سانگيڏان راجپوت
تپيدار ۽ لوڪ ڏاھپ جو
پارکو
ڀارومل امراڻي
لوڪ ڏاهپ جي پارکو
۽ روينيو رڪارڊ جي ڄاڻو راٺوڙ ونس جي تپيدار سانگيڏان راجپوت سان ملندي ٿري لوڪ چوڻي
چپن تي تري ايندي آهي ته ‘ڀت سواءِ چٽ نه نڪرندا آهن’.
سانگيڏان سان ڪچهري مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته ماڻهو جي هلڻي چلڻي ۽ اڻسارن مان سڃاڻپ
جي لاءِ لوڪ ڏاهن وٽ ڪهڙي ڪسوٽي آهي؟ انسان جي سياڻپ ۽ دانش ڪهڙن اٺن خصلتن مان پڌري
ٿيندي آهي؟ عورت جي سورنهن سينگارن ۾ ڪهڙا چار چلونت، چار پکيرو، چار گل، چار ڦل
آهن؟ ٿر ۾ ڪهڙا راڄنيتي جا نامور نالا رهيا آهن. ٿر جي راڄن ڀاڳن ۾ ڪهڙا لوڪ ڏاهپ
جا ڄاڻو رهيا آهن.؟
