; سنڌي شخصيتون: سانگيڏان راجپوت

03 February, 2021

سانگيڏان راجپوت

سانگيڏان راجپوت

تپيدار ۽ لوڪ ڏاھپ جو پارکو

ڀارومل امراڻي



لوڪ ڏاهپ جي پارکو ۽ روينيو رڪارڊ جي ڄاڻو راٺوڙ ونس جي تپيدار سانگيڏان راجپوت سان ملندي ٿري لوڪ چوڻي چپن تي تري ايندي آهي ته ‘ڀت سواءِ چٽ نه نڪرندا آهن’. سانگيڏان سان ڪچهري مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ماڻهو جي هلڻي چلڻي ۽ اڻسارن مان سڃاڻپ جي لاءِ لوڪ ڏاهن وٽ ڪهڙي ڪسوٽي آهي؟ انسان جي سياڻپ ۽ دانش ڪهڙن اٺن خصلتن مان پڌري ٿيندي آهي؟ عورت جي سورنهن سينگارن ۾ ڪهڙا چار چلونت، چار پکيرو، چار گل، چار ڦل آهن؟ ٿر ۾ ڪهڙا راڄنيتي جا نامور نالا رهيا آهن. ٿر جي راڄن ڀاڳن ۾ ڪهڙا لوڪ ڏاهپ جا ڄاڻو رهيا آهن.؟


چوويھ سيپٽمبر ۱۹۵۷ع تي، ٿر جي ڳوٺ مالڻهور کاهوڙيه ۾ جنم وٺندڙ سانگيڏان کي تپيداري جو ڪورس ڪرڻ سان ئي ترت سرڪاري نوڪري ملي ويئي، پر هن هڪ سال گولاڙچي واري پاسي نوڪري ڪرڻ کان پوءِ استيفيٰ ڏيئي ڇڏي. هن وري نوڪري ۱۹۸۲ع ۾ شروع ڪئي، مختلف هنڌن تي نوڪري ڪري ڄمار جا ۶۰ سال پورا ڪرڻ کان پوءِ ۲۰۱۷ع ۾ رٽائرمنٽ ورتي آهي.

ماڻهو جي ڪڙم قبيلي ۽ خاندان جي پرک جي ڪسوٽي تي ڳالهائيندي سانگيڏان سڀ کان پهرين پنهنجي پٽڪي جي ور کي هٿ سان ٺاهي، مڇن کي هلڪو مروڙ ڏيئي ڳالهه شروع ڪندو آهي ته نه صرف ٿر ۾ ڪڙمن قبيلن جي پٽڪي جي ٻڌ ۾ فرق هوندو آهي پر هر ڳوٺ جي ماڻهن جي پٽڪي جو ٻڌ به ڌار هوندو آهي. اسين جڏهن اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته ٿر جي ڳوٺن جي سمورن ماڻهن کي سڃاڻيندا نه هئاسين ڳوٺ ڏٺ هڪ ٻن ماڻهن سان سڃاڻپ هوندي هئي پر پٽڪي جي ٻڌ تي سڃاڻي وٺندا هئاسين ته هي همراه فلاڻي ڳوٺ جو ٿي سگهي ٿو پوءِ شرطون رکي پڇا ڪندا هئاسين ته پڪ ٿيندي هئي ته ساڳئي ڳوٺ جو آهي.

لوڪ ڏاهپ جي هي پرک خانداني ورثي ۽ سوچ ويچار سان ملندي آهي. منهنجو سوٽ وينجهراج ڳوٺ ۾ رهندو هو، وڏو پارکو هوندو هو، ٽي بي جو مريض ٿيڻ کان پوءِ اوتاري ۾ ستل هوندو هو. ڳوٺ جا ٻه چار ماڻهو روز هن کي وندرائڻ جي لاءِ ويٺا هوندا هئاسين. ڪڏهن اوتاري ته ڪڏهن ڀٽ، واڙي، وٿاڻ ۽ ريل ۾ ويٺي ڏور پريان مٿارين مٿان ڪو ايندڙ نظر ايندو هو ته وينجهي کان پڇبو هو ته هي ڪير ٿي سگهي ٿو؟ وينجهو جواب ڏيڻ کان پهرين ٻه چار سوال ڪندو هو ته اٺ مٿي آهي يا گهوڙي مٿي؟ پاکڙي مٿي آهي ٻڙهي مٿي؟ عورت گڏ آهي يا اڪيلو آهي؟ عورت اڳيان ويٺل آهي يا پويان؟ پوءِ هو چوندو هو ته هي فلاڻو ماڻهو آهي، پنهنجي ڀيڻ ڪوٺڻ ويو هو، ڀيڻ کي ڪوٺي وريو آهي. يا هي فلاڻو ماڻهو آهي، پويان هن جي گهر واري ويٺل آهي. وينجهي وٽ سڃاڻپ جي پرک سان ياداشت وڏي هوندي هئي. ڪير ڪٿي پرڻيو آهي، ڪنهن جي ڌيءَ ڪٿي پرڻايل آهي. هن ماٿاري تان ايندڙ ڪير ٿي سگهي ٿو.

اهڙي نموني اسين مٺي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران اسان هاسٽل ۾ رهندا هئاسين. ڊاڪٽر ڪانجي ۽ منهنجو اڪثر بحث پرک جي ڪسوٽي ۽ سڃاڻپ تي ٿيندو هو. آئون چوندو هوس ته ڪراچي ۾ به آئون ٿر جي راجپوت کي سڃاڻي وٺندس، هو ڪهڙي به ڊريس ۾ هجي. ناٿڙي جي ڳوٺ جو ڇوڪرا اسان سان گڏ پڙهندا هئا، انهن جا مائٽ اتي رهندا هئا. اسين سڃاڻپ جي شرط رکي ناٿڙي جي اسڪول ۾ وياسين.ان وقت سائين کيتسنگهه تازو استاد ٿي آيو هو. ان اسڪول ۾ ٻاويهه ڇوڪرا پڙهندڙ هئا. انهن ڏانهن نهاري مون چيو ڪانجي تون ٻڌائين ٿو ياآئون ٻڌايان؟ پوءِ مون ٻڌايا صرف ٻن ڇوڪرن جي خاندان جو نالو ٻڌايو پر ڪنهن جا پٽ آهن اهو ٻڌائي نه سگهيس.

اسڪول جي وقت کان پوءِ واپس ايندا هئاسين شام جو وٿاڻ وڃي ڦرن جي سڃاڻپ ڪندا هئا ته هي ڦر ڪهڙي ٻڪري جو آهي. مال جي به ائين سڃاپڻ ٿيندي آهي.

ماڻهو جي سڃاڻپ وک، پير، چهري، اک، نڪ، ڪن، چپ مان نه ٿي ته پوءِ هن کي ٻوليءَ مان پرکبو آهي. پارکو ماڻهو پکين ۽ جانورن جي ٻوليءَ کي سمجهندا آهن. جيڪي ماڻهو ڄائي نابين هوندا آهن اهي ٻولي تي ڪيئن سڃاڻندا آهن؟ اها ڪيڏي حيرت جوڳي ڳالهه آهي. بڙتلا جي ڀر سان ڀوڏيسر جي رهواسي سامون جي جو ڀاءُ نارائڻ سنگهه نابين هو. هن نابين پاڻ تلاءِ کوٽيو، ان جو نارائڻ سر نالو رکيو، ڍڳيون چاريندو هو، هن جي ولر جي ڍڳي ٽري ويندي هئي يا ٻي ولر جي گڏ ٿيندي هئي. سنڀالي وٺندو هو.

وينجهي ۽ ڊاڪٽر ڪانجي کان پوءِ مون کي پارکو جي حوالي سان ارباب علي سميجي متاثر ڪيو. آئون ۽ ارباب علي گڏجي هڪڙي فيصلي تي وياسين، مون وٽ هڪ راجپوت ڇوڪرو رهندو هو، صبح اٿڻ سان ارباب علي چيو ته؛ ”هن ڇوڪري جي ناني ٻي قبيلي جي آهي؟“ مون کي خبر هئي. پر مون چيو؛ ”نه.“ سال کان پوءِ وري ارباب علي چيو ته؛ ”مون واري پرک ته ائين ٿي چوي، وڌيڪ تنهنجي مرضي. مون چيو؛ ”تو کي ڪيئن خبر پئي؟“ چيائين؛ ”جتي پاڻ ويٺا هئاسين اتي سامهون ان قبيلي جا گهر هئا. انهن گهرن ڏانهن هي ڇوڪرو، جنهن اتاولي سان نهاري رهيو هو، مون هن جي اهڙي نهار کي ڏسندي پرکيو ته هن جو ناناڻو پک هن قبيلي سان آهي.“ ارباب علي جي ڳالهه صحيح هئي.

ٿر ۾ جيڪي اوٺاري آهن، اهي اڪثر پيري آهن. اڳ ۾ ڏاهپ وڌيڪ هوندي هئي. ڳنوار هجي يا ٻڪرار، مال جي چڙي، چنگ، مٽر جي آواز کي سڃاڻندا هئا. هاڻي اها پرک گهٽجي رهي آهي. ڳوٺ ڌوڙيئي جو ڏيسر پاڳي هو. مالڻهور جو ڀيرجي پاڳي آهي. ڀڳي ٽٽي جي ٻاڌري جي حوالي سان راجپوتن ۾ مٺڙيو ڀٽي جو اجتو ڀٽي ڪاريگر هو. اجتي کان پوءِ تڻيراج جو وڏو نالو ٿيو. تڻيراج وڏي سوچ رکندڙ، دور انديش ۽ درويش صفت انسان هو، کنگهار پير جو مريد هو، ڀڳل ٽٽي هڏي کي ٻڌڻ جي لاءِ کنگهار پير جو نالو وٺي پوءِ هٿ ڏيندو هو. منهنجو هڏ ڀڳو هو،آئون تڻيراج وٽ پٽي جي لاءِ ويٺو هوس ته هن جو ڀاءَ چتر سنگهه ڳوٺ کان ٻاهر وڃڻ جي لاءِ اٿيو، تڻيراج چيو ته چتر ٿوري دير ترسي پوءِ وڃ، چتر چيو ته ادا دنيا ڪٿي وڃي پهتي آهي. توهان سنوڻن جي وهمن ۾ قابو آهيو، ائين چئي چتر گاڏي ڪاهي روانو ٿيو. ڪجهه دير ۾ سماچار مليا ته گاڏي جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي. ننڍي کنڊ جي وڏي ريگستان ۾ سنوڻن جي حوالي سان ڀاٽي مشهور رهيا آهن. ڀاٽين سان گڏ يا انهن جي اثر  هيٺ رهيا اهي وڏا سنوڻي ٿيا. سنوڻ جي معنيٰ ويچار آهي. جنهن جي لاءِ جيترو  ويچار ڪبو اوترو هن کي پرکبو آهي، سمجهبو آهي.. روزمرهه جي زندگي ۾ روز اهڙا مثال ٿين ٿا.

سانگيڏان وٽ سارو ڏينهن ويٺا هجو  گهوڙن ۽ اٺن جي نسلن ۽ انهن جي پرک، گهوڙي سوارن ۽ اٺ سوارن جون ڳالهيون نه کٽنديون. ڳالهه  مان ڳالهه ڪڍي چوندو ته منهنجي زندگي گهوڙن سان گهڻي گذري آهي، جيترو مون کي گهوڙن ويچار ڏنو، سبق پڙهايا، ايترا ڪنهن به سبق نه ڏنا آهن، گهوڙا منهنجا وڏا مددگار رهيا آهن. هڪ ڀيري آئون بابوشيخ جي اوتاري ۾ ستو پيو هوس، آڌي کان پوءِ منهنجي گهوڙي اچي هڻڪار ٻڌي، مون کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي. مون هتان هُتان نهاريو ڪا شيءَ  نظر نه آئي، ستس ته وري گهوڙي جي ساڳي ڪار، ٻه چار ڀيرا ائين ٿيو، پوءِ نيٺ اٿي سنج ڪري روانو ٿيس، منهجند جي ماني اچي ٿر جي طبعي ڀاڱي وٽ جي ڳوٺ ۾ کاڌي ، شام جو اتي سماچار مليا ڪي ماڻهو مون کي نقصان رسائڻ جي لاءِ ننگر پهتا هئا، منهنجي نه هجڻ تي واپس هليا ويا. ائين گهوڙن جي مدد جون ڪيتريون ئي يادگيريون آهن.

ڪيسو ٻاءِ جو پٽ بابو شيخ ، جهڳليئي جو جڙيل شاهه، آروکي جو سروپو جي گهوڙن جا ڀلا سوار هئا. شاعر چيو آهي ته ؛

نه سي واڳون وڇيرن جون، نه ساڳيا سوار،

کنڌا نه کر نه پاهورن جي هت پچار،

اڳاڙيون پڇاڙيون اُت رهيون، نه ڪا هت هڻڪار،

ساريو تن کي سيد چئي روئان زارو زار،

جي وريو ڪريان ويچار، ته سُنڀ نه سيم ۾.

_

گهوڙن ۽ گهوٽن، پڇاڙيون پٽيون،

ڪڍي سڀ ڪلن کي ورتيون جن وٽيون،

سجهن ٿيون سامونڊين کي پنڌ جون پٽيون

گهوڙا هي گهٽيون، سڃيون سنجاپن ري.

_

سرخا سڀ هليا ويا، ڪميت نه ڏسا ڪو،

نه ڪا هڻڪ پٽ ۾ نه ڪي ڪڙ کنڌو،

ڏيئي سامونڊين سنڌو، ٿيا راهي رڻ جا.

سروپو جي اٺ جي به سواري ڪندو هو، اٺ سواري ۾ لطف علي وسائيپوٽو به مشهور ٿيو. آروکي جو سروپوجي ارباب عبدالستار جي اٺ کي ميلي ۾ گهمائيندو هو. هن هڪ اٺ اهڙو تيار ڪيو، جنهن وڏي نامياچاري حاصل ڪئي. پوءِ اهو اٺ هڪ ٻيو زميندار ارباب کان وٺي ويو، وري ميلن جا ڏينهن آيا ته ارباب سروپي کي چيو ته نئون اٺ گهمائينداسين، سروپي چيو سائين پراڻو اٺ جي ميلي ۾ آيو ته کٽي ويندو، آئون ميلي ۾ اٺ سواري ڪريان هارائي اچان اهو مناسب نٿو لڳي. پر ارباب جي گهڻي زور ڀرڻ تي سروپو سنڀريو. ميلي ۾ پراڻو اٺ به زميندار وٺي آيو. اٺن جي ڊوڙ شروع ٿي، پراڻي اٺ جي سوار سان گڏ سروپو به لٿو، پراڻي اٺ جي ڦڙتي ڏسي سروپي ويچار  ڪيو ته  ائين آئون هارائي ويندس،  پوءِ  هن ڊوڙ ۾ اوچتو پراڻي اٺ کي بيهارڻ  جي لاءِ پراڻي سيکاريل ٻولي ڪئي، پراڻي اٺ کي اڳوڻي سوار جي ٻولي اڃان وسري نه هئي، اٺ بيهي ويو، سروپو نئون اٺ ڊوڙائي گوءِ کٽي ويو.

ٿر ۾ ماڻهو کوهه کوٽڻ کان اڳ ۾ زمين جو جائزو وٺندا هئا، اتي ڪهڙا وڻ آهن؟ خاص طور ڄار جي وڻ تي وڏو ويچاريو ويندو هو ۽ ٺپو ڪنهن ڪنهن پير، فقير ۽ سخي ماڻهو کان هڻايو ويندو هو.  هڪ نئون ڏس مون ٻڌو آهي جنهن ۾ چيو وڃي ٿو جنهن ماڻهو جي رت جو گروپ بي پازيٽو آهي، اهو ناريل گهمي جتي زير زمين مٺو پاڻي پاڻي هوندو، اتي ناريل ٺڪاءِ ڏئي ٽٽي پوندو.

ويرهاڙ جو ڪانجي مالديو وڏو گوهر هوندو هو، سنوڻن ۽ تارا منڊل جو وڏو ڄاڻو هو. علم جوتش تي وڏي دسترس هوندي هئي. منهنجو نالو ڪانجي رکيو هو. ٿر جي ڳوٺاڻن گوهرن ۾ اهڙا ڪيترا ئي نالا آهن، جن وٽ علم هو ته ادب به هو، حيا هو ته مان مرياده به هئي. انهن جي نظر بلند، عميق ۽ وسيع هئي. سياڻپ ۽ دانش  کي لوڪ ڏاهپ جي ڪسوٽي تي پرکڻ جي سگهه هئي. سياڻپ ۽ دانش جي مکيه اٺ خصلتن ۾ نرم مزاجي، پاڻ سڃاڻڻ، پنهنجي حفاظت ڪرڻ، راز رکي سگهڻ واري کي پرکڻ، شاهي درٻار جي آدابن کان واقف هجڻ، گفتگو جو ڏانءُ هجڻ، راز رکي سگهڻ جي سگهه هجڻ، پنهنجي زبان تي ضابطو رکڻ، مجلس ۾ رخ ڏسي مک کولڻ شامل آهن.

 

(ڀارومل امراڻي جي فيسبڪ وال تان ۳ فيبروري ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا