; سنڌي شخصيتون: مائي ڀاڳي

10 July, 2016

مائي ڀاڳي

مائي ڀاڳي

ٿر جي ڪويل (سندس ورسيء تي کيس ڀيٽا)

محمد سليمان وساڻ



ٿر جتي نازڪ دليون، جانٺا جسم ڏينھن جي سختين سامھون اڏول رات جي ٿڌڪار ۾ ڏھرن ۽ ڀٽن جي ڀر ۾ ڪنن تي ھٿ رکي ڪڏھن ٽيجون الاپين ته ڪڏھن ورساڙو ۽ ڪجلئي ٻول جا چئي پنھنجي اميدن ۽ آسن کي مظبوط ڪري ايندڙ اڀرندڙ سج سان سيني ساھڻ جون تياريون ڪن. زندگي نھايت سخت آھي تيز ٻرندڙ سج ۽ سالن جو سوڪھڙو مقابلي لاءِ ھر وقت موجود آھي ان ۾ زندگي کي ڏورڻ ۽ ان جي مشڪلن کي مڙس ٿي مقابل ٿيڻ جو احساس شامل آھي ۽ اھوجذبول تڏھن وڌيڪ وڻندڙ ۽ ھانو کي ٺاريندڙ لڳندو آھي جڏھن ٿر جي ٿڌين راتين ۾ پر انھين ڀٽن مان ڪوئل جي ڪوڪ وانگر ڪو اوچتو آواز اسرندو ھو ۽ اھو ڏھرن توڙي ڀٽن کي پنھنجن سرن ۾ سمائي سرھو ڪري ڇڏيندو هو.


”تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇلندي اچي، دل ٻارو چل ٻارو چل پئي ڪري، دل ڪوهيارل ڪوهيارل پئي ڪري“

مائي ڀاڳي ۱۹۲۰ع ڌاري ٿر ۾ مٺي ڀرسان هڪ ننڍي شهر ۾ جنم ورتو. مائي ڀاڳي شروع ۾ پنهنجي ماء سان ڳوٺ جي ننڍين ننڍين محفلن، ۽ شادين ۾ ڳائيندي هئي. شڪل جي ڪوجھي ۽قد جي ننڍڙي ڪن تي ھٿ رکي ڳائيندي ھئي. سندس اصل نالو هو ڀاڳ ڀري، پر پوء سندس نالو مائي ڀاڳي سان مشهور ٿيو. پر جيئن جيئن وڏي ٿيندي وئي تيئن تيئن لوڪ گيت ياد ڪري پاڻ اڪيلي سر ڳائڻ لڳي، ماڻهو ڀاڳ ڀريءَ جي ڳائڻ کي وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳا، سندس آواز ۾ ڏاڍو ميٺاڄ هو، جڏهن جهونگاريندي هئي ته ڪنهن ڪوئل جهڙو سوز ڏسبو هو. ڀاڳ ڀري گهٽ ڳالهائڻي هئي، اڪثر خاموش ويٺي هوندي هئي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ تنهائي ۾ ويهي چپ چوريندي هئي. ڀاڳ ڀريءَ کي پنهنجي ٿر سان ڏاڍو پيار هو.سدائين ٿري گيت ڳائيندي هئي.

ان سال مارئي جي ميلي ۾ ڀاڳ ڀري به سنبري ميلي ۾ ڳائڻ لاءِ، هي ۱۹۶۷ع جو زمانو هو، ڀاڳ ڀري ميلي ۾ پهتي ڪيترا ٻيا به لوڪ فنڪار آيل هئا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پروڊيوسر شيخ غلام حسين ۽ ممتاز مرزا به مارئي جي ميلي تي ريڊيو لاءِ گيت رڪارڊ ڪرڻ لاءِ آيو هو. جڏهن ڀاڳ ڀري آئي ۽ پنهنجو گيت شروع ڪيائين ته پروڊيوسر شيخ غلام حسين گيت ڳائڻ واري ان ٿري مائيءَ کي ڏسڻ لڳو، جيڪا پنهنجي گيت ۾ ٻڌندڙن کي موهت ڪري چڪي هئي، هن سادي پوشاڪ پهريل ڀاڳ ڀريءَ کي ڪجهه لمحا غور سان ڏٺو ۽ وري رڪارڊنگ ۾ لڳي ويو. جڏهن ڀاڳ ڀري ڳائي اسٽيج تان هيٺ لهي آئي ته شيخ غلام حسين هن ڏانهن ويو ۽ کيس چيائين! مائي ڀاڳ ڀري تنهنجو آواز ته ڏاڍو مٺو آهي، ريڊيو تي ڳائيندينءَ؟ ڀاڳ ڀريءَ اڌ منهن کي پوتيءَ سان لڪائيندي شرمائي چيو! ”نه ڪو! آئون هتي ئي ڳايان“ شيخ صاحب چيو! پر مان چاهيان ٿو ته تنهنجو هي سريلو آواز سنڌ جي هوائن ۾ گونجي، پوري سنڌ ٻڌي! ڀاڳ ڀري: مون کي سڻندي سنڌ! ريڊي (ريڊيو) تي! نه ڪو! آئون ڪونه وڃان شيخ غلام حسين: ڏس جڏهن تون ڳائيندينءَ ته ماڻهو ٻڌندا، تڏهن توکي خبر پوندي ته تنهنجي آواز ۾ ڪيترو سوز آ. پوءِ ڏسجانءِ ته سنڌ توکي ڪيئن ٿي ٻڌي. شيخ صاحب ڪيتري دير تائين کيس ريڊيو تي ڳائڻ لاءِ آماده ڪندو رهيو پر هوءَ ويچاري ايتري ته سادي هئي جو کيس اعتبار ئي ڪونه پئي آيو ته هوءَ ريڊيو تي ڳائي سگهي ٿي ۽ ماڻهو کيس پسند ڪري سگهن ٿا. شيخ غلام حسين کيس مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ ڀاڳ ڀري مسلسل انڪار ڪندي رهي. وڏي مشڪل سان هوء ريڊيو تي ائڻ لاء تيار ٿي ۽ سندس پهريون ڪلام “تارن مان ترندي اچي، ڇپر مان ڇلندي اچي، دل ٻارو چل ٻارو چل پئي ڪري، دل ڪوهيارل ڪوهيارل پئي ڪري“ جڏهن ريڊيو تان نشر ٿيو ته مائي ڀاڳي جي اوج جو چنڊ آسمان تي چوڏھين جيان چمڪڻ لڳو سنڌي سنگيت جي دنيا ۾ ڄڻ ته مڪمل طور تي انقلاب اچي ويو، ان ڪلام مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا. مرحوم عبدالڪريم بلوچ کيس ٽي وي تي متعارف ڪرايو جتي هن پهريون ڪلام ”کڙي نيم ڪي نيچي“ رڪارڊ ڪرايو جيڪو اڄ به اوتروئي مشهور آهي۔

مائي ڀاڳي به پنھنجي جواني گذاري حياتي جي پوئين پھر ۾ سنڌ جي راڳ جي آسمان تي اڀري اھو بنھه نئون ۽ اثرائتو انداز ھو، آواز ايڏو مٺڙو جو ماڻھونان جي جادو ۾ اصل گم ٿي ويا. سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪا اھڙي محفل ڪانه ھوندي ھئي جنھن ۾ مائي ڀاڳي شامل نه ٿيندي ھئي. جڏھن ھو اسٽيج تي ايندي ھئي ته ماڻھو جنون جي ڪيفيت۾ تاڙيون وڄائي سندس آجيان ڪندا ھئا ڪيترن موقعن تي ائين به ٿيو ته ماڻھو مائي ڀاڳي کي اٿڻ نه ڏيندا ھئا ھڪ ڪلام کان پوءِ ٻيون ٽيون چوٿون بس گيتن جو اڻکٽ سلسلو شروع ٿي ويندو ھو.

اوچتو مائي ڀاڳي تي اڌرنگ جو حملو ٿيو ھلڻ کان حيران ٿي پئي پر ڀٽ شاه تي يا ثقافت کاتي جي ڪنھن سڏ تي پاڻ کڻائي اچي پھچندي ھئي. انهن ڏينهن ۾ سندس ڀٽائيء تي چيل ڪلام “ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور، منهنجون تو پڄايون” گهڻو مشهور ٿيو. سندس آواز ۽ ڪلامن ٻڌندڙن جي رويي ۾ وڏي تبديلي آندي ڪيترن شاعرن ته سندس چيل طرزن تي شعر چيا ۽ وڏن وڏن ڳائڻن انھن ڪلامن کي مائي ڀاڳي جي طرز تي ڳايو ۽ مقبول ڪرايو ھن پنھنجي مختصر فني زندگي ۾ انھي شھرت جي ڪڏھن پرواه نه ڪئي، پنھنجي فقيراڻي رنگ کي ترڪ نه ڪيو. پيرن فقيرن سان عقيدت ھئس سمن شاھه جي مريد ھئي اڌ رنگ جي حملي کان پوءِ نھايت جذباتي شعر پاڻ چئي ڳايائين ته:

سمن سائين مان ته گولي غلام تنھنجي در جي

گهڙا ڀريندس دل سان ........

مائي ڀاڳي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر بلڪه پاڪستان کان به ٻاهر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. سندس زندگي کان متاثر ٿي محترم عبدالقادر جوڻيجي هڪ ڊرامو ڪاروان پڻ لکيو هو جيڪو پي ٽي وي تي هلي چڪو آهي. مائي ڀاڳي ۷ جولاء ۱۹۸۶ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو۔

سندس مشهور لوڪ گيتن مان ڪجهه هي آهن جيڪي گهڻو مشهور ٿيا:

۱۔ تارن مان ترندي اچي

۲۔ ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور

۳۔ کڙي نيم ڪي نيچي

۴۔ جوڳي ٿي مان مرليون وڄايان

۵۔ ڀينر منهنجا هجن حيات

۶۔ ڌارين منجه آيس الا

۷۔ ڀينر منهنجو ٻاروچو آيو الا

۸۔ سمن سائين مان ته گولي

سنڌي لوڪ سنگيت جو ھيءُ نھايت معصوم ۽ سريلو آواز اسان جي ٿر جي ڏھرن ۽ ڀٽن مان اسريو ۽ سنڌ جي سمورن ميدانن ۾ ڇانئجي ويو. سنڌ جي ماڻھن ھن آواز سان عشق ڪيو، ۽ کيس ايڏي شھرت ڏنائون جو ايتري ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي ٻي ڪنھن آواز کي نه ملي. پاڪستان جي حڪومت سندس فن جي اعتراف ۾ صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي سان نوازيو، ان کانسواءِ کيس شهباز ايوارڊ، لطيف ايورڊ ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ پڻ مليا. ھيءُ چنڊ جيئن آسمان تي اوچتو چڙھيو، تيئن ھڪ ڏينھن ماٺ ميٺ ۾ لھي به ويو سڄي سنڌ کيس رنو ۽ ياد ڪيو، سندس آواز ۽ صورت اسان وٽ محفوظ آھي.جڏن به سندس آواز ڪنن ۾ ٻرندو ته سنڌ وارا ھن امر آواز کي سڪ سان سڻي سھڻن لفظن ۾ مائي ڀاڳي کي ياد ڪندا رھندا.


 

مائي ڀاڳي!

ٿر جي ڪوئل

نريش راھواڻي/ مالڻھور ويڻا (ٿر)

مشھور نغما نگار گُلزار چواڻي،گِيت ڪڏھن پوڙھا ناھن ٿيندا”. بيشڪ! ڪنھن جي جادوئي ڳلي مان نڪتل پيار ڀريا گيت ڪيئي سال لنگھي وڃڻ باوجود بھ جڏھن ٻڌبا آھن، تھ اُھي بلڪل تازا ۽ جوان محسُوس ٿيندا آھن. وارياسي پَٽ، صحراءِ ٿر جي سدا حيات آواز، مائي ڀاڳيءَ جا گيت بھ جڏھن ڪنن جا ڪَپ ڪَنائيندا آھن،  تڏھن رُوح کي راحت ملندي آھي. سنڌ کي سُريلا گيت اَرپيندڙ مائي ڀاڳيءَ جو جنم ۱۹۲۰ع ڌاري ٿيو. ڏيپلي شھر جي وھنيُون فقير جي گھر ۾ جنم وٺندڙ “ڀاڳ ڀَرِي” بابت اھو ڪنھن سوچيو ھوندو تھ ھوءَ اڳتي ھلي لوڪ گيت ڳائي شُھرت جي بُلندين تائين پھچندي ۽ “ٿر جِي ڪوئل” جو خطاب ماڻِيندي. جيتوڻيڪ، راڳ کيس ورثي ۾ مليو، پر ھوءَ پنھنجي مُنفرد انداز ۽ پياري آواز جي ڪري ھميشھ جي لاءِ ماڻھن جي دلين ۾ اَمر ٿي وئي. سندس والده مائي ڪسي ۽ والد وھنيون فقير بھ شادين مُرادين ۾ ڳائيندا وَڄائيندا ھئا، جيڪو سندن خانداني پيشو ھو. مائي ڀاڳيءَ بھ ننڍي ھوندي کان ئي اُنھن خوشيءَ جي موقعن تي ٿري لوڪ گيت ڳائيندي ھئي. ھن راڳ جي سِکيا پنھنجي والد کان ئي ورتي. ھن جي ڳائڻ جو انداز بھ تھ منفرد ھوندو ھيو، ھوءَ جڏھن ڪن تي ھٿ رکي “ڀِٽ جا ڀِٽائِي” جھڙا اَمر گيت آلاپيندي ھئي، تڏھن دليون جھومڻ لڳنديون ھيون. ريڊيو پاڪستان تي ھن پھريون گيت “تارن منجھان تَرندي اَچي” ڳايو ۽ کيس ريڊيو تي مُتعارف ڪرائڻ وارو شخص ان وقت جو ميُوزڪ پروڊيُوسر غلام حسين شيخ ھو.مائي ڀاڳي پي ٽي وي تان “کَڙِي نِيم ڪي نِيچي” گيت ڳائي، پاڻ کي مقبوليت جي اعليٰ مقام تائين پھچايو. انھي کان علاوه مائي ڀاڳي جا گيت “چِرمِي”، “ڀينر مُنھنجو ٻاروچو آيو”،  “منھنجا پَکي پرڏيھيڙا”، “آنکلڙِي ڦَڙُوڪي”، بھ تمام گھڻا مشھور ٿيا. مائي ڀاڳي جي تقريباً ۱۶ سالن جي عمر ۾ ھوتِي فقير سان شادي ٿي ھئي، جنھن مان کيس ۳ پُٽ ۽ ۳ نياڻيون آھن. سندس پُٽ ڪالُو فقير ۽ ڌيءَ مائي سوني (جيڪا اڄڪلھھ بيماريءَ جي بستري تي آھيبھ راڳ جي دنيا جا ناميارا نانءُ آھن، جڏھن تھ سندس پوٽو برڪت فقير بھ ساڳي ڪِرت سان واڳيل آھي. صدارتي ايوارڊ، لطيف ايوارڊ، مارئي ۽ ٻيا ڪيئي ايوارڊ پنھنجي نانءُ ڪندڙ مائي ڀاڳي، اڄوڪي تاريخ تي ۱۹۸۶ع ۾ پنھنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ماڻھو مري ويندا آھن، پر انھن جو فن، فڪر ۽ ڳالھيون ھميشھ زنده رھنديون آھن، مائي ڀاڳي جا گيت بھ سدائين گونجندا رھندا. “نھ ھو فنڪار، باقي، اس ڪا فن موجود رھتا ھي، پرنده اُڙ بھي جائي تو چمن موجود رھتا ھي...!!


 

مائي ڀاڳيءَ جي ياد ۾

دولت رام کتري

موسيقي، شاعري ۽ سُرن جي سنگم جو ٻيو نانءُ آهي. ڪائنات جي حُسناڪي موسيقي سان جُڙيل آهي. سنڌي سماج ۾ موسيقي مقدس رهي آهي ۽ ڳائڻ وڄائڻ کي پوڄا جيان ورتو ويندو آهي. ويدن کان وٺي لطيف ۽ اياز جي گيتن تائين سنڌي شاعري موسيقي سان ٽمٽار رهي آهي سنڌ ۾ درويشن ۽ بزرگن جون درگاهون ۽ صوفين جا اوتارا موسيقي سکڻ ۽ موسيقي جي پذيرائي جو هڪ اهم ذريعو رهيا آهن. سنڌي موسيقي اوائلي دور کان وٺي شاهوڪار رهي آهي. ماضيءَ ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا گويا خاندان رهيا آهن جن سنڌي موسيقي جي اصل روح کي زنده رکيو آهي. سنڌ ۾ ڪجهه اهڙا فنڪار پڻ پيدا ٿيا جن سنڌي موسيقي جي صوفياڻي رنگ کي زنده رکيو ۽ سنڌي موسيقي جي لوڪ رنگ کي اوج تي پهچايو. ڪنور ڀڳت، جيوڻي ٻائي، مٺو ڪڇي، مراد فقير، محمد يوسف، استاد محمد جمن، زرينه بلوچ، مائي ڀاڳي، استاد شفيع فقير سنڌ جا اُهي فنڪار آهن، جن سنڌي موسيقي جي اصل روح کي زنده رکيو ۽ سنڌي موسيقي کي اوج تي پهچايو. ڪنور ڀڳت ۽ موهن ڀڳت جي صوفياڻي رنگ کي سڄي دنيا ٻڌي ٿي. استاد محمد جمن ۽ محمد يوسف جي گائڪي جي خوبصورت انداز کي سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ مائي ڀاڳي ۽ جيجي زرينه بلوچ اُهي فنڪارائون هيون جن سڌي لوڪ گيتن کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. ٿر سان تعلق رکندڙ هڪ سادي سٻاجهڙي فنڪاره مائي ڀاڳي جڏهن ريڊيو ٽي وي تي لوڪ گيت ڳايا ته هو سڄي دنيا ۾ ڇانئجي ويئي ۽ هو لوڪ گيتن جي راڻي بڻجي ويئي. هُن پنهنجي مُڌر آواز ۽ منفر انداز سان جڏهن لوڪ گيت ڳايا ته دنيا ۾ لوڪ گيتن کي هڪ نئين سڃاڻپ ملي وئي ۽ بعد ۾ ٻين فنڪارن پڻ لوڪ گيت ڳائڻ شروع ڪيا. هڪ سادي سٻاجهڙي ڳوٺاڻي عورت جڏهن موسيقي جي دنيا ۾ پير پاتو ته هن جي گائڪي ۾ لوڪ گيت هن جي سڃاڻپ بڻجي ويا. مائي ڀاڳي جو جنم ڏيپلي شهر ۾ ٿيو. مائي ڀاڳي جو والد وينهين فقير پنهنجي دور ۾ سٺو راڳي هيو، جيڪو اڪثر پنهنجي تر ۾ شادين مرادين ۾ ڳائيندو هو. مائي ڀاڳي جي ماءُ خديجه پڻ ڪڏهن ڪڏهن شادين مرادين ۾ ڳائڻ ويندي هئي. مائي ڀاڳي جا ماءُ پيءُ هن کي ڳائڻ لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا. ماءُ پيءُ کي شادين مرادين ۾ ڳائيندو ڏسي هن کي به ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. اهڙي ريت هن ننڍي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. ۱۶ سالن جي عمر ۾ مائي ڀاڳي جي شادي هوٿي فقير سان ٿي جيڪو اسلام ڪوٽ جو رهاڪو هو. ۱۹۵۰ع کانپوءِ مائي ڀاڳي جو خاندان مٺي لڏي آيو جتي هُن شادين مرادين ۾ ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيو. مٺي ۾ لوڪ فنڪار مراد فقير پنهنجي دور جو سٺو راڳي هو. انهيءَ سان گڏ مائي ڀاڳي اڪثر شادين مرادين ۾ ڳائڻ ويندي هئي. اهڙي ريت مائي ڀاڳي، مراد فقير کان پڻ باقاعده ڳائڻ جي سکيا ورتي. ۱۹۶۰ع کان ۱۹۷۰ع جي وچ واري ڏهاڪي ۾ موسيقي جي ميدان ۾ ٿر جي ڪجهه راڳين جو دور عروج تي هيو. انهيءَ دور ۾ مائي ڀاڳي، مراد فقير، مصري ڏيپلائي ۽ موهن ڀڳت ريڊيو ۽ ٽي وي تي اُڀري اڳتي آيا. ۱۹۶۰ع ۾ مير محمد بخش ٽالپر ڀلوا ۾ پهريون ڀيرو مارئي جو ميلو لڳرايو. انهيءَ وقت ٿر جي راڳين مائي ڀاڳي، مراد فقير، موهن ڀڳت ۽ مصري ڏيپلائي، ٻڍو فقير پهريون ڀيرو ڪنهن وڏي اسٽيج تي ڳايو هو. انهيءَ ساڳئي سال ۾ ريڊيو پروڊيوسر غلام حسين شيخ جڏهن مٺي (ٿر) گهمڻ آيو هو، تڏهن غلام حسين شيخ انهيءَ وقت جي مٺي جي چيئرمين رئيس آچار خان بجير کي چيو ته اسان کي ٿر مان ريڊيو لاءِ فنڪار متعارف ڪرائڻا آهن، رئيس آچار خان ٿر جي سمورن فنڪارن کي پنهنجي اوطاق تي گهرائي ريڊيو لاءِ آڊيشن ڏياريا ۽ اهڙي ريت ٿر جا فنڪار ريڊيو تي متعارف ٿيا. انهيءَ وقت مائي ڀاڳي ريڊيو تي پهريون ڪلام “تارن منجهان ترندي اچي” ڳايو هو. انهيءَ ساڳئي سال ۾ ٽي وي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ مائي ڀاڳي کي ٽي وي تي متعارف ڪرايو هو. جڏهن مائي ڀاڳي پهريون ڀيرو ٽي وي تي “کڙي نيم ڪي نيچي هون ته هيڪلي” گيت ڳايو ته هن ڪلام مائي ڀاڳي کي شهرت جي بلندين تائين پهچايو. انهيءَ کانپوءِ مائي ڀاڳي پنهنجي مڌر آواز ۾ مراد فقير سان گڏ جرمي رو بلال سان پيار ڳايو ته هن ڪلام کي سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو ويو. انهيءَ دور ۾ ۷۰ واري ڏهاڪي کانپوءِ مائي ڀاڳي ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڇانيل رهي. انهيءَ عرصي ۾ مائي ڀاڳي جي آواز کي دنيا جي هر خطي جو ماڻهو ٻڌڻ لڳو. هڪ اڻ پڙهيل فنڪاره مائي ڀاڳي کي هزارين لوڪ گيت برزبان ياد هئا. اُهي ڳايل مڌر لوڪ گيت جڏهن دنيا جي عظيم گلوڪارن لتا منگيشڪر جي ڪنن تائين پهتا ته لتا پڻ هُن جي آواز کي بيحد پسند ڪيو ۽ چيو ته دنيا جي شاهوڪار موسيقي ۽ آواز ٿر ۾ موجود آهي. مائي ڀاڳي جي گائيڪي جو انداز صوفياڻو هو. هن جو ساڄي ڳل تي هٿ ڏئي ڳائڻ وارو انداز نرالو هوندو هو. هو اوليائن ۽ بزرگن جي مزارن تي باقاعده حاضري ڏيندي هئي ۽ اُتي ڪلام ڳائيندي هئي. لطيف سرڪار ۽ سمن سرڪار تي هن جا ڳايل ڪلام “ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور”، ۽ “سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي.” تمام گهڻو مشهور ٿيا. زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ بيماري جي بستري تي هوندي به هو پنهنجو پاڻ کي کڻائي لطيف سرڪار جي ميلي تي پهتي هئي، اُتي هن ڳايو پڻ هيو. جيتوڻيڪ مائي ڀاڳي، لطيف، سچل، ڪبير جي شاعري کي پڻ ڳايو آهي پر هن جي اصل سڃاڻپ لوڪ گيت هئا. هن جي گلي ۾ قدرتي طور تي هڪ وڻندڙ سوز هيو ۽ هن جي گائيڪي جو انداز پڻ نرالو هو. دنيا ۾ هن لوڪ گيتن کي بنياد مهيا ڪيو. سندس گائڪي جي مڃتا عيوض لطيف ايوارڊ، امتياز ايوارڊ ۽ نيشنل ايوارڊ پڻ مليا. مائي ڀاڳي ڪجهه مهينا بيماري جي بستري تي پڻ رهي، سندس خواهش هئي ته هو ڀلي پار وڃي حج ڪري اچي پر انهيءَ وقت هن جي حج ڪرڻ جي خواهش سندس پوري نه ٿي سگهي. حج ڪرڻ جي خواهش دل ۾ سانڍيندي هو ۷ جولاءِ ۱۹۸۶ع ۾ نئون ڪوٽ ۾ وفات ڪري وئي. کيس راضي شاهه درگاهه جي ڀر ۾ دفنايو ويو.

مائي ڀاڳي ڪائنات جي تخليق جي تراشيل ڪلاڪاره هئي جنهن کي اڄ به دنيا جي هر خطي جو ماڻهو ٻڌي ٿو. هن جي گيتن ۾ ٿر جي خطي جو رومانس ۽ خمير شامل هو. هو پنهنجي محنت ۽ لگن سان موسيقي جي دنيا ۾ اڳتي آئي ۽ پنهنجو قدر پاڻ ڪرائي وئي. هن جا لوڪ گيت سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي ڪندا هئا. هن وقت سنڌ ۾ ڪو اهڙو ڪلاڪار پيدا نه ٿيو آهي جيڪو مائي ڀاڳي جي گائڪي جو تسلسل هجي، جنهن ۾ لوڪ رنگ نروار ٿيندو هجي. هن وقت سنڌ ۾ جيڪا موسيقي ڳائي پئي وڃي اُها موسيقي صوفياڻي رنگ ۽ لوڪ رنگ کان وانجهيل آهي. سنڌ جي ٽي وي چينلز تي جيڪو ڪجهه پيش ڪيو پيو وڃي يا جيڪا ثقافت پيش ڪئي پئي وڃي اها ڪنهن به ريت سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي نٿي ڪري. ايتري قدر جو هڪ سنڌي ٽي وي چئنل تي ماڳي ڀائي جي لوڪ گيت تي سنڌي ڇوڪري کي پينٽ شرٽ ۽ جينز ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هن وقت سنڌ جي ٽي وي چئنلز تي جيڪو ڪجهه ڏيکاريو پيو وڃي اُهو هرگز سنڌي ماڻهن جو مزاج ناهي. سڌي ماڻهن جو مزاج صوفياڻو رهيو آهي ۽ انهن جو لاڙو صاف سٿري موسيقي ڏانهن رهيو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي سنڌي موسيقي جي اصل چارم کي زنده رکڻ چاهيون ٿا ته اسان کي مائي ڀاڳي، موهن ڀڳت ۽ استاد محمد جمن جيان محنت ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي سنڌي موسيقي جي لوڪ رنگ ۽ صوفياڻي لاڙي کي بچائڻ گهرجي.


 

مائي ڀاڳي

دولت رام کتري

موسيقي، شاعري ۽ سُرن جي سنگم جو ٻيو نانءُ آهي. ڪائنات جي حُسناڪي موسيقي سان جُڙيل آهي. سنڌي سماج ۾ موسيقي مقدس رهي آهي ۽ ڳائڻ وڄائڻ کي پوڄا جيان ورتو ويندو آهي. ويدن کان وٺي لطيف ۽ اياز جي گيتن تائين سنڌي شاعري موسيقي سان ٽمٽار رهي آهي سنڌ ۾ درويشن ۽ بزرگن جون درگاهون ۽ صوفين جا اوتارا موسيقي سکڻ ۽ موسيقي جي پذيرائي جو هڪ اهم ذريعو رهيا آهن. سنڌي موسيقي اوائلي دور کان وٺي شاهوڪار رهي آهي. ماضيءَ ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا گويا خاندان رهيا آهن جن سنڌي موسيقي جي اصل روح کي زنده رکيو آهي. سنڌ ۾ ڪجهه اهڙا فنڪار پڻ پيدا ٿيا جن سنڌي موسيقي جي صوفياڻي رنگ کي زنده رکيو ۽ سنڌي موسيقي جي لوڪ رنگ کي اوج تي پهچايو. ڪنور ڀڳت، جيوڻي ٻائي، مٺو ڪڇي، مراد فقير، محمد يوسف، استاد محمد جمن، زرينه بلوچ، مائي ڀاڳي، استاد شفيع فقير سنڌ جا اُهي فنڪار آهن، جن سنڌي موسيقي جي اصل روح کي زنده رکيو ۽ سنڌي موسيقي کي اوج تي پهچايو. ڪنور ڀڳت ۽ موهن ڀڳت جي صوفياڻي رنگ کي سڄي دنيا ٻڌي ٿي. استاد محمد جمن ۽ محمد يوسف جي گائڪي جي خوبصورت انداز کي سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ مائي ڀاڳي ۽ جيجي زرينه بلوچ اُهي فنڪارائون هيون جن سڌي لوڪ گيتن کي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. ٿر سان تعلق رکندڙ هڪ سادي سٻاجهڙي فنڪاره مائي ڀاڳي جڏهن ريڊيو ٽي وي تي لوڪ گيت ڳايا ته هو سڄي دنيا ۾ ڇانئجي ويئي ۽ هو لوڪ گيتن جي راڻي بڻجي ويئي. هُن پنهنجي مُڌر آواز ۽ منفر انداز سان جڏهن لوڪ گيت ڳايا ته دنيا ۾ لوڪ گيتن کي هڪ نئين سڃاڻپ ملي وئي ۽ بعد ۾ ٻين فنڪارن پڻ لوڪ گيت ڳائڻ شروع ڪيا. هڪ سادي سٻاجهڙي ڳوٺاڻي عورت جڏهن موسيقي جي دنيا ۾ پير پاتو ته هن جي گائڪي ۾ لوڪ گيت هن جي سڃاڻپ بڻجي ويا. مائي ڀاڳي جو جنم ڏيپلي شهر ۾ ٿيو. مائي ڀاڳي جو والد وينهين فقير پنهنجي دور ۾ سٺو راڳي هيو، جيڪو اڪثر پنهنجي تر ۾ شادين مرادين ۾ ڳائيندو هو. مائي ڀاڳي جي ماءُ خديجه پڻ ڪڏهن ڪڏهن شادين مرادين ۾ ڳائڻ ويندي هئي. مائي ڀاڳي جا ماءُ پيءُ هن کي ڳائڻ لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا. ماءُ پيءُ کي شادين مرادين ۾ ڳائيندو ڏسي هن کي به ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. اهڙي ريت هن ننڍي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. ۱۶ سالن جي عمر ۾ مائي ڀاڳي جي شادي هوٿي فقير سان ٿي جيڪو اسلام ڪوٽ جو رهاڪو هو. ۱۹۵۰ع کانپوءِ مائي ڀاڳي جو خاندان مٺي لڏي آيو جتي هُن شادين مرادين ۾ ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيو. مٺي ۾ لوڪ فنڪار مراد فقير پنهنجي دور جو سٺو راڳي هو. انهيءَ سان گڏ مائي ڀاڳي اڪثر شادين مرادين ۾ ڳائڻ ويندي هئي. اهڙي ريت مائي ڀاڳي، مراد فقير کان پڻ باقاعده ڳائڻ جي سکيا ورتي. ۱۹۶۰ع کان ۱۹۷۰ع جي وچ واري ڏهاڪي ۾ موسيقي جي ميدان ۾ ٿر جي ڪجهه راڳين جو دور عروج تي هيو. انهيءَ دور ۾ مائي ڀاڳي، مراد فقير، مصري ڏيپلائي ۽ موهن ڀڳت ريڊيو ۽ ٽي وي تي اُڀري اڳتي آيا. ۱۹۶۰ع ۾ مير محمد بخش ٽالپر ڀلوا ۾ پهريون ڀيرو مارئي جو ميلو لڳرايو. انهيءَ وقت ٿر جي راڳين مائي ڀاڳي، مراد فقير، موهن ڀڳت ۽ مصري ڏيپلائي، ٻڍو فقير پهريون ڀيرو ڪنهن وڏي اسٽيج تي ڳايو هو. انهيءَ ساڳئي سال ۾ ريڊيو پروڊيوسر غلام حسين شيخ جڏهن مٺي (ٿر) گهمڻ آيو هو، تڏهن غلام حسين شيخ انهيءَ وقت جي مٺي جي چيئرمين رئيس آچار خان بجير کي چيو ته اسان کي ٿر مان ريڊيو لاءِ فنڪار متعارف ڪرائڻا آهن، رئيس آچار خان ٿر جي سمورن فنڪارن کي پنهنجي اوطاق تي گهرائي ريڊيو لاءِ آڊيشن ڏياريا ۽ اهڙي ريت ٿر جا فنڪار ريڊيو تي متعارف ٿيا. انهيءَ وقت مائي ڀاڳي ريڊيو تي پهريون ڪلام ”تارن منجهان ترندي اچي“ ڳايو هو. انهيءَ ساڳئي سال ۾ ٽي وي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ مائي ڀاڳي کي ٽي وي تي متعارف ڪرايو هو. جڏهن مائي ڀاڳي پهريون ڀيرو ٽي وي تي ”کڙي نيم ڪي نيچي هون ته هيڪلي“ گيت ڳايو ته هن ڪلام مائي ڀاڳي کي شهرت جي بلندين تائين پهچايو. انهيءَ کانپوءِ مائي ڀاڳي پنهنجي مڌر آواز ۾ مراد فقير سان گڏ جرمي رو بلال سان پيار ڳايو ته هن ڪلام کي سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو ويو. انهيءَ دور ۾ ۷۰ واري ڏهاڪي کانپوءِ مائي ڀاڳي ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڇانيل رهي. انهيءَ عرصي ۾ مائي ڀاڳي جي آواز کي دنيا جي هر خطي جو ماڻهو ٻڌڻ لڳو. هڪ اڻ پڙهيل فنڪاره مائي ڀاڳي کي هزارين لوڪ گيت برزبان ياد هئا. اُهي ڳايل مڌر لوڪ گيت جڏهن دنيا جي عظيم گلوڪارن لتا منگيشڪر جي ڪنن تائين پهتا ته لتا پڻ هُن جي آواز کي بيحد پسند ڪيو ۽ چيو ته دنيا جي شاهوڪار موسيقي ۽ آواز ٿر ۾ موجود آهي. مائي ڀاڳي جي گائيڪي جو انداز صوفياڻو هو. هن جو ساڄي ڳل تي هٿ ڏئي ڳائڻ وارو انداز نرالو هوندو هو. هو اوليائن ۽ بزرگن جي مزارن تي باقاعده حاضري ڏيندي هئي ۽ اُتي ڪلام ڳائيندي هئي. لطيف سرڪار ۽ سمن سرڪار تي هن جا ڳايل ڪلام ”ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور“، ۽ ”سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي.“ تمام گهڻو مشهور ٿيا. زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ بيماري جي بستري تي هوندي به هو پنهنجو پاڻ کي کڻائي لطيف سرڪار جي ميلي تي پهتي هئي، اُتي هن ڳايو پڻ هيو. جيتوڻيڪ مائي ڀاڳي، لطيف، سچل، ڪبير جي شاعري کي پڻ ڳايو آهي پر هن جي اصل سڃاڻپ لوڪ گيت هئا. هن جي گلي ۾ قدرتي طور تي هڪ وڻندڙ سوز هيو ۽ هن جي گائيڪي جو انداز پڻ نرالو هو. دنيا ۾ هن لوڪ گيتن کي بنياد مهيا ڪيو. سندس گائڪي جي مڃتا عيوض لطيف ايوارڊ، امتياز ايوارڊ ۽ نيشنل ايوارڊ پڻ مليا. مائي ڀاڳي ڪجهه مهينا بيماري جي بستري تي پڻ رهي، سندس خواهش هئي ته هو ڀلي پار وڃي حج ڪري اچي پر انهيءَ وقت هن جي حج ڪرڻ جي خواهش سندس پوري نه ٿي سگهي. حج ڪرڻ جي خواهش دل ۾ سانڍيندي هو ۷ جولاءِ ۱۹۸۶ع ۾ نئون ڪوٽ ۾ وفات ڪري وئي. کيس راضي شاهه درگاهه جي ڀر ۾ دفنايو ويو.

مائي ڀاڳي ڪائنات جي تخليق جي تراشيل ڪلاڪاره هئي جنهن کي اڄ به دنيا جي هر خطي جو ماڻهو ٻڌي ٿو. هن جي گيتن ۾ ٿر جي خطي جو رومانس ۽ خمير شامل هو. هو پنهنجي محنت ۽ لگن سان موسيقي جي دنيا ۾ اڳتي آئي ۽ پنهنجو قدر پاڻ ڪرائي وئي. هن جا لوڪ گيت سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي ڪندا هئا. هن وقت سنڌ ۾ ڪو اهڙو ڪلاڪار پيدا نه ٿيو آهي جيڪو مائي ڀاڳي جي گائڪي جو تسلسل هجي، جنهن ۾ لوڪ رنگ نروار ٿيندو هجي. هن وقت سنڌ ۾ جيڪا موسيقي ڳائي پئي وڃي اُها موسيقي صوفياڻي رنگ ۽ لوڪ رنگ کان وانجهيل آهي. سنڌ جي ٽي وي چينلز تي جيڪو ڪجهه پيش ڪيو پيو وڃي يا جيڪا ثقافت پيش ڪئي پئي وڃي اها ڪنهن به ريت سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي نٿي ڪري. ايتري قدر جو هڪ سنڌي ٽي وي چئنل تي ماڳي ڀائي جي لوڪ گيت تي سنڌي ڇوڪري کي پينٽ شرٽ ۽ جينز ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هن وقت سنڌ جي ٽي وي چئنلز تي جيڪو ڪجهه ڏيکاريو پيو وڃي اُهو هرگز سنڌي ماڻهن جو مزاج ناهي. سڌي ماڻهن جو مزاج صوفياڻو رهيو آهي ۽ انهن جو لاڙو صاف سٿري موسيقي ڏانهن رهيو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي سنڌي موسيقي جي اصل چارم کي زنده رکڻ چاهيون ٿا ته اسان کي مائي ڀاڳي، موهن ڀڳت ۽ استاد محمد جمن جيان محنت ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي سنڌي موسيقي جي لوڪ رنگ ۽ صوفياڻي لاڙي کي بچائڻ گهرجي.


 

مائي ڀاڳي

ٿر جي ڪوئل

نشا نهال/حيدرآباد

دنيا جو هر ماڻهو موسيقيءَ سان پيار ڪري ٿو، ڪائنات جي حسناڪي موسيقيءَ سان جڙيل آهي. سنڌي سماج ۾ موسيقي مقدس رهي آهي ۽ ڳائڻ وڄائڻ کي پوڄا جيان ورتو ويندو آهي. ويدن کان وٺي لطيف ۽ اياز جي سنڌ جو صوفياڻو ۽ لوڪ رنگ اڄ به زندهه آهي، ٿر جي ڀرم ڀريل ڀٽن مان جڏهن هڪ الستي آواز اڀريو، تڏهن انهيءَ آواز سڄي دنيا ۾ پنهنجو قدر پاڻ ڪرايو. سنڌ ۾ لوڪ گيتن کي سڃاڻپ ڏيندڙ مائي ڀاڳيءَ جي آواز کي اڄ به سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو. هڪ سادي سٻاجهڙي ڳوٺاڻي عورت جڏهن موسيقي جي دنيا ۾ پير پاتو ته هن جي ڳائيڪي ۽ لوڪ گيت هن جي سڃاڻپ بڻجي ويا.

ڏيپلي شهر ۾ جنم وٺندڙ مائي ڀاڳي کي سندس ماءُ خديجه ۽ پيءُ ونهيل شادين مرادين ۾ ڳائڻ لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا، انهن کي شادين مرادين ۾ ڳائيندو ڏسي، مائي ڀاڳي کي پڻ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. اهڙي ريت ننڍي عمر ۾ مائي ڀاڳي ڳائڻ شروع ڪيو، ۱۶ سالن جي عمر ۾ مائي ڀاڳي جي شادي هوٿي فقير سان ٿي، جيڪو اسلام ڪوٽ جو رهاڪو هو، ۱۹۵۰ع کان پوءِ مائي ڀاڳي جو خاندان مٺي لڏي آيو، جتي هن شادين مرادين ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. چون ٿا ته مائي ڀاڳي ٿر جي لوڪ فنڪار مراد فقير کان پڻ ڳائڻ جي سکيا ورتي هئي ۽ مراد فقير سان ته اڪثر هو شادين مرادين ۾ ڳائڻ لاءِ گڏ ويندي هئي. ۱۹۶۰ع کان ۱۹۷۰ع جي وچ واري ڏهاڪي ۾ مائي ڀاڳيءَ جي فن کي پذيرائي ملي. ۱۹۶۸ع ۾ مير محمد بخش ٽالپر جڏهن ڀالوا ۾ پهريون ڀيرو مارئي جو ميلو لڳرايو هو، تڏهن ٿر جي ٻين فنڪارن جيان مائي ڀاڳي نه صرف پهريون ڀيرو ڪنهن وڏي اسٽيج تي ڳايو هو، پر انهيءَ دور ۾ مائي ڀاڳي ريڊيو ۽ ٽي وي تي پڻ متعارف ٿي. مائي ڀاڳي پهريون ڀيرو ٽي وي تي جڏهن  ”کڙي نيم ڪي نيچي هون تو هيڪلي“ گيت ڳايو،  جنهن  مائي ڀاڳي کي شهرت جي بلندين تائين پهچايو، ۷۰ واري ڏهاڪي کانپوءِ مائي ڀاڳي ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڇانيل رهي. مائي ڀاڳي پنهنجي مڌر آواز ۾ جڏهن مراد فقير سان گڏ ”چرمي رو بلالي سان پيار..“ ڳايو ته هن گيت کي سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو ويو. ۷۰ واري ڏهاڪي کان پوءِ مائي ڀاڳي جي آواز کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پذيرائي ملي. هڪ اڻ پڙهيل فنڪاره هوندي مائي ڀاڳي کي سوين لوڪ گيت ياد هوندا هئا، هن جو ساڄي ڪن تي هٿ ڏئي ڳائڻ وارو انداز پڻ نرالو هوندو هو، هن جي گائيڪي ۾ سادگي هوندي هئي. هن جي گلي ۾ قدرتي طور تي هڪ وڻندڙ سوز هو. سندس گائيڪي جي مڃتا عيوض ڀاڳي کي لطيف ايوارڊ،  صدارتي ايوارڊ ۽ نيشنل ايوارڊ پڻ مليا. اوليائن، بزرگن، درويشن جي مزارن ۽ انهن جي ميلن تي باقائده حاضري ڏيندڙ مائي ڀاڳي کي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ سندس ڀلي پار وڃڻ جي خواهش هئي، پر بيماري جي ڪري هن جي حج ڪرڻ واري خواهش پوري نه ٿي سگهي ۽ ائين ۷ جولاءِ ۱۹۸۶ع تي حج جي خواهش دل ۾ سانڍي مائي ڀاڳي نئون ڪوٽ ۾ وفات ڪري وئي. کيس راضي شاهه درگاهه جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو. مائي ڀاڳي پنهنجي  فن ۾ وڏي مڃتا ملي، هن کي اڄ به ماڻهو شوق سان ٻڌن ٿا. هن محنت ۽ لگن ذريعي پنهنجو قدر پاڻ ڪرايو، هن جا ڳايل لوڪ گيت  سنڌ  جي ثقافت جي  عڪاسي ڪن ٿا، پر افسوس جو سنڌ جي ثقافت کاتي سندس۲۷ هين ورسي جي موقعي تي هن عظيم ڪلاڪاره کي وساري ڇڏيو آهي ۽ ورسي جي مناسبت سان ڪو پروگرام نه رٿيو آهي، اهو عمل ثقافت کاتي سنڌ جي نا اهلي کي ظاهر ڪري ٿو..

 


 

مائي ڀاڳي

کڙي نيم ڪي نيچي هون تان هيڪلي...

الهه جڙيو شاد/جهڏو

مائي ڀاڳي ڏيپلي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ڄائي هئي، سندس پيءُ جو نالو ونهيو فقير هو ۽ ذات جي مڱڻهار هئي. هن جو پيءُ به هڪ سٺو راڳي هو، مائي ڀاڳي جو اصل نالو ڀاڳڀري هو، جيڪا جواني ۾ ڳوٺن جي شادين ۾ سهرا  ڳائي، پنهنجو ۽ گهر وارن جو پيٽ گذران ڪندي هئي. مائي ڀاڳي بعد ۾ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد ۾ ڪلام رڪارڊ ڪرايا، جيڪي بيحد مشهور ٿيا. هن ٿري لوڪ گيتن کي اهڙي ته دلي لڳاءُ سان ڳايو، جو هو ٿر جي سڃاڻپ بنجي وئي. ان ڪري کيس ٿر جي ڪوئل جو لقب ڏنو ويو ۽ هو پنهنجي نرالي وڻندڙ آواز سان هڪدم مقبول ٿي وئي، مائي ڀاڳي ٿري موسيقي جي حقيقي نمائنده فنڪاره هئي، هن جي ڳائڻ جو پنهنجو انداز هو، قدرت کيس اهڙو مٺو ۽ خوبصورت آواز عطا ڪيو هو، جو جڏهن ڳائيندي هئي ته محفل تي ڄڻ جادو ڪري ڇڏيندي هئي ۽ هن جي آواز ۾ ٿرين جي ڏکن، سورن ۽ صدمن جو پڙلاءِ هو، جنهن سندس آلاپ کي اثرائتو ۽ پر سوز بنائي ڇڏيو هو. ويچاري نم جي وڻ هيٺان سڄي حياتي پنهنجي اڪيلائي ۽ مارن جي سورن جون پچارون ڪندي رهي ۽ پنهنجن لڙڪن کي لڪائي مرڪندي رهي. هن پاڻ سان ملهايل شام واري آخري تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته جيستائين سرَير ۾ ساهه آهي تيستائين هو راڳ جي خدمت ڪندي رهندي. مائي ڀاڳي جي لوڪ گيتن ۾ گجراتي، مارواڙي، ڪاٺياواڙي ۽ ڍاٽڪي موسيقيءَ جي ميلاپ سان هڪ خوبصورت رچاءُ  جنم  ٿي ورتو، اهو صرف مائي ڀاڳي جي وس جي ڳالهه هئي، هن جي آواز ۾ مظلوم عوام جي پيڙا، ڏک ۽ درد جون صدائون موجود هيون، جنهن ٿر جي لوڪ گيتن کي دنيا ۾ مشهور ۽ مان وارو بنايو ۽ راڳ ۾ آواز، سر ۽ سنگيت کي نوان انداز ڏنا. پاڻ ڳائڻ سان گڏ ڌنون به ٺاهيندي هئي. نئين انداز ۾ لوڪ گيت ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيندي هئي. هو سنڌ جي ثقافت ۽ فن جو سرمايو هئي، مائي ڀاڳي آخر عمر ۾ اڪثر ڪري بيمار رهندي هئي، پوءِ به هو ڳائيندي رهندي هئي، آخر بيماري هن کي جهوري وڌو ۽ ۷ جولائي تي هو اسان  کان وڇڙي وئي. هن جو وڇوڙو سنڌي موسيقي لاءِ هڪ وڏو ڏکوئيندڙ سانحو آهي. مائي ڀاڳي جي وڇوڙي کي ۲۷ سال گذرڻ جي باوجود عوام هن کي وساري نه سگهيو آهي. هن ڪيترائي ايوارڊ  پڻ حاصل ڪيا.


 

مائي ڀاڳي

نم ھيٺان بيٺل ھيڪلو آواز

ممتاز مرزا

ٿر، شھر زندگي لاءِ پراسرار سر زمين

اصل حياتي جو منفرد ۽ عجيب ماڳ

صدين جي اڃايل ڌرتي

ڪارونڀار مينھن جي منتظر ڀونءِ

مورن ۽ سپن وارا ڏھر، تڙ ۽ ڀٽون

سنڌي تمدن ۽ ثقافت جي نج ريتن ۽ رسمن جو مقام

ٿر جتي نازڪ دليون، جانٺا جسم ڏينھن جي سختين سامھون اڏول رات جي ٿڌڪار ۾ ڏھرن ۽ ڀٽن جي ڀر ۾ ڪنن تي ھٿ رکي ڪڏھن ٽيجون الاپين ته ڪڏھن ورساڙو ۽ ڪجلئي ٻول جا چئي پنھنجي اميدن ۽ آسن کي مظبوط ڪري ايندڙ اڀرندڙ سج سان سيني ساھڻ جون تياريون ڪن. زندگي نھايت سخت آھي تيز ٻرندڙ سج ۽ سالن جو سوڪھڙو مقابلي لاءِ ھر وقت موجود آھي ان ۾ زندگي کي ڏورڻ ۽ ان جي مشڪلن کي مڙس ٿي مقابل ٿيڻ جو احساس شامل آھي ۽ اھو جذبول تڏھن وڌيڪ وڻندڙ ۽ ھانو کي ٺاريندڙ لڳندو آھي جڏھن ٿر جي ٿڌين راتين ۾ پر انھين  ڀٽن مان ڪوئل جي ڪوڪ وانگر ڪو اوچتو آواز اسرندو ھو ۽ ڏھرن توڙي ڀٽن کي پنھنجن سرن ۾ سمائي سرھو ڪري ڇڏيندو آھي. اھڙو ئي آواز سن ۱۹۶۳ع ۾ مارئي جي ميلي تي ويندي مٺي ۾ رات جي ماني کان پوءِ سرڪاري بنگلي تي ٻڌڻ جو موقعو مليو. اھو آواز ھو مائي ڀاڳي جو. اسان ٻڌو ٻين ٻڌو بس چيائون ته مائي رڳو شادين مرادين ۾ ڳائيندي آھي. اڄ رڳو اوھان جي وندر لاءِ کيس ھتي وٺي آيا آھيون. آواز ۽ انداز مڙني کي متاثر ڪيو. پر اسان ۾ اڃان به ايڏو حوصلو نه ھو. جو ايڏي ھام ھڻو ن ته مائي اچ ته ريڊيو تي توکي ڪو پروگرام وٺي ڏيون. بس ڳالھه آئي وئي ٿي. مارئي جو ميلو ٿي ويو. وري وچ ۾ وڏي وٿي پئجي وئي اوچتو ۱۹۶۷ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تان ھڪ ڪلام نشر ٿيو

تارن منجھان ترندي اچي، لھرن مان لڙھدي اچي.

او دل ڪوھيارل ڪوھيارل پئي ڪري.

اھو ڪلام مائي ڀاڳي ڳايو، غلام حسين شيخ رڪارڊ ڪيو ۽ جنھن ڏينھن اھو ڪلام نشر ٿيو بلڪل انھي ڏينھن کان مائي ڀاڳي جي اوج جو چنڊ آسمان تي چوڏھين جيان چمڪڻ لڳو. سنڌي سنگيت جي دنيا ۾ ڄڻ ته مڪمل طور تي انقلاب اچي ويو. ھر طرح مائي ڀاڳي مائي ڀاڳي جا پڙولا پئجي ويا. مائي ڀاڳي مٺي جي مڱڻھار ھئي سر تار سندس ستي ۾ پيل ھو. تنجڻن ۾ دھل جو آواز سندس ننڍڙي روح ۾ پئي ويو. وڏي ٿي ته ڳوٺ راڄ جي شادين مرادين ۾ پنھنجن وڏڙن سان ڳائڻ شروع ڪيائين آواز ۾ مٺاڻ ۽ سرن جي سڃاڻ پيدا ٿي. شڪل جي ڪوجھي ۽ قد جي ننڍڙي  ڪن تي ھٿ رکي ڳائيندي ھئي. ٿر وسعتن جي لحاظ کان تمام وڏو خطو آھي پر ان جو سماج تمام ننڍڙو آھي. ان مختصر جذبن ۽ احساسن واري سماج ۾ اڃان به جديد تھذيب جا لاڙا ايترا اثر انداز نه ٿيا آھن اچ وڃ جي ڏکيائي سفر جون صعوبتون پاڻي جي کوٽ ۽ ڏڪر جون ڊگھيون راتيون اتي جي ماڻھن کي پنھنجي ذات جي باري ۾ سوچ کان وانجھيو ڪري ڇڏين. ھنن جي سوچ جو دائرو فقط ٻن ويلن جي ارد گرد آھي انھي جي باوجود به ٿر جي ماروڙئين پنھنجي ذوق ۽ شوق کي نج نڀار جي صورت ۾ اڃان تائين قائم رکيو آھي. شھري تمدن ۽ تھذيب ھنن کي اڃان ايترو تبديل نه ڪيو آھي. اڄ به ھو مختلف موقعن تي ٽيجھون آلاپن ٿا ورساڙو ڳائين ٿا. ڪجلئي جا آلاپ ڪڍي ان جون ۽ ٻين جون دليون ريجھائن ٿا. ھتي جا لوڪ جا گيت ۽ لوڪ رسمون اڃان نج نبار آھن انھن ۾ اھڙي تبديلي نه آئي آھي. جھڙي سنڌ جي ٻين حصن ۾ جديد لاڙن جي ڪري آئي آھي اڃان نه ٿر جي مارن جا جي جھرو ڪن ۾ جھڏن ٿا. اڄ به اٺي کان پوءِ ولوڙين جون حويلون مڙئي چوڙيليون سارين ٿيون. اڄ به سرتيون ڏٿ سبيل ڪيو آڻيو اڱڻ ۾ ڍير ڪن ٿيون. اڄ به بر ۾ بيرن تي وڏي وير وھون سانٺيڪا سنجي جرجندن ۾ پايو پھون پيارين ٿيون ميان ني جو اھيو سفر اسان کي ڏکيو لڳندو پر ٿاريلا انھي رمز جا عشق ڪن انھن ئي ماڳن تي ڪئي ڪٿائون سوين سريلا ٻول ۽ سر انسان جي اڌمن جو اظھار بڻجي لازوال ٿي ويندا آھن. مائي ڀاڳي ۾ سنڌ جي ٿر جي انھي روايت جي سرواڻ ھئي. ۽ ٿر ڏي سنڌ جي ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪيو ته ڏسو سڌ ھي به آھي سفر ارانگو ضرور آھي. پر انھي تڪيلف جي پويان وڏي راحت آھي. مائي ڀاڳي سنڌي لوڪ سنگيت ۾ ھن ئي سڏ سان آئي ۽ ٿورئي عرصي ۾ پنھنجو نھايت بلند مقام بڻائي وئي.

سنڌ ۾ سنڌي راڳ جي ھڪ عجيب الميي جو آئون پاڻ شاھد آھيان ان ڏس ۾ اڪثر آئون به سوچيندو آھيان ۽ ٻيا دوست به ويچاريندا آھن. پر اڃان تائين اسان کي انھي ڳالھه جو حل نه ملي سگھيو آھي سمورا سنڌي انھي ڳالھه کان چٽي طرح واقف آھن ته سنڌ جي راڳ جي سلسلي جي ترقي ۽ ترويج صدين کان ٿيندي رھي آھي. اسان جي سنڌي راڳ جي نظام جو انگ آسپاس جي راڳن جي ادارن کان گھڻي ڀاڱي ڌار آھي. اسان جو لوڪ ڳيت اھڙا به آھن جن ۾ موجوده ڪلاسيڪي راڳ جي مختلف راڳن جي آميزش آھي ڪئي لوڪ گيت اھڙا آھن جن جي طرزن جي وضاحت لاءِ مون راڳ جي ماھر عالمن سان ڳالھايو انھن باجا وڄائي سرگم ھڻي سر ڇيڙي وڏا وس ھلايا پر انھن ان طرز جي راڳ جو نالو نروار نه ڪيو چي ھي به آھي ھو به آھي ھي راڳ به ٿي سگھي ٿو. ھو راڳ به لڳيس ٿو ان ڏس ۾ منھنجو خيال اھيو پئي رھيو آھي. ته اھو اصل سنڌي سنگيت آھي، جنھن جي حفاظت سنڌ جي سھڻن سيبتن ڳائڻن صدين کان پنھنجي ڳوٺ واھڻ ۾ ڪئي آھي. اڃان به ڪي گھڻيون ڳالھيون ھونديون  جيڪي وقت جي پيٽي ۾ سڃاڻ گائڪن جي وڃڻ سان صدائين لاءِ گم ٿي ويون ھونديون. يا انھن جون صورتون موجوده راڳ جي نظام موجب مٽجي ويون ھونديون. يا جيڪڏھن اھي وٿون اسان تائين پھتيون به ھونديون ته انھن جون شڪليون ائين بدلجي ويون آھن جو جيڪڏھن اھيو اصل آلاپڻ وارو انسان جيئرو ٿي اچي آڏو بيھي ٻڌي ته اھو به حيران ٿي وڃي. ته آھي ڇا. اسان جي سانڀر کان ڪجھه عرصو اڳ جڏھن بلاغ جا موجوده ذريعا نه ھئا تڏھن ڪي ڪي ڪڻا اسان ٻڌا ۽ ڏٺا اسان کان اڳي نسل وارن انھن کان بھتر راڳائي ٻڌا جيڪي اسان جي اصل روايتن جا اڳواڻ ھئا. اھي سڀ پنھنجو وارو وڃائي ويا. ۽ وٽن جيڪو گڻ ھو سو پاڻ سان کڻي ھليا ويا. نه کين ڪو ڳائڻ وارو نه پڇڻ وارو الله الله خير صلا. ڪيئي سنزي راڳ ۽ راڳڻيون انھن سان لاڳاپيل ٻول ڪي سماٽڪا ته ڪي وري ٻاروچا سڀ ختم ٿي ويا. رڳو ڪي ٻول ڪتابن ۾ بچيا آھن. ۽ ان جي اجر به خدا ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ڏيندو. جنھن لوڪ ادب سلسلي جي ڪتابن ۾ لوڪ گيت ڳيچ (ٻه جلد) ۾ جمع ڪري محفو ظ ڪيا آھن. ورنه ته اھي ٻول به اسان جي پلي نه پون ھا ھن پس منظر ۾ اسان اھيو واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته سنڌي ماڻھون جي پنھنجي انا واري خوبي ڪري اسان جي راڳ جا ڪيترائي سر موڙ ۽ ڳائڻا ۽ وڄتا اسان تائين نه پھتا ائين ئي پنھنجي دونھين تي رڳو پاڻ ھٿڙا سيڪي وڃي سائين جا سلامي ٿيا . سنڌ ۾ اھڙن باصلاحيت انسانن تائين پھچڻ جو طريقو موجود نه آھي گني ماڻھو پنھنجي گن تي بم رکيو ويٺو ھوندو ته پاڻ ھلي آيا ته واه نه ته ڪانھي اسان کي لالچ اسان جا ٻول فقيراڻا سي پرچائڻ لاءِ آھن. پرين جي پرتو ته حياتي به سفري ٿي. باقي ٻيا ماڻھو اسان کي نه ٻڌي سگھيا ته ڪا قيامت ڪانه اچي ڪڙڪندي اسان جي بھراڙين جي ڳائڻ وڄتن جو اھيو تعداد اڄ کان ويھه پنجويھه سال گھڻو ھو ھاڻي ته ٽي وي جي ڪري اھڙي لڪيل ماڻھن کي ماڻھن ان ڳالھه تي پاڻ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ته ميان جيڪي اٿئي ته ٽي تي منھن ته ڏيکار انھي ويڻ سان ڪراچي ڪھيو اچن پوءِ ڪنھن منزل ماڻين ته ڪي ائين ٺلھي ھٿين موٽي وڃن. مون اھڙا ڪيئي ڳائڻا ڏٺا جيڪي پنھنجي روح ۾ وتا پيا ھئا. انھن کي ڪنھن ٽيڪ جي پرواھه ئي نه ھئي انھن مان ڪن کي منٿ ميڙ ڪري اچڻ لاءِ آماده ڪيوسين ته شھري نظام تحت ڳائڻ وڄائڻ واري رمز ۾ پاڻ کي رلائي نه سگھيا. ڇاڪاڻ ته جنھن جوءِ مان ھو شھرين ڏي آيا ٿئي ان ماڳ تي ھو اڪيلا ھوندا ھئا. ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنھنجي منھن پيا ڳائيندا ھئا. ڪنھن ٻڌو نه ٻڌو ھو پنھنجي رنگ رمز ۾ پورا شھر جي ڳائڻ وڄائڻ جو ماحول ٻيو پنجن ڏھن منٽن ۾ اسم ادا ڪري. ساز کڻي ميدان خالي ڪرڻو ٿو پوي ۽ اھيو ھنن کي نه آئيڙندو ھو. ڪي ائين آيا ۽ ويا ڪي وري ڪن خاص درگاھن مان سلھاڙيل سي سوا درگاھه ڌڻي جي ڏات کان ٻئي جو قول ڪڇڻ لاءِ آماده نه ٿيا ھئا. ۽ موٽي وڃي پنھنجا ماڳ وسايائون. وري موٽي شھر جو رخ نه ڪيائون. مقصد چوڻ جو اھيو آھي ته ڳائڻن ۽ وڄتن جي اڄ به ڪمي ڪانھي پر اسان انھن تائين سندن عمر جي انھي حصي  ۾ پڇون ٿا جيڪو پويون پھر ھوندو آھي زندگي جون اڌمن ۽ جذبن واريون گھڙيون گذري وڃن ٿيون تڏھن اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته فلاڻي ھنڌ فلاڻو ڳائڻو ۽ وڄتو موجود آھي. وڃو ته ھمراھه ڏي وٺي بيٺو ھوندو ان جي باوجود انھي يار کي ڇڪي آندوسين. ته سال اڌ کان پوءِ جوڳي نه ڪنھن جا مٽ رھي نانءُ سائين جو. انھي لاءِ ضروري آھي ته اسان وڏي سرجوشي سان ان ڏس ۾ پاڻ ملاھايون. ڇاڪاڻ ته منھنجي راءِ ۾ ھي اسان جي راڳ ۽ سرن جي سانڍڻ جو آخري موقعو آھي. نوجوانن ۾ سکڻ ۽ پرجھڻ جي صلاحيت نه آھي. ريڊيو ۽ ٽي وي جي ڪنھن ھڪ اڌ پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ ھو بنھه وڏا ريڊيو ٽي وي آرٽسٽ بڻجي سکڻ جو دروازو پاڻ تي بند ڪري ڇڏين ٿا. باوجود انھي جو انھن مان ڪي آواز ڏاڍا سٺا آھن محنتن سان ھو به وڏي منزل رسي سگھن ٿا. پي جي ڪاشيءَ سولي ملي ته پوءِ ڇو جھد پٽجن. ڪنھن مشھور راڳائي جو ڳايل ھڪ اڌ ڪلام ياد ڪري پنھنجي آواز جي آسري تي منزل آسان ٿي وڃي ٿي ته ان کان سٺي ڳالھه ڪھڙي! ااسان لاءِ اھو ضروري آھي ته ھاڻي ھن وقت ان پاسي ڌيان ڏيون. سنڌ مان ماڻھن جي ڳولا ڪيون انھن کي سکيا ڏيئي اڳتي وڌايون ته جيئن سنڌي راڳ جي سونھن ۽ ساڃھه سلامت رھي سگھي ورنه ٿيندو ائين جيئن وڏي عمر جاڪي ڳائڻا ۽ وڄتا لحظي لاءِ آيا ۽ ھليا ويا، جيئن مائي ڀاڳي جو مثال آھي.

مائي ڀاڳي به پنھنجي جواني گذاري حياتي جي پوئين پھر ۾ سنڌ جي راڳ جي آسمان تي اڀري اھو بنھه نئون ۽ اثرائتو انداز ھو، آواز ايڏو مٺڙو جو ماڻھون ان جي جادو ۾ اصل گم ٿي ويا غلام حسين شيخ ريڊيو حيدرآباد تان مائي ڀاڳي جا گيت اھڙي سھڻي سٽاءَ سان رڪارڊ ڪيا نياز حسين انھن جي سرن کي ائين ترتيب ۾ رکيو جو وڏا وڏا ڳائڻا دنگ رھجي ويا ته ھھڙو آواز ھن وقت تائين ڪٿي لڪل ھو. سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪا اھڙي محفل ڪانه ھوندي ھئي جنھن ۾ مائي ڀاڳي شامل نه ٿيندي ھئي جڏھن ھو اسٽيج تي ايندي ھئي ته ماڻھو جنون جي ڪيفيت ۾ تاڙيون وڃاائي سندس آجيان ڪندا ھئا. مون کي ياد آھي ته ڪيترن موقعن تي ائين به ٿيو ھوندو ته ماڻھو مائي ڀاڳي کي اٿڻ نه ڏيندا ھئا ھڪ ڪلام کان پوءِ ٻيون ٽيون چوٿون بس گيتن جو اکٽ سلسلو شروع ٿي ويندو ھو نيٺ ڳائي ڳائي مائي ساڻي ٿي پوندي ۽ تڏھن ھٿ ٻڌي ماڻھن کان جند ڇڏائڻي پوندي ھئي وچ وچ ۾ وري به دانھون ٿينديون ھيون ته “ڀاڳي ڀاڳي سنڌ جي ماڻھن انھي انداز سان منھنجي ڄاڻ موجب تمام گھٽ ڳائڻن کي ٻڌو ھوندو سنڌين ڀاڳي کي عزت به ڏني، ۽ دولت به ڏني ٿوري عرصي ۾ مائي ڀاڳي جيترو ڪمايو اوترو تمام گھٽ ڳائڻن ڪمايو پاڻ مون سان گھڻي حجائتي ھئي. ڏک سور به ورھيندي ھئي .گاريون به ڏيندي ھئي .ھڪ ڀيري چيائين؛

“خدا جو شڪر  آھي، سڀڪي ڏنائين، اصل ڪيچ ڪري ڇڏيا اٿس. جائڙي به نئين ڪوٽ ۾ اڏائي اٿم. ڪڏھن اچ ته ..... پر ھن مئي ڪالو کي سمجھائي، اصل افعال نه اٿس، مون کي بنھه پنائي ڇڏيو اٿس.”

ڪالو سندس ننڍو پٽ ھو جيڪو ھر سفر ۾ ساڻس شامل ھوندو آواز چڱو اٿس ڳائڻ سان گڏ جوا جو به گھڻو شوق ھئس. ھاڻي خبر ناھي کيڏي ٿو يا نه پر انھن ڏينھن ۾ گھڻي کيڏندو ھو ماڻس کي اھو ئي ارمان ھوندو ھو ته اھا پٽ ڇڏي، ته سندس به ڀلائي آھي ۽ گھر جو ڪم به صحيح ٿي ويندو. مون ھن کي گھڻو ئي سمجھايو. ھڪ ڀيري ھا سيڪار مائي سان ملڻ لاءِ نئين ڪوٽ به وڃي نڪتس اتي به ڪالو کي سمجھايم پاڻ سان محفلن ۾ وٺي وڃڻ جو به دلبو ڏنم پر ڪالو جو معاملو اھو ئي ته سھي جو ٽنگون ٽي! ان رمز مان نه نڪري سگھيو مائي ڀاڳي آخر تائين  ان ڳالھه تي روئيندي رھي دراصل ڪالو سان سندس پيار به گھڻو ھو اکين کان پري ڪين ڪندي ھئس. سندس سامھون ڪو لفظ گھٽ وڌ ڳالھائبو ھو ته چوندي ھئي ته ڇڏينس مرزان! نه چئيس، ھاڻي ائين نه ڪندو پوءِ ھڪ ڪچي گار ڏئي چوندي ھئس ته جي تنھنجا افعال سٺا ھجن ھا ته آءُ ائين ٻين کي تنھنجون دانھون ڇو ڏيان ھا ! ڪڏھن ڪڏھن پيالو پي مست ٿي ويندي ھئي ته ھر آئي ويئي کي پئي گاريون ڏيندي. ھڪ اھڙي ئي موقعي تي مون کي گاريون ڏيئي وڏي آزي سان چيائين ته آخر حميد تنھنجي ڳالھه ڪونه موٽائيندو چئينس ته مون کي حج ڪرائي ڀلي پار وڃن جو ڏاڍو شوق ھئس اسان به ان ڏس ۾ گھڻي ڪوشش ڪئي ڪم ٺھندي ٺھندي ۽ ڦٽي پوندو ھو.

اوچتو مائي تي اڌرنگ جو حملو ٿيو ھلڻ کان حيران ٿي پئي پر ڀٽ تي يا اسان جي ڪنھن سڏ تي پاڻ کڻائي اچي پھچندي ھئي. اسٽيج تي ھميشه آءُ کيس ڀاڪر ۾ وٺي وڃي ويھاريندو ھوسانس، ۽ ساڳي طرح کيس موٽائي وٺي ايندو ھئس. انھي زماني ۾ سندس ڳائڻ به جھڪو ٿي ويو ھو ڪڏھن ڪڏھن ته ٻڌايل سر ڇڏي وڃي ٻي سر تي ڳائيندي ھئي ۽ پوءِ وچ راڳ ھلندي باجي واري کي سر مٽائي ساز ملائڻا پوندا ھئا تڏھن به ماڻھو ماٺ ڪري ويھي ٻڌندا ھئس، ڪڏھن ڪنھن مٿس واضع نه ڪيو ته سندس ڳائڻ مان اھو ساءُ ختم ٿي ويو سدائين وڏي حب سان سندس آجيان ٿي. سنڌ جي تڏھوڪي گورنر جنرل جھانداد خان کي انھن حالتن ۾ به رڳو مائي ڀاڳي وڻي چوندو ھئس مائي ڀاڳو ھن صاحب مائي جو تمام گھڻو خيال رکيو سندس علاج معالجي لاءِ حميد آخوند کي خاص تاڪيد ڪيائين مالي مدد به ڪندو ھئس جھانداد خان کيس حج تي موڪلڻ جو انجام ڪيو پر انھي وچ ۾ مائي وڃي ڌڻي کي پھتي.

منھنجي خيال ۾ سنڌ جي ھن ڳائڻي کي پنھنجي زندگي ۾ وڏي شھرت ۽ دولت ملي سندس آواز ۽ ڪلامن ٻڌندڙن جي رويي ۾ وڏي تبديلي آندي ڪيترن شاعرن سندس چيل طرزن تي شعر چيا ۽ وڏن وڏن ڳائڻن انھن ڪلامن کي ڀاڳي جي طرز تي ڳايو ۽ مقبول ڪرايو ھن پنھنجي مختصر فني زندگي ۾ انھي شھرت جي ڪڏھن پرواه نه ڪئي پنھنجي فقيراڻي رنگ کي ترڪ نه ڪيو پيرن فقيرن سان عقيدت ھئس سمن شاھه جي مريد ھئي اڌ رنگ جي حملي کان پوءِ نھايت جذباتي شعر پاڻ چئي ڳايائين ته:

سمن سائين مان ته گولي غلام تنھنجي در جي، گھڙا ڀريندس دل سان.....

ھر وقت حج وڃڻ جي آس دل سان ائين ساڍيندي ھئي ته:

در تي دونھينءَ جيئن سڙان سپرين جي

لڳو آھي لطيف چئي تن پريان ڏي تيئن

جي حاصل ٿئي ھيئن قرينو قريب جو.

سنڌي لوڪ سنگيت جو ھيءُ نھايت معصوم ۽ سريلو آواز اسان جي ٿر جي ڏھرن ۽ ڀٽن مان اسريو ۽ سنڌ جي سمورن ميدانن ۾ ڇانئجي ويو. سنڌ جي ماڻھن ھن آواز سان عشق ڪيو، ۽ کيس ايڏي شھرت ڏنائون جو ايتري ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي ٻي ڪنھن آواز کي نه ملي پاڪستان جي حڪومت سندس فن جي اعتراف ۾ صدارتي تمغ حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ھيءُ چنڊ جيئن آسمان تي اوچتو چڙھيو، تيئن ھڪ ڏينھن ماٺ ميٺ ۾ لھي به ويو سڄي سنڌ کيس رنو ۽ ياد ڪيو سندس آواز ۽ صورت اسان وٽ محفوظ آھي.جڏن به سندس آواز ڪنن ۾ ٻرندو ته سنڌ وارا ھن امر آواز کي سڪ سان سڻي سھڻن لفظن ۾ مائي ڀاڳي کي ياد ڪندا رھندا.


 

مائي ڀاڳي

جو امر آواز

ابراهيم لاشاري

سونهاري سنڌ سر سنگيت جي دنيا سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي سندس هر شهر وستي واهڻ جي ڪنهن به حصي تي نظر ڪبي ته اتي سريلي آواز ۽  ساز سان ڪو نه ڪو موتي داڻو ڪوئل جي ڪو ڪو جهڙي درد ڀري آواز سان فنڪار نظر ايندو اهڙي طرح ۷ جولاءِ ۱۹۸۶ع ۳۲ سال اڳ ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز رکندڙ لوڪ فنڪاره هي سونهن ڀريو سنسار ڇڏي هميشه لاءِ اهڙي ڏيهه ڏانهن رواني ٿي وئي جتان کان اڄ ڏينهن تائين وري واپس ناهي وريو اهڙي طرح سنڌ جي بيابان ٿر واري چمڪندڙ وارياسي زميني حصي ڏانهن نهارينداسين ته ڪافي سريلن ۽ ثقافتي آواز ۽ لباس سان ڪيترا ئي فنڪار پنهنجي فن ۽ ڪردار واري ڪرت سان ملڪان ملڪ پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اهڙي ٿري فنڪارن منجهان مرد فنڪارن کان علاوه عورت فنڪارن پڻ پنهنجي درد ڀري آواز سان ڏيهان ڏيه مشهور ماڻي نالو جرڪايو جيڪو اڄ تائين سندس سڃاڻپ رهيو آهي اهڙن لوڪ ڪلاڪارن منجهان وهنيو فقير مڱڻهار جي گهر سال ۱۹۲۰ع ڌاري ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز جي مالڪ هي ننڍڙي نياڻي (ڀاڳ ڀري) مائي ڀاڳي مٺي لڳ ڏيپلي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ اکيون کوليون ته سندس مٽ مائٽ هن جي والد ۽ سندس امڙي مائي خديجه عرف (ڪسي ٻائي) کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. مائي ڀاڳي کي سر سنگيت واري ڪرت سندس گهران ئي ملي جنهن ڪري هو بچپن کان وٺي پنهنجي والد ۽ امڙ جا سهرا، گيت، ڳيچ ٻڌي هوبهو اهڙو ئي آواز سان سندس آواز ۽ ساٿ ڏيڻ ۾ ڪا ڪمي نه آندي ننڍي وهي ۾ پنهنجي گهر ڀاتين سان ڍولڪ، دلو پڻ ٺاهوڪي انداز سان وڄائڻ جي تربيت حاصل ڪري پنهنجي پاڙي وارن ۾ نالو ڪڍرايائين سندس ڳائڻ وڄائڻ واري شاگڙدائپ پنهنجي پيءَ ۽ ماءَ کان حاصل ڪيائين  پوءِ آهسته آهسته مشهوري ماڻيندي وڃي سڄي دنيا ۾ سر سنگيت جي ڏاهن فنڪارن کان به گوءِ کڻي وئي مڱر ڳائڻ لاءِ باقائده تربيت ٿر جي مشهور راڳي مراد فقير کان پڻ حاصل ڪيائيان مائي ڀاڳي کي قدرت واري اهڙو ته ميٺاج واري آواز جو مالڪ بڻايو جو ٻڌندڙ سندس آواز ٻڌنڌي ئي سحر تاري ٿي ويندو هو لوڪ گيتن کي ته اهڙا الاپ ڏيندي هئي جو ٻڌندڙ جي دل منجهان واه مائي ڀاڳي واهه جو داد پيا ڏيندا هئا مائي ڀاڳي لوڪ گيتن کي سونهاري سنڌ کان علاوه سڄي دنيا تائين ان رنگ کي نمايا ڪندي نظر آئي هن لوڪ گيتن وسيلي ايتري ته مشهور ماڻي جو جو کيس سر سنگيت جا بادشاه به (ٿر جي ڪوئل ) جهڙي لقب سان نوازيو ۽ اڄ تائين اهو لقب سندس سڃاڻپ آهي مائي ڀاڳي پندرهن سالن جي عمر ۾ هوتي فقير سان نيهه جو ناتو جوڙي شادي جي ٻڌڙن ۾ ٻڌجي وئي هوتي فقير جو گهراڻو پڻ سر سنگيت سان لاڳاپيل هو سندس ئي گهراڻي سنڌي موسيقي جي بي انتها خدمت ڪندي گذاري مائي ڀاڳي کي ننڍي وهي ۾ ماتا جي بيماري جي ور چهڙي وئي جنهن سندس چهري تي وڏا اثر چڏيا. سال۱۹۶۷ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروڊيوسر  غلام حسين شيخ صاحب مارئي جي ميلي تي (ڀالوا) ۾ مائي ڀاڳي جو درد ڀريو سريلو آواز ٻڌي ريڊيو حيدرآباد تي اچڻ لاءِ چيو مڱر مائي ڀاڳي سادي طبيت جي مالڪ ان ڳالهه ڏي ڏيان ئي نه ڌريو  ڪجهه عرصي بعد غلام حسين شيخ مٺي شهر ڪنهن ڪم سانگي ويو ته مائي ڀاڳي جي ڳوٺ جو چڱو مڙس محترم محمد آچر بجير سان ماقات ٿي ان سان مائي ڀاڳي ڏي وري نياپو موڪليائين ته اهان ريڊيو تي اچو ته اوهان جو آواز ريڊيو تان لوڪ گيت سان نشر ڪيون بعد ۾ مائي ڀاڳي ٻڍو فقير سان گڏجي ريڊيو حيدرآباد تي پهتي جتي پروڊيوسر غلام حسين شيخ پهريون لوڪ گيت (تارن مان ترندي اچي، لهرن مان لوڙهندي اچي او دل، ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري ) رڪاڊ ڪيو تنهن بعد مرحوم ممتاز مرزا جي ڪوششن سان پاڪستان ٽيليويزن تي محترم عبدالڪريم بلوچ معتارف ڪرايو جتي مائي ڀاڳي مارواڙي گيت (کڙي نيم ڪي نيچي، هون تان هيڪلي ) رڪارڊ ڪرائي ڏيهان ڏيهه مشهوري ماڻي مائي ڀاڳي پنهنجي سهڻي انداز ۽ سوز ڀري آواز سان سنڌي، سرائڪي، ڍاٽڪي ۽ مارواڙي زبان منجهه سوين لوڪ گيت ڳائي پنهنجو نالو سڄي ڏيهه ۾ نروار ڪرايو سندس ڳايل لوڪ گيتن منجهان ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور، مونکي جوڳي هڻي ڏي ڍارو منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو، سمن سائين مان گولي غلام تنهنجي در جي مٽيون ڀريندس، من سان  دليون ڀريندس دل سان، سنسد لوڪيتن کي وڏي پذيرائي ملي مائي ڀاڳي پنهنجي درد ڀري آواز سان سوين لوڪ گيت ڳائي  سنڌي ثقافت ۽ ٿري لوڪ گيتن کي پنهنجي من موهيندڙ نرالي انداز سان نروار ڪري نالو ڪمايو تنهن ڪري سندس (ٿر جي ڪوئل )واري لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي  مائي ڀاڳي سر سنگيت جي فن منجهان پنهنجي اولاد کي به سيکاريو سندس پٽ ڪالو فقير سندس نياڻي سوني ۽ سندس هڪ پوٽو برڪت علي به ابي ڏاڏي واري ڪرت سان سلهاڙِيل آهن جن پڻ سنگيت جي دنيا ۾ پنهنجي فن کي جرڪائي مائي ڀاڳي جي نالي کي روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي مائي ڀاڳي کي فني قدرداني جي ڪري ڪيترن ئي انعامن ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو جن منجهان شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، ٿر ڪوئل ايوارڊ، مارئي ايوارڊ ۽ حڪومت پاڪستان پاران تمغه حسن ڪار ڪارڪردگي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو، مائي ڀاڳي زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ سٺي سريلي فنڪار موهن ڀڳت سان ۸ مئي ۱۹۸۶ع تي سنجهوري شهر ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سنجهوري پاران آخري ڀريو شام ملهائي وئي جتي هن پنهنجي فن جو مظاهرو زبردست نموني سان ادا ڪيو  مائي ڀاڳي آخري ڏينهن ۾کي بيت الله ڏسڻ ۽ حج ڪرڻ جو ارادو ڪيو هيائين ان زماني ۾ سنڌ سرڪار حج ڪرڻ لاءِ ۹ جولائي ۱۹۸۶ع تي ڀلي پار  سرڪاري خرچ تي موڪلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ٽڪيٽ پڻ ڏني مڱر هن عظيم فنڪاره کي حج نصيب نه ٿيو حج ڪرڻ کان اڳ سندس زندگي ساهه جو سڳو ٻه ڏينهن اڳ ۷ جولاءِ ۱۹۸۶ع سومر ڏينهن ٽٽي هميشه لاءِ سنڌ واسين کي الوداع چئي راهه رباني ٿي زندگي جا ۶۶ سال ۶ مهينا ۽ ۶ ڏينهن گذارڻ بعد نئين ڪوٽ ريلوي اسٽيشن ڀرسان وفات ڪري وئي ۽ سندس قبر مهراڻي جي مير راضي شاهه گهوٽ جي قبرستان ۾ موجود آهي سندس اڄ ۷ جولاءِ  ورسي ملهائي ويندي سندس وفات کي ڪيترا ئي سال گذري ويا آهن مڱر فن جي دنيا ۾ نالو هميشه جرڪندو نظر اچي ٿو سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي کي منهنجي نماڻي  گذارش ته اهڙن عظيم فنڪارن جي ورسي ثقافت کاتي پاران ملهائڻ گهرجي.

 

No comments:

راءِ ڏيندا