سائين الهورايو بهڻ صاحب
سندس زندگي جو کاتو ۽
احوال - ساروڻيون ساڻيهه جون - ٻه اکر ڪتاب متعلق
اُستاد نظاماڻي
محترم سائين
الهورايو بهڻ صاحب جي آتم ڪٿا ”قيد ڪشالا زندگي“ اسان جي هٿن ۾ آهي، جيڪا ڪنهن وڏي
سياستدان، فلسفي، عظيم ليکڪ، ناول نگار، کلاڙي، موسيقار يا ڪنهن سائنسدان جي ناهي،
هي هڪ پورهيت گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ، حساس طبيعت جي مالڪ هڪ اُستاد؛ شاعر، سجاڳ فرد
جو مختصر زندگي نامو آهي.جنهن جو بچپن حُرڪئمپن ۾ باقي زندگي اڙانگن پيچرن جي سفر
۾ گذري،جيڪو هن ڪتاب جو خاص موضوع پڻ آهي.سائين الهورائي بهڻ صاحب جو جنم ٻي عالمي
جنگ دوران فيبروري ۱۹۴۲ع ۾ ٿيو، سندن جنم جي ڪجه مهينن بعد پهرين جون ۱۹۴۲ع ۾ حُرن خلاف سنڌ جي اوڀر پاسي مارشلا لڳي
جڏهن ته حضرت سيدصبغت الله شاه شهيد سنڌ کان ٻاهر جيل ۾ قيد وبند ۾ هو، هن معصوم ٻالڪ
جي ڪُٽنب سميت حُرجماعت جا ماڻهو ڪربناڪ بيڪسي جي حالت ۾ قيد ڪيا ويا، ڪئمپن اندر
بک، بدحالي، وبائي بيمارين جي ڪري ڪيترائي گُل ٽڙڻ کان اڳ مرجهائي ويا.
