; سنڌي شخصيتون: اسماعيل ملاح، ميان مير چانڊيو،
Showing posts with label اسماعيل ملاح، ميان مير چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label اسماعيل ملاح، ميان مير چانڊيو،. Show all posts

14 February, 2021

اسماعيل ملاح

اسماعيل ملاح

وڇڙيل يار، ڇڻيل پن

ميان مير چانڊيو



ان اڌ رات کان پوءِ مون کي ننڊ نه آئي، اٿي ٻاهر هليو ويس، آڪاش ۾ ستارا هٿ بتين جيان روشن هئا، ڪائنات اڃان پرهه جي ننڊ ستل هئي.

مون دل ۾ ايئن ئي پئي جهونگاريو

اٿ اٿي ڏس، تهجدگذار جاڳي پيو آ

ڪائنات ستي پئي آ، پيار جاڳي پيو آ

بهار جي ان علي الصبح مون کي ميسيج پهتو ته اسماعيل اداسي دل جي دوري پوڻ سبب اسپتال ۾ گذاري ويو آھي، ان وقت منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، منهنجي من ڪينواس تي سندس زندگيءَ جون ساريون يادون ۽ شاعري جا عڪس ترڻ لڳا.