; سنڌي شخصيتون: حافظ محمد اسلم مھيسر رفيقوي

05 March, 2021

حافظ محمد اسلم مھيسر رفيقوي

حافظ محمد اسلم مھيسر رفيقوي

مشهور صوفي شاعر - ستونجاھين ورسي جي موقعي تي ڀيٽا

امتياز مهيسر



حافظ محمد اسلم مھيسر (اسلم رفيقوي) سال ۱۸۹۰ع ڌاري، حافظن جي ماڙيءَ ۾ سندس والد گرامي حافظ جان محمد مھيسر جي گهر، ڳوٺ رفيق مھيسر ۾ جنم ورتو. حافظ جان محمد مھيسر خيرپور جي مير صاحبن جو استاد ۽ سندن حڪومت ۾ خاص معاون طور ڪم ڪيو. حافظ محمد اسلم مھيسر شروعاتي تعليم قرآن شريق پڙهڻ وغيره ٺيڙهي جي مشھور مدرسي دارلھدا ۾ حاصل ڪيائين بعد ۾ پنهنجي والد محترم حافظ جان محمد مھيسر وٽ قرآن شريف حفظ ڪيائون ۽ پڳ ٻڌائون. ان کان بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جڳ مشهور عالم دين حضرت علامہ ميان غلام محمد مھيسر رحہ جي مدرسي درگاه ڪمالديرو شريف ۾ عربي ۽ فارسي پڙهي عالم دين بڻيا. حافظ محمد اسلم مھيسر ننڍپڻ کان ئي عشق جي رمز ۾ ٽمٽار رهيا. عشق مجاز جي ڏاڪڻ پار ڪري عشق حقيقت جي منزل ماڻيائون، جو جڏهن ڏاڙهي مبارڪ ۾ اڇا وار اچي ويا تہ بي ساختہ چئي ڏنائون؛


دل صفا ۽ من صفا؛ قول محمد مصطفيٰ،

لک شڪر حق پاڪ جو، وار ڀي ٿي ويا اڇا.

بارگاه يزلي ۾ پنھنجي عشق جو اظھار هيئن ڪيو اٿن.

احد ۽ نہ احمد ۾ آهي جدائي،

خدا جي محمد ۾ جلوه نمائي،

ٿيو نام روشن خدا جو تڏهن کان،

ملي مصطفيٰ کي جڏهن مصطفائي.

شاعريءَ سان گڏ پنهنجي روز مره جي معمولات کي ڏهن ڊائرين ۾ قلمبند ڪيو اٿن. ان کان علاه ڳوٺ رفيق مھيسر ۾ ڄم ۽ موت جو رڪارڊ ۽ موت جو سبب بہ لکيو اٿس جيڪو هڪ ڪتابي صورت ۾ موجود آھي. ان کان علاه پنھنجي دل گهرين دوستن پروفيسر عطا محمد حامي، رشيد احمد لاشاري، غلام نبي اداسي بلوچ، غلام علي گوهر حسين آبادي سان گڏجي هڪ پارٽي جو جنم وڌائون جنھن جو نالو پريم پارٽي رکيائون. جنھن جو مقصد، صرف ۽ صرف اهو هيو تہ محبتون وڌايو، نفرتون ختم ڪيو. جيئن حامي صاحب چيو آهي:

ڪائنات ۾ ڪنهن سان بہ ڪلفت نہ ٿا رکون، محبت اسان جو مذهب آهي خدا گواه.

 حامي صاحب جي ان شعر کي عملي جاموحافظ صاحب ئي پھرايو جو پاڻ محبت جي ان ميدان کي ملھائڻ لاءِ سنڌ جي عاشقن ۽ معشوقن جي سروي ڪري هڪ رڪارڊ قائم ڪيو ۽ ان ۾ 2200 پريم ننگر جي اڃايل کي ع ق ۽ م ق عاشق مزاج ۽ معشوق مزاج لکي درج ڪري پنھنجي عشق جو مظاهرو ڪيو آهي، جيڪو  شايد سنڌ جي ڪنھن اديب ڪيو هجي. پاڻ سنڌ جميعت الشعراءِ سنڌ جا بنيادي ميمبر هيا. سندن شاعري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ڪافيون طالب المولي درناياب اديب سنڌ رسالو تقاضا ۽ ٻين ڪيترن ئي ادبي ڪتابن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهي. سندن شاعريءَ جو ڪتاب (ڪثرت عشق ديده حق) ۽ رسالو (عاشقن جو سينگار) بزم اسلم ادبي سنگت طرفان ڇپايل آهي. سندن دوستن جو حلقو تمام وسيع هيو، شاعريءَ جي ميدان ۾ سندن حلقي ۾ عطا محمد حامي صاحب، رشيد لاشاري، حافظ محمد احسن چنا، پير علي شاه لڪياري، پير اسد شاهه راشدي، ولايت شاهه جيلاني، اميد خيرپوري، غلام علي گوهر حسين آبادي، استاد الهه بخش زيبا هيسباڻي، عبد عاقلي، غلام نبي اداسي بلوچ، نياز لاڙڪاڻي، فدا شھدادڪوٽي، قاضي عبدالحي قائل رتوديرو، رئيس رضا محمد رضا مهيسر ميھڙائي، محمد عمر مڱريو، فقير غازي محمد راز سيال، غلام قادر صوفي گمبٽ، محمد خان غريب لاڙڪ ۽ ڪيترائي ٻيا شامل آهن. سنڌ جو هي ناميارو صوفي شاعر ۴ مارچ ۱۹۶۴ع تي، اسان کان ھميشہ لاءِ موڪلائي ويو. سندس آخري آرام گاه خيرپور ضلعي جي مشھور قبرستان حضرت شيخ طيب جي قبرستان ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا