سائين الهورايو بهڻ صاحب
سندس زندگي جو کاتو ۽
احوال - ساروڻيون ساڻيهه جون - ٻه اکر ڪتاب متعلق
اُستاد نظاماڻي
محترم سائين
الهورايو بهڻ صاحب جي آتم ڪٿا ”قيد ڪشالا زندگي“ اسان جي هٿن ۾ آهي، جيڪا ڪنهن وڏي
سياستدان، فلسفي، عظيم ليکڪ، ناول نگار، کلاڙي، موسيقار يا ڪنهن سائنسدان جي ناهي،
هي هڪ پورهيت گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ، حساس طبيعت جي مالڪ هڪ اُستاد؛ شاعر، سجاڳ فرد
جو مختصر زندگي نامو آهي.جنهن جو بچپن حُرڪئمپن ۾ باقي زندگي اڙانگن پيچرن جي سفر
۾ گذري،جيڪو هن ڪتاب جو خاص موضوع پڻ آهي.سائين الهورائي بهڻ صاحب جو جنم ٻي عالمي
جنگ دوران فيبروري ۱۹۴۲ع ۾ ٿيو، سندن جنم جي ڪجه مهينن بعد پهرين جون ۱۹۴۲ع ۾ حُرن خلاف سنڌ جي اوڀر پاسي مارشلا لڳي
جڏهن ته حضرت سيدصبغت الله شاه شهيد سنڌ کان ٻاهر جيل ۾ قيد وبند ۾ هو، هن معصوم ٻالڪ
جي ڪُٽنب سميت حُرجماعت جا ماڻهو ڪربناڪ بيڪسي جي حالت ۾ قيد ڪيا ويا، ڪئمپن اندر
بک، بدحالي، وبائي بيمارين جي ڪري ڪيترائي گُل ٽڙڻ کان اڳ مرجهائي ويا.
”بي موت مئا
تو لاءِ ڪُٺا انسان هزارين مان نه رڳو.“
(اياز)
برصغير ۾ واحد سنڌ
جا حُر ئي هئا جن کي هندستان جي مختلف علائقن ۾ پکڙيل ويهارو ڪنسنٽريشن ڪئمپن ۾
قيد ڪري رکيو ويو، ڪنهن به قوم سان ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ستم ٿيندو جو معصوم ٻار هڪڙي
ڪئمپ ۾ هجن، ۽ والدين انهن کان پري ڪنهن ٻي ڪئمپ ۾، کين به اها خبر نه هجي ته سندن
عزيز ڪٿي آهن! زنده به آهن يا نه؟
سائين الهورائي بهڻ
صاحب جيڪي به مشاهده، تجربه، ۽ ڳالهيون، لکيون آهن، ظاهر آهي اسان کي ٻين ليکڪن جي
ڪتابن ۾ ڪون ملنديون، اهائي آتم ڪٿائن جي خاصيت واهميت هوندي آهي، جيڪا پڙهندڙ کي
پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ٿي. آتم ڪٿا ۾ ڏنل ڄاڻ، گهڻي ڀاڱي نئين اڻ ڇپيل ڳالهين تي مشتمل
هوندي آهي. تمام وڏا ماڻهو جن جي فڪر قومن ۾ تبديليون آڻي ڇڏيون پر سندن زندگي ڪيڏي
ڪٺن گذري سا خبر سندن آتم ڪهاڻين ۽ جيون ڪهاڻين کي پڙهندي پوي ٿي. دنيا ۾ کوڙ
ساريون آتم ڪهاڻيون لکيون ويون آهن جيڪي ڏاڍيون مقبول پڻ رهيون آهن جن جا ايڊيشن
بار بار پئي شايع ٿيا آهن، نيلسن منڊيلا، مهاتما گانڌي، ارنيسٽ هيمنگوي، ليو ٽالسٽائي،
ميڪسم گورڪي، جڏهن ته اردو ادب ۾ قدرت الله شهاب، جوش مليح آبادي، قرت العين حيدر
وغيره اهي وڏا نالا آهن جن جي لکيل ڪتابن برصغير جي پڙهندڙن تي وڏو اثر ڇڏيو آهي،
جن جي آتم ڪٿائن جا بار بار ايڊيشن شايع ٿيندا رهن ٿا. پر ڪي اهڙا ماڻهو به هئا جن
جو ڪو ڪلاس اوچي طبقي وارو ڪون هو نه ئي ڪي وڏا سياستدان اديب هئا، پر انهن جي آتم
ڪهاڻين يا جيون ڪهاڻين وڏي مڃتا ماڻي. جيئن سنڌي ادب ۾ مجنون بلوچ جو مسڪين جهان
خان کوسو تي لکيل جيون ڪهاڻي جو ڪتاب.
آتم ڪهاڻي هڪ انسان
جي زندگي جو رڪارڊ هوندو آهي، جنهن مان ليکڪ جي خيالن، ويچارن جي خبر پوي ٿي، ڇاڪاڻ
ته ليکڪ پنهنجي ڪاميابين ۽ ناڪامين جا سبب به ڄاڻائيندا آهن. پڙهندڙن خاص طور
نوجوانن کي ڄاڻ سان گڏ هڪ تجربي ڪار ماڻهو جي زندگي مان سکڻ جو سبق به ملي ٿو.
مون جڏهن الهورائي
بهڻ صاحب جي هي آتم ڪهاڻي پڙهي، ته مطالعي جي آڌار قيد وبند تي لکيل ڪجهه آتم ڪهاڻيون
منهنجي شعور جي وهڪري ۾ وهڻ لڳيون، حالانڪه انهن آتم ڪٿائن جي ليکڪن جو ڪلاس،
سائين الهورائي سان ڀيٽا ڪون ٿو رکي، پر جڏهن موضوع آتم ڪٿا جو نڪري پيو آهي ته
انهن مان ٻن ٽن جو مختصر ذڪر ڪرڻ ٿو چاهيان ته ڪهڙن حالتن ۾ ليکڪن پنهنجون آتم ڪٿائون
لکيون، بعد ۾ انهن جي ڪيڏي اهميت رهي.
۱۹۹۵ع ۾ مان جڏهن لاهور جي مال روڊ جي فوٽ پاٿ تي وڪامندڙ پراڻن ڪتابن کي ڏسي
رهيو هيس، ته منهنجي نظر هڪ جلد ٿيل ڪتاب ”ڪالاپاني“ تي پئي، جنهن جو پهريون ٽائٽل
هو تاريخ عجوبه، جعفر ٿانيسري(۱۸۳۸ع کان ۱۹۰۵ع) جو لکيل اهو ڪتاب پهريون دفعو ۱۸۸۴ع ۾ ڇپيو هو. مون ڪتاب کي ڏسي يڪدم خريد ڪيو،
ڇاڪاڻ ته ’ڪالا پاني‘ جو عنوان ڏسي منهنجي ذهن ۾ اهو آيو ته سنڌ جا حُر به ’ڪالاپاني‘
جي علائقي ڏانهن قيد ٿي ويا هئا، مون انهن ڏينهن ۾ انهي موضوع تي مضمون پڻ لکيو
پئي. مولانه جعفر ٿانيسري جيڪو ۱۸۶۶ع ۾ انگريزن طرفان دهشت گردي جي ڪيس ۾ گرفتار ٿي ڪاري پاڻي
(جزائر انڊيمان) ۾ ويهه سال قيد رهيو. اتي جون يادگيريون تاريخ عجوبه جي نالي سان
لکيائين، جيڪا قيد وبند جي اردو ادب ۾ پهرين مقبول ترين آتم ڪهاڻي آهي. ٻيو ڪتاب
جيڪو مون اتان خريد ڪيو هو اهو هو ديوان مفتون سنگهه جو قيد وبند ۾ لکيل “ناقابل
فراموش” جي نالي سان. جيڪو هن ناگپور جيل ۾ لکيو. انهي جيل ۾ سورهيه بادشاه به قيد
۾ رهيو هو. ديوان مفتون صاحب، ڪمال جو صحافي ليکڪ هو. هن جيل مان پنهنجي اخبار
لاءِ ڪالم لکيا جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا، ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ مالي مدد سندس
دوستن ڪئي. دوستن کيس اهو شرط وڌو ته سندن نالو ظاهر نه ڪيو ويندو. ڪتاب بعد ۾
تمام گهڻو مقبول ٿيو. انهن ڪتابن ۾ ليکڪن جي سچائي، ڪمٽمينٽ، پخته ارادي جو عزم ۽
بلند حوصلو پڙهي منهنجو ذهن ڪيترو قت انهن تحريرن جي سحر ۾ جڪڙيل رهيو، سچائي،
انسانيت، جذبو جيڪو هاڻ ناپيد ٿي ويو آهي، ڪجهه انسان آهن جيڪي اڄ به پنهنجي سچائي
جي سينڌ کي سنواريو بيٺا آهن. اهي ئي مهان انسان جن جون ڳالهيون اڳتي هلي يقينن ڪنهن
داستان وانگي هونديون، بس انهي اردو شعر وانگي جيڪو ديوان صاحب جي ئي ڪتاب ۾ آهي.
ہے آج جو داستاں اپنی،
کل اس کی کہانیاں بنے گی۔
مون پنهنجي مطالعي
واري زندگي ۾ ايترا ناول ڪون پڙهيا هوندا جيتريون ماڻهن جي زندگي بابت لکڻيون پڙهيون
آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اهي انسان جيڪي پنهنجي زندگي جي مشاهدن، حالتن کي پيش ڪن
ٿا، انهن مان اسان گهڻو ڪجهه سکون ٿا، دلچسپي جي لحاظ کان آتم ڪٿا، يا جيون ڪهاڻيون
ڪنهن ناول وانگي سرير ۾ سُرورُ بخشينديون آهن. جڏهن اسان سنڌي ادب ۾ لکيل آتم ڪٿائن
کي کوليون ٿا ته انهن ۾ اهم اوائلي ڪٿا سيٺ نائونمل هوتچند جون يادگيريون آهن سيٺ
نائونمل پهريون سنڌي هو جنهن پنهنجون يادگيريون لکيون، ‘جيڪڏهن سيٺ اهي يادگيريون
نه لکي ها ته شايد اسان کي سنڌ جي تاريخ جا اهم واقعا جيڪي ۱۸۰۴ع کان وٺي ۱۸۷۸ع تائين پيش آيا، انهن جي ڄاڻ نه ملي ها.‘
سنڌي ادب جي تاريخ
۾ ٻي اوائلي آتم ڪهاڻي مرزا قليچ بيگ جي ”سائو پن ڪارو پنو“ لکي سمجهي وڃي ٿي، جيڪا
مرزا صاحب پنهنجي وفات کان ڇهه سال اڳ يعني ۱۹۲۳ع ۾ لکي مڪمل ڪئي. مرزا قليچ بيگ؛ حضرت پير حزب
الله شاه مسند ڌڻي، جيڪو حضرت سورهيه بادشاه جو پڙ ڏاڏو هو تنهن سان ملاقات جو شرف
حاصل ڪيو هئائين، ان جو ذڪر به ڪيو اٿس. پاڻ ۱۹۲۹ع ۾ وفات ڪري ويو، سندن زندگي ۾ شهيد سورهيه
بادشاه ۱۹۲۱ع) ۾ گادي نشين ٿيا. مرزا صاحب جي خوبي اها هوندي هئي جو هو پنهنجو
روزنامچو (ڊائري) لکندو رهندو هو،شايد اهو واقعو به پنهنجي ڊائري ۾ ڪٿي نوٽ ڪيو
هُجيس،پر سندن مختصر آتم ڪٿا ۾ ان جو ذڪر ناهي، مرزا صاحب ذاتي حوالي سان واقعن کي
وڌيڪ اهميت ڏني آهي. آس پاس جي واقعن حالتن تي تفصيل نه ڏنو اٿس. ان بعد ٻي آتم ڪهاڻي
شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي لکيل آهي، جيڪو پڻ هڪ پورهيت (ڊکڻ،)
جو پُٽ هو جيڪا ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“ جي نالي سان ۱۹۵۹ع ۾ شايع ٿي. مون جڏهن حُرتحريڪ جي حوالي
سان مواد ڳولڻ لاءِ ان دور جو اکين ڏٺي گواه محمد اسماعيل عرساڻي؛ نالي وارو ليکڪ؛
تعليمي ماهر، جنهن پنهنجي آتم ڪٿا جو ڪتاب ”سکر سي ئي ڏينهن“ لکيو. پاڻ ۱۹۳۵ع ۾ ايڊيوڪيشن سپروائيزر جي حيثيت سان
ملازمت جو آغاز ڪيائين. ميرپورخاص، سڪرنڊ، نوابشاه، هالا، حيدرآباد ۽ سڪرنڊ ٽريننگ
اسڪول جيڪو ۱۹۵۶ع ۾ کليو. هو ان جو هيڊ پڻ رهيو، پاڻ جتي به رهيا، ان جو احوال تفصيل سان
لکيو اٿن، هي اهو دور هو جڏهن حُرجماعت جا ماڻهو انگريزن جي سخت عتاب هيٺ هئا،
انهن ڏينهن ۾ عرساڻي صاحب جو حُرڪئمپن جي پاسي کان گذر به ٿيندو هوندو پرآتم ڪٿا
جي صفحن ۾ ڪٿي به هڪڙي لائن ڪون ٿي ملي. انهن آتم ڪٿائن کانسواءِ بعد ۾ کوڙ ساريون
آتم ڪهاڻيون شايع ٿيون آهن، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ٻولي ۾ مارشلائن جي دور جا ڪيترائي
زندان نامه شايع ٿيا، سنڌ جي سياستدانن اديبن شاعرن به پنهنجون جيل ڊائريون لکيون،
انهن آتم ڪٿائن جي احوال ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته، حُر ڪئمپن يا حرتحريڪ جو احوال
انهن ۾ نه آهي. لکڻ ۽ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اُهي ليکڪ جيڪي ان وقت يعني ۱۹۰۰ع کان ۱۹۵۲ع تائين جا اکين ڏٺا گواه هئا، ۱۹۴۲ع جي مارشل لا ۽ حرڪئمپن جو قيام، سوين ماڻهن
جو ڦاسي چڙهڻ؛سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪو گهٽ سانحو نه هو. جڏهن سائين الهورائي صاحب جي
آتم ڪٿا ۾ حُرڪئمپن جو اندوهناڪ احوال پڙهون ٿا ته ذهن اهو سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو،
ذي هوش حساس ليکڪن کان اهو پاسو ڇو موضوعِ ممنوع رهيو. صرف قاضي فيض محمد، لڇمڻ ڪومل
به صرف چند سٽن ۾ اظهار ڪيو آهي، ڪجهه احوال ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي
يادگيرين جي سلسلي رهاڻ هيرن کاڻ ۾ ڪيو آهي. ان کان علاوه ڪجهه سال اڳ (۲۰۱۵ع ۾) مرحوم اميربخش شر جي آتم ڪٿا جوڪتاب
”رائي پير رت ڪيا“ ڇپيو آهي جنهن ۾ حُرتحريڪ ۽ سانگهڙ شهر ۾ ٿيندڙ واقعن جو مختصر
احوال لکيو آهي.
ان لحاظ کان هي آتم
ڪٿا ”قيد ڪشالا زندگي“ انهن سڀني کان منفرد آهي، سائين الهورائي جي آتم ڪهاڻي جي
اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي جو پاڻ ان حُرڪئمپن جي اذيت گاهن جا اکين ڏٺا قيدي ليکڪ
آهن. انهن اذيت گاهن جو ذڪر به گهڻي ڀاڱي جماعت سان وابسطه ليکڪن ئي ڪيو آهي. انهن
۾ سائين الهورائي صاحب جو مواد منفرد آهي. سائين الهورايو صاحب جيڪڏهن تاريخ جي لڪيل
گوشن تي قلم نه کڻي ها ته شايد ايندڙ نسل هزارين انسانن جي قربانين؛ عقيدي جي عشق
۾ جلندڙ پروانن جي پَرجَ جو پڙلاءَ پنهنجن سينن ۾ نه سُڻي سگهن ها.
ڳالهه هلي پئي حُرڪئمپن
جي يادگيرين جي، ملهار فقير خاصخيلي به پنهنجي ڪتاب ”پنهنجون پچارون ۾“ ٻن حُرڪئمپن
جو مختصر ذڪر ڪيو آهي، سائين الهورائي صاحب؛ ڪئمپن جو ذڪر پنهنجي شاعري جي ڪتاب ايڏو
درد عميق، جي مهاڳ ۾ به ڪيو. ڪجهه سال اڳ سائين الهورائي صاحب جو سان گڏ نوڪري ڪندڙ
شاعر اُستاد عبدالرشيد لغاري صاحب جي آتم ڪٿا جو ڪتاب ڇپيو آهي، سائين جن حُرتحريڪ
دوران پيش ٿيندڙ هڪ واقعي جو ذڪر ته ڪيو آهي، پر وڌيڪ تفصيل نه ٿو ملي. حاجي ولي
محمد نظاماڻي، عبدالرشيد لغاري صاحب، الهورايو صاحب هڪڙي ئي دور ۾ سانگهڙ جي حالتن
جا اکين ڏٺا پڙهيل لکيل شاعر، اُستاد آهن، گڏ قــربدار به رهيا آهن؛ پنهنجن لکڻين
۾ هڪ ٻئي جو ذڪر به ڪيو اٿن. اهي تحريرون نوجوان طبقي لاءِ خاص طور سانگهڙ تي لکندڙ
ن لاءِ اهم دستاويز آهن.
اسان جڏهن حاجي ولي
محمد نظاماڻي صاحب سان ڪچهري ڪندا هئاسين؛ تڏهن سائين جي زباني حُرڪئمپن جو ذڪر ٿيندو
هو ۽ سائين الهورايو به حُرڪئمپن جو درد ڀريو حال احوال اوريندو هو. جڏهن مون
جهونگار ۱۹۹۹ع ۾ شايع ڪرڻ شروع ڪيو ته؛ سائين الهورائي صاحب کي گذارش ڪيم ته ’سائين
اوهان پنهنجون يادگيريون جهونگار لاءِ لکي ڏيو.‘ هن کان اڳ محترم حاجي ولي محمد
نظاماڻي صاحب؛ پنهنجي ڊائري مونکي آڻي ڏني هئي، اها ڊائري نوٽس جي شڪل ۾ موجود
هئي،جنهن ۾ لوڙهن جون يادگيريون، لکيل هُيون، جيڪي مون فيئر ڪري ”ڳالهيون من اندر
۾“ جي عنوان سان پهرين جهونگار (مارچ ۱۹۹۹ع) کان شايع ڪرڻ شروع ڪيون. اهڙي نموني سائين الهورائي
بهڻ صاحب پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي جي پهرين قسط ”جي مون گهاريا بند ۾“ لکي ڏني جيڪا
جهونگار نمبر-۳، مارچ ۲۰۰۰ع ۾ شايع ٿي. اهڙي نموني سائين الهورائي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جو
باقاعده آغاز ڪيو. بعد ۾ حاجي گُل محمد نظاماڻي به پنهنجيون يادگيريون لکيون، ان
کان علاوه بعد ۾ حاجي خان ڪيريو پنهنجي آتم ڪهاڻي واري ڪتاب ۾ سنجهوري لوڙهي جو
مختصرٽن صفحن جو احوال ڏنو آهي، جيڪو جهونگار نمبر-۹ ، ۲۰۰۳ع ۾ ڇپيو هو. جڏهن حُرڪئمپن جو اهو المناڪ داستان پڙهندڙن
تائين پُهتو ته پڙهندي پڙهندي سندن نيڻ ڀرجي ٿي پيا. اهي حُرڪئمپن واريون
يادگيريون پڙهندڙن لاءِ نيون ڳالهيون هيون، جن جي اهميت کي محسوس ڪندي مون انهن ٽنهي
باندي ٻارن جون شروعاتي آتم ڪهاڻيون سهيڙي ”جي گهارياسين بند ۾“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب
۾ شايع ڪرايون اهو ڪتاب سنجيده حلقي ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو ۽ اڄ به مقبوليت جي
عروج تي آهي. خوش قسمتي سان انهيءَ جو تسلسل موجوده تاريخي ڪتاب پڻ ڇپرائڻ جو شرف
حاصل هئڻ ڪري، بزرگن جي خدمت جو موقعو ملي رهيو آهي.
سائين الهورائي
صاحب پنهنجي ٻاروتڻ کان وٺي حُرڪئمپن جي خاتمي يعني ۱۹۵۲ع تائين جا حالات قلم بند ڪري قلم رکي ڇڏيائون،جيتوڻيڪ
مان سائين کي بار بار گذارش ڪندو رهيس، ته سائين وڌيڪ قسطون لکي آتم ڪٿا جو سلسلو
مڪمل ڪيو. پر سائين شايد انهي ڪئمپن جي ڪسمپرسي واري ڪيفيت مان نڪري ڪون سگهيو، وڌيڪ
لکڻ تي طبع مائل نه پئي ٿيس. ڇاڪاڻ ته سندسن ذهني ڪيفيت کي مان ئي محسوس ڪري پئي
سگهيس، جن ماڻهن جا خاندان، گهر تڙ قربان ٿي وڃن، ۽ نتيجو:
منزل انہیں ملی جو شریک سفر نہ تھے۔
تازو وري سائين قلم
کنيو زندگي جي باقي حصي واريون يادگيريون لکڻ شروع ڪيائون، سائين جي اها طبيعت نه
رهي جيڪا ڏهاڪو سال اڳ هئي. ٿي سگهي ٿو ڪجهه ڳالهيون جيڪي سائين لکڻ چاهيندو هجي،
هيڻائي ڪري لکي نه سگهيو هجي. جنهن جو اظهار سائين پنهنجي پيش لفظ ۾ به ڪيو آهي.
جڏهن پهريون دفعو ڪتاب
”جي گهارياسين بند ۾“ ڇپرايو هيم تڏهن ٻه اکر لکندي من ملول ٿي پيو هو، اڄ به
طبيعت تي سوز جي ڇمرن جو سايو آهي. ڇاڪاڻ ته هي ڪٿا هڪ ٻار جي ڀوڳنائن جي نه پر هڪ
نسل جي المين جو طويل داستان آهي، هي جيڪو قيد ڪشالن، پيڙائن جو سمنڊ آهي جنهن ۾ سنڌ
جي اڌ آبادي ؛ لڙهندي؛ ٻڏندي رهي. سائين الهورائي جو شاعراڻو نثر؛ خوبصورت ٻولي؛
رشين ناول نگارن جهڙي منظر نگاري، پڙهندي؛ پڙهندڙ سحر ۽ سوز ۾ سمائجي ٿو وڃي.
”سج لھڻ وقت ڪارخاني
جي در مان ٻاھر نڪرندي، جڏھن اھي ٿڪل ٽٽل معصوم قيدياڻيون، ڪونجن وانگر قطارون ڪري،
راجا واري ريل گاڏيءَ وٽان گذرنديون ھيون تڏھين اوچتو آواز ايندا ھئا. ” ڀلاڙي مئي
ڪاري گاڏي! الئه ڪڏھن اسان کي پنھنجي اباڻن ماڳن ڏي وٺي ھلندئين!!“ حسرت منجھان
ريل جي پٽڙيءَ ڏانهن نهاريندي، اھو ڪونجن جو قافلو واپس اچي قيد خاني ۾ قابو ٿيندو
ھو ۽ وري ساڳئي قيد جي ڪارمُنهين رات ظاھر ٿيندي ھئي. مظلوم، مقھور، بکيا، ڏکيا، ڏٻرا،
جسم وري بنديخاني جو در لتاڙي ساڳئي ميدانتي قطارن ۾ بيھي حاضر سائين! حاضر سائين!
جي صدا بلندا ڪندا ھئا.” (ڪتاب مان سٽون)،
حُرتحريڪ دوران جيڪو
حُرجماعت جي ماڻهن ڀوڳيو، ان جو حقيقي اندازو صرف ان تحرير مان ئي لڳائي سگهجي ٿو
مان سمجهان ٿو سائين الهورايو، انهن ڪئمپن تي جيڪڏهن ناول لکي ها ته رشين ليکڪن جهڙو
ناول تخليق ڪري پئي سگهيو.پاڻ انتهائي خوبصورت انداز سان ڪئمپن ۾ ستم جو منظر پيش ڪيو
اٿن، انهي ڪئمپن جي سموري سفاڪي هن چند سٽن ۾لکي ڄڻ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪيو اٿن.
سائين الهورايو اڳتي
لکي ٿو،
”حر تحريڪ جي
تاريخ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مردن، عورتن، ٻارن کي قيد و بند ۾ قابو رکڻ جو ھيءُ
عذابناڪ داستان، اسان کي احساس ٿو ڏياري ته، ھنن باندي ماڻھن جا سندن قيد دوران،
پيارا عزيز تخته دار تي لٽڪايا ويا، سندن ڳوٺ جلائي ڀسم ڪيا ويا. سندن مال لٽايا
ويا. سندن عورتون اغوا ڪيون ويون. ۽ سندن ڪيترائي جگر گوشا گم ٿي چڪا ھئاته پوءِ جڏھين
سانوڻ جو واءُ ورندو ھو، پوربي ھوائن ۾ برسات جي خوشبو رچندي ھئي ۽ ڪڪر ڪنڍرون ڪري،
اتر پاسي کان اٿندا ھئا ۽ جڏھين وڏڦڙا مينهن وسندا ھئا، تڏھن ھنن قيدين کي پنهنجا
دل گھريا دلدار ڪيئن نه ياد ايندا ھوندا؟“
سائين محمد عمر چنڊ
صاحب لکن ٿا ته ”پاڪستان جي آزادي تي جيڪي به هيستائين تاريخون لکجي ڇپجي چُڪيون
آهن تن مان ڪنهن هڪ ۾ اهو لکيل ڪونهي ته سنڌ جي هن ڌرتي تي انگريزن جي خلاف هڪ ڍڪيل
ڇپيل نه پر کليل ۽ پڌري تحريڪ هلندڙ هئي جيڪا هڪ ڏينهن يا هڪ مهينو ڪانه هلي پر هڪ
پوري صدي تائين هلي جنهن ۾ جيلن ۽ لوڙهن۾ ويندڙ ماڻهن جو تعداد پنج ست ماڻهو نه
هيا پر گھٽ ۾ گھٽ ڇهه لک ماڻهن جا هئا جيڪي نسل در نسل پيڙهين جون پيڙهيون ٻارن ٻچن
سميت، ڍورن ڍنگرن سميت يا ڪنسنٽريشن ڪيمپس ۾ بي يارو مددگار سڙندا ۽ اذيتون
سهندارهيا. جن لوڙهن ۾ انهن ماڻهن کي رکيو ويو سي رڳو سنڌ ۾ نه هئا پر سنڌ کان
هزارين ميل ڏور هندوستان جي اڻڄاتل اڻ سڃاتل، پرانهن علائقن (راجستان، دکن بينگال،
۽ انڊيمان جي ٻيٽن ۾) هوندا هئا. پاڪستان جي آزادي جي تاريخ تي جيڪي به ڪتاب
هيستائين لکيا ويا آهن. تن مان ڪنهن هڪ ۾ به اهو لکيل ڪونهي ته انگريز جي حڪومت
سان هڪ سئوساله ڊگهيهن جنگ ۾ ڪي ڏهه پندرهن ليڊر نما ماڻهو نه ڪي ٻه ٽي سئو ڪارنده
نه پرهزارين ماڻهو مقابلن ۾ شهيد ٿي ويا يا گرفتار ٿي ڦاسين تي چڙهي ويا. يا حر هئڻ
کان انڪاري نه ٿيڻ جي ڪري ماريا ويا يا ڪنهن غير مريد جي ٿانو مان پاڻي نه پيئڻ جي
ڪري شهيد ڪيا ويا. ايترين عقوبتن هوندي ايترين اهکاين ۽ تڪليفن سهندي مجموعي طرح
هن قوم جي وڏائي جي آڏو هڪ سئو سالن تائين آڻ نه مڃي ايستائين جو ۱۹۴۷ع ۾ ملڪ آزاد ٿيو.“
سائين الهورائي جي
آتم ڪهاڻي جو ٻيو حصو ۱۹۵۲ع کانپوءِ جي زماني جو آهي. ڪئمپن کانپوءِ باشعور طبقي ۾ ذهني طور تبديليون
به آيون جيڪو فطري ردعمل هو. سائين جي باقي زندگي به غربت جي چڪي ۾ پسجندي، جدوجهد
ڪندي نظر اچي ٿي، قيد ڪشالن جي ڌٻڻ مان نڪري تعليم حاصل ڪري پنهنجي پيرن تي بيهڻ؛
پنهنجي خاندان جو ڀرجهليو بڻجي ان کي منزل تائين پهچائڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونهي.
ڇاڪاڻ ته جيڪي فرد چڪي ۾ پيسجي ٻاهر نڪرن وري پيرن تي بيهي ڏيکارين سي مانجهي مڙس
مٿير ئي ٿي سگهن ٿا.
پهرا منهنجي پريت
تي، اوچا ڪوٽ ڪڙيون،
ساروڻيون ساڻيهه
جون، ڳوڙهن منجهه ڳڙيون،
آڌيءَ اُڀ اڙيون،
اکڙيون باک اُڪنڍيون.
(اياز)
سائين الهورائي بهڻ
صاحب؛ هجرتن جي موسم کي اکين سان ڏٺو ته ڪيئن هڪڙا ديس واسي وڇوڙي جا گيت ڳائيندا
پرديس پيا وڃن ۽ ٻيا ديس واسي (حُر) پنهنجي وطن ۾ رهندي به مهاجر بنجي ويا. ملڪن
جي ورهاڱي جا منظر،وڇوڙن جي ورلاپ ۾ رت جا دريا، خوشحال خوبصورت مُکن تي بيوسي جا ڳوڙها
ڳڙندي ڏٺائون. ملڪ آزاد ٿي ويو پر معصوم حُر قيدين لاءِ خاردار تارون،سنگينن جا
پهرا پوءِ به گهايل دلين کي ڏکوئيندا رهيا. کين ايتري به آزادي نه هئي جو پنهنجي
پاڙيسرين کي وداع جا ٻه لڙڪ آڇي سگهن.
نيٺ زنجيرون ٽُٽيون،
پکين کي پرواز جي آزادي ملي، هي ٻالڪ (سائين الهورايو) فطرت جي وسيع ميدانن تي هڪ ڌنار
جي حيثيت سان چرند، پرند، وڻن، ٻوٽن جو مشاهدو ڪندي نظر اچي ٿو، علم جي دروزاي ڏانهن
وک وڌائيندي، تعليم حاصل ڪري پيغمبري پيشي ۾ داخل ٿئي ٿو. جتي ڪتاب ۽ قلم سندس پاڇي
جيئان ساڻ سفر ڪري شعوري طور روشن دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو
سائين الهورايو
صاحب جنهن جي شعوري تبديلي جو سبب بڻجندڙ روسي انقلابي اديب پرنس پيٽر ڪروپاٽڪن
جونوجوانن ڏانهن(Message to youth) ڪتاب آهي. ڪروپاتڪن پنهنجي هن ڪتاب ۾ در
اصل اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته:
”سماج ۾ ماڻهو
خاص طور نوجوان طبقي کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟ ايئن هن ڪتاب جو ليکڪ ڪروپاٽڪن
انجنيئر، وڪيل، ماستر ۽ فنڪار وغيره بنجڻ جي خواهش رکندڙ نوجوانن کي مخاطب ٿيندي
تلقين ڪري ٿو ته،“انجنيئر، وڪيل، ڊاڪٽر، ماستر يا فنڪار وغيره بنجڻ وڏي ڳالهه
ناهي، پر پنهنجي غريب عوام ۽ ماڻهن جي بهتري، ڀلائي، آسودگي توڙي سندن سڀ طرفي ڇوٽڪاري
واسطي هلندڙ تحريڪ ۽ جدوجهد ۾ پنهنجي صلاحيت آهر حصو وٺڻ ۽ توڙ نڀائڻ ئي اصل ڳالهه
آهي ۽ ان لاءِ انقلابي سائنسي پورهيت فڪر ۽ نظرئي سان هٿياربند ٿيڻ اڳواٽ، لازم ۽
ضروري شرط هجڻ گهرجي.“ (کنيل حوالو)
سائين الهورايو بهڻ
صاحب هڪ اُستاد جي حيثيت سان پنهنجي زندگي فڪري طور روشن خيالي جي تبليغ ڪندي
گذاري، انهي فڪر تحت شاعري،توڙي نثر لکيائون، جنهن ۾ پڻ سنيهو ۽ سنديس پورهيت عوام
جي آجپي لاءِ آهي.
غربت جي چڪي ۾
پيسجي نڪرندڙ هن پورهيت انسان جي آتم ڪٿا، نه صرف هڪ فرد جي ڪٿا آهي بلڪي هن سنڌي
سماج جي تاريخ آهي، اهو سماج جيڪو هڪ وڏي بحران ۾ گذريو، سائين جي آتم ڪٿا جو ٻيو
حصو سنڌي سماج جي ڀڃ ڊاهه جي ان وقت جي داستان آهي جنهن ۾ هزارين ماڻهو لڏپلاڻ جي
سفر ۾ وڃايل منزل جي ڳولا ۾ سرگردان رهيا. انهي لڏپلاڻ ۾ سنڌ جي ماڻهن ڇا پئي
سوچيو ۽ کين ڇا نصيب ٿيو! ان تي سائين پنهنجي خيالن جو اظهار هنن عنوانن ۾ ڪيو
آهي:
- ”هندو ڀائي
بند ۽ مقامي تاڪائو طبقو، سنڌي سماج جو ورهاڱو.“
- ”خالي ٿيل
جهول شهر ۽ دڪانن تي قبضه“
- ”سنڌي ماڻهن
جي دڪانداري فقط چند روز.“
انهن عنوانن ۾ ان
دور جي حالتن، سنڌي ماڻهن جي نفسيات، ايندڙ پرڏيهين جي ڪاروباري سوچ، مقامي ماڻهن
جي ترقي نه ڪرڻ جو الميو،مهاجرن جو ڪاروبار سان گڏ ملڪيتن تي قبضي وارو رجحان،
حرفت بازيون ۽ چالاڪيون ملن ٿيون. تاريخ جي ورقن کي ورائيندي اهو به پڙهيوسين ته
قومون جيڪي زوال، المين مان اڀري سبق پرائينديون آهن، اُهي ئي عظيم قومون ٿي اُڀريون،
پر هتي سنڌ جي ماڻهن ڇا وڃايو ۽ پِرايو؛ ان آتم ڪٿا جو هڪ هڪ ورق سمجهڻ سلجهڻ جهڙو
آهي.
سائين الهورائي
صاحب ان وقت جو مشاهدو، تجربو، گهري فڪر ۽ دورانديشي سان قلمبند ڪيو آهي. اڳتي
قلمبند ٿيل هن حصي ۾ جيڪي جهول شهر ۾ رهندڙ مختلف ذاتين، برادرين، خاندانن متعلق،
انهن جي سماجي پسمنظر جو جائزو نه صرف هڪڙي علائقي جو مشاهدوآهي، پر انهي فڪري
آئيني ۾ اسان سموري سنڌ جي سماجي صورتحال کي پُرجهي پروڙي سگهون ٿا. اڳي سنڌ جي
شهرن جي ڪهڙي حالت هئي، هاڻي ڇا آهي؟ سنڌ جي ٻهراڙي جا ماڻهو علم، هنر جي ميدان ۾ ڪيترو
اڳتي آهن، ڪيتري تبديلي آئي آهي، ان جو ليکڪ تُز نتيجو ڪڍيو آهي. رڳو سانگهڙ جهول
۽ ان جي آس پاس ئي ڏسجي ته قدرتي وسيلن تي ڪنهن جو قبضو آهي، مارڪيٽ ۾ ڪير حاوي
آهن، تعليم ۽ نوڪرين ۾ هاڻي اسان ڪهڙي درجي تي آهيون. ان متعلق ليکڪ ماضي جي تجربي
آڌار آگاهي ڏني آهي.
سائين پنهنجي هن
آتم ڪٿا ۾ جڏهن آسٽريليا جو سفر ٿو ڪري ته انهن سانورن ابارجين Aborigine (آسٽريليا
جي اصلي رهاڪن) لاءِ پنهنجي لفظن ۾ پاٻوه سان اظهار ٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته ڌرتي ڌڻين
سان جڏهن ڌاريا ويساه گهاتيون ڪن ته، ان کان وڌ ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو. انهن
جي دردن کي اهوئي سمجهي سگهي ٿو جن جي پيرن هيٺان پنهنجي ڌرتي، ٻولي کِسڪندڙ هجي.
ان قحط الرجال واري
دور ۾ سائين پنهنجي انهن هم عصرن، دوستن، مشاهيرن جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪي اونده ۾ ٻرندڙ
لاٽ مثل هئا. جن جو سماج ۾ هڪڙو اهم ڪردار هو، سائين جي جنب جا ساٿي؛ پورهيت ڪلاس
جا هم سفر، جن مان ڪجهه جيئرا آهن، ڪي گذاري ويا آهن، انهن جي خاصيتن، خصلتن جو
احوال ڄڻ هن ڪُني جو اهو چاڻوُ آهي. جنهن کانسواءِ هي دسترخوان بي سوادو آهي. اڃان
به سائين جي دل جا ڪي دمساز هوندا، جن جي نازبوءَ جهڙي خوشبو تي قلم کڻندي کڻندي
سندس هٿ رُڪجي ويا هوندا، سائين ته دولابن سان به دغا نه ڪئي، ....پوءِ ...؟ اهي
لُڙڪن مرڪن جون ملاقاتون، روح جون رمزون، جن جو ميلاپ ڪنهن اجنبي اسٽيشن تي ٿيو، ۽
هميشه لاءِ ساه جي سڳي ۾ سبجي، ساڻ سانجهه جي شفق تائين به سرنهن جي پيلن گُلن
وانگي، سندن روڳي روح مٿان جهومندا رهيا، هن بي مروت سماج ۾!...اهڙا سبب به آهن جن
جو اختيار ليکڪ کي به ناهي.
وڏي وقت کانپوءِ
سائين کي سهنج نصيب ٿيا آهن، پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته کيس اهنجن جي اُجاڙ اَڇ مان
اُڪرڻ مهل ڪيترن جذبن جي بلي ڏيڻي پئي.
سائين الهورائي
صاحب جي هن آتم ڪٿا جو بيانيه انداز اهڙو ته سهڻو سلوڻو آهي جو پڙهندڙ ڄڻ لفظن جي
لهرن ۾ پاڻ به ترندو پيو وڃي. نيٺ ڪتاب ختم ٿي ٿو وڃي، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ پڙهندڙ
ڪناري تي پهچي به حيرت مان دريا جي وهندڙ لهرن کي پيو ڏسي.
سنڌي ادب جي تاريخ
۾ هي آتم ڪٿا ڪيتري مقبوليت ماڻيندي اهو ته وقت ثابت ڪندو، مان ذاتي طور اهو ضرور
چوندس ته، سنڌي ادب جي آتم ڪٿائن تي ڪو به محقق جڏهن ٿيسز لکندو تڏهن هن ڪتاب کي
نمايان حيثيت حاصل هوندي..ڇاڪاڻ ته هي آتم ڪٿا، انهن اوجاڳن جي آتم ڪٿا آهي جن
خوابن جي ساڀيان لاءِ پنهنجا لڙڪ به مرڪن جي آڙ ۾ تبديل ڪري خوشين جا گل نڇاور ڪيا.
هي ڪٿا ان مسافر جي آهي جنهن پنهنجا پير پٿون ڪري ٻين کي منزل تي پهچايو. هي ڪٿا
ان پورهيت جي آهي جنهن جي مرڪ به هميشه گهايل رهي.
مون هتي لکڻ ته ٻه
اکر اڌ صفحي جيترا پئي چاهيا، پر سنڌي ڪي بورڊ جي ٽڪ ٽڪ ماٺي ئي نه ٿي ٿئي، نه ئي
روح ٿو رهي. نيٺ ڪي بورڊ تا آڱرين کي نه چاهيندي به هٽائڻو ٿو پوي، مان هاڻ وڌيڪ
هن پوِتر جهرڻي کي جهوٻِڻُ نه ٿو چاهيان.....! بس، سائين الهورائي صاحب کي هميشه هڪڙي
شڪايت رهي آهي، جنهن جي اظهار لاءِ ايترو ئي امداد حُسيني جي سٽن وانگي:
رت لُڙڪ، مس مان،
ان لاءِ ڪهڙا اکر لکان مان،
ڪنهن قوم آ وڪيو، اتــهاس رديءَ ۾.
سانگهڙ، سنڌ.
۱۵-فيبروري ۲۰۱۹ع
اُستاد نظاماڻي
No comments:
راءِ ڏيندا