; سنڌي شخصيتون: مير غلام الله ٽالپر، مخمور، مهيري،
Showing posts with label مير غلام الله ٽالپر، مخمور، مهيري،. Show all posts
Showing posts with label مير غلام الله ٽالپر، مخمور، مهيري،. Show all posts

29 July, 2016

مير غلام الله ٽالپر - مخمور مهيري

مير غلام الله ٽالپر
سندس غمناڪ وڇوڙو- چاليهي جي مناسبت سان
مخمور مهيري
سنڌ ڌرتي اُها شاداب ۽ سرسبز ڌرتي آهي، جنهن زندگي جي هر شعبي ۾ هميشه ناياب ۽ نامدار شخصيتون پيدا ڪيون آهن، پوءِ ڀلي اهو شعبو علم جو هجي، ادب جو هجي، سياست جو هجي، سماج جو هجي، مذهب جو هجي، محبت جو هجي، مزاحمت جو هجي، زراعت جو هجي، ٽيڪنالاجي جو هجي يا وري زندگي جي ڪنهن ٻئي وهنوار سان واڳيل هجي يا واسطو رکندو هجي. جيڏانهن به نظر ۽ نگاهه ڪجي ٿي ته ڪيتريون ئي قدآور شخصيتون ستارن جيان چمڪندي ۽ جرڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. تاريخ ۾ امر ۽ رقم ٿيل اهڙين شخصيتن جي ڪم ۽ ڪردار کي اڄ تائين وقت جو واچوڙو وڃائي نه سگهيو آهي. اهڙن قربدار، خوشبودار، مک ۽ خلق جي خدمت ڪندڙ چهرن کي ياد ڪندي هن وقت جنهن شخصيت جو چهرو اکين اڳيان اُڀري رهيو آهي، انهن ۾ سابق تعلقي ناظم ٽنڊو محمد خان مير غلام الله ٽالپر به هڪ آهي.