; سنڌي شخصيتون: شفيق حسين ميمڻ - محمد سليم ميمڻ

29 July, 2016

شفيق حسين ميمڻ - محمد سليم ميمڻ

شفيق حسين ميمڻ
محنتي ۽ سادگي پسند شخصيت
محمد سليم ميمڻ
شفيق حسين ميمڻ سنڌ جي تاريخي شهر هالا نوان ۾ نامور صحافي ۽ تحريڪ آزادي جي مرد مجاهد حاجي محمود هالائيءَ جي گهر ۾ 22 جولاءِ 1961ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالرحيم ارباب اسڪول هالا ۽ مخدوم طالب الموليٰ اسڪول هالا ۾ حاصل ڪئي. جنهن بعد ميٽرڪ جو امتحان گريڊ I ۾ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان 1979ع ۾ پاس ڪيو. انٽرميڊيٽ پري انجنيئرنگ جو امتحان 1981ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان پاس ڪيو. جنهن بعد هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماسٽر آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي ڊگري فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪئي.


شفيق هالائي 1990ع ۾ سنڌ جي اطلاعات واري کاتي ۾ بحيثيت اطلاعات آفيسر طور سرڪاري نوڪري جي شروعات ڪئي. هو سادگي پسند، صوم صلوات جو پابند، انسانيت سان محبت ۽ پيار رکندڙ شخصيت جو مالڪ آهي. اطلاعات آفيسر جي نوڪريءَ دوران هيڊ آفيس ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي صوبائي وزيرن سان بحيثيت پبلڪ رليشن آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ جو ڪافي تجربو رهيو آهي، جن ۾ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان، ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي، سردار منظور حسين پنهور، ساجد علي جوکيو، غلام قادر ملڪاڻي، مرحوم ڊاڪٽر محمد علي شاهه، بيگم نرگس اين ڊي خان، مرحوم علي نواز وفائي ۽ ٻين ۾ مصطفيٰ ڪمال کان علاوه وزيراعليٰ هائوس ڪراچيءَ ۾ پنهنجون خدمتون بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي چڪو آهي.
شفيق حسين ميمڻ جو پروموشن 2011ع ۾ بحيثيت ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات مسلسل ڪافي عرصو گذرڻ بعد ٿيو. ان کان اڳ ضلعي ٿرپارڪر، ضلعي سانگهڙ، ضلعي دادو، حيدرآباد ۾ ضلعي اطلاعات آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ هن وقت 2011ع کان ضلعي اطلاعات آفيس ٽنڊوالهيار ۾ ضلعي آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
شفيق حسين ميمڻ پنهنجي اطلاعات آفيسر جي نوڪريءَ دوران صوبائي وزيرن سان پبلڪ رليشن آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ بهتر ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ تي ڪيترا دفعا شيلڊون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري چڪو آهي.
هو بااخلاق، محنتي ۽ بااصول شخصيت جو مالڪ آهي. کيس حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم طالب الموليٰ مرحوم، سندن ڏاڏو حاجي محمد اسحاق هالائي، سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي، شخصيتن ۾ مرحوم عبدالستار ايڌي، سندن والد مرحوم حاجي محمود هالائي، سندن وڏو ڀاءُ مختيار احمد هالائيءَ کان متاثر آهن.

شفيق حسين هالائيءَ جو اهو عزم آهي ته هو جلد پروموشن حاصل ڪري اطلاعات کاتي سنڌ ۾ انقلابي تبديليون آڻيندو ۽ سنڌ جي عوام جي خدمت ڪري اطلاعات کاتي جو نالو روشن رکندو.

No comments:

راءِ ڏيندا