; سنڌي شخصيتون: سيد منظور نقوي

14 February, 2021

سيد منظور نقوي

سيد منظور نقوي

خاص جيون



نالو .............سيد لطف علي شاھ

المعروف .........سيد منظور نقوي

حوالو ...........گھڻ رُخي شخصيت

خاص حوالو... شاعر ۽ علم و اَدب

ڄم .................۱۷ مئي ۱۹۲۴ ع

وصال ...........۹ آڪٽوبر ۱۹۹۷ ع


سنڌ جي ڌرتي انيڪ ھيرن ۽ جواھرن سان ڀريل آھي، بلڪ کڻي چئجي ته سٿيل آهي، انهن موتين، هيرن، جواهرن جي جھرمر مان هڪ موتي ۽ سگھاري شخصيت، سنڌي ادب، موسيقي ۽ ثقافت جو هڪ مضبوط اهڃاڻ اسان جي نگاه جو مرڪز آهي جنهن کي منظور نقوي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

سيد لطف علي شاھ المعروف منظور نقوي ولد سيد حسين علي شاھ ۱۷ مئي ۱۹۲۴ع مطابق ۲۲ شوال المڪرم ۱۳۴۲ ھجري تي ٽنڊو جھانيان ۾ جھانيان خاندان ۾ ڄائو. سندن خاندان جو شجرو، حضرت مخدوم جلال الدين جھانيان جھان گشت سان ملي ٿو.

سيد لطف علي شاھ جي تعليم جي شروعات ڪينٽونمنٽ اسڪول ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ سان ٿي. تنھن کان پوءِ ان وقت جي نووديالا ھاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ۽ ھاڻوڪي ماڊل اسڪول اولڊ ڪيمپس ۾ ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين ان کان پوءِ حڪيم عبدالحڪيم عباسي وٽ فارسي ۽ طب پڙھيو.

۱۹۴۰ع ۾ سيد لطف علي شاھ طب جي مزيد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دھليءَ ويو جتي علم طب جي تعليم مڪمل ڪري ۱۷ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي ڪامل الاطباء جي ڊگري حاصل ڪيائين. سيد منظور نقوي کي شاعري گويا ورثي ۾ ملي، سندن خاندان مان حضرت سيد فتح الدين شاھ ”فتح“ سيد قطب الدين شاھ ”قطب“ ۽ سيد روشن علي شاھ ”روشن“ جھڙن شاعرن جي خانداني حيثيت ھوندي به، سيد منظور نقوي پنھنجو پاڻ کي پنھنجي دور جو ھڪ با ڪمال شاعر ثابت ڪيو.

شاعري جي ڪا اهڙي صنف ڪونھي جنھن ۾ ھن طبع آزمائي نه ڪئي ھجي، غزل، ڪافيون، بيت، نوحه، مرثيه، گيت، وطن جا گيت، نظم مطلب ته ھر ميدان ۾ ھن شھسوار پنھنجي وجود جي ڊوڙ جاري رکي ۽ خيالن جي سنبن سان سڀني ميدانن کي لتاڙيو. ننڍڙي ھوندي کان ئي موزون طبع ۽ ذھني رسا جي ڪري منظور منظوم ڪلام چوڻ شروع ڪيو ۽ پھريون شعر يارنھن سالن جي عمر ۾ چيائين، جيڪو ھڪ نوحي جي صورت ۾ ھو ۽ جنھن جي ابتدا ھئي.

ھئ ھئ اصغر ننڍڙو ٻار

ھئ ھئ اصغر ننڍڙو ٻار

پاڻ علمِ عروض مان به واقفيت حاصل ڪيائين. سنڌي، سرائيڪيءَ ۽ اڙدو ۾ منظور تخلص استعمال ڪندو ھو ۽ ھندي ۾ منجو فارسي ۾ سبق ۽ پراڻي سنڌي زبان جي وائين، ڪافين ۽ بيتن ۾ تخلص لطف به استعمال ڪندو رھيو.

سيد منظور نقويءَ جي حياتيءَ جا رنگ به انيڪ رھيا آھن، طبّ، شڪار، مصوري ۽ شاعري گويا کيس ورثي ۾ مليون ھجن، شڪار ۾ خطرناڪ جانورن جو شڪار سندس مرغوب مشغلو رھيو ۽ جھنگلي جانورن جي خصلتن بابت پاڻ گھڻي ڄاڻ به رکندو ھو. مصّوريءَ جي موروثي شغف کي تڪميل تي پھچائڻ لاءِ پاڻ مشھورِ زمانه بنگالي مصّور ايس ڊي ٺڪر کان پينسل ورڪ، لائيف اسڪيچ، سلو ڊي واٽر ڪلر تي دسترس حاصل ڪيائين.

نقوي صاحب جو ھڪ خاص شوق پيڪر گري رھيو آھي، مجسمه سازيءَ ۾ ڪليَ ۽ ميڻ جي ڪم جي به بھترين ڄاڻ ھئس. ھن صاحب ڪيترن ئي سازن وڃائڻ تي به ڪمال حاصل ڪيو. ٻين علمن مان موسيقي، سُر ۽ تال جي علمن مان به عملي طرح سان تعليم حاصل ڪيائين. اُن کان سواءِ جفر ۽ رمل تي به مھارت حاصل ڪيائين. سيد منظور نقوي جي حياتيءَ جي انيڪ ڪارنامن ۽ انھن جي مختصر احوال عرض ڪرڻ کان پوءِ سندس واتان سندس حياتي جو تتُ ته ”مان سنڌيءَ ۾ پھريون منظوم نغمن جو موّجد آھيان، پھريون سنڌيءَ ۽ ڪلاسيڪل ٻول لکڻ وارو، پراڻو شاھ سائينءَ جي ڏينھن جي وسريل ”راڳ سامونڊيءَ“ کي ورجائيندڙ، موسيقيءَ جا لڪشمن ٻول لکڻ وارو ۽ سنڌي وڄت ۾ ٻن نون تالن، ”تال سُڌري“ ۽ ”تال تعت“ جو موّجد آھيان.

رزميه ڪلامن، گيتن، ترانن ۽ نغمن کان سواءِ منظور نقوي صاحب عوامي رنگ ۾ نڙ جا بيت، ڇلا، مورا ۽ لوليون، غزل، نظم، مخمص، رباعي، سلام، قصيده ۽ مثنوي جي ميدانن ۾ به ڀرپور طبع آزمائي ڪئي آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پهرين هڪ مشاعري ۾ هن اردوءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ھڪ ئي وقت پھريان انعام کنيا. ميرپور خاص ۾ ”مير شير محمد سيمينار“ ۾ گولڊميڊل کٽيو. ۱۹۸۶ع ۾ ”انٽرنيشنل شاھ لطيف سيمينار“ ايوارڊ کٽڻ کان سواءِ نقوي صاحب ادب ۾ ڪيترا ئي انعام ۽ اعزاز حاصل ڪيا ۽ ۱۹۸۷ع ۾ ”گورنرز ايوارڊ“ پڻ حاصل ڪيائين.

ريڊيو پاڪستان سان سيد منظور نقويءَ جو لاڳاپو ڪراچي اسٽيشن ٺھڻ سان ئي جڙي ويو. ۱۹۴۸ع ۾ جڏھن ڪراچي اسٽيشن ھڪ تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته منظور نقويءَ ھڪ فيچر ۾ منظوم شاعري ڪئي.

تون آئين نه، ماري ٿي مونکي تنھنجي جدائي.

برسات ڀي آئي.

منظور زماني ۾ جيئڻ ناھي ميسر، ھئ ھئ دلِ مضطر،

سيني ۾ نه دم ماپي ٿو نڪري ٿو نه ٻاھر، ھئ ھئ دلِ مضطر.

بھتر آھي ھن درد کان ڏي موت رھائي،

برسات ڀي آئي.

پھرين جنوري ۱۹۵۶ع ۾ منظور نقويءَ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت سان پنھنجون ذميواريون سنڀاليون ۽ ۲۹ سالن جي رفاقت کان پوءِ جنوري ۱۹۸۵ع ۾ رٽائر ڪيائين. ريڊيو سان لاڳاپي دوران سندس سون جي تعداد ۾ ڊراما ۽ فيچر نشر ٿيا. ۽ تنھن کان سواءِ انيڪ نغمه، گيت ۽ ڪافيون سندس ذھانت جي سوڀ رھيون. ريڊئي سان لاڳاپي دوران سندس پيشڪش ”جمھُور جو آواز“ جھرن جھنگن ۾ پنھنجو پاڻ مڃائي وئي. تنھن کان سواءِ ھن صاحب، فلم ”سورٺ“، ”بادل“ ۽ ”گھونگھٽ لاھ ڪنوار“ جي نغمه نگاري به ڪئي.

ادبي لحاظ کان سندس ڇپيل تصنيفون ”سنڌ جي مدنيت“ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ”راڳ ۽ تال“ سنڌالاجيءَ ڇپرايا آھن. تنھن کان سواءِ شاھ سائين جي ڪلام جي محاورن تي چئن جلدن ۾ لکيل ”جڙاءُ“، ”ملھ ۽ ٻيلھاڙو“، ”صنفِ ڪافي“، ”شاھ لطيف جو راڳ“، ”نبض شناسي“ ۽ ”جھانيان خاندان جا اولياءُ“ سندن اڻ ڇپيل تصنيفون آھن.

۱۹۳۹ ع ۾ سيد لطف علي شاھ عرف منظور نقوي جي شادي سيد ڏنل شاھ عرف (سيد فقر علي شاھ دوئم) ولد سيد علي اڪبر شاھ بن سيد قطب علي شاھ جھانيان جي ننڍي نياڻي سان ٿي. ٽن نياڻن ۽ ھڪ پٽ جو والد کاڌي، رنگ ۽ لباس ۾ ڪا پسند نه رکندو ھو. ادبي ۽ ثقافتي شخصيتون سندس ڪمزوري ھيون. کيس فجر جو وقت، ھٿ سان تصوير ٺاھڻ ۽ ڪتاب لکڻ سان چاھ ھو. پاڻ ھفتي وار اخبار ”پنجتني“، روزنامه ”عبرت“ ۽ روزنامه ”خادِمِ وطن“ ۾ نقاد، ڪالم نويس ۽ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيائون. پنھنجيءَ حياتيءَ جا ڀرپور ورھيه گذارڻ جي باوجود سندن احساس ھورا کورا ٿي ڏياريو ته گھڻو ڪجھ رھجي ويو. ھن عام ماڻھن لاءِ اھو ئي نياپو ڏنو ته عبادت ۽ دين سان چاھ رکو، ادب ۽ ثقافت ۾ بھرو وٺندا رھو.

سندن وصال ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۷ ع جمعي جي رات ساڍي ۱۰ وڳي ٿيو ۽ جمعي جي صبح جو ساڍي ۱۰ وڳي سندن جسدِ خاڪي کي سندن ڏاڏي سيد قطب علي شاھ جھانيان جي درگاھ جي احاطي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

(سيد منظور نقوي جي نالي سان جڙيل فيسبڪ وال تان کنيل)


 

سيد منظور نقوي

اختصار سان

سيد لطف علي شاھ المعروف سيد منظور نقوي (ڄم ۱۷ مئي ۱۹۲۴ع - وصال ۹ آڪٽوبر ۱۹۹۷ع ولد سيد حسين علي شاھ ٽنڊو جھانيان ۾ جھانيان خاندان جنھن جو شجرو، حضرت مخدوم جلال الدين جھانيان جھان گشت سان ملي ٿو، منجھ ڄائو.

ڪينٽونمنٽ اسڪول ۾ پرائمري، نووديالا ھاءِ اسڪول حيدرآباد، ھاڻوڪي ماڊل اسڪول اولڊ ڪيمپس ۾ ميٽرڪ جي تعليم حاصل ڪيائين. حڪيم عبدالحڪيم عباسي وٽ فارسي ۽ طب پڙھيو. دھليءَ مان ۱۷ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي ڪامل الاطباء جي ڊگري حاصل ڪيائين.

شاعري جي ھر صنف جھڙوڪ؛ غزل، ڪافيون، بيت، نوحه، مرثيه، گيت، وطن جا گيت، نظم وغيرھ تي طبع آزمائي ڪيائين. سنڌي، سرائيڪيءَ ۽ اڙدوءَ ۾ تخلص منظور، ھنديءَ ۾ منجو، فارسيءَ ۾ سبق ۽ آڳاٽين سنڌي وائين، ڪافين ۽ بيتن ۾ لطف استعمال ڪيو اٿائين. طبّ، شڪار، مصوري ۽ شاعري کان علاوھ سندس خاص شوق پيڪر گري / مجسمه سازي رھيو.

سازن وڄائڻ تي به ڪمال حاصل ھيس. موسيقي جي سُر ۽ تال بابت تعليم حاصل ڪيائين. جفر ۽ رمل تي به مھارت حاصل ڪيائين. سنڌيءَ ۾ منظوم نغمن جو موجد، پھريون سنڌيءَ ۾ ڪلاسيڪل ٻول لکڻ وارو، پراڻو شاھ سائينءَ جي ڏينھن جي وسريل ”راڳ سامونڊيءَ“ کي ورجائيندڙ، موسيقيءَ جا لڪشمن ٻول لکڻ وارو ۽ سنڌي وڄت ۾ ٻن نون تالن، ”تال سُڌري“ ۽ ”تال تعت“ جو موجد آھي. رزميه ڪلامن، گيتن، ترانن ۽ نغمن کان سواءِ عوامي رنگ ۾ نڙ جا بيت، ڇلا، مورا ۽ لوليون، غزل، نظم، مخمص، رباعي، سلام، قصيده ۽ مثنوي جي ميدانن ۾ به ڀرپور طبع آزمائي ڪيائين.

ريڊيو پاڪستان سان لاڳاپو، سال ۱۹۴۸ع ڌاري ڪراچي اسٽيشن ٺھڻ سان ئي جڙيس. جنوري ۱۹۵۶ع کان جنوري ۱۹۸۵ع تائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسڪرپٽ رائيٽر رھي، رٽائر ڪيائين. ريڊيو تي سون جي تعداد ۾ ڊراما ۽ فيچر، انيڪ نغمه، گيت ۽ ڪافيون نشر ٿيس. فلم ”سورٺ“، ”بادل“ ۽ ”گھونگھٽ لاھ ڪنوار“ جي نغمه نگاري به ڪيائين.

سندس ڇپيل ادبي تصنيفون ”سنڌ جي مدنيت“ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ”راڳ ۽ تال“ سنڌالاجي آھن. سندس اڻ ڇپيل تصنيفن ۾ شاھ سائين جي ڪلام جي محاورن تي چئن جلدن ۾ لکيل ”جڙاءُ“، ”ملھ ۽ ٻيلھاڙو“، ”صنفِ ڪافي“، ”شاھ لطيف جو راڳ“، ”نبض شناسي“ ۽ ”جھانيان خاندان جا اولياءُ“ آھن.

ھفتي وار اخبار ”پنجتني“، روزنامه ”عبرت“ ۽ روزنامه ”خادِمِ وطن“ ۾ نقاد، ڪالم نويس ۽ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيائون.

وفات بعد، سندن ڏاڏي سيد قطب علي شاھ جھانيان جي درگاھ جي احاطي ۾ مدفون آھن.



Syed Lutuf Ali Shah alias Manzoor Naqvi

Gul Mohammad Umrani

Syed Manzoor Naqvi of Tando Jehania whom I never met in his life and heard him in Fateh Khan jee Katchery in my school days in 1960s  but knew that he was an  outstanding literary Poetic expressionist of Prosodic imagery  and multi-faceted knowledgeable veteran and was a  multi-dimensional folk and classical  style  mystical musician, dramatist and a unique script writer.  He first introduced Folk song "Lal Meri Pat Rakhio" directly from the live broadcast on the Urs of  Qalalandar Lal Shahbaz from Sehwan, composed by him being an  unmatched broadcasting genius amongst the producers of Radio Pakistan Hyderabad since 1955 and an  eminent  Scholar of Shah Latif and classical Sindhi Literature .May Allah bless his soul in Heaven.

 

(Taken from the Facebook post by Gul Muhammad Umrani on 9th October 2022 AD)


سيد منظور نقوي

محمد رمضان شورو

اڄ سنڌ جي مشهور شاعر، ليکڪ، محقق، موسيقار، ڊراما نگار، اسڪرپٽ رائيٽر سيد منظور نقوي جي وفات جي تاريخ آهي، سيد لطف علي شاهه جھانيان المعروف سيد منظور نقوي 17 مئي 1924ع تي ٽنڊو جھانيان حيدرآباد ۾ جنم ورتو، ھن نووديالا ھائي اسڪول، موجوده ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس مان مئٽرڪ ڪئي، ان کان پوءِ حڪيم عبدالحڪيم عباسي وٽ فارسيءَ ۽ طب جي تعليم حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم دھليء مان حاصل ڪئي، جھانيان خاندان ۾ ھن کان پھرين سيد قطب علي شاهه جھانيان ۽ سيد روشن علي شاهه جھانيان سنڌي ڪافي جا وڏا شاعر ٿي گذريا آهن، سيد لطف علي شاهه جھانيان المعروف سيد منظور نقوي به ڪافي، غزل سميت شاعري جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي، ھن سنڌي سان گڏ سرائڪي، اردو، فارسي، ھندي ۾ به شاعري ڪئي، سندس فائن آرٽس، مصوري، مجسمہ سازي سان به گھري دلچسپي رهي، 1948ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ڪراچي قائم ٿيو ته ان سان لاڳاپجي ويو، وري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد قائم ٿيو ته اتي اچي ويو، ھن ٻنهي ريڊيو اسٽيشنس تي لاتعداد، ڊراما، فيچرس، اسڪرپٽس لکيا، سنڌ ۾ ڪنهن دور ۾ مشهور پروگرام "جمھور جو آواز" به سندس پيشڪش ۾ شروع ٿيو، ھن فلم سورٺ، بادل، گھونگھٽ لاھي ڪنوار جا به گيت لکيا، سندس شاعري ماسٽر محمد ابراهيم، محمد جمن، محمد يوسف، زيب النساء سميت سنڌ جي سڀني مشهور فنڪارن ڳائي آهي، ھن جي ڪتابن ۾ سنڌ جي مدنيت، راڳ ۽ تال، جڙاء (چئين جلدن تي مشتمل)، ملھ ۽ ٻيلھاڙو، صنف ڪافي، شاھ لطيف جو راڳ، نبض شناسي، جھانيان خاندان جا اولياء وغیرہ شامل آهن، ھن 9 آڪٽوبر 1997ع تي وفات ڪئي..

 

(محمد رمضان شورو جي فيسبڪ پوسٽ  تان ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا