; سنڌي شخصيتون: گل حسن ’گل‘ لاکو

14 February, 2021

گل حسن ’گل‘ لاکو

گل حسن ’گل‘ لاکو

گهڻن جو گُل، زندهه دل ۽ بردبار شاعر ۽ نثر نويس - جنم ڏينھن جي نسبت سان

مٺل جسڪاڻي



گل حسن ’گل‘ لاکو، منهنجو ئي نه، گهڻن جو گُل آهي. زندهه دل آهي. بردبار شاعر ۽ نثر نويس آهي. ساڻس روبرو ۽ فاصلاتي ميل ملاقات، کل ڀوڳ، ٻَڌا ٻَڌا ٽهڪ پئي رهيا آهن. تمام گهڻو قربائتو ۽ ملنسار آهي. ٻين کي وقت ڏيندڙ آهي. سندس جنم تاريخ ۰۴ فيبروري جي نسبت سان حاضر آهي سندس مختصر تعارف ۽ ويچار ونڊ...

مٺل: اوھان جو نالو؟

گل: گل حسن ’گل‘ لاکو


مٺل: ولديت ذات سميت؟

گل: عبدالرئوف لاکو

مٺل: رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):

گل: ۴ فيبروري ۱۹۶۱ع، ڳوٺ نئون دلور، برھمڻ آباد. ۱۹۸۸ع کان رھائش ٽنڊو آدم.

مٺل: تعليم؟

گل: ايم اي سوشيالاجي، ايل ايل بي.

مٺل: ڪرت (پيشو)؟

اسٽيشن ماسٽر، پاڪستان ريلويز تان ناچاڪائي سبب رٽائر ٿي ويو آھيان..

مٺل: ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟

گل: لکڻ پڙهڻ، سماجي خدمت، رولاڪيون، يارن سان ڪچھريون ڪرڻ.

مٺل: ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جو ڪو ڪتاب؟

گل: شروع ۾ ۱۰ کن ڪھاڻيون لکيم. ھاڻي شاعري، مضمون نگاري، ڪتابن تي تبصرا، تاريخ جا ورق ۽ سفرناما لکان ٿو.

مٺل: مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟

گل: مطالعي ۾ شاعري، ڪھاڻيون، ناول، فلاسافي، تاريخ، جاگرافي، آرڪيالاجي، اينٿراپولاجي، لوڪ ڏاهپ، سوانح حيات.

مٺل: سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟

گل: سير سفر صحت ۽ ڄاڻ لاءِ بھتر آھي. منهنجي زندگي سفر ۾ گذري آهي. پاڪستان جا ڪجھ حصا گھميا اٿم، ٻاھر گھمڻ چاھيان ٿو، سنڌو تھذيبَ جا سڀ ماڳ مڪان ڏسڻ چاهيان ٿو.

مٺل: ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟

گل: سنڌي ڪچھريءَ جا ڪوڏيا آهن، ڳوٺاڻين ڪچھرين کي ھاڻي نظر لڳي ويئي آهي، يارن دوستن، شاعرن اديبن، عالمن، صوفين، سالڪن، سنڌ جي عاشقن سان ڪچھرين جو خواهشمند آهيان.

مٺل: ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟

گل: ادبي تقريبون علم ادب جي واڌ ويجهه، سماجي شعور ۽ ڌرتيءَ سان پيار سيکارين ٿيون. ادبي تقريبون سماج جي ارتقا ۽ سونھن آهن. علمي ادبي تقريبون ٿيڻ گھرجن، ماڻھوءَ کي ماڻھوءَ سان ملڻ گھرجي.

مٺل: سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟

گل: انسان سماجي جانور آهي، سماجي ڪم نه ڪندو، ته سماج ڌپ ڪري ويندو. سماجي ڪمن ذريعي ھمدردي ۽ انسانيت جو درس ملي ٿو. سماجي تقريبون ساڃاهه وند سماج جي نشاني آھن.

مٺل: اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

گل: عزيزين سان لڳ لاڳاپا بھتر آھن. نوڪريءَ جي رولاڪين، پنهنجن کان پري ڪيو، مگر نڀائيندو اچان.

مٺل: اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟

گل: سنگت ساٿ سان جڙيل آهي جند،

مون آ ڏٺي سنڌ، مٺڙن ماروئڙن ۾ .

مٺل: اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟

گل: سفيد، ڊارڪ زون.

مٺل: اوھان جي پسند جي سواري؟

گل: ريل گاڏي

مٺل: اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟

گل: سنڌ سماجي ۽ سائنسي شعور سان سلهاڙجي، دنيا جي سرواڻي ڪري.

مٺل: مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟

گل: مٽ مائٽ رت جا رشتا آهن، کين روح جا رشتا بنايو، ڏک سک ۾ساٿ نڀايو. سکيا ھجو شال.

مٺل: سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟

گل: سنگت ساٿ کي علم ۽ عمل سان سلھاڙي، سھڻو ساٿ جوڙيو. وطن واسين سان جيءَ جوڙيو.

مٺل: عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟

گل: ڪوبه ماڻهو عام ناھي، سڀ خاص آهن. سماجي ۽ طبقاتي فرق ختم ڪري، امير ۽ غريب جي فرق کي ختم ڪري، سماجي انصاف لاءِ ھڪ ساڃاهه وند سماج اڏڻ لاءِ ڪوشش ڪجي، جنهن ۾ سڀ انسان برابر ھجن.

مٺل: اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟

گل: علم ۽ عمل، تخليقي ذهن ذريعي سونھن جا سج اڀاريو، پنهنجي پاڻ سان ڳالھايو، سنڌ جي سونهن وڌايو، سنسار جي سونهن وڌايو، پنهنجي فڪري معيار کي وڌايو، علم پرايو، تعليمي ترقيءَ کي سماجي سونھن بنايو. معاشي ترقي ڪريو.

ڌرتيءَ کي دلدار بنايو،

پيار کي پالڻھار بنايو.

مٺل: گل لاکو ڪجهہ عرصي کان ناچاڪ آھي، سندس لاءِ انيڪ نيڪ تمنائون، شل جلد صحت ماڻي، خوش ۽ خيريت ھجي، آمين.

(روزاني آجيان شڪارپور، خميس ۰۴ فيبروري ۲۰۲۱ع)

No comments:

راءِ ڏيندا