گل حسن ’گل‘ لاکو
گهڻن جو گُل، زندهه دل ۽
بردبار شاعر ۽ نثر نويس - جنم ڏينھن جي نسبت سان
مٺل جسڪاڻي
گل حسن ’گل‘ لاکو،
منهنجو ئي نه، گهڻن جو گُل آهي. زندهه دل آهي. بردبار شاعر ۽ نثر نويس آهي. ساڻس
روبرو ۽ فاصلاتي ميل ملاقات، کل ڀوڳ، ٻَڌا ٻَڌا ٽهڪ پئي رهيا آهن. تمام گهڻو
قربائتو ۽ ملنسار آهي. ٻين کي وقت ڏيندڙ آهي. سندس جنم تاريخ ۰۴ فيبروري جي نسبت سان حاضر آهي سندس مختصر
تعارف ۽ ويچار ونڊ...
مٺل: اوھان جو
نالو؟
گل: گل حسن ’گل‘
لاکو
