نسيم بخاري
سماجي لکڻين ۽ صحافت جو
بي ڊپو ڪردار!
منظور کوسو
جنهن سماج ۾ ماڻهو
انساني درجي کان به گهٽ سطح واري زندگي جي رهيا هجن، افلاس، بک، بيروزگاري، بدامني
۽ بيماريون هٿرادو طور ماڻهوءَ تي مسلط ڪيون وڃن ته اُتي ماڻهو ڪيئن survive ڪري ۽ اهڙي ڀوائتي ماحول ۾ زنده رهڻ به خود پنهنجي جاءِ
تي معجزي کان گهٽ ڪين آهي، ڇوته ان حالت ۾ يا ته ماڻهو نفسياتي مريض ٿي پوندو آهن
يا خودڪشيون ڪرڻ لڳندا آهن، آئي ڏينهن اوهان کي وڻ ۾ ٽنگيل ماڻهن جون خبريون صرف
ميڊيا تي پڙهڻ ڪاڻ ملنديون هونديون، انهن بي رحم حالتن جي پيداوار ماڻهو يا ته سڀ ڪجهه
قدرت طرفان سمجهي چپ چاپ رُکي سُکي کائي حالتن سان سمجهوتو ڪري زندگي گذاري رهيا
هوندا آهن، يا انهن مان ڪي ڏينهن رات جستجو ڪري ان جبر واري نظام جو حصو ٿيڻ جي ڪوشش
۾ زندگيون وڃائي رهيا هوندا آهن، ها! پر انهن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به هوندا آهن، جيڪي
حقيقت کي پروڙي وٺندا آهن، قدرت جو ڪو قصور نه پر هڪ استحصالي طبقي جي ئي پنهنجين
محرومين جو ذميوار سمجهندا آهن، انهن جو سوچن ۾ جڏهن هن ظلم خلاف ڪو مانڌاڻ مچندو
آهي، دل ڪروڌ ۾ ڪڙهندي آهي ته پوءِ شاعر، فنڪار، حقيقي عوامي نمائندا سياستدان ۽ ڏاڍ
جبر خلاف جهيڙيندڙ پيدا ٿيندا آهن، دنيا جو بهترين ادب به اهڙين حالتن جي پيداوار
آهي، جَسُ آهي، انهن مڙسن کي جو اهڙي بارش مَئي ڪري ويا ته هڪ زمانو خمار آلود ڪري
ڇڏيائون. پنهنجي سونهاري سنڌ ۾ ان جو هڪ وڏو مثال شيخ اياز آهي، جيڪو نظم خواه نثر
جو سرجڻهار کيت ۾ بادشاهه هيو، جنهن جو اثر سنڌ جي هر باشعور قبول ڪيو ۽ جنهن جي
تخليق سنڌ جي محروم طبقي تي وڏا مثبت اثر ڇڏيا ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ته شاهه جيان
اياز جو اثر صدين تائين قائم رهندو، جيئن سنڌ ڪو شاهه پيدا نه ڪري سگهي آهي، تيئن
شايد ڪو اياز به مشڪل پيدا ڪري سگهي، جيتوڻيڪ منهنجي سهڻي شهر شڪارپور جي مٽيءَ
مان جنم وٺندڙ اياز زندگي جا اڪثر ڏهاڙا شڪارپور کان ٻاهر گذاريا ۽ اڄ ڪراڙ ڪپ تي
مدفون آهي پر اياز جنهن مَئي جي بارش برسائي شڪارپور جي جوانن تي انهيءَ مڌ جو اهڙو
ته اثر ٿيو جو انهن کي پڙهندي ڄڻ ته پڙهندڙ به سحرانگيز شاعريءَ جي سحر ۾ گم ٿيو وڃي،
جيئن هي ڏسو:
ترڪ تعلق جو ڪو سبب
سائين،
ائين ايڏو نه ڪيو،
غضب سائين،
پيار تو کان ڀلي،
ملي نه ملي،
تا عمر تنهنجو، پر
ادب سائين،
عشق ۾ ڪونه آهي،
رنگ نسل،
۽ نه ڏسندو
آهي، نسب سائين،
ٿي پري ائين ته، ڀاڳ
مان ڀانيان،
پاڻ وٽ جي ڪرين،
طلب سائين.
اياز جو مڌ پي مست ٿي
اهڙي تخليقڪار جو نالو سيد نسيم شاهه بخاري آهي، معاشري جي ظلمن تي ڪڙهندڙ شڪارپور
جو هي يار هڪ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي، درويش صفت، صوفي منش هر ظلم خلاف
اظهار جي جرئت رکندڙ ڪڏهن ڪالم، ڪڏهن نظم ته ڪڏهن غزل جي انداز ۾ ته هي اسان کي ڪڏهن
روڊن رستن تي پڻ نظر ايندو، هن جي قلم تي ڪڏهن ڪَٽُ ڪونه چڙهيو آهي، مسلسل لکندو
پيو اچي، ڇوته باشعور قلمڪار جيڪڏهن ڪنهن به صورت ۾ يا لکڻ جي روپ ۾ پنهنجو احتجاج
رڪارڊ نه ڪرائيندو ته بي چين رهندو، هي اظهار هن جي جياپي جو ڪارڻ آهي، نسيم شاهه
پنهنجي هڪ نظم ۾ جيئن پيو اندر جا اُلا ڪڍي ڄڻ ته سماج ۾ پنهنجي زنده هئڻ ۽ ظلم
خلاف احتجاج جو حق پيو ادا ڪري.
اسان ڏاڍ کي ڏاڍ
آهي چيو،
ڏڪيا ڪونه آهيون،
جهڪيا ڪونه آهيون،
هي ته غضب جون سٽون
اٿس، جنهن ۾ واهه جو قلم ۽ قوم جو حق پي ادا ڪري،
سڪون رات ڪائي،
سمهيا ڪونه آهيون،
جبر سان سدائين ڪيو
آهي جهيڙو،
ڪيون ڇا شڪايت،
سکيا ڪونه آهيون!
جيستائين مون کي
ياد ٿو پوي ته نسيم شاهه بخاري ۹۳-۱۹۹۲ع دوران ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو، صحافت جي دنيا ۾ به سٺو
سرگرم رهيو، هي شڪارپور ۾ صحتمند صحافت جو هڪ Symbol رهيو آهي،
هو روزاني سمبارا، روزاني هلچل، روزاني سوال ۽ روزاني برسات جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر پڻ ٿي
رهيو ۽ ان ميدان ۾ هن پڻ خوب ملهايو ۽ پنهنجو متحرڪ ۽ ديانتدار ڪردار ادا ڪيائين،
پنهنجي علمي ۽ ادبي اڃ اجهائڻ لاءِ اڳتي هلي ۲۰۱۴ع ۾ شڪارپور مان هڪ رسالي ماهوار ”وک“ جو
اجراءُ ڪيائين، جنهن ۾ نوجوان ليکڪن ۽ شاعرن کي لکڻ جو نه فقط سٺو موقعو مليو پر
نسيم شاهه جي هن ڪوشش ماحول تي پڻ سٺا اثر ڇڏيا، هن رسالي جا ست شمارا شايع ٿيا،
ان کانپوءِ منهنجي خيال ۾ هي مولائي مڙس هن سلسلي کي اڳتي وڌائي ڪونه سگهيو، سنڌي
ادبي سنگت شڪارپور جو چار ڀيرا سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ تنظيم خواه ادب لاءِ قابل تعريف
خدمتون سرانجام ڏنائين. سوين ڪالم مختلف سنڌي اخبارن ۾ مختلف موضوعن تي لکيائين،
اهڙو ڪوبه سنڌ جو Burning issue ڪونه آهي، جنهن تي نسيم شاهه نه لکيو هجي، ۱۹۹۳ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئون ڏسان پيو ته
هي لکڻ جي دنيا ۾ بغير ڪنهن ساهيءَ جي لکندو پيو اچي. ۲۰۱۴ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي طرفان سندس ۴۸ ڪالمن تي مشتمل ڪتاب شايع ڪيو ويو، هن ڪتاب جو نالو ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“
آهي، جنهن جو عنوان ئي ٻڌائي ٿو ته ڏاڍ ۽ ڏمر جي دور جي هن ليکڪ مظلوم جي حقن ۽
ظالمن جي ظلم خلاف پنهنجو قلمي ۽ قومي حق لکت جي روپ ۾ ادا ڪيو آهي، اهڙي ريت ظلم
۽ ڏاڍ خلاف جهيڙيندڙ قوتن ۾ هن پنهنجو نالو به ڳڻايو آهي، هي دلير ۽ بي باڪ ماڻهو ڪڏهن
به مصلحت جو شڪار نه ٿيو ۽ نه ئي حق ڳالهائڻ يا حق لکڻ کان ڪڏهن ڪيٻايائين، ادب
هجي يا صحافت، هن هر ميدان ۾ قوم جي محڪوم ۽ مظلوم طبقي لاءِ خوب آواز اٿاريو، هن
جا ڪالم هن جي ضمير جو آواز آهن پر تمام مظلومن جي ترجماني آهن، جيئن ”شڪارپوري ڀوتارن
جو قبلو ڪير درست ڪندو“، ”جاگيردار ڌاڙيل ڪلچر جا سرپرست“، ”جتي بندوق جي بالادستي
آهي“، ”عورتن تي تشدد ۽ رياستي ادارن جي ڪارڪردگي“، ”قصو پوليس عملدارن جي ڏوهاري
اولاد جو“، ”پوليس ڏوهارين جي ڪمدار بڻيل آهي“، مطلب ته اهڙو ڪوبه موضوع نه آهي،
جيڪو مذڪوره ڪتاب جي زينت نه بڻيو هجي، پنهنجي نثر خواه نظم ۾ هي بي ڊپو ڪردار جي
ائين چوان ته وڌاءُ نه ٿيندو ته هن جو قلم اگهاڙي تلوار آهي، پنهنجن لاءِ آٿت آهي.
اياز جي ڌرتيءَ تي هي اها تند آهي جيڪا تلوار کي پئي شرمائي ۽ للڪاري سندس غزل جون
هي منتخب سٽون آهن:
ڪاڏي وڃجي، راهه نه
آهي،
واهر ڪائي، واهه نه
آهي،
اهڙو آهي سج نه اڀريو،
جو سنڌ تي، ڪا ڪاهه
نه آهي.
هي آخري سٽون ته ڄڻ
سندس سڄي پورهئي تي حاوي اٿس:
هر ڪنهن جي لئه،
حاضر ناهي،
دل سائين! درگاهه
نه آهي،
هر صنف تي دلربا،
انداز ۾ نڀايو اٿائين.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۱ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا