; سنڌي شخصيتون: محمد دائود ميمڻ تاج ٽکڙائي

07 March, 2021

محمد دائود ميمڻ تاج ٽکڙائي

محمد دائود ميمڻ تاج ٽکڙائي

استاد الشعراءِ ۽ صديءَ جي ادبي اتهاس جو وارث

عبدالستار “آڪاش” ٽکڙائي



سڀ کان پهرين آئون سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي سٿ خاص طور تي سيڪريٽري شاخ سائين آغا جان آغا ۽ ڪاروباري ڪميٽي، انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان ۽ مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن بزرگ شاعر سائين محمد دائود تاج ٽکڙائي جي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس مان ۾ هي پروگرام رکيو آهي، هي روايتون جس لهڻن، هنن روايتن جا امين به جس لهڻن جن سائين تاج ٽکڙائي جي زندگي ۾ کين مڃتا ڏني آهي. سائين شاعري ۾ منهنجو استاد آهي آئون ادب جو هڪ ادنى طالب آهيان ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ منهنجي ٻين شاعر دوستن جيان سکيا سائين تاج ٽکڙائي کان ورتي اٿم. سائين تاج ٽکڙائي، استادالشعراءُ ۽ سنڌي شاعريءَ جي هڪ اتهاس جو وارث آهي. اڄ سائين تاج ٽکڙائي جي شاگرد هئڻ جي ناتي اوهانجي اڳيان سائين جي زندگي ۽ سندن ادبي ڪم تي ضرور روشني وجهندس.


شاعري جي شوق و ذوق کي جيترو آسان سمجهيو ٿو وڃي اوترو آسان ناهي. درد کي لفظ ڏيڻا ٿا پون، اميد کي آواز ڪرڻو ٿو پوي، حق جي تشهير ڪرڻي ٿي پوي ۽ لڙڪن کي مس ڪرڻو ٿو پوي. شاعري جي انهيءَ سڄي تپسيا تي سالن، صدين کان محمد دائود تاج ٽکڙائي جو خاندان  پورو لهندو آيو آهي. تاج ٽکڙائي، عشق جي چوٽ تي بيدار ٿي لئي مان لٺ ڀڃي  شاعر ٿيندڙ شاعرن مان ناهي بلڪه شاعري جي هڪ ڊگھي اتهاس جو وارث آهي، هو شاعريءّ جي ڇهين پيڙهي جو وارث آهي. سندس شاعري جي تعارف ۽ تعريف  ۾ ٽکڙ سان تعلق رکندڙ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر امداد حسيني، تاج ٽکڙائي جي ڪتاب  زندگي آهي سفر ۾ لکي ٿو ته : “محمد دائود تاج ٽکڙائي قاضي محمد صالح جي بنياد مان آهي جنهن جي فارسي ڪلام جو نمونو ڪتاب تذڪرهءِ شعراءِ ٽکڙ ۾ ڏنل آهي. ان خاندان ۾ حافظ حامد روايتي دور جو هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي ۽ سندس پٽ محمد دائود (اول)، محمد ابراهيم ۽ محمد هاشم “ مخلص” به شاعر هئا، جن مان محمد هاشم مخلص وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. مخلص کي ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو ۽ هن محمد دائود (اول) جو پٽ محمد خان ۽ ڀيڻ جي ڌيءَ کي نپايو. محمد خان جيڪو اڳتي هلي محمد خان غني جي نالي سان مشهور شاعر ٿيو. وڏي ٿيڻ تي ٻنهي جي شادي ڪرايائين. محمد دائود تاج ٽکڙائي انهن جي ئي گھر ڄائو . ائين محمد دائود تاج ٽکرائي کي شاعري ورثي ۾ ملي آهي. انهيءَ خاندان جون علمي، ادبي، صحافتي، سماجي ۽ سياسي خدمتون به ايتريون آهن جو انهن جي وستار به صخيم ڪتاب لهڻي”. ساڳي ڪتاب جي مهاڳ  ۾ سائين قلندر شاهه لڪياري تاج ٽکڙائي جي شخصيت ۽ شاعري متعلق لکي ٿو ته : “ تاج جي ڪلام ۾ تجربا به آهن ته مشاهدا به. ذاتي ڏک ڏکڙا به چٽيل آهن ته قومي سماجي مسئلن جي اپٽار به ٿيل آهي. فطرت جي عڪاسي به آهي ته جمالياتي جلوا به آهن، کيس شابش هجي ته شعري ۽ علمي ماحول ۾ رهندي به هن پنهنجي شاعريءَ ۾ لوڪ شاعريءَ جي رس ۽ چس کي برقرار رکيو آهي. سندس ڪافيون غزل جي سڪ لاهين ٿيون ۽ غزل ، ڪافي جو سرور بخشين ٿا.”

سائين محمد دائود تاج ٽکڙائي جي شاعري جا ٻه مجموعا ڇپجي چڪا آهن. پهريون مجموعو “زندگي آهي سفر” سال ۲۰۰۱ ۾ ڇپيو ۽ ٻيون مجموعو “طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو” سال ۲۰۰۳ ۾ ڇپيو، ان بعد سائين تاج مسلسل لکندو پيو اچي، جو سندس ڪيترو ئي اڻ ڇپيل مواد موجود آهي. اڄ جڏهن ادبي توڙي غير ادبي شخصيتن جي گھرن ۾ تعميرات دوارن سوئمنگ پۡل، بار ۽ ٻين آسائشن لئه جدا پورشن تعمير ٿيندا هجن اتي هن غريب شاعر پنهنجي گھر ۾ لائيبريري قائم ڪري ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو گڏ ڪيو، نه صرف ايترو پر هن ادبي شخصيت پنهنجي پوري گهر جي ڇت وارو پورشن ادبي رهاڻن لئه وقف ڪري اهو عملي طور ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اديب ۽ شاعر ٿيڻ صرف ڳالهين جي حد تائين  نه هوندو آهي پر ان قسم جي قرباني ۽ عملي مظاهري لاءِ به اڳتي اچڻو پوندو آهي. ان لحاظ کان سائين تاج ٽکڙائي ٽنڊو محمد خان جي ادبي دنيا ۾ هڪ وڏي حيثيت رکن ٿا، اڄ موقعي جي مناسب سان سائين تاج ٽکڙائي جي شاعري مان ڪجهه چونڊ ونڊيندو هلان.

“نه الفت ملي عاشقي ۾ ڪڏهن

نه سريو سڪون سادگيءَ ۾ ڪڏهن،

حسينن کي ڄاتم خدا عشق جو

نه آئي ڪمي بندگيءَ ۾ ڪڏهن.”

 

“زندگيءَ کي ڪا بقا ناهي پرين

اڄ سڀان جي آسري ٽاري نه ڇڏ

هر قدم تي ڪاغذي چهرا گهڻا

ڪونه مشڪل ۾ ملي سڏ ۾ ڪو سڏ”.

 

“سونهن ۾ جنهن جو ثاني ناهي سو ته اسان جو ديس،

مورن جهڙا ماڻهو ٽلن هت ٽوپي اجرڪ ويس.”

 

“پري ناهي باک

وک وڌايو دوستو

آئون ڏيان ٿو ساک “

 

“اسان جي موڪلاڻي آ خدا حافظ،

پساهن جي پڄاڻي آ خدا حافظ.

فسانو رنگ نئين سان ڪو وري لکبو،

ختم پنهنجي ڪهاِڻي آ خدا حافظ.

فنا جو ذائقو هر ڪوئي چکندو آ،

عمارت ٿي پراڻي آ خدا حافظ.

طلب ۾ تاج ڪاٽيون راتيون روئي،

دعا ڇو ڪين اگھاڻي آ خدا حافظ.”

سائين تاج ٽکڙائي ڀٽائي جي سورمي سسئيءّ وانگر جهدِ مسلسل ۾ رهيو آهي،جنهن جو عڪس سندس ڪلام ۾ پڻ نظر اچي ٿو بلڪل ائين جيئن “سرجيس ته سور، سامايس ته سک ويا،” محمد دائود ميمڻ تاج ٽکڙائي ۱۰ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع تي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه “ٽکڙ” ۾ ڄائو، بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوء پاڻ شروع کان سماجي زندگي ۾ ڪوشان رهيو آهي، پيءُ محمد خان غني جي ٻي شادي ڪرڻ کانپوءِ گھر جي سموري بار جو اچي وڃڻ، پڙهائي، ڪاروبار، نوڪري نسبت ٻاهر رهڻ، هڪ پٽ جو وڇوڙو، ٻي پٽ جو ذهني طور بيمار رهڻ ۽  بعد ۾ ويجهڙائي ۾ ئي فوت ٿي وڃڻ، اهي سڀ مسئلا غير معمولي آهن پر هماليه کان به اۡوچا حاصلا رکندڙ هي شخص پنهنجي همت ۽ حوصلي سان زندگي ۾ ثابت قدم رهيو آهي. سچ پڇو ته سنڌي ادبي سنگت جي گذريل مهيني جي هڪ گڏجاِڻي ۾ سائين تاج جي چيل سندس هڪ غزل  ته ڏکارو ڪريو ڇڏيو، جنهن ۾ هو پنهنجي زندگي جو مختصر خلاصو پيش ڪري ٿو :

عشق ۾ لٽيل خزانو آهيان،

فطرتن عاشق يگانو آهيان.

 

نفرتن لئي ناهي جيءَ ۾ جاءِ ڪا،

الفتن جو آستانو آهيان.

 

پيار جي پکين بسيرو هت ڪيو،

اڄ ته اجڙيل آشيانو آهيان.

 

درد، دک دنيا ڏنا دولت ڪري،

ڪيترو سکيو سمانو آهيان.

 

جان منهنجي ٿي ڦٽن لئي منتخب،

نينهن ڪنهن جي جو نشانو آهيان.

 

رب جي سمجهان رضا هيءَ دوستو!

ڪونه بڻيو ڏاڏو نانو آ

 

هاڻ مون کي ياد ڪوئي ڪيئن ڪري،

آئون هڪ گذريل زمانو آهيان.

 

مون کي پڙهو ۽ پروڙيو ماڻهان،

هڪ حقيقت هڪ فسانو آهيان.

 

پيار جي پونچي ڇڏي خالي هٿين،

اوچتو ٿيڻو روانو آهيان.

 

“تاج” آهم حجر کان هيڻو هنيو،

ظاهري تازو توانو آهيان.

 

ٽکڙ جا ماڻهو سائين تاج ٽکڙائي کي انتهائي ادب احترام و قدر جي نگاهن سان ڏسن ٿا. هو کيس پنهنجو محسن چون ٿا. محمد آچار “نظير” ٽکڙائي، غلام رسول شاهه “سوز” ٽکڙائي، حافظ هاشم ميمڻ، محترم شبير هاتف، ماستر واحد بخش ڪنڀار “عندليب” ٽکڙائي، محمد جمن “جام” ٽکڙائي، ماستر نوراحمد ڳنڀير ۽ سنڌ جو مشهور شاعر امداد حسيني، اهي سڀ ٽکڙائي شاعر، ٽکڙ ۾ سندس همعصر شاعر رهيا آهن، هونئن ته مون سميت گل ٽکڙائي، احمد علي “انعام” ٽکڙائي، فيض ٽکڙائي، شاهد ۽ شوڪت علي شوق سميت درجن کان مٿي شاعر سندس شاگرد آهن پر شاعرن جي سرزمين جي ٻين ماڻهن کي به تاج ٽکڙائي سان محبت هئڻ ڪري سندس ڪيترا ئي شعر بر زباني ياد آهن جيئن:

جڳ ۾ نه جوڙ جنهن جو سو دلدار آ سندم،

سهڻن کان سرس سهڻو ٿيو يار آ سندم.

تسڪين قلب لاشڪ منٺار آ سندم،

اکڙين جي اس آهه سوئي پيار آ سندم.

ڪيئن پيار پنهنجي پيار کان غافل ڀلا ٿئي،

شل ڪونه  پنهنجي يار کان هڪ پل جدا ٿئي.

 

ڪنهن کان جهان ۾ پوري ٿي رسمِ وفا ٿئي،

سو ڪير جنهن کان پيار جو حق ٿو ادا ٿئي.

هت فرض عشق جو به ٿو اڪثر قضا ٿئي،

ڀلجي ڪڏهن نه مون کان ڪا اهڙي خطا ٿئي.

بيچين روح ٿئي جي ٿو دلبر خفا ٿئي،

شل ڪونه  پنهنجي يار کان هڪ پل جدا ٿئي.

 

جنهن دم رسي وڃي ٿو سڄڻ ڪنهن کان برملا،

تنهن ويل ٿا وڃن مچي دلين ۾ ٿرٿلا.

آڪاش اڌ ٿئي ۽ زمين تي به زلزلا،

ٿئي عاشقن جي واسطي آزارِ ڪربلا.

وڇڙي جڏهن ٿو محب ته محشر بپا ٿئي،

شل ڪونه  پنهنجي يار کان هڪ پل جدا ٿئي.

 

راهه وفا ۾ مون کي مليو آهي ڇا صلو،

ڀٽڪائي واٽ تي ئي ڇڏيئون دل جو قافلو.

وڌندو رهي ٿو منزلِ الفت جو فاصلو،

آهي ٽٽڻ کان ڏاڍو هي سورن جو سلسلو.

بس ڪاروانِ عشق جو حافظ خدا ٿئي،

شل ڪونه  پنهنجي يار کان هڪ پل جدا ٿئي.

 

گھٽجي نه شل چراغِ محبت جي روشني،

تاريڪ ٿيندي منهنجي تمنا جي زندگي.

ويندي ڪري ڪناره ڪشي مون کان هر خوشي،

اُت موت روئندو خوب ڏسي منهنجي بيڪسي.

شل “تاج” جي نه اهڙي طرح انتها ٿئي،

شل ڪونه  پنهنجي يار کان هڪ پل جدا ٿئي!

 ۽ هي ماڻهو تاج کي ڇو نه ياد ڪن جو تاج ٽکڙائي انهن ماڻهن جي لاءِ ڇپر ڇانو رهيو آهي مرڻو هجي يا پرڻو، خوشي يا غمي ۾ هي شخص علالت و بزرگي وارن ڏينهن ۾ به شريڪ ٿيندو آهي. اڄ هتي هن شخصيت جي ان پهلو جو به ذڪر ڪندو هلان ته ۶۰ ۽ ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سواري، سهولتن ۽ وسيلن جي کوٽ سبب مئٽرڪ تائين تعليم جي حاصلات تمام گھڻي مشڪل ۽ مهنگي هئي ته اتي هي شخص سرسيد احمد خان ۽ ٽنڊي باگي  جي مير غلام محمد ٽالپر وانگر اڳتي آيو ۽ منهنجي والد، سميت ڪيترن ئي ماڻهن جو وسيلو بڻيو ۽ سندن مدد ڪري کين کاڌي پيتي سميت پنهنجي گهر ۾ هاسٽل جي طرز تي مفت رهائش ڏنائين جو اهو ماڻهو تعليم مڪمل ڪري هن سماج ۾ هڪ مقام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، اهو ئي سبب آهي جو هي ماڻهو ۽ سندن اولاد و عيال سائين تاج ٽکڙائي کي عقيدت ۽ چاهه جي نظر سان ڏسن ٿا. نفسا نفسي واري دور ۾ جتي سرندي وارن جي نظر به پنهنجي گھراڻي کان ٻاهر نٿي وڃي اتي هي فقير منش ماڻهو انهن غريب پر اهل نوجوانن جي لئي مسيحا بڻجي آيو. مون انهن ماڻهن مان بابا سميت ڪيترن واتان ٻڌو ته جي محمد دائود ميمڻ اسان جي مالڪي نه ڪري ها ته اسان لاءِ هي مقام حاصل ڪرڻ مشڪل هو. سچ پڇو ته تاج ٽکڙائي پنهنجي ذات ۾ انجمن رهيو آهي.

اڄ اسان سڀ ان فقير منش امير ماڻهو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، سندس روايتي رنگ ۾ فن و فڪر سان مالامال شاعري کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون اڄ جڏهن ادب جي دنيا ۾ غير معياري ادب جي ڀرمار لڳي پئي آهي، اتي سندس شاعري کي ڇو نه ياد ڪيون، جيڪا جدت جي نالي تي فن جا ليڪا نٿي لتاڙي، جيڪا احساس جي نالي تي عريانيت نٿي پکيڙي، جيڪا فڪر جي جدت جي نالي تي  فحاشي نٿي ڦهلائي، جيڪي تجربن جي نالي تي ادب جو حليو نٿي بگاڙي، جيڪا سندس شخصيت وانگر سهڻي ۽ سادي آهي، سادن سچن لفظن سان سرشار تاج جي شاعري سچ ڳالهائي ٿي ڇو ته درد ڀريئي احساسن جي پويان هڪ سچو ماڻهو بيٺل آهي، جنهن جي سچ گوئي ڪڏهن به ماٺار نه ٿي آهي، اڄ جتي ادبي گڏجاڻين ۾ صاحب ڪتاب جي جڳهه صاحب خطاب اشخاص وٺي ڇڏي آهي، ادبي ميڙاڪن جو سلسلو ذاتي مفادن سان منسوب ٿي ويو هجي ۽ ادبي انجمنن کي سياست جي اڏوهي کائي رهي هجي، اتي هن اڌ صديءَ جو ادبي اتهاس رکندڙ  شخص کي ڀيٽا ڏيندڙ دوست به مبارڪ جا مستحق آهن.

شاهه سائين چوي ٿو:

اگھو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،

پلئه پئي سچ، آڇيندي لڄ مران!

آخر ۾ آئون دعا ٿو ڪريان ته شل هن استاد الشعراءُ جو سايو اسان مٿان قائم رهي ۽ شال ٽنڊو محمد خان جي ادب جو هي چنڊ ائين ئي چمڪندو رهي ۽ رب سائين کيس صحتِ ڪامله عطا فرما ي، اسان جي مٿان سندس سايو بڙ جي گھاٽي ڇانو وانگر قائم رهي. کيس شيخ اياز جي هنن سٽن سان ڀيٽا ڏيندس ته:

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا

گھايل ڌرتيءَ جي سيني تي

اهڙي گھري چيخ ٿين ٿا

جا دنيا کي جاڳائي ٿي

جا دنيا کي بدلائي ٿي.

 

(تاريخ ۵ مارچ ۲۰۲۱ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران رهاڻ ۾ پڙهيل)




تاج ٽکڙائي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي

سنڌي ٻولي جي سگهاري ۽ برجستي شاعر، شاعر ابن شاعر محمد دائود ميمڻ المعروف ''تاج ٽکڙائي'' ۱۰ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع تي ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ جنم ورتو. هۡو حافظ حاجي حامد ٽکڙائي جو پڙپوٽو، قاضي محمد دائود”مومن“ ۽ محمد هاشم ”مُخلص“ جو پوٽو، محمد خان غني مرحوم جو فرزند هو. ۱۹۵۶ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ڪجهه وقت ذاتي ڪاروبار بعد ۱۹۵۷ع ۾ تلڪ چاڙهي حيدرآباد تي سنڌي ادبي بورڊ جي بُڪ اسٽال تي ڪم ڪيائين، ان ئي سال سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ ۳ سال نوڪري ڪرڻ بعد استعيفا ڏنائين. ۱۹۶۱ع ۾ ”اديب سنڌي“ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۷۵ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. شاعري واري خانداني ورثي سبب شاعري جا جوهر ٻالڪپڻ کان ئي سندس ذهن ۾ پيوست ٿيل هئا. جنهن جوهر کي ساهه جيان سانڍيندي ۱۹۵۲ع ۾ ۱۴ سالن جي عمر ۾ شعر لکڻ جي شروعات ڪيائين. شروع ۾ ”دائود “ جو تخلص ڪتب آندائين، جنهن بعد سندس والد جي خواهش تي ”تاج“ تخلص طور ڪتب آندائين، جيڪو تخلص مرڻ گهڙي تائين سندس سۡڃاڻپ بڻيل رهيو. ۱۹۵۲ع ۾ ئي تعليم جي حصول لاءِ ڪراچي شهر جي سونهن پسڻ ويو، جتي تعليم پرائڻ بعد نوڪري جي جهنجهٽ سبب ڪجهه عرصو اتي سڪونت اختيار ڪيائين. جنهن عرصي دوران اتي ادبي سرگرمين ۾ بطور هڪ شاعر ڀرپور حصو ورتائين. جتي برک شاعر علي محمد اسير جي استادي نصيب ٿيس، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، مرحوم الهه بخش سرشار عقيلي، محمد جمن هالو مرحوم ۽ ٻين بلند پايه شاعرن جي صحبت پلئه پيس. ان ماحول ۾ پنهنجي شاعري کي به فروغ ڏياريائين. ۱۹۶۲-۱۹۶۳ع تائين شاعري جي رونق افزا محفلن ۾ به ڀرپور شرڪت ڪيائين. ۱۹۷۰ع تائين واري سندس شاعري جي ذخيري مان شاعري جو ڳچ حصو گمشدگي جي ور چڙهي ويو، جنهن جو کيس مرڻ گهڙي تائين شديد افسوس رهيو. تاج ٽکڙائي ذاتي زندگي ۾ بي انتها ڏک، تڪليفون، ٻهروپ، بيوفايون ۽ ظلم برداشت ڪيا. سندس والد جي ٻي شادي سبب غربت ۽ گهر جي سارسنڀال، دربدريءَ واري ماحول ۾ تعليم ۽ نوڪري، شادي بعد اولاد جي مليل ملڪيت ۾ وڏي پُٽ جو نيم پاڳلپڻو ۽ ٻئي فرزند جو جواني ۾ موت سندس روح تي ضرب مثل ثابت ٿيا. ان جي باوجود به هن جي چهري مان ڪڏهن به مايوسي ظاهر نه ٿي، هن مٺائي جو دوڪان به کوليو، چانهه جي هوٽل هلائي، ڪوئلي سان هٿ ڪارا ڪيا. وڊيو ڪيسيٽن جو ڪاروبار ڪيو ته وري ٻارن جون شيون وڪڻي به پنهنجو وقت پاس ڪيو. ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر ڪالوني ۾ ”محمد هاشم مخلص“ لائبريري قائم ڪري علم ڦهلائڻ جي تبليغ ڪندو رهيو. جتي حافظ حامد جي ياد ۾ هال پڻ جوڙايائين، جنهن ۾ ادبي ڪانفرنسون، مشاعرا، رهاڻيون، شامون ۽ ٻيا ادبي پروگرام منعقد ڪرائيندو رهيو. سنڌي ادبي سنگت، عوامي ادبي فورم جو روح روان هئڻ سان گڏوگڏ محمد خان غني ادبي تنظيم جو سرپرست اعليٰ پڻ رهيو. جنهن پليٽ فارم تان ادبي سرگرمين کي هميشه هٿي وٺرائيندو رهيو. جيئن شاعري تاج ٽکڙائي کي ورثي ۾ ملي، تيئن شاعري جي صنفن ۾ وري غزل کيس وجودي پاڇي جيان تحفي ۾ مليو، ڇاڪاڻ ته غزل واري موزون سنڌي شاعري ۾ سندس شاعراڻو خاندان بانيڪار واري حيثيت رکندڙ رهيو. تنهنڪري هن به وڌ ۾ وڌ غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي، ان سان گڏوگڏ وائي، نظم، ڪافي، نعت، مرثيي، رُباعي، گيت، ترائيل، قطعي، دوهي، بيت، ٽيڙو، چوسٽي، سانيٽ، حمد، مولود سميت انيڪ صنفون سندس قلم جي نوڪ مان احساسن جي عڪاسي طور گهڻي تعداد ۾ ظاهر ٿيون. تاج جي شاعري ۾ سندس گهڻو ڪلام سادي ۽ سليس سنڌي ۾ بيان ٿيل آهي، جنهن ۾ سندس اباڻي روايت مطابق رواني، سلاست، تجنيس حرفي، محاورن، تشبيهن ۽ استعارن جي خوبصورتي سمايل رهي. فلبديهه شاعري تي به وڏو عبور حاصل هئس. گفتگو ۾ به شاعراڻو انداز رکندڙ هو. سندس شاعري ۾ ذوق جماليات ۽ حُب الوطني چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪندي رهي. تاج ٽکڙائي لڳ ڀڳ ستر سالن جي شاعري واري زندگي ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جن مان انعام ٽکڙائي، گل ٽکڙائي، آڪاش ٽکڙائي سنڌي شاعري ۾ پنهنجو هڪ بهترين مقام جوڙيو. انهن کان علاوه اصلاحي رهنمائي حاصل ڪندڙن ۾ جمن ”جام“ ٽکڙائي، مرحوم عزيز ٽکڙائي، عنايت علي شاهه ”عنايت“، ”جان نثار “ ٽکڙائي، ثاقب ٽکڙائي، شائق ٽکڙائي، سرواڻ ٽکڙائي، الفت سمون، همدم سمون، سومار سنگم، سومار ملهار، نياز ٽکڙائي، فيض ٽکڙائي ۽ ٻيا شامل آهن، سندس سمورا شاگرد کيس پنهنجي والد جي حيثيت ڏيندا هئا، اهو ئي سبب آهي جو کيس استادالشعراءِ ڪوٺيو ويندو هو. تاج هر دلعزيز، صاف گُو، دوستن جو دوست ۽ همدرد رهيو، سندس وڏي خوبي اها هئي جو پيرسنيءّ واري عمر ۾ به پنهجي هڙان وڙان خرچ ڪري ادبي ميلا مچائيندو رهيو. جنهن دوران دعوتون ڏيڻ کان وٺي، پنهنجي هٿن سان کاڌو ٺاهڻ ۽ کاڌو کارائڻ تائين خوشي مان اُڀي پيرين نچندو ۽ جهۡونگاريندو رهندو هو. ادبي پروگرامن لاءِ ڪرسين کان وٺي ايمرجنسي لائيٽن، هنڌ بسترن، ٿانوّن تائين هر شيءِ ذاتي طور وٺي اديبن ۽ شاعرن لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي هئائين. تاج ٽکڙائي جنهن رفتار سان سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري جي جيڪا خدمت ڪئي، ان حوالي سان هو پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندڙ هو، فقيري طبعيت سبب جنهن پذيرائي جو هۡو حقدار هو اها کيس پلئه نه پئي پر پوءِ به سنڌ جي ڪنهن به ڪُنڊ مان کيس ڪنهن به ادبي پروگرام جي دعوت ملندي هئي ته پاڻ کڻائي به پهچي ويندو هو. ڀوڳ، چرچا، سهپ ۽ برداشت جا مادا کيس ڄڻ ته ورثي ۾ مليل هئا. ڳالهه ٻولهه دوران استعمال ۾ ايندڙ لفظن سان قافيه ملائڻ سندس معمول بڻيل هو. علمي، ادبي ۽ ذاتي دوستن کي عزت ڏيڻ سندس خاص شيوو رهيو. هن روينيو کاتي مان نوڪري تان ريٽائرمينٽ کانپوءِ سمورو وقت علمي ۽ ادبي سرگرمين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. ٿوري ٿوري وقفي سان مشاعرا ۽ ادبي محفلون مڇائيندو رهيو. جيڪا ڳالهه يقينن نئين نسل لاءِ مشعل راهه بڻيل رهي. هن شاعري جي آسمان تي ڏات جا جيڪي ڏيئا جرڪايا تن مان سندس ٻه شعري مجموعا ”زندگي آهي سفر“ ۽ ”طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو“ ڇپجي پڌرا ٿيا. ان کان علاوه به سندس کوڙ شاعري اڻڇپيل حالت ۾ سندس پونئرن وٽ موجود آهي. جيڪا مجموعي جو گهونگهٽ اوڍڻ لاءِ بيتاب آهي. تاج ٽکڙائي جو تعليم جي حوالي سان تاريخ ساز ڪم اهو هو ته هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽکڙ ۾ اسڪول کي اوطاق بڻجڻ کان بچايو. ڳوٺ جي غريب ۽ مسڪين ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڪپڙا ۽ ڪتاب وٺي ڏيڻ کان وٺي انهن شاگردن جي کاڌي پيتي ۽ رهائش جو بندوبست ڪندو رهيو. تاج ٽکڙائي ذاتي زندگي ۾ وڏا ڏک ڏٺا. هو شاهه لطيف جي سٽ، "جيئڻ لاءِ جيڏيون، وڏا وس ڪيام.“ جو عملي روپ بڻيل رهيو. پنهنجي ذاتي ڏکن کي پُٺن پٺيان اڇلائي هن قومي سجاڳيءَ جي سج اُڀرڻ جي آس کي ئي اکين ۾ زنده رکيو. تاج جي شاعري ۾ فن به آهي ته جذبات به آهن. تاج سنڌ جي حالتن کان ڪڏهن به غافل نه رهيو، سندس لفظن ۽ عملن ۾ هميشه هم آهنگي رهي، جهڙو لکڻ ۾ هو، حقيقي زندگي ۾ به اهڙو ئي هو. تاج ٽکڙائي جي شاعري علمي ۽ عروضي روايتن جي حامل هوندي به تاڃي پيٽي سنڌي شاعري آهي. شهري ۽ علمي ماحول ۾ رهندي به هن پنهنجي شاعري ۾ لوڪ شاعري جي رس ۽ چس کي برقرار رکيو. سندس ڪافيون، غزلن جي سڪ لاهين ٿيون ۽ غزل، ڪافين جو سرور بخشين ٿا. تاج جي ڪلام ۾ تجربا به آهن ته مشاهدا به. ذاتي ڏک ڏاکڙا به آهن ته قومي ۽ سماجي مسئلن جي اُپٽار به ٿيل آهي. فطرت جي عڪاسي به آهي ته جمالياتي جلوا به آهن. تاج چٽو سماجي شعور رکندڙ شاعر هو، تاج جي شاعري سنڌ جي روايتي رنگ ۾ رچيل رهي. تاج جي ذاتي مزاج ۾ فقيري، نوڙت نياز جا انبار هميشه پيا پسبا هئا. سندس شاعري ۾ حُسن جو هڳاءُ، عشق جا اُڌما، ڌرتيءَ سان پيار ۽ انساني حياتي جا انيڪ رنگ پڌري پٽ هئا.هن وٽ رڳو غم جانان نه پر غم دوران به هو. تاج ٽکڙائي جي شاعري ۾ سنڌ موجود هئي. هو هڪ خوددار شاعر هو، سندس شاعري ۾ به خودداري نظر ايندي هئي. جيڪو شاعر ڌرتيءّ، ٻولي ۽ ان جي ماڻهن جي عڪاسي ڪري ٿو، ان جي شاعري ۾ دائميت رهي ٿي. تاج ٽکڙائي ۲۴ آگسٽ ۲۰۲۲ع مطابق ۲۵ محرم الحرام ۱۴۴۴ هجري تي اربع جي ڏينهن صۡبح جو سانوڻي جي وسڪاري ۾ هميشه هميشه لاء موڪلائي ويو. پر سندس شاعري جي دائميت اڄ به برقرار آهي.

تاج ٽکڙائي جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

چِت چُور سَڄو سُور ۽ بي حال بَدن آ،

محبوب جي چاهت جو سفر ڪيڏو ڪَٺن آ.

دلدار جي ڳولا ۾ وڃي دَم ته وڃڻ ڏيو،

بي خوف و خَطر عشقَ ٻڌو سر سان ڪفن آ.

ڪا دادَ رَسيِ حُسن جي دَرٻار ۾ ناهي،

دَرشن لَئه فرياد ڪيو منهنجي لبن آ.

اِنسان جي اُلفت ۾ خوشيون کَسجِي وڃن ٿيون،

۽ ديس سندي عشق وڌو منجهه غمن آ.

برتاءُ بۡرو سنڌ سان صدين کان ٿئي ٿو،

هڪَ ڌرتي ڌراوت ٻيو پاڻيءَ ۾ غَبن آ.

غيرن جي روش کان نه ذرو رَنج رسي ٿو،

پنهنجن جا ڏسي پارَ ٿيو مايوس وطن آ.

صَياد سِتَمگار ته سَڏجي ٿو سدائين،

برباد ڪيو باغ هي مالهيءَ جي هٿن آ.

گُل ڦُل جي ڪا رونَق نه پَسون پاڻ پَٽَن تي،

اي “ تاج ” اُجڙ ڇو ته ٿيو پنهنجو چَمن آ.

************************************************

غزل

جيڪَرَ نه هٿان ڇڏبو هٿيار محبت جو،

وِنگو نه ڪري سگهندو ڪو وار محبت جو.

سيني ۾ سوايو ٿيو مقدار محبت جو،

کوٽن کان نه کُٽندو سو انبار محبت جو.

دل ۾ ٿو رهي دائِم دلدار اَڏي ديرو،

محبوب مِٺو لاشڪ معمار محبت جو.

دِلين ۾ ٿيا دَرجا اِنساني اَدائن جا،

مِڙني کان مٿانهون آ معيار محبت جو.

جيءَ ۾ جي صداقت جي ٻُوٽن جون ٺَهن ٻاريون،

خُوشرَنگ سدا رهندو گلزار محبت جو.

هي عشق محبت ٿيو هڪ راز اَنوکو آ،

سمجهائي سياڻو ڪو اِسرار محبت جو.

هڪوار حسينن سان عاشق جون اکيون اٽڪن،

ٿئي ساريِ حياتيءَ لئه حبدار محبت جو.

جئن خون کَٿوريءَ جي لِڪَ لوڪ کان مشڪل آ،

تئن عام ٿئي چرچو چؤڌار محبت جو.

تُهمت جي تَرارن جا ڌَڪَ “تاج” سَٺا سِر تي،

هَر ريت نِبيريو هِن تَڪرار محبت جو.

************************************************

نظم

والاري غم خوشيءَ جو مسڪن، اُنهيءَ کان پهرين،

ديدون پَسن دُکن جو درشن اُنهيءَ کان پهرين،

بادل جيان هي اکڙيون برسن اُنهيءَ کان پهرين،

نظرون تلاش ۾ ڪٿ ڀٽڪن اُنهيءَ کان پهرين،

ديدار پنهنجو دلبر نيڻن کي تون پَسائي،

تڙپي ٿو روح تو لئه راحت ذرو رسائي.

صدمن هٿان نه ساجن مَن کان خوشيون کسائي،

قُربن ڀريو ڪڪر ڪو صحرا مٿان وسائي،

گهر پيار وارو اجڙيو خود کي اُتي بسائي،

دل جي چمن کي گُل جئن رونق رتي رسائي،

سرهاڻ سونهن سرسي ساهن ۾ تون سمائي،

جيون ۾ جاني جوڀن جو رنگڙو رچائي.

مخمور ڪر ميءِ سان الفت جو رنگ رچائي،

اچ ساقي بڻجي سهڻل محفل وڏي مچائي،

پر جام ڪو پيارج پُورن ڇڏيو پَچائي،

بيحال هن بدن کي تون برهه کان بچائي،

ساٿي سگهو اچي رس صدما سهڻ کان پهرين،

ور يار زندگيءَ جو سورج لهڻ کان پهرين.

احوال غم الم جو اڄ “تاج” ڇڏيو اوري،

هڪ تنهنجي جهوريءَ جانب جيءَ کي ڇڏيو ته جهوري،

بس ساهه وارو سڳڙو سڪ سوز ۾ هيءُ سوري،

جنهن کي ڏکن ڏکويو سو ڪيئن ڏسندو ڏوري،

صورت ڏسڻ جي سودا آهي مرڻ کان پهرين،

مرندي نه هيءَ محبَت وارث ورڻ کان پهرين.

***********************************************

وائي

ساري جَڳَ ۾ سنڌ سونهاري،

خاص وطن جي خاڪ الا!

پياري ڏيهه ۾ روز ڏسون ٿا،

هاڃا هيبت ناڪ الا!

تير لڳن ٿا جان جگر ۾،

چِڪي ٿو هڪ هڪ چاڪ الا!

درد کان دلڙي دانهون ڪري ٿي،

نيڻ ٿين نمناڪ الا!

وَيلَ سَهي ڇو ويلَ وڃايون،

ڇو ته ٿيون غمناڪ الا!

هيڻن جو آ حامي هميشه،

عالَمَ پَرور پاڪ الا!

ظُلمَ هي ضايع نيٺ ته ٿيندا،

وَرُ وَرُ ٿا ڏيون واڪ الا!

“تاج” ڪندو تاراج ستم سڀ،

جذبا سندس بيباڪ الا!

No comments:

راءِ ڏيندا