; سنڌي شخصيتون: علامه محمد امين مگسي

03 February, 2021

علامه محمد امين مگسي

علامه محمد امين مگسي

ملنسار، بردبار ۽ علم جو ڀنڊار

منظور ڪوهيار



ڪي ماڻهو ٻين جي زباني تعارف جا محتاج هوندا آهن، ۽ ڪي وري  پنهنجي خوش زباني ۽ خوش خلقي جي ڪري. پنهنجو تعارف پاڻ هوندا آهن.

ڇھ ست سال اڳ محمد امين مگسي سان پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪنهن ٽياڪڙ جي ذريعي نه، پر سندس خوش خيالي ۽ خوش علمي جي ڪري ٿي هئي . ٿيو ائين جو گلشن حديد  فيز ون جي پٺاڻ جي هڪ هوٽل تي چانھ پئي پيتم، ته اتي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ڳوٺائي دوست سهيل مڪاني جي لاڙڪاڻي مان اوچتو موبائل فون تي ڪال آئي ۽ پڇيائين، ته: ”افغان ڪير آهن؟...“


مون جواب ۾ چيو، ته: ”ان حوالي سان ڪي محقق چون ٿا ته هندوڪش جا آريا آهن، جن کي اساڪان سڏيو ويندو هيو، يعني گھوڙي سوار، جيڪو لفظ ڦري افغان ٿي ويو. ڪي وري کين يهودي چون ٿا ته اڍائي هزار سال اڳ ايراني شهنشاه ڪوروش اعظم جيڪو سائرس اعظم جي نالي سان به مشهور آهي، تنهن بابل کي فتح ڪري يهودين کي آزاد ڪرايو هيو، جيڪي بابل ۾ غلامانه زندگي گذاريندا هيا. انهن مان اڌ يهودي يروشلم ويا ۽ اڌ هخامنشي سلطنت جي رياست آريانه ۾ اچي آباد ٿيا. بلخ انهن جو مرڪز رهيو، جيڪو سندن نبي جيرمايه جي جنم ڀومي آهي، ۽ اتي سندن ٻي نبي ازيقيئل جو مرقد پڻ موجود آهي. هرات ۾ يارھين صدي عيسوي جي ٺهيل يهودين جي شاهي ڪنيسيه يوآو (عبادت جي جڳھ) جا آثار اڄ به موجود آهن. جيئن ته يهودي يروشلم جي تباهي جي ياد ۾ مرثيه پڙهي روئيندا هيا. ان ڪري پارسي کين افغان يعني آه فغان ڪندڙ به ڪري سڏيندا هيا.. باقي وڌيڪ خبر خدا کي؟“

هڪ  خوش پوشاڪ ۽ خوش وضع همراه ڪجھ وٿيرڪي ويٺي چانھ پئي پيتي، تنهن جو اها منهنجي ڳالھ ٻڌي ته پنهنجي چانھ جو ڪوپ کڻي سري اچي ڀرسان ويٺو، ۽ چوڻ لڳو، ”سائين اوهان صحيح ٿا چئو، ته پارسيءَ ۾ افغان روڄ راڙي کي چيو ويندو آهي. ان حوالي سان اهل شيرازي جو مشهور شعر آهي، ته:

پروانه صفت سوز دلم پنهان است

کارم نه چو بلبل از غمت افغان است

ما را نه که در دهان زبان نيست ولي

فرياد زدن نه شيوه مردان است

جنهنجو مطلب آهي، ته:

پرواني جي حالت جيان، منهنجي دل جو سوز به لڪل آهي. ۽ منهجو ڪم تنهنجي غم جي ڪري روڄ راڙو ڪرڻ ناهي.. ائين ناهي ته ڪو منهنجي وات ۾ ڪا زبان ڪونهي. ليڪن فرياد ڪرڻ مڙس ماڻهن جو ڪم ناهي.“

ان کان پوءِ مون کانئس تعارف ورتو ته ٻڌايائين ته سندس نالو محمد امين مگسي آهي. اصل ڳوٺ سوڀو خان مگسي، تعلقه ميهڙ  جو ويٺل آهي. گلشن حديد ۾ پي آءِ اي ۾ نوڪري سانگي رهائش پذير آهي!..۽ ”مگسي قبيلو تاريخ جي روشنيءَ ۾“، ۽ سوانحي مضمونن ۽ خاڪن جي حوالي سان ”جوڳيئڙا جھان ۾“ ڪتابن جو مصنف آهي.

پوءِ مان به پنهنجو هڪ ليکڪ جي حوالي سان پورو تعارف ڪرايومانس، ته لطيف جي ان بيت مثل ٿي وياسي، ته: ’ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي، تن تنين سين گڏ، اڏي اوڏا پکڙا‘...يا وري ائين کڻي چئجي، جيئن اردوءَ جي شعر جي هڪ سٽ آهي، ته: ’جهان دو بوتلين رک دو وهين ميخانه هوتا هئي‘. بس فرق اهو هيو، ته بوتلن جي جڳھ تي چائي خاني جي ٽيبل تي گرم ٻاڦ ڪڍندڙ ڪڙڪ چانھ جا ٻه ڪوپ پيا هوندا هيا، ۽ اسان جي چانھ جي چسڪين سان مدهوش ڪندڙ علمي ڪچهري پئي هلندي رهندي هئي. ائين ڪچهريون ڪندي ڪندي ٽين صاحبِ دل صوفي ذلف علي سان به ميل ملاقات ٿي وئي، ائين ٻن بجاءِ ٽي ٿي وياسين. سندن توسط سان وري انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ جي قادرالڪلام ۽ منصوري مام رکندڙ يگاني شخصيت نذير چنه صاحب سان به ملاقات جو شرف حاصل ٿيو، ته هوٽل تي چئن چڱن جي چوڪڙي لڳڻ لڳي، ۽ هڪ ٻئي کان گھڻو سکڻ ۽ سمجھڻ جو لاڀ حاصل پئي ٿيو.

جڏهن وري هڪ ٻئي سان ڪتابن جي ڏي وٺ شروع  ٿي، ته خاص ڪري مگسي صاحب جي رقم ٿيل ڪتابن جي مطالعي دؤران اندازو ٿيو ته هن واقعي ماکيءَ جي مک جيان عرق ريزي ڪري جھڙوڪر حقيقي مگسي هجڻ جو ثبوت فراهم ڪيو آهي.

اسان کيس هروقت علم حاصل ڪرڻ جي جستجو ۽ شؤق ۾ سرگردان ڏٺوسي. ڪڏهن به ورچي نه ويٺو. جتي به ڪو علمي ميڙاڪو، سيمينار، ڪانفرنس، يا ليڪچر جي نينڍ مليس، سنگت کي اتساهيندو، وڃي اتي رسندو هيو. ان حوالي سان ڪافي موقعن تي ساڻس رفاقت رهي. خاص ڪري لٽريچر فيسٽيولس، ادبي ميڙاڪن ۽ مطالعاتي دؤرن ۾........

هڪڙي دفعي مون، سائين محمد امين مگسي، صوفي ذلف علي ۽ نذير چنه کي پنهنجي گھر صوفي ڪلامن، خاص ڪري تهران ڄائي اسرائيلي مشهور ڳائڻي ”ريتا جھان فروز“ ۽ اندلسي موسيقي ۾ محي الدين ابن عربي جي ڪلامن کي ٻڌڻ جي دعوت ڏني.  ....مون پهريان کين ۲۰۱۳ع ۾ ريتا جھان فروز جي اقوام متحده جي جنرل اسمبلي جي اسٽيج تي ڳايل پارسي ڪلامن کي ٻڌرايو، جن ۾ ”شانه“، ”گل سنگم“، ۽ ”درين دنيا“ وغيره هيا، ۽ پوءِ جڏهن هن سعدي شيرازي جي انهيءَ شعر ”بني آدم اعضا يک ديگرند“، کي دهرايو، جيڪو اقوام متحده جي هائوس آف ڪامن جي ڀت تي آويزان آهي، ۽ ٻڌايو ته ان شعر جو سندس خاندان جي علمي ۽ سماجي تربيت ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، ته سنگت ۾ صوفي ادب جي حوالي سان بحث ڇڙي پيو. جنهن جو لب لباب اهو هيو، ته صوفي ادب کي پذيرائي ملڻ جو وڏو سبب اهو آهي، ته اهو بنا فرق جي انساني معاشري جي اخلاقي اصلاح ۽ سماجي تربيت ڪري ٿو. ان ڪري ئي دنيا جا وڏا وڏا دانشور، اديب ۽ سياستدان سندن صلح ڪُل واري نظريه جا معترف آهن. هيگل، اليگزينڊر پشڪن، جين ڊي لا فونٽائين، بينجمن فرينڪلن، رالف والڊو ايمرسن، لازاري ڪارناٽ، والٽيئر، اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون، آمريڪي صدر بارڪ اوباما وغيره وغيره پنهنجين لکتن يا تقريرن ۾ سعدي شيرازي جي ان شعر جا حوالا ڏيندا رهيا  آهن.

پوءِ جڏهن عربي ڪلامن کي ٻڌڻ جو وارو آيو، ته شيخ الاکبر محي الدين ابن عربي جو مشهور ڪلام سنگت کي ڪن رس ڏيڻ لڳو:

لقد صار قلبي قابلا کل صورت

فمرعي لغزلان و دير لرهبان

وبيت لا وثان و کعبت طايف

والواح تورات و مصحف قرآن

ادين بدين الحب اني توجهت

رکائبه فالحب ديني و ايماني

جيئن ته ڪلام جو ترجمو اسڪرين تي ڏنل نه هيو، ته ويٺل سنگت محمد امين مگسي صاحب کان مطلب پڇيو، ته هن هڪدم ٻڌائڻ شروع ڪيو، ”ها سائين،....مطلب اٿس ته:

منهنجي دل هر حال ۾ هر جاءِ کي قبول ٿي ڪري، چاهي هرڻن جو چراگاه هجي، راهب جو آستانو هجي، بتڪده هجي يا ڪعبو، تورات جون تختيون هجن يا قرآني مصحف، منهنجي لاءِ سڀ برابر آهن. محبت جو ڪاروان جٿي به وٺي ويندو، مان هليو هلندس. ڇو ته محبت ئي منهنجو دين ۽ ايمان آهي.“

ان ٻڌڻ کان پوءِ سڀن کي يقين ٿي ويو، ته هي عربي ۽ فارسي تي دسترس رکندڙ صاحبِ علم آهي. ان تي نذير چنه چوڻ لڳو، ”سچ پچ ته سائين محمد امين مگسي اسان جو علامه آهي“، ان تي اسان به اعتراف ڪندي چيو، ته: ”بيشڪ! محمد امين مگسي ان مڃتا جي لائق آهي.“

توڙي جو پاڻ ڪسرنفسي کان ڪم وٺندي چيائون، ”نه ادا، پاڻ علامه ڪٿي آهيون!“

ائين به نه هيو، ته هن کي ڪو پنهنجي علم تي بانور هيو، پر جتي به شڪ و شبه جي گنجائش محسوس ڪندو هيو ته چوندو هيو، ته ڪنهن وڏي عالم کان پڇي  پڪ ڪجي ته بهتر آهي. ان جو مثال منهنجو هڪ آرٽيڪل هيو، جنهن جو عنوان هيو، ”سيد السجاد امام زين العابدين ۽ يزيد بن معاويه جي شاعريءَ جي حوالي سان نظرياتي جائزو.“

جڏهن مون سندن ڪجھ شعر انگريزيءَ مان ترجمو ڪري ۽ انهن سان گڏ عربيءَ وارا شعر به نيٽ تان هٿ ڪري ڀيٽائڻ لاءِ مگسي صاحب جي آڏو رکيا ته پڙهي چوڻ لڳو، ”سائين، جيئن ته هيءَ ڪلاسيڪل عربي شاعري آهي. بلاغت ۽ مثاليت سان ڀرپور آهي ان ڪري تڪڙ نه ڪجي، بلڪ ڪنهن وڏي عربي ادب جي ماهر کي ڏيکارجي ته بهتر رهندو، ته جيئن غلطيءَ جي گنجائش نه رهي.“

اهڙيءَ طرح  هو گلشن حديد ۾ پنهنجي ملنساري ۽ بردباريءَ سان پنهنجو مان، مرتبو ۽ دوستيءَ جو دائرو وڌائيندو ويو. سندس دوستيءَ جي دائري ۾ لالا اڪرم پنهور، ڊاڪٽر فيض جوڻيجو ۽ ٻيا ڪيترا اهل علم، اهل دانش ۽ اديب ڪٺا ٿي ويا.

ائين جڏهن سندس علمي مان ۽ مرتبي جي هاڪ وڌي، ته سنگت جي اصرار ۽ رضامندي تحت پاڻ پهريان سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جو سيڪريٽري ۽ پوءِ وري ڪراچي ڊويزن جو رابطه سيڪريٽري ٿيو. ان دؤران گھڻو مصروف رهڻ لڳو، خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت جي ڪرتائن ڌرتائن جي پاڻ ۾ ڄونڊا پٽ ۽ پاڻي ولوڙ  ڪري جھڙوڪر هن صوفي منش کي کڦڙتال ۾ وجھي ڇڏيو. صوفي ذلف علي ۽ مان جڏهن سندس غير حاضري تي کيس ميارون  ڏئي چوندا هياسيس، ته: ”اجايو ٿا ڍنگرن تي اٽو هاريو، ۽ پنهنجو قيمتي وقت وڃايو!“

جواب ۾ چوندو هيو، ته؛ ”ڇا ڪجي، ڪلهو ڏنو ٿسي، ته توڙ به نڀائڻي آهي!“

ائين ڪرونا وائرس جي وبا دؤران سنڌي ادبي سنگت جي لڏي سان توڙ نڀائيندي نڀائيندي اسان کان جدا ٿي ويو.

سندس حوالي سان ڪيتريون ڳالهيون ۽ ڳڻ آهن، جي کٽڻ جا ناهن. خاص ڪري صوفي ادب جي حوالي سان، حضرت امام حسين جي ڪتاب مراه العارفين، محي الدين ابن العربيءَ جي ڪتاب ’فصوص  الحکم و خصوص القلم‘، ديوان منصورالحلاج، مثنوي مولانا روم وغيره وغيره تي ٿيندڙ علمي و ادبي ڪچهريون .... ياد اچن ٿيون، ته لطيف سائين جو اهو بيت دل تي تري اچي ٿو:

جيڏيون ڪوه پڇن، پر پٺ پير پنهونءَ جو،

لوٺيون ٿيون لڇن، ڏٺو جن اکين سين.


 

محمد امين مگسي

۽ سندس ساروڻيون

عوامي آواز ايڊيٽوريل

سائين محمد امين جدت پسند شخص ھيو سندس ڪچھري ۾ گھڻو زور سائنس فلسفي ۽ نين شين تي ھوندو ھيو نه ته سنڌ جا ٻيا ڏسڻا وائسڻا اديب سڪندر اعظم کان ويندي ھلاڪو خان باڪونن کان ٿيندا مصر يونان عراق ۽ مغلن جي سلطنت ۽ انھن جي جنگين تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ يخي ھڻي پاڻ کي عقل ڪل ثابت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا آھن پر جي ڪو نوجوان سوال ڪري ته جھڙوڪ ھنن نام نھاد اديبن سان اعلان جنگ ڪيائين جواب ڏيڻ بدران پنھنجي ھڪ ھٽي قائم رکڻ لا۽ اھو چئي پنھنجي ادبي پڳ سنواري چوندا آھن ته توکي خبر ناھي تو اڃان صحيح سان پڙھيو ناھي ان سڄي ماجرا جي برعڪس مون پنھنجي شعوري عمر ۾ ڪو مھان اديب ڏاھو ۽ ساڃاھ وند ڏٺو آھي ته اھو ميندي جي ھڳاءُ واري شھر ميھڙ سان تعلق رکندڙ ۽ گھگھو پاتل سنڌ جي روح جي دادلي ٻروچياڻي جي ڪک مان جنم وٺندڙ سائين محمد امين مگسي ئي ھو جيڪو نوجوانن کي گھڻو پسند ڪندو ھيو ۽ انھن سان ئي ڪچھري ڪرڻ پسند ڪندو ھو ھو پنھنجي محفل ۾ ويٺل اديبن سان پڙھيل لکيل ادب سان چاھ رکندڙ  نوجوانن جو تعارف اھڙي ته بھتر انداز ۾ ڪرائيندو ھيو جو نوجوان اتساھ ۽ خوشي محسوس ڪندا ھيا.سائين جو علم ادب سان ايترو ته چاھ ھيو جو ڪراچي ۾  ٿيندڙ ڪو به ادبي پروگرام نه گسائيندو ھو، ھر پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ٻين ھم خيال دوستن کي به شرڪت ڪرائيندو ھيو، پروگرام تان ٿي موٽندو ھيو ۽ ڪچھري دوران سڀني مقررن جا خيال ۽ فڪر سڄي سنگت سان شيئر ڪندو ھو ڪراچي ۾ اھي پروگرام اھي مقررن جا خطاب ته ٿيندا رهندا پر افسوس ته سائين ھاڻي اتي موجود نه ھوندو سائين جيڪو اياز جي ھنن سٽن جيان اڻڄاتل سفر ڏانھن ھليو ويو آھي:

ويا وطن وري وڻجارا

ڇڏي حال ھي دل جا سارا

روئي دل ٿي پاره پاره

سائين سان منھنجي پھرين ملاقات منھنجي دلربا ۽ محبوب کاھوڙي دوست آريسر جي عاشق نواز چانڊئي ڪرائي. نواز جو اھو ٿورو مان ڪڏھن نٿو لاھي سگھان جنھن مونکي ھڪ شناس اديب عالم ڏاھي سان ملايو. مون علم جي سيکڙاٽ کي سائين کان گھڻو ڪجھه سکڻو ھيو پر سائين پرديسي پکين وانگي ڪڏھن به موٽي نه اچڻ لا۽ ھليو ويو پر ھو پنھنجي پويان يادن جا اڻ مٽ اثر ڇڏي ويو آھي. ھو جڏھن فارسي ادب ۽ شاعري تي ڳالھائندو ھيو ته ايئن لڳندو ھيو جھڙو حافظ شيرازي جو ھمعصر ھجي ۽ جڏھن سنڌ جي تاريخ ۽ سياست ادب تي ڳالھائيندو ھو ته ايئن لڳندو ھيو ڄڻ موھن جي دڙي مان ڪنھن دراوڙ جو روح جاڳي پيو آھي. ڪو شخص جيڪڏهن سنڌ جي قومي تشخص جي خلاف ڳالھائندو ھيو ته سائين ان تي تيز ٿي ويندو ھو سنڌ جو عاشق ۽ سنڌ جي روادار ۽ محبتي روح جو امين ھيو.سائين سان منھنجي محبت جو ھڪ ڪارڻ مولانا ابولڪلام آزاد به آھي ڇو ته ٻئي آزاد جا معتقد ۽ عاشق به آھيون ۽ سائين مولانا آزاد وانگر قھوه چانھن پيئڻ پسند ڪندو ھيو ۽ مولانا آزاد پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب غبارخاطر ۾ قھوه کي حقيقي چانھه چيو آھي سائين وٽ جڏھن ويندو ھيم چوندو ھيو ڪھڙي چانھه پيئندين ۽ مان چوندم ھيم جنھن کي مولانا آزاد چانھن چوي ئي نٿو ۽ سائين وڏو ٽھڪ ڏيندو ھيو جنھن ٽھڪ ۾ ڪائنات جي سموري حسناڪي سمايل ھوندي ھئي.مونکان اھو ڏينھن ھرگز نه وسرندو جڏھن سائين پاران مونکي ۽ نواز چانڊئي کي ملاقات لا۽ ڏنل وقت تي اسان پھتاسين ته اسان کي اھو چورائي واپس ڪرائي ڇڏيو ته منھنجي طبيعت خراب آھي. ڊاڪٽر ملڻ کان منع ڪيو آھي ان کانپوءِ سائين سان ڪڏھن ملاقات نه ٿي سگھي ۽ سائين اسان سڀني کي سوڳوار ڪري ويو.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۲۶ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا