محمد سليمان وساڻ
سيبتو شخص - ۱۳ مارچ ۱۹۷۶ع تي جنم
ڏينهن جي نسبت سان
مٺل جسڪاڻي
سليمان وساڻ سان
پهرين عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي، پوءِ موبائيل فون وسيلي رابطو ٿيو ۽ ۲۸ آگسٽ ۲۰۱۵ع
تي ڪراچيءَ ۾ محمود مغل جي ڪتاب ”سنڌ ٽاڪيز“ جي مهورتي تقريب دوران، پهرين روبرو
ملاقات ٿي. تمام گهڻو محنتي، محبتي، خوش اخلاق ۽ خوش طبيعت شخص سان ملي، مون کي
تمام گهڻي خوشي ٿي.
انهن ٽن حوالن کان
اڳ ۾ مون کيس مختلف اخبارن ۾، جيستائين مون کي ياد پيو پوي، تہ مون مختلف شخصيتن
تي سندس خاڪا پڙهيا، يا وري ڪنهن ڪتاب تي تبصرو پڙهيو.
عالمي اوطاق تي،
سليمان وساڻ کي مون ذري گهٽ روز مختلف ناميارن شخصيتن کي جنم ڏينهن جون مبارڪون ۽
نيڪ تمنائون آڇيندي ڏٺو. مختلف شاعرن جي شاعري سهڻين ڊزائينن ۾ پيش ڪندي ڏٺو. لطيف
جي بيتن کي بہ خوبصورت آرٽ سان عام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مگن محسوس ڪيو. مون ڏٺو تہ هي
مختلف ليکڪن جون لکڻيون بہ عالمي اوطاق تي ونڊيندو ورهائيندو رهيو.
مختلف علمي، ادبي ۽
سماجي پروگرامن ۾ سندس شرڪت ۽ شرڪت کان پوءِ وري انهن جو سربستو احوال بہ آئون
مختلف اخبارن ۽ عالمي اوطاق تي ڏسندو، پڙهندو رهيو آهيان.
انٽرنيٽ جنهن کي ڪي
ڳنڍڄار/ ڳنڍڻ ڄار بہ چوندا آهن، اهو اهڙو سستو ۽ سولو وسيلو ٿي پيو آهي، جنهن جي
معرفت هاڻ ماڻهو پنهنجي گهر ويٺي بہ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
پڻ موجود هوندو آهي. روز نوان واسطا، نوان رابطا، نيون دوستيون ۽ نوان اختلاف بہ
جنم پيا وٺندا آهن.
وچ وارا، روزاني روز
روبرو ملندڙن ۾ بہ موجود آهن، تہ عالمي اوطاق تي پڻ. اهڙن جي ڪا کوٽ نہ آهي.
منهنجي ۽ سليمان وساڻ جي وچ ۾ پڻ اهڙا گهڻا رهيا، رهندا. ان هوندي بہ، هڪ ٻئي جي
تربيت جي حوالي سان، اسان وقتي طور عالمي اوطاق واري سنگت تان دستبردار بہ ٿيندا
رهيا آهيون، پر صرف عالمي اوطاق تان! اسان جو موبائيل تي رابطو ساڳئين رفتار سان
جاري ساري رهيو.
مون سليمان وساڻ
لاءِ ڪجهہ بہ نہ ڪيو آهي. پر سليمان وساڻ ٻين سميت منهنجي لاءِ بہ ڀلائي جا اهي ڀال
ڪيا، جنهن کيس هڪ غير متنازع شخصيت طور سڃاڻپ ڏني آهي.
سليمان وساڻ طبيعت
۾ صابر آهي، ماٺيڻو آهي، سمجهہ کان ڪم وٺندڙ آهي. آئون چوندو آهيان جيڪو گهر وارو
هجي، يعني جيڪو شادي شده، زال وارو هجي، اهي ساڳئي وقت ٻارن جو پيءُ بہ هجي ۽ پيشي
جي لحاظ کان استاد هجي، استاد بہ وڏي عمر جي ٻارن يعني بالغ شاگردن جو هجي، اهو بہ
پنهنجي ماحول ۾ عملي طور سرگرم هجي، اهڙو ڪير بہ جذباتي نہ ٿو ٿي سگهي، اهڙو ڪير
بہ ناراض نہ ٿو ٿي سگهي، پر سچ اهو آهي تہ سليمان وساڻ جي ڪنهن مثبت عمل جي نتيجي
۾، منهنجي ”مثبت“ راءِ سبب، سليمان وساڻ سان نہ، ”مون“ سان اختلاف ٿيا، انهن
اختلافن جي نتيجي ۾، اختلاف ڪندڙن سان نہ، سليمان وساڻ سان آئون ڪاوڙجي پيس، پر
سليمان وساڻ ذاتي طور اڻ ڌريو رهيو!
ڌر جي ڀيٽ ۾ اڻ-ڌريو
رھڻ، تمام بهترين عمل آهي. پر ڪن خاص حالتن، صورتن ۾ اڻ-ڌرائپ درست نہ آهي. اهو
منهنجو خيال آهي. ان ڪري، مون، سليمان جي يا مون پنهنجي تربيت جي ڪري سليمان وساڻ
سان ڪي اختلاف بہ ڪيا، پر... اسان اختلافن باوجود هڪ ٻئي کان پري نہ رهيا آهيون.
جنهن جو سبب، شايد آئون گهٽ، سليمان وساڻ وڌيڪ رهيو آهي.
اسان جي اها لڪ لڪوٽي،
اسان جي لاءِ بہ تربيت جو حصو رهي آهي ۽ آئون سمجهان ٿو تہ ٻيا بہ ان مان پرائڻ جي
ڪوشش ڪن. ڇاڪاڻ تہ اختلاف، خراب عمل نہ آهي. خراب عمل، آپي مان نڪرڻ آهي. ننڍڙا ننڍڙا
اختلاف، ڳالهين وسيلي ختم ڪري سگهجن ٿا، پر پاڻ وٽ ائين تمام گهٽ ٿيندو آهي!
سليمان وساڻ ۽ مون
۾ اختلاف رهڻ باوجود اسان هڪ ٻئي خلاف ٽولا کڙا نہ ڪيا! جڏهن تہ پاڻ وٽ ٽولا پرستي
تمام گهڻي آهي! ٽولا پرستي ڪم علمي جو نتيجو آهي، ان ڪري بي سبب نفرتون، بي سبب
اختلاف، بي سبب وير وڌندو آهي.
مون کي انهن تي
حيرت ٿيندي آهي، جيڪي پاڻ کي شاعر، صحافي، اديب سمجهندا آهن، پر عمل ۾ هو!؟ اُف
خدايا...
۱۳ مارچ،
سليمان وساڻ جو جنم ڏينهن آهي. سليمان وساڻ، بنا ڪنهن مت ڀيد جي، جنهن ۾ ڪجهہ مثبت
محسوس ڪندو آهي، ان کي سندس سوچ جي نسبت مانُ ۽ مڃتا ڏيندو آهي. سالگرهہ کان ورسي
تائين، اڪثريت کي ياد ڪري، انهن جي ذات مان پرائڻ جي نشاني ڏيندو آهي.
آئون سيبتي شخص
سليمان وساڻ جي جنم ڏينهن تي کيس ڇا ٿو ڏئي سگهان؟! ڪجهہ بہ نہ! ڇو تہ آئون ڏيڻ
جيتري حيثيت وارو نہ آهيان. آئون پاڻ طالب آهيان. وٺندڙ آهيان. مون پاڻ کي گهرج
آهي. آئون سليمان وساڻ کي نيڪ تمنائون، دعائون ۽ سالگرهہ تي واڌيون ڏئي سگهان ٿو.
سدا صحتمند، خوش، خيريت سان هجي، مثبت سوچ سندس ساٿاري رهي ۽ مثبت ڪم عمل جاري
رکي، آمين.
(روزاني آجيان شڪارپور ۾ ڇنڇر ۱۳ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
محمد سليمان وساڻ
جنھن جو نالو ئي جاکوڙ
جو آهي - جنم ڏينهن جي حوالي سان
يوسف جميل لغاري
ڪجھ سال پهرين جي ڳالھ
آهي. جڏهن مون لکڻ نئون نئون سکيو هو. سوشل ميڊيا تي ڪجھ نه لکڻ کانسواءِ آرام ئي ڪونه
ايندو هو. هڪ ڏينهن گوگل سرچ انجن تي ڪجھ تلاش ڪندي سنڌ سلامت ويبسائٽ تي نگاھ
پئجي وئي. سرسري طور اُتي موجود مواد تي نگاھ ڪيم ته کوڙ سارو مواد دلچسپ لڳو ۽
آئون پڙهندو ويس. انهي طريقي سان سنڌ سلامت ويب سائيٽ ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر سان
منھنجي واقفيت ٿي. قصو اتي ختم نه ٿيو. سنڌ سلامت ۾ لکندڙ ٻين ليکڪن جيان مون به
اُن ۾ پنهنجو اڪائونٽ ٺاهيو ۽ ٻين به کوڙ سارن دوستن کي اها تجويز ڏنم ته پنهنجي
لکڻين کي مستقل جي بنيادن تي محفوظ ڪرڻ لاءِ سنڌ سلامت تي اچو، اُتي پنهنجو اڪائونٽ
ٺاهي ڪري اُتي پنهنجا مضمون، ڪالم ۽ ٻيون مواد رکو. سنڌ سلامت تي مواد رکڻ جو اهو
فائدو ٿئي ٿو ته جڏهن به اُن موضوع جي مناسبت سان سموري دنيا مان ڪو به ماڻهوءَ
مواد ڳولهڻ چاهيندو ته اُن ۾ اوهان طرفان سنڌ سلامت تي رکيل مواد جو لنڪ موضوع سان
لاڳاپيل هجڻ ڪري گوگل جي سرچ انجن ۾ نمايا ٿي ظاهر ٿي ايندو ۽ اوهان جو مواد سموري
دنيا جي ماڻهن تائين آساني سان رسائي حاصل ڪري سگهي ٿو. منهنجي انهي تجويز کانپوءِ
کوڙ سارن دوستن پنهنجو مواد سنڌ سلامت تي رکڻ شروع ڪيو ۽ هي سفر اتان شروع ٿيو. هن
وقت سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پڙهندڙن جي ضرورت کي ڏسندي کوڙ ساريون تبديليون ڪيون
ويون آهن. جن ڏينهن ۾ آئون سنڌ سلامت جو رڪن بڻيو هيس تن ڏينهن ۾ ڀائو محمد سليمان
وساڻ، سجاد علي چنا، عبيد ٿهيم، گل حسن لاکو، ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري ۽ محمد راشد
شر انتظامي رڪنن واري فهرست ۾ شامل هيا. جڏهن ته هاڻ سنڌ سلامت جي انتظامي رڪن ۾ ٻيا
به کوڙ سارا دوست شامل آهن.
هنن دوستن جا سنڌ
سلامت تي موجود پروفائيل پڙهي ڪري مون کي هنن سنڌ جي سُڄاڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ
پتوڙيندڙ دوستن سان ملاقات جو شوق جاڳيو. اتفاق سان منهنجو ڪنهن ڪم سانگان ڄامشوري
وڃڻ ٿيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ هيس ته خيال آيو ته هنن دوستن سان رابطو ڪجي ۽ ڪنهن نه ڪنهن
بهاني ملاقات جو شرف حاصل ڪجي. مون وٽ ٿوري گهڻي اها معلومات ضرور هئي ته هنن
دوستن منجهان هڪڙي دوست گل حسن لاکو جي ڊيوٽي مهراڻ يونيورسٽي ۾ آهي. سڀني کان
پهريان اُن سان ملجي ۽ اُن کان باقي دوستن جي معلومات وٺجي. ان ارادي سان مون ڀائو
گل حسن لاکو کي ڪال ڪئي ۽ اُن سان ملڻ جو ذڪر ڪيم ته اُن وڏي دل سان چيو ته آئون
مهراڻ يونيورسٽي جي لائبريري ۾ آهيان. اوهان هليا اچو ته ملاقات ڪريون ٿا. آئون پاڻ
سان گڏ دوستن کي ساڻ ڪري مهراڻ يونيورسٽي جي لائبريري ڏانهن ويس. جتي ڀائو گل حسن
لاکو اسان سان مليو ۽ وڏي پيار محبت سان اسان جو آڌر ڀاءُ به ڪيائين. مهراڻ
يونيورسٽي جي لائبريري جو وزٽ ڪرائڻ سان گڏ اُن متعلق اسان کي معلومات به ڏنائين.
مون اُتي ئي باقي دوستن متعلق کانس پڇيو ته مون کي چيائين ته عبيد ٿهيم حيدرآباد ۾
هوندو آهي ۽ آئون ۽ عبيد گڏ رهندا آهيون. اوهان شام جو حيدرآباد اچو ته اُتي اوهان
سان عبيد جي ملاقات به ٿي ويندي ۽ خوب ڪچهري به ڪري وٺنداسين. باقي ڊاڪٽر
عبدالحفيظ لغاري ۽ محمد سليمان وساڻ ڪراچي ۾ هوندا آهن. اُنهن سان وري اوهان جي
ملاقات تڏهن ٿيندي جڏهن اوهان جو ڪراچي وڃڻ ٿئي. ساڳي ڏينهن تي شام جو آئون
حيدرآباد ويس ۽ ڀائو عبيد ٿهيم سان رابطو ڪيم ته پاڻ مون سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا.
انهي ملاقات ۾ سنڌ سلامت ڪتاب گهر کان وٺي ڪري سنڌي ادب، سنڌي ليکڪن ۽ نون لکندڙن
تائين کوڙ سارا موضوع ڪچهري جو مرڪز رهيا.
مون کي ڏاڍي خوشي
ته سنڌ جا اهڙا نوجوان سچ ته سنڌي قوم جا حقيقي هيروز آهن. جيڪي بنا ڪنهن لالچ ۽
لوڀ جي پنهنجي ذاتي مصروفيتن، نوڪري ۽ سنگت ساٿ جي هوندي به سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب
کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. آئون ته هنن املھ ماڻهن جو پرستار ٿي پيس. وقت
گذرندو رهيو ۽ آئون باقي ساٿين سان ملاقات جي آس دل ۾ کڻي لکندو رهيس. حيدرآباد
مان نڪرندڙ سنڌي رسالي احساس مئگزين جي سالگره تقريب سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري
۾ رکي وئي هئي. اُن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان کي به مدعو ڪيو ويو هو. جڏهن آئون اُتي
پهتس ته اتي منهنجي ملاقات سنڌ سلامت سٿ جي ايڊيٽر اعزازي ڀائو محمد سليمان وساڻ
سان ٿي. ساڻس ملاقات ڪندي سچ ته ائين لڳو ڄڻ صدين جي مسافري کان پوءِ پنهنجي اصل
ماڳ تي پهتو هجان. ڀائو محمد سليمان وساڻ جو لب و لهجو انتهائي نفيس ۽ سندس سڀاءُ
۾ ايڏي ته پهجائپ مون محسوس ڪئي جو آئون سندس مداح ٿي پيس. ان ننڍڙي ۽ مختصر
ملاقات کانپوءِ ساڻس ملسل رابطو رهندو اچي ٿو ۽ مون پنهنجي ٽڙيل پکڙيل لکڻين کي هڪ
هنڌ محفوظ ڪري ڪتابي صورت ڏيندي ڀائو محمد سليمان وساڻ ڏانهن موڪليا. جنهن منهنجي ڪتابن
کي مان ڏيندي سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي پڙهندڙن جي سهولت لاءِ اپلوڊ ڪيا ۽ هن وقت سنڌ
سلامت ڪتاب گهر تي منهنجا لکيل پنج ڪتاب آنلائين(پي ڊي ايف جي صورت ۾) موجود آهن.
جن کي آنلائين ڊائونلوڊ ڪري يا پڙهي سگهجي ٿو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي منهنجي ڪتابن
کي ڏسندي سنڌ جي ٻين کوڙ سارن ليکڪن ۽ شاعرن جن ۾ ثاقب بلوچ، اظهر امر، ساجد حسين
سومرو، راشد شر ۽ نادر دايو به پنهنجا ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي پڙهندڙن جي
سهولت لاءِ اپلوڊ ڪرايا آهن. مٿي بيان ڪيل دوستن جي فهرست مان ڊاڪٽر عبدالحفيظ
لغاري، سجاد علي چنا ۽ محمد راشد شر سان منهنجي هن وقت تائين ڪابه ملاقات نه ٿي
سگهي آهي. ڌڻي چاهيو ته اُنهن سان به جلد ملاقات جو شرف حاصل ٿي ويندو.
محمد سليمان وساڻ
سان پيار، محبت ۽ احترام جو جيڪو رشتو جڙيل آهي. اُن جو بنيادي سبب علم ۽ ادب ئي
آهي. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ سندس ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. ڪراچي
۾ هوندي پاڻ هر وقت کوڙ سارن سماجي تقريبن کي منقعد ڪرائڻ توڙي اُنهن ۾ شرڪت ڪرڻ کي
پنهنجو اولين فرض سمجهي ٿو. زندگي جي مصروف ترين وقت مان فرصت حاصل ڪندي ئي سنڌي
اديبن جا املھ ۽ ناياب ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي تسلسل سان پڙهندڙن تائين
پهچائيندو رهندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ مجموعي طور سنڌ جي سڀني ليکڪن کي سندس ڄمڻ جي ڏينهن
تي مبارڪ باد پيش ڪرڻ ۽ ڪنهن اديب، دانشور، ليکڪ، فنڪار توڙي اداڪار جي ورسي تي
کيس ياد ڪندي اُن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو قومي فرض به بخوبي سرانجام ڏيندو رهي ٿو.
سندس اهڙيون ڪوششون ڏسندي اسان کي سندس تي فخر محسوس ٿئي ٿو. پاڻ علم ۽ ادب جو
روشن ستارو آهن. سندس شخصيت جا کوڙ سارا اهڙا پهلو آهن جن تي تفصيلي نموني سان ڳالهائي
سگهجي ٿو. تڏهن به هن وقت سندس سالگره جي موقعي تي آئون کيس هن لفظن سان ياد ڪندي
من اندر سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. ڌڻي در دعا آهي ته سندس جهولي هميشه محبتن جي
گلن سان سرشار هجي.
(روزاني جيجل بروز ڇنڇر،
۱۳ مارچ ۲۰۲۱ع)
سليمان وساڻ
سائيبر دنيا ۾ سنڌ ڪٺي ڪندڙ
- ڪل وقتي قلمي يوڌو
آصف رضا موريو
ڪجهه ڏينهن اڳ
سليمان وساڻ منهنجي لاڙڪاڻو واري فارم هائوس تي آيو جتي ساڻس کوڙ ساري ڪچهري ٿي.
ان کان اڳ ٽيليفون تي ٿيندڙ ڪچهرين ۾ سندس متعلق منهنجي ذهن ۾ جيڪو تصور اڀرندو
هيو مون کيس ان جي تمام ويجهڙو پاتو. من مندر ۾ درويشي صفت، خيالن جي صفائي، اظهار
جي برجستگي، سلجهيل طبيعت ۽ مذاڪاڻي معنويت جي رحجان واري هن يار سان ٻه اڍائي ڪلاڪن
جي ٿورڙي ڪچهري ۾ اسان هڪ ٻئي سان اهڙا بي تڪلف ٿي وياسين جو ڄڻ ورهين جو ياراڻو
هجي. ان جو سبب مان نه پر سليمان هيو جو طبيعتن هو مون کي انهن ماڻهن منجهان لڳو
جيڪي هم خيال ماڻهن سان گفتگو دوران اوپرائپ جي ڀت بيهارڻ پسند نه ڪندا آهن. سندس
رويي مان لڳو ته هو زندگي کي صاف شفاف ذهن سان ڏسڻ جو عادي آهي.
محمد سليمان
المعروف سليمان وساڻ جي پيدائش ۱۳ مارچ ۱۹۷۶ع ڌاري خيرپور ضلع جي تعلقي ڪوٽ ڏيجي جي ڳوٺ مٺل وساڻ ۾ ٿي.
سندس والد محرم علي هڪ محنت ڪش هاري هيو جنهن جي چار پنج ايڪڙ آبائي زمين ئي سندن
لاءِ ڪل ڪائنات جيان هئي تنهن غربب هوندي به پنهنجي وني غلام زهرا جي سهڪار سان
اولاد جي تعليمي ۽ پرورش لاءِ هڙان وڙان ڪو نه گهٽايو.
سليمان وساڻ جي ڏاڏي
جي نالي تي ٻڌل سندن ”ڳوٺ مٺل وساڻ“ مجموعي طور تي پنج ڇهه سو گهرن جي مختلف ويڙهن
تي مشتمل آهي جيڪي مختلف ڪٽنبن آڌار سندن زمينن مٿان جوڙيل آهن. انهن ويڙهن مان
سندس ويڙهو پڻ پنجاهه سٺ گهرن تي مشتمل
آهي. هن ڳوٺ ۾ صرف وساڻ ذات جا ماڻهو رهن ٿا جڏهن ته ان وستي جي ويجهڙائي ۾ سومرن
۽ اڄڻن جا ڪجهه ڳوٺ پڻ آباد آهن. سائين سليمان وساڻ جو ڳوٺ ڪوٽ ڏيجي کان ڏهه ٻارنهن
ڪلوميٽر اولهه طرف آباد آهي جنهن جي ساڄي پاسي ۾ سنڌو درياهه وهي ٿو. هي سمورو
علائقو کجين جي باغن جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهي پر هتان جي سرخيز زمينن ۾ ٻنهي
مندن جا فصل سٺا ٿين ٿا خاص ڪري ڪمند، ڪڻڪ ۽ سارين جو فصل گهڻو لاڀائتو ٿئي ٿو.
سليمان کي هڪ ننڍو ڀاءُ پڻ آهي جيڪو ڳوٺ ۾ زمين جي سال سنڀال سان گڏ مال مڙي جي
خريد ۽ وڪري جو ڪاروبار ڪندو آهي.
سنڌ جي رواجي ٻهراڙي
جو غريباڻو پسمنظر رکندڙ سٻاجهو انسان آهي جنهن انهن تمام تعليمي، سماجي ۽ تهذيبي
محرومين سان مهاڏو اٽڪائيندي تدريس ۽ تخليق سان نباهه ڪري پنهنجو پاڻ مڃرايو جن
سان صدين کان اسان جو سنڌي نوجوان متاثرٿي مڃتائن کان محروم ٿي رهيو آهي.سليمان وساڻ
پرائمري پنج درجا ۱۹8۶ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ”پير جو ڳوٺ“ مان پاس ڪري گورنمينٽ مڊل اسڪول
عارب سولنگي مان اٺين جماعت پاس ڪئي. مئٽرڪ ۱۹۹۱ع ۾ ”فيض ھاءِ اسڪول ڪوٽڏيجي“ مان ۽ انٽرميڊئيٽ
”سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور“ مان ۱۹۹۳ع ۾ پاس ڪئي. ۱۹۹۶ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور شماريات ۾ بي ايس سي
۽ ۱۹۹۹ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ئي ايم بي اي (مارڪيٽنگ) فرسٽ ڪلاس
فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي.
جنهن پرائمري اسڪول
۾ سليمان وساڻ پڙهندو هيو سو ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر پري هوندو هيو جنهن جي رستي ۾ هڪ ڍنڍ
پڻ ايندي هئي جنهن جا وڪڙن وارا ڊگها ڪنارا وٺي اسڪول پهچڻ تائين فاصلو ٻه ٽي ڪلوميٽر
وڌي ويندو هيو. ڇهين جماعت ۾ پڙهڻ وقت هو ڳوٺ کان ٽي چار ڪلوميٽر پنڌ ڪري روڊ تي
پهچندو هيو جتان بس تي چڙهي باقي فاصلو طئه ڪبو هيو جو مڊل اسڪول اتان کان اٺ ڪلوميٽر
پري، هاءِ اسڪول ڏهه ڪلوميٽر پري ۽ انٽرميڊئيٽ وارو ڪاليج ۲5 ڪلوميٽر پري هوندو هيو. سليمان لاءِ پهرين
جماعت کان بي ايس سي ڪرڻ تائين سردئين گرمئين انهن اڻانگن مسافرين جو اڪلائڻ روز
جو معمول هوندو هيو.
ايم بي اي جي ڊگري
حاصل ڪندي ئي کيس آئي بي اي سکر ۾ ليڪچرار جي نوڪري ملي جنهن جي ٽيسٽ به آئي بي اي
ڪراچي وارن ورتي هئي. ست اٺ مهينا نوڪري به ڪيائين پر ان دوران آئي بي اي سکر وارن
پاليسي جوڙي ته هتي صرف ”شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور“ مان پاس ڪيل شاگردن کي نوڪري
ڏني ويندي جو اتان تمام گهڻا ايم بي ايز پاس ٿي رهيا هيا. ان پاليسي تحت سنڌ
يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي وغيره مان پاس ٿيل اميدوار رهجي ويا جنهن ڪري اتي
پنهنجو مستقبل نه ڀائيندي ڪانٽريڪٽ تي ڪم’ ڪندڙ سليمان نوڪري ڇڏي ڏني.
۲۰۰۰ع ۾ سليمان وساڻ سئي سدرن گيس ڪمپني لميٽيڊ ۾ گريڊ II نوڪري ملي جتي ڪمپني ۾ چيف مينيجر بلنگ، ڪسٽومر تعلقات،
سيلز، سرويلنس ۽ مونيٽرنگ شعبن ۾ ڪندي هاڻي گريڊ VI ۾ سروس چيف
مئينيجر طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس نوڪري ڪراچي هيڊ آفيس ۾ هئڻ ڪري گذريل ٻن ڏهائين
کان هو سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رهي ٿو جتان پڻ سنڌ ۾ ٿيندڙ بيشمار ادبي پروگرامن ۽ محفلن
۾ تسلسل سان شرڪت ڪندو رهي ٿو. نوڪري جي سلسلي ۾ ٿيندڙ مسافرين سندس ذهن کي وسعت ڏيندي
منجهه مثبت لاڙا متعارف ڪرايا ته سٺن دوستن جي صحبت طبيعت ۾ رهندي زندگي واپرائڻ
متعلق بهتر تجربه ماڻيا ۽ ڪتابن جي مطالعي سبب اندر ۾ سياسي، ادبي، معاشي ۽
نفسياتي شعور تيزي سان پرورش پائڻ لڳو جنهن سان سندس شخصيت ۾ مظبوط ڪردار جي تعمير
ممڪن ٿي سگهي.
سليمان وساڻ کي ٻالڪپڻي
کان گذارڻ لاءِ اهڙو ماحول مليو جنهن سان کيس زندگي جي قدروقيمت جو احساس اندر ۾
نه رڳو وڌندو ۽ ويجهندو رهيو پر سموري ڄمار هر لمحي کي قيمتي ڄاڻندي ان جو بهترين ڪارج
پڻ ڳوليندو رهيو. سندس ڳوٺاڻي زندگي جو شروعاتي دور انتهائي ڪٺنائين سان ڀرپور هي
جتي تعليم پرائڻ جو ڪو جوڳو بندوبست نه هئڻ جي برابر هوندو هيو. سختيون ۽ مشڪلون
زندگي جو حصو هئڻ سبب مڙس ماڻهن لاءِ مانائتيون ٿين ٿيون. سليمان جي زندگي ان ڳالهه
جي پختي شاهدي ڏئي ٿي ته ”دعائون به جهدِ مسلسل جو ساٿ ڏين ٿيون“. کيس تعليم ۽
تربيت مليل هئي ته زندگي جي سادگي ۾ عظمت ۽ شان لڪل هوندو آهي پر وقت سان گڏ
تربيتون برقرار رکندي زماني جي جديد رنگن ۾ رنگجڻ به ضروري ليکيو وڃي ٿو جنهن جي
حاصلات لاءِ سليمان سموري عمر پاڻ پتوڙيندو رهيو ته جيئن انهن تمام محرومين کان
پنهنجي اولاد کان بچائي جنهن مان ڪڙهي ڪري هو پاڻ ڪندن بڻجي نڪتو. سليمان وساڻ جي
شادي ۱۳ نومبر ۲۰۱۱ع ڌاري ٿي ۽ کيس زيشان علي وساڻ نالي هڪ پٽ
۽ ٻه نياڻين عليزا ۽ زايان جي اولاد آهي.
منهنجي يار نثار کوکر
کان پوءِ مون هي واحد قلمي يوڌو ڏٺو آهي، جنهنجي چهري تي سدائين دل لڀائيندڙ مرڪ
چلولايون ڪندي نظر ايندي آهي. بلڪ مان يقين سان چوان ٿو ته؛ ”جنهن تصوير ۾ نثار ۽
سليمان کلندي نظر نه ايندا آهن ان تصوير جي اصليت تي مون کي شڪ ٿيندو آهي“. اها ٻي
ڳالهه آهي نثار، صفا دل جا دروازا کولي کلندو آهي جڏهن ته سليمان هلڪي مسڪراهٽ
مکئين سجائيندو آهي. يوسفي ڏيک ويک ۽ خوبصورت جسماني بيهڪ وارو هي وڏو ماڻهو
پنهنجي طبيعت ۾ گهڻو خوش مزاج ۽ سڌو سادو انسان آهي جنهن کي جيڪڏهن درويش صفت سڏيان
ته غلط ڪونه ٿيندو جيڪو دلئون سنڌ جي سياسي، سماجي، اخلاقي ۽ اقتصادي ترقي جو
خواهان هئڻ سان گڏ دنيا ۾ امن و امان ۽ رواداري جو ڳولائو آهي. سندس خواب آهي ته؛
”جيڪو ڪجهه هو پنهنجي ارد گرد ڏسڻ چاهي پيو ۽ ڪو نه ڏسي سگهيو آهي، اهي سمورا سک،
ترقيون، تعليم ۽ چڱ ڀلائيون، سندس ايندڙ نسل کي سنڌ ۾ ضرور ميسر هجن.“
سليمان وساڻ هڪ ورسٽائل
لکاري ۽ تجزيه نگار پڻ آهي جنهن مضمون نويسي ۽ ڪهاڻيڪاري ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي
جو آئي ڏينهن مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مضمون ڇپندا رهندا آهن ته دوستن احبابن
تي سندس لکيل سوانحي خاڪا پڻ سوشل ميڊيا جي زينت بڻبا رهندا آهن. هن بيشمار ڪتابن
تي بي لاگ تبصره پڻ ڪيا آهن جڏهن ته سنڌ جي ناماچاري شخصيتن لکيل سندس خاڪا ۽ ماڳ
مڪانن تي جوڙيل پر مغز مضمون تمام گهڻا پسند ڪيا ويندا آهن. سليمان هن وقت تائين ۲۰۰ کان مٿي ڪالم لکي چڪو آهن جڏهن ته لکڻ ۾
سندس پسنديده موضوع سماجيات آهي. سليمان وساڻ لاءِ ڪتاب ۽ لکاري جو پسنديده هجڻ
سندس موڊ تي آهي پر هر موڊ ۾ سندس پسنديده لکاري امرجليل، نورالهديٰ شاهه ۽ الطاف
شيخ آهن. امرجليل جو ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ سندس لاءِ شاهڪار پڙهڻي آهي. اخبارن
۾ ”ڪاوش“ ۽ رسالن ۾ مرحوم تاج بلوچ جو ”سوجهرو“ ادبي ذوق ۽ شوق لاءِ سندس آبياري
جو ڪم ڪندا رهيا آهن. انگريزي فلمن جو شائق پڻ آهي کيس اداڪارن ۾ شاهه رخ خان ۽ ڪاجل
گهڻو وڻندا آهن جڏهن ته سندس پسنديده فلم ”ٿري ايڊيئٽس“ آهي. سليمان وساڻ جي
پسنديده شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پسنديده سياسي اڳوڻ جي ايم سيد ۽ محترمه بينظير ڀٽو
آهن
موجوده دور ۾ سنڌي
جي وڏي ۾ وڏي سائيبر فورم ”سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“ ۲۰۰۹ع ۾ رشيد سمون، عراق ۾ رهندڙ علي ظفر، .ٽنڊو
محمد خان واسي نثار احمد ناز ۽ دادو ۾ رهندڙ عامر ضيا چارڻ جوڙي هئي جنهن
جوشروعاتي مقصد صرف انٽرٽينمنٽ هيو ته انٽرنيٽ تي ڪو اهڙو سنڌي فورم جوڙيو وڃي جتي
ڪي حال احوال ۽ ڳالهيون ٻولهيون ڪيون وڃن. سنڌ ۾ ڪمپيوٽر جو شروعاتي دور هيو ۽ هن
دنيا ۾ نه رڳو سنڌي ڳالهائيندڙن جو واهپو تمام گهٽ هيو پر سنڌي زبان جا فورم به نه
هئڻ جي برابر هيا تنهن ڪري هي فورم ماڻهن جو ڪو خاص ڌيان ڇڪڻ ۾ ڪامياب ڪو نه ٿيو. ۲۰۱۰ع ۾ سليمان وساڻ پنهنجي دوستن سان سنڌ سلامت
ڊاٽ ڪام جوائن ڪري ان کي باقاعدگي سان سنڌي ٻولي جي سائيبر دنيا ۾ ترقي ۽ ترويج
مقصد بڻائي پروموٽ ڪرڻ جي گس تي لاٿو جتي هن وقت به سليمان مينيجنگ ايڊيٽر طور ڪتاب
گهر ۽ ڪنٽينٽ اپلوڊنگ سان گڏ پبلڪ افيئر جا مسئلاسنڀاليندو آهي. عبيد ٿهيم ۽ سجاد
چنو ڊولپر هئڻ ڪري ٽيڪنيڪل ڪم سنڀاليندا آهن. انهن تمام معاملن ۾ سندس ساٿي ڊاڪٽرعبدالحفيظ
لغاري به عملن سانجهيدار هوندو آهي.
ڪتاب وغيره اپ لوڊ ڪرڻ
جو ڪم گل لاکو ڪندو آهي راشد شر به ڊولپر آهي جيڪو ٽيڪنيڪل ٽيم سان سهڪار ڪندو
آهي. امين ڀٽي ۽ شاهنواز ٽالپر سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام لاءِ ناياب ڪتابن جي ڪمپوزنگ جو
والنٽيئرلي ڪم ڪندا رهن ٿا جن جا ڪمپوز ٿيل بيشمار ادبي شاهڪار سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
جي لائيبرري جي زينت بڻيل آهن. اهي تمام دوست هڙان، وڙان، ڪهي ۽ ڪڙهي سنڌي ٻولي ۽
ادب جي ترقي متعلق اڏول جدوجهد جا همراهي بڻجي پنهنجي پنهنجي محاذن تي جٽيل آهن جن
جو هن وقت به ٽينيڪل هيڊ يا سرواڻ سنڌ سلامت جو بانيڪار رشيد سمون ئي آهي.
هن وقت سنڌ سلامت جون
چار ايپليڪيشنون بشمول ڪتاب گهر، پيغامِ قرآن. لفظيڪار ۽ تاريخ جي دري گهڻو متحرڪ
آهن. هي فورم پنهنجي موجوده ۽ ايندڙ هزارين نسلن لاءِ ادب جي سمنڊ مان غوطا هڻي
علمي ۽ ادبي تحقيق ۽ دانش جا انمول موتي ڪٺو ڪندڙن، سنڌي ٻولي تي لکندڙ، سنڌي ٻولي
تي ڪم ڪندڙ شاعرن، اديبن، ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين جون شاهڪار محنتون جيڪي ڪتابن ۽ مضمونن
جي شڪل ۾ آهن سي سانڍڻ جو انوکو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. هي دوست ڳولي ڳولي اهي ڪتابون
پڻ آن لائين ڪري رهيا آهن جيڪي هن وقت عام قاري لاءِ اڻلڀ ٿي چڪيون آهن.
۲۰۱۶ع ۾ هنن دوستن ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ جي نالي سان هڪ ڊجيٽل لائيبرري جوڙي ان
تي هن وقت تائين ۲۰۰۰ کان مٿي سنڌي ڪتابن جو علمي ۽ ادبي ذخيروآن لائين رکيو آهي آهن جن مان ٻارنهن
سو کان مٿي ڪتاب پي ڊي ايف ۽ هزار جي ويجهو ڪتاب ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن جيڪي
پي ڊي ايف ۾ ڊائون لوڊ ڪري يا آن لائين پڙهي سگهجن ٿا. انهن ڪتابن مان دنيا ڀر ۾
روزانو هزارين سنڌي پڙهندڙ لاڀ پرائي پنهنجا ادبي ۽ قلمي قبلا درست ڪري رهيا آهن. انهن
دوستن سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻولي جي تمام مروجه لفظن جي ذخيرن
تي مشتمل لغت ”لفظيڪار“ جي نالي سان رکي آهي. ان کان علاوه سنڌي شخصيتن جي انسائيڪلوپيڊيا،
سنڌي ٽائيپنگ، گوگل تي سنڌي ٽرانسليشن وغيره سان گڏ سائيبر دنيا اندر ٿيندڙ اضافن
۾ سنڌي زبان کي روشناس ڪرائڻ، ڪتابن، انگن اکرن، تاريخ وغيره جي ڪم کي وقت سان گڏ
وڌائي ويجهائي رهيا آهن.
قرآن شريف جي تعليم
کي سنڌي ۾ عام ۽ فهم ڪرڻ لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پاران ”پيغامِ قرآن“ جي نالي سان
پڻ هڪ ويب سائيٽ هلائي رهيا آهن جتي مولانا تاج محمود امروٽي، مولوي محمد ادريس ڏاهري،
علامه مدني ۽ ٻين عالمن جا ڪيل قرآن شريف جا اٺ ترجمه موجود هجڻ سان گڏ ٽن ترجمن
تي ڪم ٿي رهيو آهي. جنهن مان هڪ مولوي احمد ملاح طرفان قرآن شريف جو نظم ۾ منظوم
ترجمو ”نورالقرآن“ پڻ شامل آهي. جنهن کي ۱۹۶۹ع ۾ ارباب الله جڙيو پبلش ڪرايو هيو. قرآن شريف ۽ اسلامي
موضوع واري ادبي ڪم جي ٽيڪنيڪي تدوين ۽ اصلاح قاضي احمد جو مولوي رحيم بخش ڏاهري ڏسندو
آهي.
سنڌ سلامت جي ايپليڪيشن
”تاريخ جي دري“ سان سال جي سڀني ڏينهن ۾ خاص سنڌي لوڪن جي پيدا ٿيڻ ۽ وفات جي
تاريخ ڏني ويندي آهي. هن ٽيم شاهه لطيف جي ڪلياڻ بولچند آڏواڻي واري ترتيب ڪيل
رسالي جو ترجمو پنهنجي ويب تي رکيو آهي جڏهن ته ٻين رسالن سان گڏ ڀٽائي جي ڪلام ۾
آسان ڪاري متعلق پڻ ڪم ٿي رهيو آهي. هن ٽيم الطاف شيخ جي ۹۹ ڪتابن مان ۶۰ ڪتابن جو بلاڪ پڻ پڙهندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي جنهن کي وقت
سان گڏ وڌائي رهيا آهن.
پنهنجي موجوده نسل
۽ ايندڙ هزارين نسلن تائين اهي شاندار ادبي سهولتون جوڙي پهچائڻ متعلق، تمام اينڊرائيڊ
۽ آن لائين ايپليڪيشنز، ڊاٽابيسز ۽ ويب سائيٽز کي آسان ۽ عام بڻائڻ جي ڪم ۾ سنڌ
سلامت ڊاٽ ڪام جي ٽيم تسلسل سان هر وقت باعمل ۽ رڌل رهندي گذريل ٻارنهن سالن کان
ادب کيتر ۾ پنهنجي ٻولي، قوم، ادب ۽ تاريخ متعلق مزاحمتي جنگ جاري رکندي آئي آهي
جنهن جي مڃتا طور هن وقت سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام گوگل ٽرانسليشن جي بين الاقوامي رينڪنگ
۾ ويهين نمبر تي ۽ پاڪستان ۾ ٽئين نمبر تي ليکي وڃي ٿي جيڪا بذاتِ خود هڪ وڏو مان
۽ مرتبو آهي.
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
کي پنهنجي زندگي جو ماسٽرپيس ۽ حفيظ لغاري کي بهترين ساٿي مڃيندڙ سليمان وساڻ هڪ
گهڻي رخي علمي، سماجي ۽ ادبي شخصيت آهي جيڪو ٽيڪنوڪريٽڪ تدريسي پسمنظر رکندي
پنهنجي زندگي جي انتهائي مصروف ڏينهن راتين جي باوجود حيرت انگيز طور تي نه رڳو
فنونِ لطيفه جي بيشمار صنفن کي گڏ کڻي هلي رهيو آهي پر دنيا ڀر ۾ موجود تمام زنده
۽ سرڳواسيل سنڌي اديبن جون محنتون ۽ محبتون ڪٺو ڪري هڙان وڙان کين مڃتائون ڏيندي
مصروفِ عمل نظر اچي ٿو. ٻولي، ادب، تحقيق ۽ سائبر دنيا ۾ ڪيل سندس تحقيقي خدمتن جي
مڃتا طور کيس بيشمار ايوارڊ ۽ شيلڊون ملنديون رهنديون آهن جن مان خاص سنڌ فيس بڪ
فرينڊز ايوارڊ، مظلوم فائونڊيشن ايوارڊ، انجمن ترقي پسند مصنفين ايوارڊ، شاهه لطيف
ايوارڊ، سنڌ راڻي ايوارڊ، احساس ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ، سگا گولڊ ميڊل ايوارڊ،
خادمين سنڌ فائونڊيشن ايوارڊ وغيره آهن.
موجوده دور ۾
سليمان وساڻ سنڌي ٻولي، ثقافت، ادب ۽ علمي تحقيق جي حوالي سان نه رڳو سنڌ پر دنيا ڀر
جي محبوب ترين فردن ۾ شمار ٿئي ٿو. توڙي جو سنڌي زبان متعلق سائيبر دنيا ۾ ماجدڀرگڙي،
فياض ٻرڙو، شبيرڪنڀر جهڙي انيڪ پربتن کان پوءِ انهن جي وشال پورهئي جو قدر ڪندي ۽
انهن جي ڪمن کي وڌائيندي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي متعلق سليمان وساڻ جهڙي وقعت ۽
اعتبار وارو ماڻهو مون کي سائيبر دنيا جي ميدان ۾ هن وقت تائين نظر ڪونه آيو آهي
جيڪو مسلسل ميدانِ عمل ۾ جهدِ مسلسل جو قائل رهي اسان توهان لاءِ ۽ اسان جي ايندڙ ڪئي
پيڙهين لاءِ ادبي کيترن کي ريج ڏيئي رهيو آهي.
سوشل ميڊيا جي عجيب
و غريب دنيا ۾ جتي منجهيل، وکريل، انگهيل ۽ روايتي ڪردار جام نظر اچن ٿا جيڪي صرف
”الجهو ۽ الجهايو“ جي منشور تحت پنهنجي صلاحيتن ۽ ڪمپيوٽر جو استعمال ڪندي ڏٺا وڃن
ٿا پرانهن جي ابتڙ سليمان جهڙا ڪاپڙي ۽ قومي غيرت سان ڀرپور ڪردار انهن فورمن تي اڳڀرا
نظر اچن ٿا جيڪي ان دنيا ۾ انهن لٻاڙي ڪردارن ۽ اسان جهڙي اٻوجهه ماڻهن جي وچ ۾
”بيلينس ڪائونٽر“ ڪندا رهندا آهن ته؛ ”سوشل ميڊيا جي دنيا اسان اڃا ايتري خراب ڪو نه
ڪئي آهي“. سائيبر دنيا جي تمام فورمن تي سليمان وساڻ اجائي ادبي مباحثن ۽ فضول مذاڪرن
کان سدائين پري رهي سندس مهذب، زرخيز ۽ ترقي يافته ذهن قومي انفراديت قائم ڪرڻ
لاءِ سنڌي زبان ۽ ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ مصروفِ عمل ڏٺو ويو آهي. هن جو خيال
آهي ته؛ ”ڪامياب زندگي جو ڪو به تصور قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پهريون زندگي
متعلق ڪو ڪامياب تصور قائم ڪيو وڃي“.
(آصف رضا موريو جي
فيسبڪ وال تان ۲۵ مارچ ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا