور ۽ جانبدار ڪردار ادا ڪري ڏيکاريو. تعلقي ٽنڊو محمد خان ۾ سندس خدمت جا اعليٰ اهڃاڻ ۽ نشان اڄ به ڪنهن کان لڪل نه آهن. مير صاحب پنهنجي زندگي کي چئن مختلف طبقن ۾ ورهائي زبردست نموني سان ڪردار ادا ڪيو، جيڪا يقينن ساراهه جوڳي ڳالهه آهي، سندس اهڙي نج عوامي همدردي جو باهمت باب گذارڻ تي کيس خلق جو خدمتگار، اڀرن جو آڌار، يتيمن جو يار، غريبن جو غمخوار، سماج سڌار ۽ غمٽار ڪوٺي ۽ سڏي سگهجي ٿو. اچو ته سندس زندگي جي ڪجهه پهلوئن جو مختصر جائزو وٺون.
سياسي خدمتون:
مير غلام الله ٽالپر جو تعلق سياسي خاندان سان هئڻ ڪري پاڻ تمام سگهارا ۽ سياڻا سياستدان هئا، اُن ڪري پاڻ پنهنجي زندگي ۾ پڻ ڪامياب سياستدان طور نڀايائون، مير صاحب پنهنجو سياسي سفر ايم آر ڊي جي تاريخي هلچل کان شروع ڪيو، ان کانپوءِ 2001ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ يونين ڪائونسل جا بنا مقابلي چيئرمين چونڊيا ويا، جنهن کانپوءِ 2005ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ تعلقي ٽنڊو محمد خان جا پهريان ناظم چونڊيا ويا. مير غلام الله ٽالپر بنا ٽائيم وڃائڻ جي بهتر رٿابندي ڪندي شهر ۾ تاريخي مير غلام علي پارڪ جي ٻيهر تعمير ڪرائي، جنهن سان تعلقي جي سموري عوام کي تفريحي ماحول ميسر ٿي سگهيو، شهر ۾ سولر لائيٽون لڳرائي روشني جو بندوبست ڪرايو، ٽنڊي محمد خان جي تاريخي ميونسپل عمارت جي بحالي لاءِ بهتر قدم کنيا ۽ هڪ سُٺي آفيس جو بنياد رکيو، تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلن جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي پهچائڻ جي بندوبست سميت شهر ۾ ڊرينيج ۽ صفائي ڪرڻ جا بهتر بندوبست ڪرايا، ان کانسواءِ تعلقي ۾ ڪيترن ئي نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏنيون.
سماجي خدمتون:
اين جي اوز جي نوجوانن سان ميٽنگون ڪرڻ، انهن جي پنهنجي پيسي مان امداد ڪرڻ، غريب، نادار، مسڪين ۽ محتاج ماڻهن جي روٽري ڪلب ڪراچي مان مفت اکين جو آپريشن ڪرائڻ لاءِ ٽنڊو محمد خان مان متاثر مريضن جا قافلا موڪلڻ ۽ انهن جي مالي ۽ جسماني مدد ڪرڻ سندس سماجي خدمتن جا بهترين مثال آهن. اڄ به انهيءَ محتاج مير غلام الله ٽالپر جي ان انسان دوست قدمن کي وساري نه سگهيا آهن.
اسلامي خدمتون؛
مير صاحب سياستدان هئڻ سان گڏ هڪ سچو مومن ۽ مسلمان هئڻ جون خوبيون پڻ رکندو هو. الله تعاليٰ جي وحدانيت کانپوءِ آل رسول ﷺجن جي محبت ۾ مدهوش رهندو هو، انهيءَ اسلامي سفر ۾ پاڻ سعودي عرب، ايران، عراق ۽ شام تائين پڻ اُسهيا ۽ حج، عمرو، چوڏهن معصومن جون زيارتون توڙي ننگر نياز جو اهتمام ڪندو هو. ربيع الاول، رمضان شريف جون محفلون ۽ محرم الحرام جون مجلسون باقاعده بندوبست سان منعقد ڪندا هئا. محرم جي مهيني ۾ ڪارن ڪپڙن ۾ ملبوس هوندو هو ۽ غم حسين ۾ غمگين رهندو هو. صوم صلوات، زڪوات، فطرو، خير خيرات جو اهتمام ڪندو هو، ان کانسواءِ ٽيهه روزا رکندو هو ۽ پرهيزگاري ۾ زندگي گذاريندو هو.
دوستاڻو دور:
مير غلام الله ٽالپر دوستن جو دوست، دلير،کل مک مرڪندڙ، دل ۽ ٻانهون کولي آڌر ڀاءُ ڪندڙ عوامي شخصيت هوندو هو. عيد الفطر ۽ عيد الاضحي جي موقعي تي پنهنجي بنگلي جا در کولي ڇڏيندو هو، جتي پنهنجي وڏن ڀائرن ۽ سئوٽن مير اعجاز علي خان ٽالپر، مير ممتاز علي خان ٽالپر، مير مشتاق علي خان ٽالپر، مير فرقان ٽالپر، مير عاشق علي ٽالپر، مير معشوق علي ٽالپر، مير سجاد علي ٽالپر، مير ڪاظم رضا ٽالپر، مير حسين ٽالپر سميت مختلف دوستن سان موجود هوندو هو ۽ آيلن جي آجيان ڪندو هو. سندس ويجهي دوست عبدالڪريم بلوچ ٻڌايو ته مير غلام الله ٽالپر جي شخصيت بيان ڪرڻ کان مٿي آهي، ڇاڪاڻ ته مير غلام الله جهڙا سچا دوست ۽ هڏ ڏوکي ڀائر شال الله تعاليٰ سڀني کي عطا ڪري، هو اسان جو اثاثو، ڀرجهلو ۽ ڀاءُ هو، سندس ڪيتريون يادگيريون اڄ به ساهه سان سانڍيل آهن.
وڇوڙو ۽ وفات:
مير صاحب لنڊن جي رائل برامٽن هاسپيٽل ۾ دل جي آپريشن لاءِ داخل ٿيو، جتي سندس اوپن هارٽ آپريشن ڪيو ويو، پر زندگي سندس ساٿ نه نڀايو ۽ هو مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، جتان سندس مڙهه ٽنڊو محمد خان آڻي اباڻي ٽالپر قبرستان ۾ اڳوڻي ضلعي ناظم ٽنڊو محمد خان مير عنايت الله خان ٽالپر جي ڀرسان آخري آرامگاهه ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. اڄ سندس چاليهي جي موقعي تي سندس دوست، احباب، مائٽ، اولاد، ڀائر ۽ عوام سڀ مايوسي جي منظر ۾ مدهوش آهن، کيس ڀٽائي رحه جي هنن سٽن سان ڀيٽا ڏجي ٿي ته:
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،

ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا.

No comments:

راءِ ڏيندا