; سنڌي شخصيتون: علي احمد لنڊ

14 February, 2021

علي احمد لنڊ

علي احمد لنڊ

هميشه لاء وڇڙي ويو

اعظم ڀٽي



مون هُن جي متعلق پهرين به لکيو هو ته ذاتي پسند يا ناپسند، عارضي ذاتي نوعيت جا اختلاف مجموعي سُٺاين واري عمل کان ڪڏهن به ڪنهن به صورت ۾ مٿي ٿي نٿا سگهن. اُهو به طئه ٿيل اصول آهي ته تنگ نظري يا ڪنهن به شعبي ۾ انتهاپسندي هميشه منفي اثر ڇڏيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن صفا معمولي قسم جا اختلاف سُٺن ناتن جو بنياد بڻجي ويندا آهن ته ڪڏهن وري سُٺا ناتا معمولي قسم جي ڳالهين جي ڪري ختم به ٿي ويندا آهن، پر حقيقت اِها آهي ته سَوين اختلافن جي باوجود به جنهن به فرد جو ڪردار جيترو لهڻي ٿو، اُهو حق ان کي ملڻ گهرجي، اُن جو هڪ سبب اِهو به آهي ته مون پنهنجي قلم کان ڪڏهن پٽڪن لاهڻ جو ڪم ناهي ورتو. اظهار جي آزادي ۽ اختلاف راءِ جو حق هر فرد کي فطري طور مليل آهي، پر اُن جو مقصد اِهو قطعي به ناهي ته ماضي، حال ۽ مُستقبل کي گڏائي ڪنهن به فرد جي مجموعي ڪردار بابت هڪڙي ۽ حتمي راءِ قائم ڪري ڇڏجي ۽ اُن مان صرف پنهنجي ذاتي مفاد جو نچوڙ چٽو ڪري بيهارجي. ماضيءَ ۾ جن ماڻهن لاءِ منهنجي راءِ هڪڙي هئي ته اڄ انهن بابت منهنجا ذاتي خيال ۽ رايا مختلف آهن. اڄ جن ڪردارن بابت منهنجي راءِ جيڪڏهن ڪا مثبت شڪل رکي ٿي ته ٿي سگهي ٿو ذاتي مشاهدن ۽ تجربن جي بنياد تي ايندڙ وقت ۾ انهن جي باري ۾ منهنجي راءِ اڃا به ٻي ڪنهن نوعيت جي هُجي. اُن سَموري ڪار گُذاري ۾ ذاتي ۽ فطري سوچ واري ڌارا جو عمل دخل اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن انسان جو ذهن سوچڻ، ڪن ٻُڌڻ ۽ اکيون ڏسڻ ڇڏي ڏين ته هر شيءِ جامد بڻجي ويندي ۽ جُمود جو شڪار ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي ذاتي خول مان ٻاهر نِڪري نٿو سگهي. آئون سائين جي ايم سيد جي اُن قول جو قائل آهيان ته ”سياسي اختلافن سبب پنهنجا ذاتي واسطا ڪڏهن به ختم نه ڪرڻ گهرجن.“ آئون سمجهان ٿو ته منهنجا اُهي ذاتي يا گروهي اختلاف جيڪي منهنجو ماضي بڻجي چُڪا آهن ۽ سياسي اختلاف پنهنجي جڳهه تي، پر انهن اختلافن مون کي هڪ صحافتي ۽ ادبي وابستگي جو بنياد فراهم ڪيو، هاڻي ته صحافت به منهنجو ماضي بڻجي چُڪي آهي، پر ادبي وابستگي اسان جي سماجي حلقي ۾ منهنجي شناسائي جي چادر کي وڌيڪ ڪُشادو ڪيو. شناسائي جو اُهو رستو کوڙ سارن ڪردارن سان گڏ ڪجهه ڪامورن سان به جُڙي پيو. اِها الڳ ڳالهه آهي ته اُنهن ڪامورن سان منهنجي وابستگي جي رَسي سندن رٽائرمينٽ کانپوءِ مضبوط ٿي، نه ته ڪيترن ئي الزامن جا تير مون تي به سڌا هُجن ها. اُنهن مان هڪ فرد اهڙو به هو، جيڪو مختلف حوالن سان گڏ هڪ علم ۽ ادب دوست واري ڪردار جي سُڃاڻپ به رکندڙ هو. اُن حوالي ئي مون کي سندس شخصيت تي قلم کڻڻ لاءِ قائل ڪيو. ٻيو هڪ اهم سبب اِهو به آهي ته هُن ۾ سَهپ ۽ برداشت جو مادو تمام گهڻو وزني رهيو، ڪير ڇا به چئي وڃي، هُو هر وقت مُسڪرائيندو رهندو هو. اهڙي قسم جي مُسڪراهٽ، مزاج ۽ طبيعت اڳئين ڪاوڙ ڪرڻ واري شخص لاءِ وڏي شرمندگيءَ جو سبب بڻجندي به مون ڏٺي. نوڪري دوران آئون سندس ماتحت هوندي سخت عتاب جو شڪار به رهيس ته ڪچي سرڪاري ملازمت جي پَڪي ۽ مُستقل ٿيڻ لاءِ اسان هاءِ ڪورٽ کان وٺي سپريم ڪورٽ تائين وڃي پهتاسين، پر سندس مجموعي ڪم ۽ ڪردار سبب مون کي پنهنجو اُهو عتاب وارو زمانو وسارڻ تي مجبور ڪري ٿو.


اُن سموري وارتا جو پوتاميل ۽ حوالو علي احمد لنڊ ئي آهي. علي احمد لنڊ ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ سعيد خان لنڊ ۾ ۲ اپريل ۱۹۵۶ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو نور محمد لنڊ آهي، هُن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، ۱۹۶۷ع ۾ گورنمينٽ عبدالرحيم ڪاتيار هاءِ اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيو، جتان هُن ۱۹۷۲ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي، ۱۹۷۴ع ۾ انٽر گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان پاس ڪئي، ۱۹۷۷ع ۾ اُن ئي ڪاليج مان بي اي جي تعليم حاصل ڪري ۱۹۷۹ع ۾ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) ڪيائين. ۱۹۷۴ع ۾ سعيد خان لنڊ مان هڪ اخبار جو رپورٽر ٿيو، جنهن بعد هڪ ٻي اخبار سان سلهاڙيل رهيو، ان کانپوءِ هڪ اخبار جو نيوز ايڊيٽر پڻ رهيو، سندس لکڻيون مختلف اخبارن ۽ مئگزينن ۾ پڻ شايع ٿيون. سرڪاري نوڪريءَ جي حوالي سان سڀ کان پهرين پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو، بعد ۾ ڪميشن پاس ڪري انفارميشن کاتي ۾ آفيسر طور ڀرتي ٿيو. وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن هڪ سرڪاري وفد وٺي چائنا ويو هو ته ساڻس گڏ ڪيترائي صحافي پڻ هئا، جنهن وفد ۾ سنڌي ٻولي، علم، ادب ۽ صحافت جي هڪ وڏي نالي سراج ميمڻ سان گڏ علي احمد لنڊ پڻ شامل هو. ۱۹۸۴ع ۾ سول سروسز ۾ اچڻ بعد صحافت کي خيرباد ڪيائين، حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر (ڊي سي او) رهيو. لوڪل گورنمينٽ، هائوسنگ ٽائون پلاننگ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، ڪو آپريٽوز، انڊسٽريز ۽ ڪامرس، لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتن جو صوبائي سيڪريٽري پڻ رهيو. سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري طور پڻ ڪم ڪيائين، جده (سعودي عرب)، ويٽنام، فلپائن، چائنا ۽ جاپان ۾ پاڪستان جي سرڪاري وفدن جي نمائندي طور شرڪت ڪئي، هُن ڪيترين ئي عالمي نمائشن ۾ پڻ ملڪ جي نمائندگي ڪئي. سندس شمار سنڌ جي ناليوارن ڪامورن ۾ ٿيندو هو، هُو ۲۰۱۰ع کان ۲۰۱۲ع تائين ٽنڊو محمد خان ضلعي جو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر (ڊي سي او) رهيو، جنهن دوران ۲۰۱۰ع ۾ سنڌي ٻولي جي نامياري اديب ۽ شاعر پروانو ڀٽي ۽ امداد حسيني سان سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سهڪار سان رهاڻيون رچايائين. اپريل ۲۰۱۱ع ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي انتظاميا طرفان ٽه روزه ”منهنجو ٽنڊو محمد خان فيسٽيول“ جو انعقاد ڪرائي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي ڏياريائين، جنهن فيسٽيول ۾ ”ٽنڊو محمد خان جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي موضوع تي شاندار سيمينار پڻ ڪرايائين، جن سَمورين تقريبن جي ڪمپيئرنگ به مون ڪئي، نه رڳو اُهو پر هُن ضلعي انتظاميا جي سربراهه جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان کي سوڪ سينٽر ٽنڊو محمد خان ۾ آفيس پڻ مُيسر ڪري ڏني.

هي اُهو دور هو، جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي مرڪز وٽ به پنهنجي آفيس به نه هئي، پر شاخ ٽنڊو محمد خان کي پنهنجي آفيس يعني پنهنجو هڪ علمي ۽ ادبي گهر ملي ويو هو، جيڪو گهر هاڻي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آهي. ۲۰۱۱ع جي ٻوڏ دوران ضلعي انتظاميا جي سربراهه جي حيثيت ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي اندر عوام جي بچاءُ، فلاح ۽ بهبود لاءِ انتهائي متحرڪ ڪردار ادا ڪيائين. هي به سندس اهم ڪارنامو چئي سگهجي ٿو ته جڏهن هُو ٽنڊو محمد خان ضلعي جو ڊي سي او هو، اُن وقت ڪوڙن ڊوميسائلن تي وڏي وٺ وٺان ٿي هئي، ڇاڪاڻ جو ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ داخلا جي لحاظ کان ضلعن جي ڪوٽا اربن ۽ رورل جي بنياد تي سخت مقابلي بازي واري هئي، اُن وقت ڊوميسائل ايڪشن ڪميٽي ٽنڊو محمد خان جي نشاندهي تي هُن ڪيترائي ڊوميسائل ڪوڙا قرار ڏئي رد ڪيا، جنهن سان اصل مقامي حقدار شاگردن کي پنهنجو حق پلئه پيو. پهرين اپريل ۲۰۱۶ع تي زندگيءَ جا ۶۰ سال پورا ڪري صوبائي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ۲۰۱۸ع ۾ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ ٽنڊو محمد خان جي تڪ پي ايس ۶۹ تان صوبائي اسيمبلي جي اميدوار طور نامزدگي فارم ڀرائي پ پ جي ٽڪيٽ ماڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيائين، پر ٽڪيٽ نه ملي سگهڻ ڪري نه چاهيندي به پ پ جي نامزد اميدوار عبدالڪريم سومرو جي حق ۾ دستبردار ٿيو. فيبروري ۲۰۱۹ع کان شاهراهه فيصل ڪراچي مان هڪ اخبار جاري ڪيائين، ان بعد سنڌي ٽي وي چئنل ”مُرڪ“ جو پڻ آغاز ڪيائين، جنهن جو سنڀاليندڙ سندس نيپاج فرزند ظهير احمد لنڊ آهي. علي احمد لنڊ پنهنجي شعوري عمر کان وٺي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ هميشه دلچسپي وٺندو رهيو ۽ اُنهن سرگرمين ۾ باضابطه طور شريڪ پڻ ٿيندو رهيو. ان کان علاوه هُو علم ۽ ادب دوستيءَ واري ڪردار جي ڪري مختلف علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي شخصيتن جي پنهنجي وس ۽ وت آهر تمام لڪل طريقي سان مدد پڻ ڪندو رهيو. هُو پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي غريبن ۽ مسڪينن جو ڀرجهلو به رهيو ته پڙهيل لکيل، باشعور ۽ متحرڪ نوجوانن لاءِ اُتساهه جو سبب به رهيو. مطلب ته مجموعي طور سندس متحرڪ ڪردار وري به مطمئن ڪندڙ رهيو، باقي فردن جا پاڻ ۾ ذاتي، گروهي، سياسي ۽ سماجي اختلاف فطرت جو حصو آهن، جنهن عمل کان ڪير به آجو ڪونهي، هاڻي ته اُهي سمورا اختلاف به ڪنڌ نوائي بيهي رهيا آهن. بس ياد رهندو ته اُن شخص جو ڪردار ئي ياد رهندو، جيڪو ڪردار هن سماج ۾ خوب نڀايو. ڪردار نڀائيندي نڀائيندي ڪجهه عرصو علالت ۾ رهڻ بعد ۲۵ جنوري ۲۰۲۱ع بمطابق ۱۱ جمادي الثاني ۱۴۴۲ هجري بروز سومر تي فجر ٽاڻي علي احمد لنڊ اسان کان هميشه لاءِ جسماني طور وڇڙي ويو.

 

(روزاني ڀٽي نيوز حيدرآباد ۾، ۲۶ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا