; سنڌي شخصيتون: ڪشا رام راجپال

07 March, 2021

ڪشا رام راجپال

ڪشا رام راجپال

سريش ڪمار



سائين ڪشا رام راجپال تعليمي ۽ سماجي خدمت جو ھڪ نمايان ڪردار رهيو آهي.

شڪارپور جي علمي ماحول جي اھميت ۽ افاديت کي جيئن ھتان جي استادن ڄاتو. تيئن ساڻن ڪير ٿو ھمسري ڪري سگھي. ھر دور ھر ۽ نسل لاءِ ڏاھپ ۽ ڏات ۾ سرواڻ. اھو سڀ ڪجهھ مھان ۽ ترقي يافته تعليمي ادارن سبب ممڪن پئي ٿيو. انھن استادن ۾ شڪارپور جو استاد سائين ڪشا رام راجپال به ھڪڙو مثال بڻجي نروار ٿيو.


سندس جنم ڀگت امر شھيد ڪنور رام صاحب جن جي آسيس سان مورو مل ڀاڳو مل جي گھر ۵ نومبر ۱۹۲۳ع تي ميان جي ڳوٺ ڀرسان چنا ڳوٺ تعلقو ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي پوءِ سلطان ڪوٽ جي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ ميٽرڪ جي تعليم ھوپ فل اڪيڊمي مان حاصل ڪئي.ھن شڪارپور جي مشھور چيلا سنگهھ سيتل داس ڪاليج مان انٽر جي تعليم حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم سنڌ يونيورسٽي ۽ بمبئي يونيورسٽي مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھن ڪجھه وقت دي سينٽرل بينڪ آف انڊيا ۾ ڪلارڪ جي ملازمت پڻ ڪئي. ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جيڪب آباد ۾ ڪلارڪ بڻيو.

۱۹۴۹ع ۾ تعليم کاتي ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي نوڪري تي نيو ايرا اسڪول ۽ ھاڻوڪو قاضي حبيب الله ھاءِ اسڪول ۾ علم رياضي جي استاد طور فرض سر انجام ڏيڻ شروع ڪيائين. سندس شاگردن مان ڄاڻ ملي ٿي ته سائين ڪشا رام تمام سادگي واري زندگي گذاريندو ھو ۽ ٻارن کي علم ڏيڻ کي پنھنجي عبادت سمجھندو ھو.

سندس شادي ۱۹۴۴ع ۾ ٿي ۽ پوءِ سڪ پل جي ڀرسان خانچند حويلي ۾ مسواڙ تي جاءِ وٺي رھائش اختيار ڪئي. سندس گھر واري مان اولاد ۾ ڄاول ۹ پٽ ۽ ۲ ڌيئرون شامل آھن.  هن پنهنجي پاڙي جي ٻارن ۽ ڀر پاسي جي نوجوانن کي ٽيوشن ڏيڻ شروع ڪئي جنھن مان ھزارين شاگرد اڄ به ھند، سنڌ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ نمايان پوسٽن تي خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن.

ھن سڪ پل جي ڀرسان ھڪ سنگھه سڀا به قائم ڪئي ھندو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ گرمکي ۽ ھندي تعليم لا۽ پاٺ شالا پڻ قائم ڪئي جنھن مان به سندن سوين شاگرد پيدا ٿيا. هن ڪتاب به لکيا  جن مان ”ڪريم آف ڪيمسٽري“، ”ڪريم آف فزڪس“، ”شور سڪسيس ان الجبرا“، ”شور سڪسيس ان جاميٽري“، ”ارٿ ميٽيڪ made ايزي“ ۽ ٻيا شامل آهن،  جن مان ھزارين نوجوانن تعليم پرائي هيءُ  ناميارو استاد، اسان کان ۷ آڪٽوبر ۱۹۸۲ع تي وڇڙي ويو.

ھو پنھنجي آخري ساھ جي گھڙين تائين ھاءِ اسڪول نمبر ۲ شڪارپور ۾ ھيڊ ماستر جي ڊيوٽي جا فرض سر انجام ڏيندي ھن سنسار مان پرلوڪ پڌاريو.. سندس انتم سنسڪار ۽ آخري رسمن ۾ سائين ڀڄن لعل صاحب پوج رھڙڪي صاحب ۽ سماڌا آشرم جا گاڌي نشين سائين سوامي شو ڀڄن صاحب جيڪي پڻ سندس شاگرد ھئا ۽ ھزارين شاگرد ۽ دوست شريڪ ٿيا، ھو پنھنجي شاگردن جي دلين ۾ سدا حيات آھي ۽ پنھنجي تحريرن ۽ ڪتابن جي ذريعي اسان وٽ سدا حيات ۽ امر آھي.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا