حافظ محمد اسلم مھيسر رفيقوي
مشهور صوفي شاعر -
ستونجاھين ورسي جي موقعي تي ڀيٽا
امتياز مهيسر
حافظ محمد اسلم
مھيسر (اسلم رفيقوي) سال ۱۸۹۰ع ڌاري، حافظن جي ماڙيءَ ۾ سندس والد گرامي حافظ جان
محمد مھيسر جي گهر، ڳوٺ رفيق مھيسر ۾ جنم ورتو. حافظ جان محمد مھيسر خيرپور جي مير
صاحبن جو استاد ۽ سندن حڪومت ۾ خاص معاون طور ڪم ڪيو. حافظ محمد اسلم مھيسر
شروعاتي تعليم قرآن شريق پڙهڻ وغيره ٺيڙهي جي مشھور مدرسي دارلھدا ۾ حاصل ڪيائين
بعد ۾ پنهنجي والد محترم حافظ جان محمد مھيسر وٽ قرآن شريف حفظ ڪيائون ۽ پڳ ٻڌائون.
ان کان بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جڳ مشهور عالم دين حضرت علامہ ميان غلام محمد
مھيسر رحہ جي مدرسي درگاه ڪمالديرو شريف ۾ عربي ۽ فارسي پڙهي عالم دين بڻيا. حافظ
محمد اسلم مھيسر ننڍپڻ کان ئي عشق جي رمز ۾ ٽمٽار رهيا. عشق مجاز جي ڏاڪڻ پار ڪري
عشق حقيقت جي منزل ماڻيائون، جو جڏهن ڏاڙهي مبارڪ ۾ اڇا وار اچي ويا تہ بي ساختہ
چئي ڏنائون؛
