قربان بگٽي
سنڌ جو يگانو نقاد،
اديب، دانشور ۽ تاريخ دان
ڊاڪٽر محمد علي
محمدي
سنڌ ۾ ستر جو ڏهاڪو
نظرياتي لحاظ کان هڪ پر آشوب دور هو. هونئن ته ورهاڱي کان اڳ ۾ ئي سنڌ ۾ ساڄي ۽ کاٻي
ڌر موجود هئي. هندستان جي ترقي پسند مصنفين ته هت پير ڄمائي نه سگهي پر ڪراچي کان
شروع ٿيل سنڌي سرڪل، جيڪا پوءِ سنڌي ادبي سنگت ۾ سلهاڙجي وئي. سنڌي ادبي سنگت ان
معني ۾ ڪا ڪميونسٽ تحريڪ نه هئي پر ادب جي نين صنفن کي اڳتي وٺي هلي ۽ سنڌي
قومپرست تحريڪ جي اثر هيٺ اچي وئي.
سال ۱۹۶۵ع جي جنگ کان پوءِ سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن ۾
ٻه واضح ڌڙا ٿي ويا. اسلام جي بي پناه محبت رکندڙ اديبن ۽ ملحد، سيڪيولر، قوم
پرستي جي آڙ ۾ سنڌ جي ادبي ميدان کي جنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. انهيءَ دور ۾ ابراهيم
جويو، شيخ اياز، رسول بخش پليجي، سراج، گرامي، طارق اشرف ۽ سائين جي ايم سيد سياسي
۽ لادينيت جي تحريرن سان سنڌ جي نوجوانن کي نعريبازي واري ادب سان روشناس ڪرايو. ٻي
طرف مهراڻ اخبار جي ايڊيٽر سيد سردار علي شاه ذاڪر، اسحاق اثر، مير محمد ڀيو، فيض
بخشاپوري، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، عابد لغاري، پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي، قربان بگٽي
ساڄي ڌر جا سرخيل هئا.
مون کي ياد ٿو پوي
ته ۱۹۷۰ع ۾ جڏهن مان ٻئي سال ايم بي بي جو شاگرد هوس ته ستين نمبر لطيف آباد ۾
جماعت اسلامي سنڌ جي دفتر ۾ سنڌ جي ڏاهن جي ڪچهري جاري هئي. مان به ان ۾ شامل ٿي
ويس. انهن ۾ هڪ علم جو ڀنڊار، قد جو پورو پنو، جسم ۾ ڀريل، اکين ۾ بلا جي ذھانت، مون
سان مخاطب ٿيو. جڏھن تعارف مان خبر پيس ته آئون الله بخش محمدي جو فرزند آهيان، ته
اٿي ڀاڪر پاتائين. چي؛ ”ساڻس منهنجي ڪچهري ٿيل آهي، جڏهن هو ڊاڪٽر بشير شيخ جو
پريالوءِ ۾ مهمان ٿي آيو هو، مان به اتي ٽڪيل هوس.“ اهو هو پهريون تعارف. ان کان
پوءِ جلدي جلدي ملاقات ٿيندي هئي..
قربان بگٽي جو
تعارف:
قربان علي ولد روحل
خان بگٽي، سندس ڏاڏي جي نالي ٻڌل ڳوٺ گلاب خان بگٽي جي سندراڻي پاڙي ۾ پهرين جون ۱۹۳۱ع ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ لعل بخش بگٽي
مان ۱۹۳۷ع ۾ ۽ پوءِ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ۱۹۵۴ع ۾، بي اي سنڌ يونيورسٽي مان ۱۹۶۰ع ۾ پاس ڪيائين. هو ۱۹۵۴ع ۾ ئي بئراج کاتي ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيو.
سندس مطالعي جي شوق
۾ سندس لائبريري ۾ فلسفو، سوشلزم، مارڪسزم ۽ عمومي ادب تي اٽڪل پنج هزار ڪتاب
موجود هئا.
قربان بگٽي هڪ وڏو
نقاد هو، سندس مطالعي جي وسعت خاص طور تي ورهاڱي جي سياست، هندو مسلم ڪشمڪش،
انگريزي ۾ تاريخ تي لکيل سياسي ڪتابن جو اڀياس غير معمولي حافظي ۾ محفوظ رهندا
هئا.
کيس حافظ، رومي، ڀٽائي،
اقبال جا سوين، هزارين شعر برزبان ياد هئا. بگٽي صاحب ترقي پسند ادب تي ڪافي مضمون
لکي، ان وقت ساڄي ڌر جي نوجوانن کي مصالحو مهيا ڪري ڏنو.
قربان بگٽي ۱۹۷۱ع ۾ سال ڏيڍ لاءِ روينيو آفيس حيدرآباد ۾
بدلي ٿي آيو. ۱۹۷۲ع ۾ وري واپس لاڙڪاڻي واپس ٿيو. پوءِ مهيني ماسي پيو حيدرآباد جو چڪر هڻندو
هو. ان دوران کيس سائين سردار علي شاه لکڻ جو اتساھ ڏياريو. مرحوم مولانا مودودي
جي فڪر کان به متاثر هو. سندس تربيت، عقليت ۽ علميت سان ٽمٽار هئي. سندس زندگيءَ
جو وڏو عرصو لاڙڪاڻي ۾ گذريو. بگٽي صاحب جي جديد ۽ قديم فڪر جي مطالعي مان ابن
خلدون، ابن تيميه، شاه ولي الله جي هميشه تعريف ڪندو هو. قربان بگٽي صاحب، سائين
جي ايم سيد جي ٻن ڪتابن ”جيئن ڏٺو آهي مون“ ۽ ”سنڌ جا سورما“ تي لاجواب تنقيد ڪئي
آھي.
ابراهيم جويي، رسول
بخش پليجي، گرامي، سراج، تنوير عباسي جي ڪتابن تي انتهائي معياري ۽ علمي تنقيد ڪئي،
سندس تنقيدي ادب ايترو ته وزندار آهي جو نظرياتي مخالف به سندس عزت ڪندا هئا. خود
سائين جي ايم سيد به کيس پنهنجا ڪتاب ڏياري موڪليندو هو.
پير علي محمد راشدي
جي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ تي تنقيد اهڙي ڪيائين جو راشدي صاحب نياپو ڪري گهڙائي
کيس چيائين ته مان تنهنجي ابي ڏاڏي جيترو، مهرباني ڪري ٽارو ڪر. جي ايم سيد جي ڪتاب
”پاڪستان ماضي، حال ۽ مستقبل“ جي مهاڳ تي تنقيد پڙهڻ وٽان آهي.
سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل
آهن، پر هن وقت ناپيد آهن.
۱_ ڀيلي تي ڀلڪار
۲_ڪميونسٽ منشور، مطالعاتي جائزو
۳_پاڪستان جو ٺهراءُ
۴_جي سيڻ مٽائين سون تي
۵_ترقي پسند ادب جو تنقيدي جائزو (مرحوم عابد لغاري جو مرتب ٿيل قربان بگٽي
جي ڇهن مضمونن جو مجموعو)
مرحوم قربان بگٽي ۷ جنوري ۱۹8۶ع ۾ هن فاني دنيا مان ۵۵ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. رب پاڪ
سندس مغفرت فرمائي، کيس جنت الفردوس عطا فرمائي. آمين.
(ڊاڪٽر محمد علي محمدي جي فيسبڪ وال تان ۲۹ جنوري ۲۰۲۱ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا