; سنڌي شخصيتون: ڪيرت ٻاٻاڻي

10 July, 2016

ڪيرت ٻاٻاڻي

ڪيرت ٻاٻاڻي
هڪ مها ديش ڀڳت
رکيل مورائي
هڪ مها ديش ڀڳت سنڌي، ترقي پسند اديب، برطانوي سامراج خلاف وڙهندڙ هڪ بهادر شاگرد، سنڌ کي ڪڏهن به نه ڇڏڻ جو وچن ڪندڙ، گرفتار ڪري زوري جلاوطن ڪيو ويندڙ وطن دوست ليکڪ، هند ۾ سنڌيت جي هلچل جو هڪ اهم اڳواڻ، ورهاڱي کي ساهه جي آخري هڏڪيءَ تائين نه قبوليندڙ ذهين شخص، هند جي سنڌين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سموري حياتي قربان ڪندڙ، هند جي ترقي پسند ادب جي ٽه مورتي جي آخري مورت، ڪيرت ٻاٻاڻي ٽي ڏينهن اڳ، سنڌ کي ستهٺ سال نه ڏسي سگهڻ جو درد دل ۾ سانڍي، آڌيءَ رات هن جهان مان اڏاڻو، ان جهان ڏانهن جيڪو اسان سڀني ٻڌو ته آهي پر ڏٺو نه آهي، اهڙو جهان جنهن کي نه قبوليندي به قبولڻو پوي ٿو.


ساهتي پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مورو لاکو ۾ ٽين جنوري اوڻيهه سئو ٻاويهن تي جنم وٺندڙ، ٽن سالن ۾ يتيم ٿيندڙ ۽ گهر جي اٺن ٻارن چئن ڀائرن ۽ چئن ڀينرن جو آخري ڀاءُ ڪيرت ٻاٻاڻي، وقت جي ڊوڙ ۾ ايترو تيز ڊوڙندو ۽ ايترو اهم مرتبو ماڻيندو، اهو احساس شايد سندس خاندان کي نه هجي.
هو هند جي سنڌين جو هڪ بيمثال اڳواڻ ٿيندو، هند ۾ سنڌي ٻولي کي بچائڻ جي ضمانت بڻبو، هند جهڙي وڏي ۽ گهڻ ٻوليائي ملڪ ۾ هو پنهنجي ساٿين سان گڏجي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريندو، اهو سڀ شايد هن لاءِ هن ملڪ ۾ ممڪن نه بڻجي ها!
برطانوي سامراج خلاف وڙهندي هن هڪ اڳواڻ کان وڌيڪ وڪيل ٿيڻ پسند ڪيو هئو پر حالتن هن کي هڪ استاد بنائي ڇڏيو، هڪ اهڙو ڪامل استاد، جنهن کي پنهنجي هزارين سالن جي تهذيب يافته ڌرتيءَ تان اکوڙجي ويل هڪ جاتيءَ جي رهبري ڪرڻي هئي ۽ اها رهبري هن پنهنجي سموري ايمانداريءَ سان ڪئي ۽ زندگي جي آخري گهڙيءَ تائين ڪئي.
هُن نوجوانيءَ ۾ سنڌ ڇڏي نه پر سنڌ هن کان ڇڏائي وئي۽ تاحيات هن لاءِ سنڌ منع ٿيل ميوو بڻجي وئي. ڪيترن موقعن تي هن سنڌ ڏسڻ جي سڌ ڪئي پر هو هن ملڪ جي سرڪار لاءِ سدائين بليڪ لسٽ تي رهيو. ساڻس گڏ ڪجهه ٻيا شخص به ان لسٽ ۾ شامل رهيا.
هو سڄي عمر مهاراشٽر صوبي جي راڄڌاني واري شهر ممبئي ۾ رهيو، گهر جو گاڏو هلائڻ لاءِ ماستري ڪيائين ۽ پوءِ بلڊر بڻيو، سنڌي جاتيءَ کي بچائڻ لاءِ اکل ڀارت ساهت سڀا جوڙيائين، سنڌين کي شعور ڏيڻ لاءِ هڪ اخبار ”سنڌ سجاڳ“ ڪڍيائين ۽ ٻولي کي بچائڻ لاءِ ڊگهي تحريڪ هلايائين. ادب جي خدمت ڪرڻ لاءِ ٻه درجن ڪتاب لکيائين ۽ سنڌ کي هڪ ڀيرو ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڳوڙها ڳاڙيائين، پراهو سڀ سندس زندگيءَ ۾ ئي هئو، هاڻ هو ان سڀ کان گهڻو پري هليو ويو آهي.
ورهاڱي کانپوءِ هند لڏي ويندڙ اديبن جي هڪ ٽه مورتي هئي، جنهن الڳ الڳ فورمن تان سنڌين جي جنگ وڙهي ۽ سنڌيت کي بچايو، ان ٽه مورتيءَ ۾ شامل هئا، گوبند مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي، جن گڏجي اکل ڀارت ساهت سڀا جوڙي،  جنهن جي فورم تان هنن سڄي هند جي سنڌين کي، خاص طور اديبن، شاعرن ۽ عالمن کي گڏيو، ساهت سڀا جي تاريخ تي لکيل ڪيرت ٻاٻاڻي صاحب جو ڪتاب ”سنڌيت جو سفر“ پڙهڻ وٽان آهي، جنهن ۾ سنڌيت جي ويڙهه جو داستان آهي، هي ڪتاب شايد سندس زندگيءَ جو آخري ڪتاب به آهي. ٻئي طرف سندس هر ڪتاب ڄاڻ جو ڀنڊار آهي.
دادا ڪيرت ڪهاڻيون به لکيون ته نئين ڪوتا جو ڪتاب به سنڌي ادب کي ڏنائين. تنقيد تي ڪتاب به لکيائين ته هڪ نهايت سٺي آتم ڪٿا پڻ لکيائين، جيڪا چئن جلدن ۾ سنڌي ٽائيمز جي سرواڻ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ ڇپائي پڌري ڪئي، جنهن جو نالو آهي، ”ڪجهه ٻڌايم ڪجهه لڪايم“ سندس ٻين ڪتابن جا ڪجهه نالا هن طرح آهن.
لڪيو لياڪا پائين (ڪوتائون)
نه ليلا نه مجنون (ڪهاڻيون)
چونڊ سنڌي مضمون (چونڊ)
لينن دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت (جيوني)
پيهي منجهه پاتار (تنقيدي مضمون)
مالوا (ناول ترجمو)
اوک ڊوک (تنقيدي مضمون)
سنڌي ڪهاڻي ورهاڱي بعد (تنقيدي اڀياس)
سو سڏ سو پڙاڏو (خط)
ڌرتي جو سڏ (ناٽڪ)
سوريءَ سڏ ڪيو (ناٽڪ)
ڪولي (ترجمو ناول)
اوهين سڀ ننگا آهيو (ڪهاڻيون)
جيئي سنڌ – سدا جيئي (ڪهاڻيون)
جيڪي ڏٺو مون (روس جو سفر نامو)
امن جي اُفق ڏانهن (مضمون)
ادب ۾ قدرن جو سوال (تنقيد)
اٻول راڻي (ٻاراڻيون ڪهاڻيون)
سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (لوڪ ادب)
درد جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو (ڪهاڻيون)
مراٺي ادب جي تاريخ (ترجمو)
سنڌيت جو سفر (تاريخ)
ٻيا به ڪي ڪتاب هوندا جيڪي تڪڙا ياد ۾ نه اچي رهيا آهن، سندس ناٽڪ ”ڌرتيءَ جو سڏ“ تي کيس هند جي وڏي ادبي اداري مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي جو ايوارڊ ڏنو ويو. ساڳيءَ طرح کيس سوويت لينڊ نهرو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. جنهن بنياد تي هو روس جو چڪر هڻي آيو، هيءُ اهو در هئو جڏهن سوويت روس مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن جو آئيڊيل ملڪ هئو.
مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي جا ادبي ايوارڊ سندس سفارش سان ڪيترن کي مليا پر کيس اهو ايوارڊ ٻه هزار ڇهه ۾ مليو، شايد اهوئي ڪتاب هئو، جنهن ۾ سندس آئيڊيا تڪميل تي پهتي هئي. يا هن محسوس ڪيو هئو ته هاڻ ڌرتي سڏي رهي آهي.
هو آخري گهڙي تائين وڏي عمر هوندي به چهري مان نوجوان ۽ باهمت لڳندو هو.
دادا ڪيرت ٻاٻاڻي وطن دوستيءَ جا سبق سنڌ ۾ پڙهيا ۽ کيس ترقي پسند نظريي ۽ ادب ڏانهن آڻيندڙ ڪامريڊ سوڀو گيانچداڻي هو. جنهن جو ذڪر هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ پڻ ڪيو آهي.
هند ۾ ويهي به هو سنڌ جي سنڌين جي حالت تي ڏکوئبو هئو. هن سائين جي ايم سيد جا ڪيترائي ڪتاب هند ۾ ڇپرايا، جيڪي سنڌ ۾ ڇپجڻ ڏکيا هئا. خاص طور ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“
سنڌي ٻوليءَ جي مها ڪوي شيخ اياز پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو هئو ته ”منهنجي خواهش آهي ته جڏهن هاڻ مان هند وڃان ته منهنجي آجيان لاءِ اتم، مالهي ۽ ڪيرت جي ٽمور تي موجود هجي، “ شيخ صاحب هن کي دانشور ليکڪ پڻ ڪوٺيو آهي.
سنڌ جي قوم پرست حلقن پاران کيس اهو اعزاز به حاصل رهيو ته کيس هند جي سنڌين جو جي ايم سيد سڏيو ويو،
مورو لاکو ۽ ممبئي جي وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جو هوائي رستو آهي، پرهو اهو وقت ستهٺ سالن ۾ به طئي ڪري نه سگهيو ۽ پنهنجي زندگيءَ جو سفر پورو ڪري ويو.
ساهتيءَ جو هيءُ بهادر پٽ سڄي عمر آدرشي رهيو ۽ پنهنجي نظرئي کان پري نه ٿيو، هو سڄي عمر اهڙي عالمگيريت جي امن ۽ سلامتيءَ جو پرچارڪ هئو، جنهن عالمگيريت جي وچ ۾ سنڌ موجود هئي، جنهن ڪري کيس ديش ڀڳت ڪميونسٽ چيو ويندو هئو، ٻئي طرف هو ڪنهن به تعصب کان پاڪ هڪ اهڙو شخص هئو، جنهن جو انسان جي چڱائي ۾ مڪمل ويساهه هئو. هند ۾ کيس جيڪو مرتبو مليو اهو ٿور هن کي مليو آهي.
ادب ۾ الڳ نظريو رکندڙ ڪاڪي هري موٽواڻي سندس شخصيت ۽ جدوجهد توڻي ادبي پورهئي ۽ سنڌيت لاءِ سندس ڪيل خدمتن تي هڪ بيمثال ڪونج جو پرچو شايع ڪيو هئو،
تازوئي ممبئي رهندڙ هڪ ٻئي سنڌي اديب هولا رام هنس، سندس فن ۽ شخصيت تي هڪ ڪتاب لکيو آهي ”ڪيرت ٻاٻاڻي“ هونئن سندس ادب بابت اڪيچار مقالا مضمون ۽ ليک لکيا ويا آهن.
هو پنهنجي نظريي سان ايتري حد  تائين جڙيل رهيو جو هن پنهنجو آئيڊيل ڪامريڊ لينن کي بڻائيندي لينن ڪٽ ڏاڙهي ۽ مڇون رکرايون. پڪ سان لينن سندس عمر ۾ وفات ڪري ها ته تصوير مان هو ٻئي جاڙا ڀائر لڳن ها.
ڪيئن به سنڌ پنهنجي هڪ عاشق دانشور کان محروم ته ستيتاليهن ۾ ئي ٿي وئي هئي پر اڄ هو جسماني طور به نه رهيو آهي ته خاڪي جوئي صاحب جو هڪ شعر ياد ٿو اچي ته
سنڌ ڏني اوڇنگار ڀري، ڪنهن مرد خدا منهن موڙيو آ.
اڄ هو جيئرن جي جهان کان منهن موڙي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه هليو ويو آهي. سندس رک کي سنڌوءَ جو پاڻي نصيب ٿيندو يا نه؟ ڇا چئجي پر سنڌ ڏکاري ٿي آهي، سنڌي اديب،شاعر، عالم ۽ ڏاها ڏکارا ٿيا آهن، شايد اسان کي ڏک ڀانءِ  پئجي ويا آهن. تڏهن ئي ته هن ديس کي ڏکويل ماٿري چوندا آهن.
هند جي سڀني سنڌين سان دادا ڪيرت جي ديهانت تي پرچاڻي ڪن ٿا سنڌ جا سڀ ساڃاهه وند، جن ڪڏهن به هن کي ڌار نه سمجهيو پڪ سان ڪي به لڪيرون روحن کي ۽ دلين کي ڌار نه ڪري سگهنديون آهن. ايئن دادا ڪيرت ٻاٻاڻي به
ڌرتي کان ٿئي ڌار، اهو ڪيئن ٿيندو؟.
هاڻ ته هو اڃا به ڌرتي کي ويجهو ٿيو آهي، هاڻ ته کيس ڪابه حڪومت بليڪ لسٽ نٿي ڪري سگهي، نه هاڻ هن کي ڪنهن ويزا جي ضرورت آهي. ۽ بس!







سنڌ جو اڇو اُجرو انسان
پروفيسر اعجاز احمد قريشي
سنڌ ڪيترا ئي اڇا اُجرا انسان پيدا ڪيا آهن. اهڙن ماڻهن مان سنڌ جو هڪ دادلو انسان دادا ڪيرت ٻاٻاڻي پڻ هو. هو هڪ  تمام  سچو، ڪارائتو، اڇو اجرو انسان ٿي گذريو آهي. پاڻ تازو ئي گذريل مهيني ۾ هندستان جي ممبئي شهر ۾ ۹۲ ورهين جي عمر ۾ ديهانت ڪري چڪو آهي. اڄ سندس ارٿيون جيڪي هندستان مان هتي موڪليون ويون آهن اُهي سنڌوءَ جي حوالي ڪيون پيون وڃن.
جس آهي انهن دوستن کي جيڪي هن ڪم ۾ اڳيان اڳيان آهن. انهن ۾ شوڪت شورو ۽ تاج جويو اڳيان آهن. دادا ڪيرت جي اِهائي وصيعت هئي ته سندس رک سنڌوءَ جي حوالي ڪئي وڃي. ڪيرت ٻاٻاڻي سنڌ جو هڪ ٻهگڻو عالم ۽ اديب هو جيڪو پڇاڙي  عمر تائين لکڻ، پڙهڻ ۽ سنڌيت جي پرچار سان لڳو رهيو.
دادا ڪيرت ٻاٻاڻي ۳ جنوري ۱۹۲۲ع تي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مورو لاکو ۾ پيدا ٿيو. سندس اِهو ڳوٺ تڏهن ضلعي نوابشاهه ۾ هو. انهيءَ دور ۾ سندس انهيءَ ڳوٺ ۾ اسڪول ڪو نه هو ڇو ته اُن دور ۾ سنڌ جي ننڍن ڳوٺن ۾ اسڪول ڪونه هوندا هئا. ڪيرت صاحب پنهنجي انهيءَ ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ ماستر نه هوندي  به ڳوٺ جي مسجد جي ملان وٽ سنڌي ٻولي جي تعليم حاصل ڪئي ۽ اڳيان هلي هو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سٺو ليکڪ بڻيو. هو گريجوئيٽ هو.
سندس وڏا اُتي يعني پنهنجي ڳوٺ ۾ دڪانداري ڪندا هئا، وٽن ٿوري زمين پڻ هوندي هئي جنهن تي هو پنهنجي لاءِ ڀاڄيون ۽ ميوا  وغيره پوکندا  هئا. نوابشاهه ۽ مورو انهيءَ زماني کان وٺي اڄ تائين زرعي  طور تي هڪ بهترين علائقو آهي ۽ بهترين فصل اُتي پوکجن ۽ اپجن ٿا. ڪيرت ٻاٻاڻي جو خاندان مورو لاکو ڳوٺ ۾ رهندو هو، اتي سندس ٻن چاچن جو قتل ٿي ويو. هڪ رات سندن ڳوٺ ۾ ڪي ڌاڙيل آيا جن انهن جي دڪان جي ڦرلٽ ڪئي ۽ دڪان کي ساڙي هليا ويا جنهن جي ڪري هنن کي پنهنجو ڳوٺ ڇڏڻو پيو. حالانڪ ڳوٺ جو وڏيرو وٽن آيو ۽ انهن کي چيائين ته ڳوٺ نه ڇڏيو، اسان بدمعاشن کي پڪڙي سزا ڏيارينداسين. پر هو پنهنجو ڳوٺ ڇڏي صابو راهو ۽ پوءِ نوابشاهه لڏي آيا. ڪيرت صاحب پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اها ڳالهه ڪندي اهو ٻڌايو ته اها ڳالهه ورهاڱي کان گهڻو اڳ جي آهي. ڪيرت ٻاٻاڻي پندرهن ورهين جي عمر کان آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ ساڳئي وقت ۱۹۴۲ع ۾ Quit انڊيا Movement ۾ تمام گهڻو بهرو ورتو، ان سان گڏ انگريزن جي خلاف تحريڪ ۾ لوڪو هيمرا جاراڻي، سجان راوتاڻي، گلاب ڀڳواناڻي، گڏ هئا. اڳيان هلي اها تحريڪ زورن شورن سان شروع ٿي جنهن ۾ هندن ۽ مسلمان گڏيل طور تي ڀاڳ ورتو. ڪيرت صاحب انهي تحريڪ دوران ۱۹۴۲ع هڪ سال لاءِ جيل هليو ويو ۽ وري پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ  هڪ سال لاءِ جيل هليو ويو.  ۱۹۴۲ع ۾ محترم سوڀو گيانچنداڻي جي پڻ ساڻس جيل ۾ ملاقات ٿي. محترم ڪيرت ٻاٻاڻي هڪ سنڌيت پرست هيو ۽ خيالن ۾ Communist هو.
هن ڪڏهن به سنڌ نه پئي ڇڏڻ چاهي پر پوءِ ۱۹۴۹ع ۾ جيئن جيل مان آزاد ٿيو کيس هندستان روانو ڪيو ويو. ڪيرت صاحب هندستان پهچڻ کانپوءِ  هڪدم هندستان ۾ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت بچائڻ ۾ لڳي ويو. پاڻ شروع شروع ۾ دوستن سان گڏ سنڌي ساهتيه منڊل ٺاهيو. کائنس اڳ ۾ اها تحريڪ سندس دوست جهڙوڪر شروع ڪري چڪا هئا. ساڻس گڏ  گوبند مالهي پڻ هيو جيڪو سنڌ ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت سان جڙيل هو. ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۾ گوبند مالهي نئين دنيا مخزن جو پڻ پايو وڌو.
هندستان ۾ سنڌين پنهنجي دنيا ٺاهي هئي ۽ اُتي سنڌي ادب، ثقافت ۽  ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪندا هئا.۽ هنن گڏجي ‘اکل  ڀارتي سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا’ ٺاهي. ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي سان هن سلسلي ۾ جيڪي ٻيا صاحب گڏ هئا انهن ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي، پروفيسر لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي شامل هئا. هن جي سربراهي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ڪندو هو. پروفيسر ملڪاڻي پڻ هڪ تمام وڏو ۽ اعليٰ اديب ۽ دانشور ٿي گذريو آهي. بقول ڪيرت صاحب جي ته هن تنظيم جو مطلب اهو هو ته هندستان ۾ رهندڙ سڀني سنڌين کي گڏ ڪجي ته جيئن هو شعوري طور سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪم ڪري سگهن. انهي دور ۾ ئي اتي ٽي اهم نالا چٽي طرح اڀريا يعني ڪيرت-مالهي-اتم، انهن  ٽنهي کي گڏي ٽي مورتي ڪري سڏيو ويندو هو. هندستان جيڪو هڪ گهڻ قومي ملڪ آهي ۽ جنهن ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن ٻولين مان سنڌي ٻولي به هڪ آهي جنهن کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ ڪيرت ۽ سندس دوست پيش پيش رهيا پر هتي اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته ڪيرت هندستان ۾ سنڌي ٻولي کي ملڪ جي سرڪاري ٻولي کي ڪرڻ ۾ مڃارائڻ ۾ سڀ کان اڳڀرو هو. ڪيرت سان گڏ انهيءَ تحريڪ ۾ جيڪي ٻيا دوست گڏ هئا ان ۾ مکي طور گوبند مالهي، اتم، آسن، پوپٽي هيراننداڻي هئا. خاص طور تي هندستان جو مشهور قانوندان رام ڄيٺملاڻي به ساڻن گڏ هو. جيئن هن وقت به رام ۽ آشا چاند هندستان جي سرڪاري  ٽي وي چئنل دور درشن ۾ هڪ چوويهه ڪلاڪن لاءِ سنڌي پروگرام لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن.
سڀ کان وڏو ڪم جيڪو ڪيرت ۽ سندس دوستن ڪيو جن ۾ رام ڄيٺلاڻي به گڏ هو ته سنڌي ٻولي جي لپيءَ کي عربي ئي رهڻ ڏنو وڃي ۽ ديوناگري ۾ تبديل نه ڪيو وڃي. ڪيرت ٻاٻاڻي ته پڇاڙي  تائين عربي لپيءَ ۾ لکندو رهيو. سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت لاءِ هنن دوستن پارليامينٽ اڳيان هڙتال پڻ ڪئي. هن وقت به هندستان ۾ عربي لپيءَ سان گڏ ديوناگري لپي به هلي رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ لاءِ ڪوششون هلي رهيون آهن.
ڪيرت ٻاٻاڻي هڪ وڏو ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس رهيو آهي. ڪيرت اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا طرفان ڪيترا ئي سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪوٺايون خاص طور تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي، ان ۾ سنڌ سميت سڄي دنيا مان ڪيترائي سنڌي اچي شريڪ ٿيندا هُئا.
ڪيرت جي ڪهاڻين مان هميشه ڪونه ڪو مقصد ضرور نڪرندو آهي. سندس ڪي به لکڻيون بنا مقصد جي ناهن، اِهي سڀ بامقصد آهن. ڪيرت ٻاٻاڻي جا ڪل ۱۵ ڪتاب شايع ٿيل آهن جن ۾ مضمون، ڪهاڻيون، لوڪ ڪهاڻيون، مختصر ڪهاڻيون ۽ آتم ڪٿا آهي. (ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم) ۽ هڪ سندس شاعري ڪيرت شاعري به ڪئي. ڪيرت، هڪ ڪتاب سنڌي چونڊ مضمون، هڪ ڪتاب سنڌي لوڪ ڪهاڻيون پڻ ڇپايون. هي ٻئي ڪتاب ساهتيه اڪيڊمي ڇپايا آهن. ڪيرت ٻاٻاڻي ڪيترن ئي رسالن ۽ ڪتابن جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. ڪيرت ٻاٻاڻي ڪيترن ئي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جو ميمبر پڻ رهيو. ڪيرت ٻاٻاڻي کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.
ڪيرت ٻاٻاڻي تعليم يافته، سچو، ڪميٽيڊ ۽ اڇو اجرو انسان هيو ۽ سڄي عمر سنڌيت جي هلچل جو روح روان رهيو.



ڪيرت ٻاٻاڻي
...۽ هُن جي ڌرتيءَ کي چُمي اڌ ۾ رهجي وئي! جمع ۰۸ مئي ۲۰۱۵ع
تاج جويو
الا! سنڌ کي هيءَ ڪهڙي بدنظر لڳي آهي، جو ۳ مئي ۲۰۱۵ع تي اَسر ويل سائين جي ايم سيد جي فڪر جو سچو شارحُ ۽ سنڌ جي آجپي واري قافلي جو سرواڻ عبدالواحد آريسر سنڌ کان وڇڙي ويو ۽ ٺيڪ چئن ڏينهن کان پوءِ ۷ مئي تي صُبح جو سوير، سائين جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ساٿيءَ ۽ هِند ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياريندڙ، سنڌي قوم جي ديومالائي ڪردار، ڪِيرت ٻاٻاڻيءَ، جلاوطنيءَ دوران ممبئيءَ ۾ ۹۳ سالن جي ڄمار ۾ پَساهه پورا ڪيا. هڪ ڀيرو وري سنڌڙيءَ جي پَلڪن مان ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ ڪي لمحا سندس دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو ۽ نوجوان شاعر حليم باغيءَ، روحل واءِ (امرڪوٽ) مان رڙ ڪندي چيو ته:
ڪا نظر لڳي ويئي، هن گهر جي بهارن کي،
ڪو نانگ سراپي ويو، اڄ نينهن نظارن کي!
مون مهينو اڳ ”ڪاوش دنيا“ ۾ لکيو هو ته: ”ڪيرت ٻاٻاڻي هن وقت علالت جي بستري تي آهي....سندس آخري خواهش هئي ته ڪاش! کيس اجازت (visa) ملي ته هو ويل چيئر تي به جهاز جو سفر ڪري، ڪراچيءَ پهچي ۽ ماتر ڀومي سنڌ کي چُمي ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪري....پر شايد سندس اها خواهش پوري نه ٿئي ۽ ڌرتيءَ کي سندس چُمي اڌ ۾ رهجي وڃي!“ ها، آخر ائين ئي ٿيو، زميني ۽ هوائي سرحدن جون لڪيرون ۽ نقشا منع ٿيا ۽ هو ڌرتيءَ جو حلالي پُٽ، وطن جي سرحد ڏسڻ ۽ ماتر ڀوميءَ جي مٽيءَ کي چُمي ڏيڻ کان محروم رهجي ويو. سندس هڪ ساٿي نارائڻ شيام سرد آهون ڀريندي چيو هو ته:
الائي ڪهڙي گهڙيءَ اُن مان شيام نڪتاسين،
وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي!
۽ سندس ٻئي ساٿي شيخ اياز، شايد ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کي تصور ۾ آڻيندي، هيٺيون نظم چيو هو:
ڌرتي! توکي منهنجي چُمي
اڌ ۾ رهجي ويندي
ڏينهن لٿو آ،
رٿُ کڙو آ،
ڇا ٿو سوچي سارٿي!
من ۾ اُن آ ڇا رٿي؟
ڌرتي! تنهنجي ڀاڪُر ۾،
مهڪ چنبيليءَ ول جي،
پو به سُڳنڌن،
ڪهڙا ٻنڌن؟
ڏينهن لٿو آ،
رٿُ کڙو آ،
ڇا ٿو سوچي سارٿي!
من ۾ اُن آ ڇا رٿي؟
ڏور ڏسائن ۾ او ڌرتي!
ڇا تون ويندينءَ وسري؟
مون سان رهندينءَ؟
مون ۾ ڪَهندينءَ؟
ڏينهن لٿو آ،
رٿ کڙو آ،
ڇا ٿو سوچي سارٿي!
من ۾ اُن آ ڇا رٿي؟
ها، جيئن ئي ڇهين مئي جو ڏينهن لٿو ته ”مرتيو ڪال“ مان رَٿُ ۽ سارٿي اچي پهتا ۽ ستين مئي جي صُبح جو ڪيرت جي ڪايا اهڙي سفر تي رواني ٿي وئي، جتان ڪو به نه موٽيو آهي.
ڪيرت ٻاٻاڻي جلاوطنيءَ جي لڳ ڀڳ مني صدي سنڌڙيءَ جي سارَ دل ۾ سمائي زندهه رهيو ۽ هڪ پَل به سنڌي قوم، سنڌي ادب ۽ سنڌي سڀيتا جي ترقيءَ، سلامتيءَ ۽ زندگيءَ کان غافل نه رهيو ۽ سوين ادبي ۽ سڀيتائي سيمينار ڪيائين. ”سنڌي ساهت منڊل“ ۽ ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جي مورچن تان ”سنڌيت“ کي سلامت رکڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو.
اهو ڪيرت ٻاٻاڻي ئي هو، جنهن گوبند مالهي، اتم، موهن گيهاڻي، ڪرشن کٽواڻي، رام پنجواڻي، ارجن شاد، ڪرشن راهي، پوپٽي هيراننداڻيءَ، ڪلا پرڪاش، موتي پرڪاش، سندري اتمچنداڻي، موهن ڪلپنا، ٽيڪچند مست، لڇمڻ ڪومل، لکمي کلاڻي ۽ ٻين سان گڏجي، ۱۹۵۰ع کان ۱۹۶۶ع تائين ”سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ“ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪئي ۽ ۱۰ اپريل ۱۹۶۷ع تي، ڀارت جي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي تسليم ڪرايو.
ڪيرت ٻاٻاڻيءَ سائين جي ايم سيد جا ”پاڪستان جو ماضي، حال ۽ مستقبل“ ۽ ”ڇو، ۽ ڇا لاءِ؟“ ڇپايا هئا ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت بابت ظفر اڄڻ جي ڇپايل ڪتاب: ‘Bhutto speaks from the grave’ جو مقدمو لکيو هو. ڪيرت ٻاٻاڻي خود وڏو اسڪالر، اديب، ڪهاڻيڪار، نقاد، ناٽڪ نويس، لوڪ ادب جو ڄاڻو، شاعر ۽ ترجمي نگار هو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (۱) هوءَ (ڪهاڻيون)، (۲) جو درد دل ۾ نه سمائجي سگهيو (ڪهاڻيون)، (۳) نه ليليٰ نه مجنون (ڪهاڻيون)، (۴) اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو (ڪهاڻيون)، (۵) سوريءَ سڏ ڪيو (ناٽڪ)، (۶) ڌرتيءَ جو سڏ (ناٽڪ)، (۷) ادب ۾ قدرن جو سوال (تنقيد)، (۸) اوک ڊوک (تنقيد)، (۹) امن جي افق ڏانهن (مضمون)، (۱۰) پيهي منجهه پاتال (مضمون)، (۱۱) چونڊ سنڌي مضمون (ترتيب)، (۱۲) ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو، (۱۳) اٻول راڻي (لوڪ ڪهاڻي)، (۱۴) چونڊ سنڌي ڪهاڻيون (ترتيب)،(۱۵) جيڪي ڏٺو هو مون (روس جو سفرنامو)، (۱۶) ڪجهه ٻڌايم ڪجهه لڪايم (آتم ڪٿا: چار حصا)، (۱۷) لِڪيو لياڪا پائين (شاعري)، (۱۸) سو سڏ سو پڙاڏو (اڌ صديءَ جا خط)، (۲۰) سنڌيت جو سفر (سنڌي ٻولي هلچل جو دستاويز)، (۲۱) مراٺي ادب جي تاريخ (ترجمو)، (۲۲) مالوا (ميڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو)، (۲۳) ڪُولي (ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو) اچي وڃن ٿا.
سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ موريي لاکي جو رهاڪو ڪيرت ٻاٻاڻي ۱۹۲۲ع ۾ ڄائو هو ۽ ۹۳ سالن جي ڄمار تائين هند ۾ ”سنڌيت“ جو جهنڊو جهولائيندو رهيو. سموري سنڌ جون اکيون آبديده آهن ۽ هن وطن پرست سنڌيءَ کي سلام پيش ڪن ٿيون:
وڌو مَ وڻاهه، اونچا ڏونگر مَ ٿيو،

ٽِمو مَ نيڻاهه، ته پير نهاريان پرينءَ جو! (شاهه)



ڪيرت ٻاٻاڻي

سنڌ ھنڌ جي سنڌي ادب جو امر ڪردار - ۰۷ مئي اٺين ورسي تي خاص ڀيٽا

جھانگير عباسي

سنڌ ۽ ھند جي ادبي سياسي سماجي حوالن سان پنھنجي سڃاڻپ جا ڪئي حوالا رکندڙ غير معمولي ڪردار جو مالڪ ڪھاڻيڪار ڪيرت ٻاٻاڻي جو جنم ۰۳ جنوري ۱۹۲۲ ڳوٺ مورو لکو تعلقو سڪرنڊ ضلعو نواب شاھ موجوده بينظير آباد ۾ ٿيو. ڪيرت پرائمري کان مئٽرڪ تائين جي تعليم لوڪل بورڊ ھاءِ اسڪول جي شاخ ولس اسڪول (ب) نواب شاھ مان پرائي جنھن کي ھاڻ ايم. اڇ. خواجه اسڪول جي نالي سان سڏجي ٿو. ھن انٽرميڊيٽ ۽ بي اي، ڊي جي ڪاليج سنڌ مان ڪري شاھاڻي لا ڪاليج ڪراچي مان ايل ايل بي جي پھرين سال وارو امتحان ڏنو ھيو ته ننڊي کنڊ جي سياسي سماجي افراتفري وارين حالتن کي ڏسي ھي سياسي سرگرمين ۾ شامل ٿي ويو.

ڪيرت ٻاٻاڻي پنھنجي ننڍي وھي کان ھڪ لوچيندڙ ۽ سوچيندڙ ذھن رکندڙ متحرڪ ۽ انقلابي خيالن جو مالڪ رھيو سندس فڪر ي علمي ۽ عملي تربيت وري ھن جي آدرشي استاد روچي رام ٽانواڻي ڪندو آيو. اھو ئي سبب رھيو ته ڪيرت شاگرد دور ۾ ئي آزادي جي ھلچل واري تحريڪ منجھ شامل پورھيتن، مزدورن، سياسي ڪارندن سان رلي ڪانگريس جماعت ۾ شامل ٿي ساڻن گڏ جاکوڙ ڪندي ڪميونسٽ پارٽي جو رڪن به بڻيو. پوءِ اڳتي وک وڌائيندي ھن “سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس“ جماعت ٺاھي جنھن جو وري کيس سيڪريٽري به چونڊيو ويو سندس انھي شروعاتي سفر ۾ حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالھي ۽ سوڀو گيانچنداڻي ساڻ رھيا. تنظيمي سرگرمين ڪري کيس ڪئي ڀيرا جيل به نيو ويو.

ھڪ لکاري طور متحرڪ رھندي ڪيرت ٻاٻاڻي ڪراچي ۾ نئين دنيا ڪتاب گھر “کي تنظيمي طور ڳڙھ بڻايو ۽ ترقي پسند فڪر سوچ ۽ ادب جي فروغ لاءِ ھن گوبند پنجابي شيخ اياز، اي جي اتم ۽ سوڀو گيان چنداڻي سان ملي تحرڪ ورتو پر جلد ئي ننڊي کنڊ جو ورھاڱو ٿيڻ ڪري حالتون ھڪدم بدلجي ويون. سنڌ مان سوين ھندو خاندان ھندوستان لڏ پلاڻ ڪري ويا پر ڪيرت جو خاندان سنڌ ۾ ئي ترسيو. پوءِ ھن وري جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد سان ملي ھارين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو ته ھڪدم سي آءِ ڊي وارن جي نظرن ۾ اچڻ تي ڪجھ وقت انڊر گرائونڊ بڻجي ڪم ڪيو ماحول بھتر ٿيڻ تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کيس پنھنجي اخبار `ھاري حقدار“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو جتي ڪم ڪندي سي آء ڊي وارن جي رپوٽن تحت پھريان يارنھن مھينا نظر بندي پوءِ ملڪ دشمن ۽ باغي سرگرمين جي الزامن تحت کيس زبردستي سنڌ نيڪالي جو حڪم ڏنو ويو. پر ڪيرت سنڌ ڇڏڻ لاءِ ھرگز به تيار نه ھيو. مگر حالتون ھن جي حق نه ھيون ۽ پھچ کان به ٻاھر ھيون ۽ ھو اندر ۾ پڄرندو رڙندو سنڌ کان دربدر ٿي وڃي ھند پھتو.

ھندوستان ايندي ئي ڪيرت ساڳي جوش ۽ جذبي سان عملي طور تي وري متحرڪ ٿيو. ھدوستان جي باقي علاقائي زبانن جيان سنڌي زبان کي به سڪاري زبان جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪيرت اڳ موجود سنڌي اديبن سان ملي سنڌي زبان کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ خاطر ۱۹۵۵ ڌارا جدوجھد جو اعلان ڪيو. ٻئي پاس ليڪچرز، سيمنارن ۽ پروگرامن وسيلي “سنڌي ساھت منڊل“ ۽ “اکل ڀارت سنڌي ٻولي“ پوءِ ساھت سڀيتا جھڙن پليٽ فارمن تان سنڌي ٻولي جي پرچار سان گڏ سنڌي ادب جي اوسر لاءِ ھن ھر ھنڌ وسان نه گھٽايو ۽ سندس ارڙھن سالن جي اڻٿڪ جدوجھد رنگ لاتو ۱۰ اپريل ۱۹۶۷ تي ھندوستان سرڪار سرڪاري طور “سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي” جي درجي واري مڃتا ڏني. ائين ڪيرت يارھن سالن تائين “اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀيتا“ جو صدر ٿي رھيو.

ادبي ساھت ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي جي بنيادي سڃاڻپ ھڪ ڪھاڻيڪار واري آھي. ھي آزادي کان اڳ وارن ترقي پسند سوچ فڪر رکندڙ ڪھاڻيڪارن ۽ ليکڪن ۾ ڳڻجي ٿو. عملي طور تي مارڪسي خيالن جي پوءِ واري ڪندڙ ھڪ اصول پرست ۽ آدرشن مطابق زندگي گذاريندڙ انسان ٿي رھيو آھي. ڪيرت جي ڪھاڻين ۾ روزانو جي موضوعن سان گڏ المياتي حادثن، محروم ڪردارن جي ڪٿائن، سماجي واقعن سان گڏ معاشري جي مدي خارج ريتن رسمن، طور طريقن خلاف به لکيو آھي ته وري ڏاڍ، جبر ۽ ظلم کي به ننديو آھي جنھن جو مثال ڪيرت جون ھي ڪھاڻيون “سانوري ڪنوار”، گود ڀريل، دل ويران“، ”ھڪ ڪھاڻي ٻه ڪردار“، ”جيئي سنڌ سدا جيئي“ جھڙيون لازوال ۽ شاھڪار ڪھاڻيون آھن.

ھڪ سچيت ڪھاڻيڪار سان گڏ ڪيرت نثر نگار، ڪالم نگار، مضمون نگار، مرتب نگار، ناٽڪ نويس، مترجم، محقق، نقاد، صحافي، شاعر، ايڊيٽر، لوڪ ادب جو پارکو ۽ مڃيل اسڪالر ٿي رھيو آھي. نون فڪرن جو موجد به آھي جنھن جو مثال ھن جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالو “سنڌ سجاڳ“ ۽  انگريزي ۾ Sindh Writers” آھن.

ڪيرت ٻاٻاڻي جو سرجيل ادبي پورھيو ڪتابن جي صورت ھن طرح آھي

(۱) ڪھاڻي ڪتاب “ھوء “ ۱۹۵۶

(۲) ترجمو نال “ مالوا “ ناولنگار. مئڪسم گوڪي. ۱۹۵۸

(۳) ترجمو ناول “ڪولي “ ناولنگار. ملڪ راج نند. ۱۹۶۰

(۴) شعري مجموعو”ليڪو ليڪا پائين “، ۱۹۶۱

(۵) نثري ترجمو. مراٺي ادب جي تاريخ”. ۱۹۶۴.

(۶) ڪھاڻي ڪتاب `جو درد دل ۾ سمائي نه سگھيو ` ۱۹۶۶

(۷) رپورتار “سنڌيت جو سفر”۱۹۶۸. (سنڌي ٻولي جي ھلچل ۽ سرڪاري قومي ٻولي جي درجي وارو دستاويز. )

(۸) تنقيد”ادب ۾ قدرن جو سوال “۱۹۷۴

(۹) تحقيق “ٽين دنيا جن عظيم انقلابي شخصتون “۱۹۸۰

(۱۰ تنقيدي مضمون “اوک ڊوک “ ۱۹۸۱

(۱۱) ترتيب “چونڊ سنڌيمضمون “. ۱۹۸۱

(۱۲) سفرنامو روس`جيڪي ڏٺو ھو مون “. ۱۹۸۲

(۱۳) خط “سو سڏ پڙاڏو `(اڌ صديء جا خط) ۱۹۸۴

(۱۴) تحقيق `ورھاڱي بعد سنڌي ڪھاڻي جو جائزو. ۱۹۸۶

(۱۵) مضمون “امن جي افق ڏانھن “۱۹۸۷.

(۱۶) مضمون `پيھيء منجھ پاتال `۱۸۸

(۱۷) ڪھاڻي ڪتاب `جيئي سنڌ صدا جيئي `۱۹۸۹

(۱۸) ترتيب`چونڊ سنڌيمضمون. جلد. ۲ ۱۹۸۹

(۱۹) ناٽڪ `سوريء سڏ ڪيو *۱۹۹۲

(۲۰) ڪھاڻي ڪتاب `اوھين سڀ ننگا آھيو “۱۹۹۳

(۲۱. ) لوڪ ادب “اڀول راڻي` ۱۹۹۴

(۲۲) ڪھاڻي ڪتاب “نه ليلي نه مجنون `. ۱۹۹۵

(۲۳) نقٽڪ `ڌرتيء جوسڏ `. ۱۹۹۶

(۲۴) آتم ڪٿا “ڪجھ ٻڌايم ڪجھ لڪايم “ چار جلد. ۱۹۹۷. ۹۸

ڪيرت ٻاٻاڻي دنيا جي ڪيترن ملڪن جو سيروسفر به ڪيو جن ۾ روس، آمريڪا، چين، انگلينڊ، برطانيه ۽ بنگلا ديش شامل آھن. ھن ڄي ڪيل خدمتن عيوض ڪيترائي مڃتا ايوارڊ، سرٽيفڪٽس، اعزازي سندون، ميڊلز به ڏنا ويا جن ۾ ھي خاص آھن.

۱ روس جو `سویت لینڊ نھرو امن ايوارڊ. ۱۹۸۰

۲ اعلي خدمتن تي دھلي تعليم کاتي پاران `مڃتا ايوارڊ. ۱۹۸۶

۳ مھا راشٽريا ساھتيه سنڌي پاران سول ايوارڊ. ۱۹۸۹

۴ ڀارتيه ڀرشيا ڀاشا پاران `مڃتا ايوارڊ `. ۱۹۹۳.

(۵) ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران جي ايم سيد ايوارڊ. ۱۹۹۸.

ڪيرت ٻاٻاڻي ھڪ ئي وقت سنڌ ۽ ھنڌ جي اديبن ۽ پڙھندڙن ۾ غير معمولي طور مقبول ليکڪ ٿي رھيو جيڪو سنڌ مان زوري جلاوطن ڪيو ويو ۽ ھو پوءِ عمر ڀر ھڪ ڀيري جي سنڌ ياترا ۽ پنھنجي جنم ڀومي لاءِ بيماري ۽ معذوري حالت ۾ به لڇندو رھيو پر آخري پساھن تائين کيس اجازت نه ڏني وئي ھو سنڌ ياترا آس اندر ۾ کڻي ۹۳ سالن جي ڄمار ۾ ۰۷مئي ۲۰۱۵ ۾ ھي لوڪ ڇڏي سڀني کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو ويو پر ھي سچ آھي ته ڪيرت پنھنجن ڪارنامن ۽ ڪردار سان جيڪا تاريخ جوڙي آھي اھا اڄ ادب، ٻولي جي به تاريخ ٿي چڪي آھي ۽ ھن ڀونءِ تي جيسيتائين ان تاريخ جا پڙھندڙ رھندا ڪيرت ٻه زنده رھندو.

 

(جھانگير عباسيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۷ مئي ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)


 

دادا ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي

اسد ڪيريو

سنڌي ٻوليءَ جي برک عالم، اديب ۽ ليکڪ دادا ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي ۳- جنوري ۱۹۲۲ع تي تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ موريو لاکو ۾ جنم ورتو، دادا ڪيرت ٻاٻاڻي جديد ترقي پسند لکاري ھو، جنھن ھند ۾ رهندڙ ٻين سنڌي اديبن ۽ ليکڪن سان ملي ھڪ ڊگھي جدوجھد کان پوءِ ڀارت اندر سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏياريو، صابو راهو ۽ بعد ۾ ڊي سي اسڪول جي ولس برانچ مان تعليم حاصل ڪندڙ دادا ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي ساھتيه اڪيڊمي دھليءَ ۾ سنڌ ٻوليءَ بابت صلاحڪاري ڪائونسل جو ميمبر پڻ رھيو، دادا ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن پر سندس آتم ڪهاڻيءَ جي ڪتاب " ڪجھ ٻڌايم ڪجھ لڪايم " کي سرحد جي ٻنھي پاسي سنڌي ٻوليءَ جي پاٺڪن گھڻو ساراهيو، اڄ پنھنجي سڪرنڊ سان تعلق رکندڙ عظيم ليکڪ ۽ ڏاھي دادا ڪيرت ٻاٻاڻي جي وڇوڙي کي ۸- سال ٿي ويا آھن دادا ڪيرت ٻاٻاڻي اڄوڪي تاريخ ۷- مئي ۲۰۱۵ع تي ۹۳- ورهين جي ڄمار ۾ ڀارت جي شھر ممبئيءَ ۾ ديهانت ڪئي، اچو ته ڌرتيءَ جي ھن لائق فرزند کي سندس وڇوڙي واري ڏينھن تي ياد ڪريون.

 

(اسد ڪيريو جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا