اسماعيل ملاح
وڇڙيل يار، ڇڻيل پن
ميان مير چانڊيو
ان اڌ رات کان پوءِ
مون کي ننڊ نه آئي، اٿي ٻاهر هليو ويس، آڪاش ۾ ستارا هٿ بتين جيان روشن هئا، ڪائنات
اڃان پرهه جي ننڊ ستل هئي.
مون دل ۾ ايئن ئي
پئي جهونگاريو
اٿ اٿي ڏس،
تهجدگذار جاڳي پيو آ
ڪائنات ستي پئي آ، پيار
جاڳي پيو آ
بهار جي ان علي
الصبح مون کي ميسيج پهتو ته اسماعيل اداسي دل جي دوري پوڻ سبب اسپتال ۾ گذاري ويو
آھي، ان وقت منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، منهنجي من ڪينواس تي سندس زندگيءَ جون
ساريون يادون ۽ شاعري جا عڪس ترڻ لڳا.
اڃان ڪالھه جي ڳالھه
آھي ته پاڻ مون سان گڏ ساحلي پٽي جي سير تي گڏ ھو، سفر دوران سگريٽن جا سوٽا، شاعري
جا دور، چانھه جا چسڪا، سنڌ جي صورتحال توڙي عالمي رد بدلاين تي بحٽ، اسان جا خاص
موضوع هئا. ٻارڻ آباد جي اوڀر وارا ٻرندڙ علائقا جتي پاڻي نه هئڻ ڪري برساتن تي رڳو
ڪاريون لاڻيون ٿينديون آھن، جيڪي اٺ چرندا آھن، سانوڻي رت دوران اوٺار ان رڻ طرف
اوٺو مال ڪاهي ويندا آھن ۽ پيا مهينن جا مهينا اٺ چاريندا آھن، انهن رڻپٽن جي ڊگهي
سلسلي ۾ جتي جڏھن ڏينهن تپندا آھن ته اهو تتل رڻ سارو آگ جا الا ٿي پوندو آھي۽ ڄڻ
ته ڏنگڻ پيو ايندو آھي، ان سفر دوران رڻپٽ
۽ ان جي جاگرافي تي به بحٽ پيو هلندو هو، جڏھن به اتان لنگهڻ ٿيندو هو ته گاڏي
جهلي ڪافي دور دور تائين پيادل ويندا هئاسين ۽ وري تڪڙو موٽي ايندا هئاسين، ڇاڪاڻ
ته رڻن ۽ رڃ ۾ جيڪڏھن ٿورو وڌيڪ اڳيان نڪري وڃبو ته واپس ڪڏھن به موٽي اچي نه ٿو
سگهجي، ڇاڪاڻ ته رڻ ۽ رڃ ۾ اڪثر ڪري ڏسون وڃائجي وينديون آھن، مسافر هلي هلي اڃ، بک
۽ سفر ۾ ساهه ڏيئي ڇڏيندو آھي.
ھڪ ڏينهن اتان
لنگهندي اداسي کي چيم ته دل چاهي ٿي رڻ وسائجي، پاڻ چيائين ته ڌرتي تي رڻ وسائڻ
کان پهرين، اندر جو رڻ وسائجي.
اداسي هر معاملي تي
فون وسيلي يا روبرو صلاح مصحلت ڪندو هو، پاڻ جڏھن سندس پهريون ڪتاب “ڍاٽيئڙا پٽ ڍول
ڪٺا” ۽ ٻيو ڪتاب “داستان بينظير” جي ڇپائي جو ارادو ڪيائين ته مون کي چيائين ڪتابن
تي ڪجھه لکي ڏيو، پيار جي سڏ وراڻي ڏيندي ٻنهي ڪتابن تي لکيم، پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو.
اهي اڃان ڪالھه جون ڳالهيون آھن، اڄ سندس خاڪي جسم خاڪ ۾ پنهان آھي، لوڻياٺي
علائقي ديھه داسڙڪي جي ڳوٺ ڏاڙهون واڍو ۾ علي محمد ملاح جي گهر ۱۹۵۰ع ڌاري جنم وٺندڙ اسماعيل ملاح قرآن شريف ۽
سنڌي تعليم پرائڻ کان پوءِ مال چارڻ، مزدوري ڪرڻ، ھر هلائڻ ۽ مڇي مارڻ سندس ڪرت
رهي. پاڻ ۱۹۷۰ع ڌاري پ پ جوائن ڪيائين، ليڪن سگهو ئي ۱۹۷۳ع ڌاري عوامي تحريڪ ۾ هليو ويو، ۱۹۷۸ع ۾ آزاد صحافت تحريڪ ۾ ساٿين سان گڏ ڪراچي
۾ گرفتاري ڏنائين، جتي ذھني ۽ جسماني تشدد جو کيس نشانو بڻايو ويو، ان دوران هن جي
مزاحمتي شاعري وڏي سگھه سان سرجڻ لڳي، جيئن چشمي مان پاڻي سرجندو آھي، مون سرجندڙ
پاڻي سنڌو درياءَ جي ڏاکڻي حصي ۾ ھڪ ويئري ۾ تڏھن ڏٺو هو، جڏھن گرمين جي موسم ۾
آئون درياءَ تي ويو هوس، مون سڪل درياءَ کي ويجهي کان ڏسڻ ٿي چاهيو، درياءَ جو سڪڻ
ايئن هوندو آھي، جيئن ڪنهن حسين انسان کان ان جي جوڀن جو کسجي وڃڻ، اتان جي مهاڻن ان ويئري مان پاڻي ٿي ڀريو، جيتوڻيڪ اهو پاڻي ڪڙو هو پوءِ به
ملاحن پيئڻ لاءِ اهو پاڻي استعمال ٿي ڪيو.
مزاحمتي شاعري جنهن
دور ۾ عروج تي هئي، اهو دور ملڪ ۾ مارشلائن جو دور هو مزاحمتي شاعري سمنڊ ويجهو
زمين مان سرجندڙ کاري پاڻي جهڙي رهي آھي، اها شاعري جڏھن وقت جي حاڪن جي ڪنن تي
پئي آھي ته انهن جا نه فقط ڪن ٿي پچي پيا، ليڪن انهن جي انا به ڏڪڻ ٿي لڳي، جيئن ڦڳڻ
جي مهيني ۾ پينو فقيرن جا اڌ اگهاڙا ٻارڙا ڏڪندا آھن.
مزاحمتي شاعري جي
تاريخ ته گهڻو پراڻي آھي ، ليڪن سنڌي ٻولي ۾ مزاحمتي شاعري جو آغاز خليفي نبي بخش
قاسم جي ڪيڏاري لکڻ سان شروع ٿئي ٿو، خليفي نبي بخش قاسم کرڙي واري جنگ تي ڪيڏارو لکيو، اها جنگ شاهه
شجاع پٺاڻ سنڌ جي جوڌن سان لڙي هئي، کرڙي جي اها مشھور جنگ سکر ويجهو ۱۸۳۴ع ۾ لڙي ويئي هئي.
هڻ ڪٽارو ڪات، ويري
ويرم نه سهي،
مڇڻ ڪا مصحلات،
متان ڪانئر وجهني ڪن تي.
سنڌي مزاحمتي شاعري
جو ٻيو دور صدر ايوب خان جي مارشل لا کان شروع ٿئي ٿو جنهن ۾ شيخ اياز سميت ٻين ڪافي
شاعرن جي مزاحمتي شاعري جي ڪتابن تي بندش لڳائي ويئي، جڏھن ته مزاحمتي شاعري جو ٽيون
دور جنرل ضياءَ جي مارشل لا ۾ شروع ٿيو، جنهن ۾
جڏھن ڏينهون ڏينهن حالتون بدترين ٿيڻ لڳيون ته مزاحمتي شاعري ٻرندڙ ڪني
جيان اڀامڻ لڳي، ان دوران شيخ اياز کان
ويندي، استاد بخاري تائين، محمد خان مجيدي کان ويندي اسماعيل اداسي تائين ڪيترن ئي
قومي شاعرن مزاحمتي شاعري لکي.
موري ميهڙ دادو ۾ ڍاٽيئڙا
پٽ ڍول ڪٺا
جهڙا گيت لکندڙ
اسماعيل اداسي سان منهنجي شناسائي گهڻو پوءِ ٿي، جڏھن آئون ڪاليج ۾ پڙھندو هوس، هو
ان وقت تازو جيل مان آزاد ٿي گهر پهتو هو، ان دوران هو ادبي توڙي سياسي پروگرامن ۾
گيت جهونگاري ماڻھن کي پيو جهومائيندو هو، ان
وقت دوران ئي شھر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پيو، جتي پاڻ ھر پندرهين ڏينهن
سنگت جي ٿيندڙ گڏجاڻي۾ ايندو هو ۽ اچي شاعري ٻڌائيندو هو، ان دوران ايم آرڊي تحريڪ
جو زور ٽٽي چڪو هو،
ايئن ٿي لڳو ته ماڻھو جيلن جون عقوبتون ۽ ڪوڙا
کائي کائي ٿڪجي پيا هئا، جيئن ملھه پهلوان زور آزمائي ڪندي ڪندي هڏ ڀڃائي آخر
خاموش ٿي ويهي رهندا آھن.
اسماعيل اداسي سندس
زندگي جا پويان ڏھاڪا خاموشي سان گذاريا، هن جي خاموشي پوهه جي پوئين راتين جهڙي
پر اسرار هئي، پوهه جي پوئين راتين ۾
ايتريون ته سرديون پونديون آھن جو پکي، جانور توڙي ٻي مخلوق جا آواز سندن نڙين ۾
سن ٿي ويندا آھن اسماعيل اداسي جي خاموشي
شايد ڪنهن اڻ ڏٺي ڏيھه جي سفر جي
تياري هئي.
ٿوري ئي وقت ۾ هڪ ٻئي پٺيان اسان کان ڪيترا ئي پيارا وڇڙيا
آھن، جن ۾ ذاڪر حسين کٽي، قلندر شاهه لڪياري، ڊاڪٽر غلام علي الانا، اسماعيل اداسي
۽ ٻيا، آئون ڪجھه اهي يادون بيان ٿو ڪريان جيڪي مون کي ڪتڪايون پائي رهيون آھن.
تتل ٽامي جهڙي گرمي
۾ ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي فون ڪئي ته قلندر شاهه مون وٽ اچي رهيو آھي توهان ۽ اسماعيل
اداسي لاءِ حڪم آھي ته فورن منهنجي اوطاق تي پهچو، مون اداسي کي فون ڪيو ته پاڻ کي
بلڙي شاهه ڪريم هلڻو آھي،چيائين يار آئون دل جي تڪليف ڪري نه ٿو هلي سگهان، توهان ڀلي
وڃو قلندر شاهه کي منهنجا پيرن تي هٿ رکي سلام چئجو، آئون اتي پهتس ته سائين قلندر
شاهه مون کان اڳ ئي پهچي چڪو هو، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ مزاحمتي شاعري جو ذڪر نڪتو ته
پاڻ چيائين هاڻي مزاحمتي شاعري ڪنهن سڪل ندي جهڙي ٿي ويئي آھي، ان جا گهڻا سرجڻھار
به هليا ويا آھن ۽ حالتون به بدلجي چڪيون آھن، پاڻ اسماعيل اداسي جو پڇيائين
چيومانس سائين هو تازو دل جي جهٽڪي مان اٿيو آھي، اچي نه سگهيو ،سائين ڪجھه دير
لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ چيائين يار ثقافت کاتي يا وري ڪنهن ٻئي وڏيري جي آسري
همراهه کي نه ڇڏجو ڇاڪاڻ ته اها بيماري وري وري پئي حملا ڪندي آھي.
اسماعيل اداسي جي
موت جي ڏينهن مون کي قلندر شاهه جا چيل اهي لفظ بار بار ياد ٿي آيا، جيئن اڃايل تاڙن
کي سانوڻ ياد ايندو آھي ته بيماري وري وري پئي حملا ڪندي آھي، ذاڪر کٽي ته دل جي
دوري کان بچي ويو، ليڪن گردن ٽوڙ بخار سندس جان ورتي هو جاتي شھر جو اهو تاڙو هو،
جنهن سنڌ جي بهارن لاءِ وڻ وڻ واجهايو هو،
هو سنڌ جي دور دراز علائقن تائين ادبي توڙي ثقافتي محفلن ۾ ويندو هو ۽ ڪنهن آرائين
جيان وڃي محبتن جا گل آڇيندو هو.
جاتي مان موٽندي
اسماعيل اداسي ۽ آئون گاڏي ۾ گڏ ڪچهري ڪندا
ٿي آياسين، مون هن کي چيو هو ته دنيا ۾
جيئڻ جي آسرو سراسر دوکو آھي جيڪو دوکو هر ماڻھو کائي ٿو،جڏھن ته موت ئي هڪ اٽل
حقيقت آھي، آخر زندگي به موت ڏانهن مڙي ٿي، جنهن تي هن صوفين جي ان ڳالھه کي
ورجايو هو ته ماڻھو مري نه ٿو، ليڪن ويس مٽائي ٿو، مون هن کي چيو ته؛ ماڻھو ته مرڻو
آ، ليڪن هن جو ڪردار زنده رهي ٿو.
اسماعيل اداسي جي
رئيس گل محمد چانگ ۽ عثمان ڪنول سان گهڻي پوندي هئي شھر ۾ هوندو هو ته هن جا اڪثر
اهي ٻه ٿاڪ هوندا هئا، هاڻي هن جو ٿاڪ وارياسي جو قبرستان ملاحسن آھي، جنهن تي جڏھن
برساتون اوڙڪون ڪري وسنديون آھن ته ساڏوهين ۾ به ساه پوندو آھي ۽ ان جي ٽارين مان
وليون موري ڪنڌ مٿي ڪري ڪڪرن جون سلامي ٿينديون آھن.
موت سان جهيڙو، ڪيترو
ڪيائون،
نيٺ ڇڏيايون، آسڻ
سڀ اتي ئي.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۴ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا