ارباب کھاوڙ
منهنجو استاد، منهنجو
دوست
رسول ميمڻ
مون کي ياد آهي
ارباب کهاوڙ سان پهرين ملاقات ۱۹۷۳ع ۾ ٿي. هو ٽيبل تي ويهي، ڪرسيءَ تي پير رکي سمرسٽ ماهم جو
ڪتاب پڙهي رهيو هيو.
اهو آف وائيٽ بنگلو
هيو، بلڪل نئون ۽ ان جي هڪ ڪمري ۾ ارباب رهندو هيو. ننڍي قد ۽ چست جسم وارو. سگريٽ
مٿان سگريٽ، چين (Chain) سموڪر، جتي به ويهندو ته ڪمرو دونهي ۽
ماڻهن سان ڀرجي ويندو. خوش مزاج ۽ دلچسپ ڳالهه تي وڏو ٽهڪ ڏئي کلندڙ. هن جا ٽهڪ ڪمري
ٻاهران ورانڊي ۽ پڌر ۾ شرارتي ٻارن جيان ڊوڙون پائيندا هيا.
چانڊڪا ميڊيڪل
ڪاليج کي کلئي هڪ سال ٿيو هيو. ڀٽو صاحب تريءَ تي ڦوڪ ڏئي، مٽي اڏاري پل ۾ ٽيڪنيڪل
ادارا کوليندو هيو. ڏسندي ئي ڏسندي، سنڌ ۾ ٽي نوان ميڊيڪل ڪاليج کلي ويا. لاڙڪاڻو
بٺ شهر هيو. ميڊيڪل ڪاليج کليو ته اچ وڃ شروع ٿي وئي. ماحول رنگين ٿي ويو. تبديلي
شروع ٿي وئي.
ارباب کهاوڙ اتي
ڊمانسٽريٽر ٿي آيو هيو ۽ مان شاگرد جي حيثيت ۾ داخل ٿيو هوس. ڪنهن ڪم سانگي ڊاڪٽر
لياقت علي شاهه سان ملڻ ويس، جنهن جو تعلق سکر سان هيو. اهو به ان بنگلي جي هڪ
ڪمري ۾ رهندو هيو. اهو ڪو نه هيو، ارباب جو ڪمرو کليل ڏسي، ان کان پڇڻ ويس ته؛
“ڊاڪٽر لياقت
علي شاهه ڪٿي آهي؟”
ارباب سمرسٽ ماهم
جي ڪتاب تان اکيون هٽائي، سگريٽ جو ڪش هڻي مون کي ڏٺو.
“شاهه صاحب
ڪاليج ويو آهي، اچي ٿو، ويهه!”
مان ويٺس ته پڇيائين؛
“دادا ڪهڙي شهر کان آيا آهيو؟”
“سکر کان!”
مون وراڻيو.
دادا هن جو تڪيو
ڪلام هوندو هيو.
مون کي خبر نه هئي ته
ڪو هو ڊمانسٽريٽر آهي. لڳي ئي نه پيو. صفا ڇوڪرو، ڄڻ شاگرد! سندس هاٺي ڪاٺي ڏسي
مون اڳرائي ڪري سوال پڇيو.
“توهان جي
ايڊميشن ٿي آهي؟”
کليو ۽ مون ارباب
جو پهريون ٽهڪ ٻڌو.
“نه، مان
ڊمانسٽريٽر آهيان!” هن چيو.
منهنجي دل ۾ هن
لاءِ احترام جاڳيو ۽ ٿورو محتاط ٿي ويس. وڌيڪ هجت نه ڪري سگهيس ۽ چپ ٿي ويس. هو هڪ
استاد جي حيثيت ۾ آيل هيو.
تن ڏينهن ادب کان ايترو
واقف نه هيس، پر ارباب جي ڳالهين مان سمجهي ويس ته هو هڪ اديب آهي. پوءِ واسطا
وڌندا ويا. ايناٽامي ڊپارٽمينٽ جي دروازي وٽ، پاسي کان هن جي آفيس هوندي هئي. واندو
نظر نه ايندو هيو. چانهه، سگريٽ ۽ ڪچهري، اهي ٽي شيون سندس تفريح ۾ شامل هونديون
هيون. حسن پرست هيو. سهڻين ڇوڪرين سان ڳالهائي تازو توانو ٿي ويندو هيو.
مون ڪڏهن کيس اداس
نه ڏٺو. سدائين هشاش بشاش ۽ ڦڙتيلو، چپن تي مرڪ ۽ اکين ۾ تجسس، منفرد لهجي ۾ ڳالهائيندڙ،
لفظن جي تسلسل ۽ ادائگي کان اڄ به منهنجي لاشعور ۾ محفوظ آهي. اهي لفظ ۽ لهجا جاڳي
پيا. ائين لڳو ڄڻ ڪاغذن مان ارباب ڳالهائيندو هجي. ڪتاب پڙهي مون محسوس ڪيو، شايد
هيءُ ڪتاب ارباب پنهنجن هٿن سان نه لکيو آهي. هو ڳالهائيندو ويو آهي ۽ ڪنهن ٻئي لکيو
آهي. ڇو ڪتاب تي گرامر جون پابنديون لاڳو نه ٿيون ٿين. توهان کي اهو سوچي ڪتاب
پڙهڻو پوندو ته سامهون ارباب ڳالهائي رهيو آهي. اهو ڪتاب ارباب جو مخصوص لهجو آهي.
اوچتي بيماري ۽ وڇوڙي سبب ارباب وٽ وقت نه رهيو. هو ڪتاب تي نظرثاني نه ڪري سگهيو
۽ سندس ڪتاب به بي ترتيب زندگيءَ جيان ترتيب کان رهجي ويو.
وڏا تخليقڪار ذاتي
زندگيءَ ۾ بي ترتيب رهيا آهن. ان جو سبب اهو آهي ته سچو فنڪار ذاتي زندگيءَ کي
ترجيح نه ٿو ڏئي.
رائيس ڪينال جي ڪپ
ڀرسان چانڊڪا جي رهائشي ڪالونيءَ ۾ آف وائيٽ بنگلي اندر ارباب جو ڪمرو به ائين
هوندو هيو، وکريل سامان، هت هُت پيل ڪتاب، چيلهه ڀڳل وهاڻا، خالي ايش ٽري ۽ فرش تي
وکريل سگريٽن جا ٽوٽا، واش روم ۾ ٻوٽن جي مٽيءَ جا نشان ۽ ڳاڙهي صابڻ مان ڳڙندڙ
اڇي گج، صوفن، ڪرسين، ٽيبل جي ڪنڊ ۽ پلنگ تي ويٺل خالي کيسن وارا، خوشيءَ سان ڀريل،
ٽهڪ ڏيندڙ ڪامريڊ، اديب ۽ ادب دوست. اڪيلائي پسند علي بابا، ارباب جي حجري نما
ڪمري ۾ هجوم پسند ٿي ويندو هيو. پنهنجي مفلسيءَ تي مرڪندڙ فقير محمد لاشاري جنهن
کي اڃان ارباب کانسواءِ ڪو به سڃاڻيندو هيو. ڪيترا ئي غير معروف اديب، سياسي شاعر،
راڳي، قومپرست، ڪارڪن ۽ نئين راهه جا منتظر شاگرد.
يقين نه ٿو اچي ته
ايڏي مجموعي کي منهن ڏيڻ کانپوءِ ارباب وٽ ڪهڙو وقت بچندو هيو جو هو ڪاليج ۾ ليڪچر
جي تياري ڪندو هيو. ڪلاس ۾ ويٺل ٻه سئو شاگردن کي منهن ڏئي سگهندو هيو. هو جڏهن به
ڪلاس ۾ ايندو هيو ته تمام پراعتماد ۽ موضوع کي گرفت ۾ رکي اهڙو ته ليڪچر ڏيندو هيو
جو واهه واهه ٿي ويندي هئي. کيس انگريزي زبان تي عبور حاصل هيو، سمجهاڻي اهڙي جو
موضوع آسان ٿي ويندو هيو. ليڪچر دوران وجهه ملڻ تي هو پاڪستان پيپلزپارٽيءَ تي پڻ
تنقيد ڪندو هيو. ڇو جو ان وقت بنگلاديش ٺهيو هيو ۽ هر لکيل پڙهيل ماڻهو سنڌ جي حقن
جي ڳالهه ڪندو هيو. دانشور طبقي تي جي ايم سيد جو اثر هيو. پيپلزپارٽي وفاق جي
ڳالهه ڪندي هئي.
چانڊڪا ميڊيڪل
ڪاليج ۾ تن ڏينهن جلسي نما ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون جن جو روح روان ارباب کهاوڙ
هيو. انهن ادبي گڏجاڻين ۾ ڪهاڻيون ۽ شعر پڙهيا ويندا هيا. جن تي ڪا به تنقيد نه
ٿيندي هئي. آخر ۾ ارباب کهاوڙ تقرير ڪندو هيو ۽ تقرير ۾ پيش ڪيل تخليقن جو جائزو
وٺڻ سان گڏ اهو به ٻڌائيندو هيو ته حالتن کي سامهون رکي ڪيئن لکڻ گهرجي يا ڇا لکڻ
گهرجي؟ هو سياست تي دل کولي ڳالهائيندو هيو ۽ سندس هر تجزيي ۾ سنڌ کي اوليت هوندي
هئي. هو قوم پرست اڳواڻ هيو ۽ ننڍي عمر ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ هيو. اهڙين گڏجاڻين ۾
حڪومت جا جاسوس پڻ ويٺل هوندا هيا. انهن ۾ گهڻو ڪري ڪاليج جا ڪلرڪ هوندا هيا جيڪي
گڏجاڻيءَ جو احوال مٿي پهچائيندا هيا. تن ڏينهن سنڌ جو نعرو بغاوت ۾ شمار ٿيندو
هيو. جيڪڏهن ڪنهن “جيئي سنڌ” چيو ته ٻئي ڏينهن جيل جو منهن ڏسندو هيو. لاڙڪاڻي جي
انتظاميا جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگردن تي ڪڙي نظر هوندي هئي.
انهن ڏينهن ارباب
کهاوڙ، ارباب سنڌيءَ جي نالي سان مشهور هيو، ڇو جو ان نالي سان سندس ڪهاڻيون شايع
ٿيل هيون. هو بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻيون منظرن سان ڀرپور ۽ جذباتي انداز
۾ لکيل آهن. ڪهاڻين جو موضوع سنڌ سان محبت ۽ ان محبت جي سلي ۾ جان جو نذرانو آهي.
دراصل ون يونٽ مان
جان ڇڏائڻ واري جدوجهد دوران سنڌي ادب تي قوم پرستيءَ جو ايڏو ته اثر آهي جو هر
ڪهاڻي ۽ ناول سنڌ جي محبت کان سواءِ نامڪمل آهي.
ارباب سنڌي قومپرست
اڳواڻ هيو. هو سنڌ جي آزاديءَ جا خواب ڏسندو هيو. چانڊڪا ۾ هن هم خيال شاگردن جو
هڪ وڏو حلقو ٺاهي ورتو. ۱۹۷۴ع ۾ پهريون دفعو شاگرد يونين جون چونڊون ٿيون جن ۾ سپاف هارائي وئي، جڏهن
ته جنرل سيڪريٽريءَ جهڙي اهم پوسٽ تي اسلامي جمعيت طلبا جو هڪ شاگرد حافظ قاسم کٽي
ويو. اردو پريس ان کي وڌائي پيش ڪيو ته پيپلزپارٽيءَ جي ڳڙهه مان جميعت جو شاگرد
يونين جو سيڪريٽري چونڊجي ويو آهي. حافظ قاسم کي ڪراچيءَ گهرائي ائيرپورٽ تي
مولانا طفيل استقبال ڪيو ۽ مودودي صاحب جيڪو ان وقت حيات هيو تنهن حافظ قاسم کي شرف
باريابي بخشيو، يونين جي ٻين پوسٽن تي قومپرست شاگرد چونڊجي آيا. مان ميگزين
سيڪريٽريءَ جي پوسٽ تي ڪامياب ٿيس ۽ چانڊڪا جي پهرين ميگزين “موهن جو دڙو” آندي جنهن
جو مواد ارباب جي صلاح سان چونڊيو ويو. يونين جي اوٿ کڻڻ واري تقريب ۾ مون پنهنجو
اوٿ شاعريءَ جي انداز ۾ کنيو جيڪو ارباب کي ايڏو ته وڻيو جو ان اهو اوٿنامو وٺي
پنهنجي آفيس ۾ ٽيبل جي شيشي هيٺان رکي ڇڏيو ۽ سندس نوڪري ڇڏڻ تائين اهو اتي موجود
هيو. اوٿ کڻڻ وقت آڊيٽوريم ۾ ايڏي ته نعري بازي ٿي جو ڀتيون ڏرڻ لڳيون. چانڊڪا
قومپرستن جو ڳڙهه بنجي ويو. اها ڳالهه حڪومت جي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي.
ايس پي پنڃل ڇاپو هڻي
ارباب کي گرفتار ڪيو. جن شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو انهن ۾ شمس صديقي، جاويد قاضي،
رمضان سنڌي ۽ اشفاق ميمڻ شامل هيا. منهنجا به وارنٽ هيا پر مان هاسٽل کان ٻاهر
هيس.
ارباب ۽ شاگردن جي
گرفتارين کانپوءِ ڪاليج پندرهن ڏينهن بند رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو لاڙڪاڻي آيو ته
ان شاگرد يونين کي گهرائي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. يونين ۾ شامل هجڻ ڪري مان به
ويس. شاگردن ايس پي پنڃل جي شڪايت ڪئي. ڀٽي صاحب شاگردن کي مان ڏنو. هن ايس پي
پنڃل کي اٿاري بيهاريو ۽ نج سنڌي زبان ۾ گاريون ڏنيون، کيس چيو ته شاگردن کي آزاد
ڪري.
ٻئي ڏينهن سڀ شاگرد
آزاد ٿيا ۽ ڪاليج کلي ويو پر افسوس ارباب کي نوڪريءَ مان خارج ڪيو ويو. ڪجهه
شاگردن کي ڪاليج مان ڪڍي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو موڪليو ويو. منهنجو دوست
اشفاق ميمڻ ايل ايم سيءَ ۾ هڪ سال کان پوءِ گذاري ويو. ان دلير، هر دل عزيز ۽ خوش
مزاج دوست کي ياد ڪري اڄ به منهنجي دل ڳوڙها ڳاڙي ٿي.
ارباب کهاوڙ،
شڪارپور ۾ ڪجهه وقت شمس صديقيءَ جي پاڙي ۾ ڪلينڪ کولي، جتي منهنجو وڃڻ ٿيندو هيو.
جڏهن به ويندو هيس ته ڪلينڪ ڪارڪنن سان ڀريل هوندي هئي. ارباب دوستن کي دل ۾ جاءِ
ڏيڻ وارو شخص هيو.
ڪجهه ڏينهن اڳ،
ڊاڪٽر شمس صديقيءَ فون ڪري ٻڌايو ته؛ “ارباب گذاري ويو.”
اکيون ڳوڙهن سان
ڀرجي آيون، منهنجو استاد، منهنجو دوست دنيا ۾ نه رهيو. هو جيڪو مزدورن ۽ هارين جو
همدرد هيو. تمام لکيل پڙهيل اديب ۽ سياسي اڳواڻ هيو. جنهن کي سنڌ سان محبت هئي.
جيڪو وطن دوست هيو. اهو اسان کان جدا ٿي ويو.
پياري رياض منگيءَ
قرب ڪري سندس لکيل ڪتاب “سنڌ جي ارتقا” ڏياري موڪليو ته ان تي نظرثاني ڪري ڪجهه
ترتيب ڏيان. مون ڪوشش ڪئي آهي پر مطمئن نه آهيان. ارباب، آخري ڏينهن ۾ بيماري ۽
اوچتي وڇوڙي سبب، شايد اهو ڪتاب مڪمل ڪري نه سگهيو آهي پر پوءِ به هن جو پورهيو
ڄاڻ سان ڀريل آهي. جنهن مان سنڌ سان محبت جو درس ملي ٿو. سچ پڇو ته جيئن مان سندس
لکڻي مان متاثر ٿيو آهيان، اميد ته توهان به ايترا ئي متاثر ٿيندا. ڪائنات جي
ابتدا سان گڏ سنڌ جي وجود جي ارتقا ۽ اوسر تائين سندس خيال، مشاهدو، مطالعو ۽ ترتيب
حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هيءُ ڪتاب هڪ وطن دوست جو سنڌ لاءِ ناياب تحفو آهي.
ڊاڪٽر ارباب سنڌي / ارباب
کهاوڙ
ڊاڪٽر محمد علي
محمدي
ارباب سنڌي جو نالو
پهريون دفعو مون ۱۹۶۷ع ڌاري، ابراهيم جويو جي واتان ٻڌو. ڳالھ هي هئي ته ان زماني
۾ اڃا جماعتي ڪو نه هوس. هڪ شام مان، بشير ميمڻ ۽ ڊاڪٽر نظام ميمڻ سکر اسٽيشن تي
پسار ڪري رهيا هئاسين ته پليٽ فارم تي شيخ اياز صاحب نظر اچي ويو. معلوم ٿيو ته جيڪب
آباد کان ٽرين ۾ ابراهيم جويو صاحب اچي پيو. کيس مرڪزي حڪومت، جيڪب آباد مان بدلي ڪري،
پنجاب موڪليو پئي. شيخ اياز، کيس پليٽ فارم تي خدا حافظ ڪرڻ آيو هو. مونکي شيخ
اياز سڃاڻندو هو. گاڏي پليٽ فارم تي بيٺي. شيخ اياز منهنجو تعارف، باغي جي حيثيت
سان ڪرايو. نظام ميمڻ کان جويو صاحب پڇيو ته ڇا پڙهندا آهيو؟ چيائينس ته ايل ايم
سي ٽئين سال ايم بي بي ايس ۾ آهيان. جويو صاحب فورًا کانئس ارباب جو پڇيو ۽ ان
لاءِ سلام ڏنائينس. جڏهن مان آيل ايم سي ۾ داخل ٿيس ته ابن سينا هال ۾ ڪمرو الاٽ ٿيو.
اهو به ان بلاڪ ۾ جتي ارباب رهندو هو. اسان جي جلد ئي گهري دوستي ٿي وئي.
سٺ جي آخري ڏهاڪي ۽
ستر جي ڏهاڪي ۾ حيدرآباد شهر، سياسي، سماجي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز هو. اسان لياقت
ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري جي ڦاٽڪ تان ڏھن پيسن جي بس جي ٽڪيٽ وٺي، اچي مارڪيٽ وٽ
لهندا هئاسين.
گهڻو ڪري مان ۽
ارباب سنڌي (مرحوم) پوءِ گوڏي گاڏي. مرحوم ارباب کاٻي ڌر جو ۽ مان پڪو جماعتي. اول
ايندا هئاسين ادبيات بوڪ شاپ تي. ڪجھ ادبي ڪتاب خريد ڪندا هئاسين. ان کانپوءِ گاڏي
کاتي امين منزل مان سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب ۽ ٻين بوڪ اسٽالن جا ڪتاب.
مان گول بلڊنگ ۾ ۲۳
نمبر ۾ اسلامي جمعيت طلبہ جي دفتر ۽ ارباب وري ويندو هو پنهنجن دوستن سان. پروگرام
اهو هوندو هو ته رات جو ۱۰ بجي گاڏي کاتي مان چڙهبو ۽ اچي لهبو ڦاٽڪ تي. ماني گهڻو
ڪري ميس جي کائبي هئي. ارباب مون کان سينئر هو. ڪتابن جو پاڙهو، ڪجھ افسانا به لکيائين.
مان به سنڌ ۽ سنڌي
ادب تي ڪافي ڪتاب پڙهيا. باقي جمعيت وارا صرف نظرياتي مطالعو ڪندا هئا. تعليم کان
فارغ ٿيڻ کانپوءِ ارباب ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ وڃي ڊمانسٽريٽر لڳو. اتي وڃي سنڌ
پورهيت سنگت ۽ ترقي پسند تنظيم وطن دوست انقلابي پارٽي ٺاهيائين. ايتري ۾ مان
هائوس جاب مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، سنڌ سوشل سڪيورٽي اسپتال لانڍي ۾ آر ايم او ٿيس. هڪ ڏينهن
ڏسان ته ارباب پيو اچي. خبر پئي ته همراه کي سرڪار نوڪري مان فارغ ڪيو هو.
مان کيس اسپتال جي
ايم ايس سان ملايو. ٻئي ڏينهن کان ارباب نوڪري تي چڙهيو. قصو مختصر اتي به ارباب وٽ
سندس ڪامريڊ ايندا رهيا. مان وري ريڙهي سمنڊ ڪناري پنهنجن ڪامريڊ جماعتي ساٿين
سان. ڪجهه عرصي بعد مان سوئي بلوچستان هليو ويس.
ارباب سان رابطو ٽٽي
ويو. سال ۱۹۹۳ع ڌاري، مان جڏهن پهريون دفعو حج تي ويس پئي ته، گلشن حديد ۾ پنهنجي ڀيڻ
کان موڪلائڻ ويس. ارباب اتي پريڪٽس پيو ڪري. اتي تڪڙي ملاقات ٿي.
ڪافي عرصي کانپوءِ
جڏهن آءُ ۲۰۱۰ع ۾ ريٽائرڊ ٿي پني عاقل ۾ پريڪٽس شروع ڪئي ته پراڻن دوستن سان رابطن
جي ڪوشش ڪيم. ارباب جو موبائيل نمبر، آزاد قاضي هٿ ڪري ڏنو..
اربابِ ڪهاڻيڪار به
هو ته وري پنهنجي مارڪسي سياسي نظرئي مطابق، سياسي تجزيا به لکندو هو.
ارباب قاسم آباد ۾ اچي رهيو هو. ساڻس هفتي ۾ هڪ دفعو موبائل تي پئي ڪچهري ٿيندي هئي. اچانڪ خبر پئي ته کيس جيري جي موذي مرض وڪوڙي وڌو. ارباب ۱۹۴۷ع ۾ ڄائو ۽ ۲۰۱۶ع ۾ گذاري ويو. سندس اباڻي ڳوٺ واره ۾ تدفين ٿي. منهنجي سندس پونئيرن سان ڏيٺ ويٺ ڪو نه آهي. رب پاڪ، سندس مغفرت ڪري، کيس جنت الفردوس عطا فرمائي.
ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ
سِنڌُ جي صالح، وطن دوست،
انقلابي اڳواڻ، پورھيت انقلاب جي منفرد سياسي پانڌيئڙي، ديس جي دورانديش دانشور دماغ
جي سارَ
اعجاز منگي
جيئي سنڌ پروگريسو
اسٽوڊنٽ ۽ وطن دوست انقلابي پارٽي جو باني، وسيع مطالعي وارو کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڊاڪٽر
اباب کهاوڙ، ۱۱ اپريل ۱۹۴۷ع تي وارھ شهر، ضلعي لاڙڪاڻي، موجوده قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ پيدا ٿيو. هن
پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جڏهن ته ميٽرڪ شڪارپور مان پاس ڪيائين ۽ هاير
سيڪينڊري/انٽر جو امتحان ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيو. ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل
ڪاليج ڄامشوري مان ڪيائين. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ڪجھ عرصو سرڪاري نوڪري به ڪئي، چانڊيڪا
ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊيمانسٽريٽر ۽ ان کان پوءِ ٺٽي جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪجھ وقت تائين ڪم
ڪيو.
ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ
جي نالي سان منهنجي واقفيت سندس ڀٽائي ڪلينڪ ڏوڪري ۾ لڳل بورڊ تي اڪريل نالي جي ڪري
ٿي، اها ڪلينڪ ڪامريڊ حيدر جويو جي بلڊنگ ۾ جتي پهريان اٽي پيهڻ جي چڪي هوندي، ان
جي ڀر واري دڪانن ۾ قائم هئي ۽ ڊاڪٽر ارباب جي رهائش پڻ ان ڪلينڪ جي مٿان هوندي هئي.
اهي ۱۹۷۹-۸۰ع وارا سال هئا، ان وقت مان پرائمري ۾ پڙهندو هئس, اسڪول ويندي اتان گذر ٿيندو
هو. ڏوڪري شهر ۾ ڪنهن مستند ڊاڪٽر يعني ايم بي بي ايس پاس ڪيل ڊاڪٽر جي پهرين
پرائيوٽ ڪلينڪ هئي.
ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ شاگردي
واري زماني ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، ان وقت هي ڄامشورو جي لياقت ميڊيڪل
ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جيئي سنڌ تحريڪ جو پڻ حصو رهيو، پر بعد ۾
سائين جي ايم سيد سان اختلاف سبب تحريڪ کان لڳ ٿي ويو. ۱۹۷۹ع ۾ هن کاٻي ڌر جي تنظيم وطن دوست انقلابي
پارٽي جو بنياد رکيو. انهي تنظيم ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۸۰ع ۾ فلسطينين جي حق ۾ احتجاج ڪرڻ سبب هن کي
گرفتار ڪيو ويو. ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سويت يونين ٽٽڻ کانپوءِ ڪافي وقت سياست کان
پاسيرو رهيو جنهن کانپوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي. جڏهن ته شهيد
محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت جي دور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ پڻ رهيو، ان کان
پوءِ جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿيو ۽ ۲۰۱۰ع ۾ ان جو نائب صدر پڻ چونڊيو ويو.
ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ
بيماريءَ سبب ۱۳ مارچ ۲۰۱۶ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو.....
*-----------------------------------*
کاهوڙي کجن!
اها وطن دوست
انقلابي پارٽي پارٽي ڪٿي آهي؟
ڪٿي آهي، ان پارٽيءَ
جو پرچم؟
جيڪو ڪفن بڻجي سگهي،
سنڌ جي ان انقلابيءَ جو!
توڙي جو اڄ لاڙڪاڻي
۾ “ٻيڙيون ٻڌڻ وارن جي يونين” موجود ناهي پر هن جي وڇوڙي تي روهڙيءَ جي “لوڪوشيڊ”
۾ پراڻيون انجڻيون زنگيل ماٺ ۾ ماتم ڪري رهيون آهن.
آڻيو! ڪٿان ته آڻيو......!
اهي سائڪلو اسٽائل ڊاڪيومينٽ،
جيڪي هو تاريخ جي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ لکندو هو.
ڪٿان ته کڻي اچو!
بيوفائي جو شڪار ٿيندڙ
دلين جهڙا ڦاٽل ساٽل اهي جهنڊا، جيڪي تاريخ جي مقتل ۾ محفوظ ٿيڻ جو حق نه حاصل ڪري
سگهيا.
هو جيڪو شيڪسپيئر
جي نچندڙ ستاري جي هيٺان پيدا ٿيندڙ شهزادو نه هو پر هن جي موت جي چانڊڪا جي آسمان
ماڪ ڦڙن جي صورت لڙڪن جو مينهن ضرور وسايو هوندو.
هو جنهن جي ابدي الوداع
جي خبر ڪنهن به ٽي وي چينل جي بريڪنگ نيوز نه بڻجي سگهي ۽ اهو افسوسناڪ اطلاع اڄ
تائين انقلابي آدرش سان ول جيان ويڙهيل جوهيءَ جي ڊاڪٽر حميد سومري ڏنو. هڪ اداس
ايس ايم ايس جي جهيڻي جلترنگ تي جاڳي پيا، اهي سڀ منظر جيڪي پراڻي پيار وانگر وسارڻ
جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، اها سنڌ جنهن جي قسمت ۾ هاڻي شايد سچي پيار جهڙي سياست ناهي.
اها سنڌ جيڪا هاڻي پاور ڪاريڊورز جي ريمپ تي ڪجھ مغرور، ڪجھ مجبور ۽ ڪجھ مظلوم ماڊل
وانگر هلي رهي آهي.
ان سنڌ ۽ ڊاڪٽر ارباب
کهاوڙ جو عشق وڏيرڪي قومپرستيءَ جي سياسي حويليءَ جو راز رهي نه سگهيو. هن قومي تحريڪ
کي ڳاڙهو کهنبو پارايو هو ۽ پنهنجي ديس کي ائين چاهيو هو، جيئن هوچي منھ ويٽنام
سان محبت ڪندو هو. هن مٿان ڪيترائي الزام لڳا پر انقلابي عاشق هر الزام کي اعزاز
سمجهيو ۽ سڀ ڪجھ وساري هو مارڪسي فلسفي سان وڏيرن ۽ ورديءَ وارن هٿان زخمي ٿيل ديس
جو سياسي علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
هو جنهن مارڪسزم سان
ائين محبت ڪئي هئي، جيئن ڳوٺن جون باغي ڇوڪريون “ڪارو ڪاريءَ وارين ڪهاڙين” تان
اگهاڙن پيرن سان پنڌ ڪري پنهنجي محبوب سان هم آغوش ٿيڻ جو حق حاصل ڪنديون آهن!
هن جي سياسي ابتدا
سن کان ٿي هئي پر هو سائنسي دماغ جو ماڻهو هو ۽ هن کي تمام جلد محسوس ٿي ويو ته غيرمنظم
۽ غير سنجيده انداز سان ديس جي درد جو علاج نه ٿي سگهندو. ان ڪري هن پنهنجي الڳ
تنظيم جو بنياد وڌو. اها جيئي سنڌ ۾ پهرين پروگريسو بغاوت هئي، جيڪا ناڪام نه ٿي. ۽
هن صرف نعرا نه هنيا پر هن نظرياتي ڪم ڪيو. هن مذدورن کي انهن جي سادي ٻوليءَ ۾ سنجيده
موضوعن تي ليڪچر ڏنا ۽ هن مارڪسزم کي پنهنجي وطن جي ڇوٽڪاري جي واٽ قرار ڏنو ۽ هو
پنهنجي قول توڙي فعل ۾ هڪ ڪرو هو. هو هڪ ايماندار انقلابي هو. هن ڪڏهن به پنهنجي ڪارڪنن
جي سلسلي ۾ ٻٽا معيار نه رکيا. هن ڪڏهن به پنهنجي انقلابي علم ۽ عقل سان عورتن کي
پنهنجي طرف ڇڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي. هن پنهنجي تحريڪ کي ائين نه وڪيو، جيئن وڏيرا هارين
پاران اپايل ان کي وڪرو ڪندا آهن. هن پنهنجي تحريڪ تي ڪرپشن جا ٿريشر نه هلرايا.
هو هوشيار هو. هو
ذهين هو. هن جي گفتگو توڙي تجزئي جو انداز تمام گهڻو اثرائتو هو. ان ڪري هو
قومپرستيءَ جي اثر هيٺ آيل نوجوانن کي جلد موهي وٺندو هو ۽ جيڪڏهن هن جي نيت ۾ استحصال
جو عنصر هجي ها ته هو به پنهنجي “کهاوڙ خاندان” جو حوالو هلائي سگهي ها ۽ جوڙي سگهي
ها “کهاوڙ هائوس” پر هن پنهنجي ساٿين جو رت ته ڇا پر سندن وجود مان وهيل پگهر به وڪرو
نه ڪيو. هو سمورا خطرا کڻي وڙهندو رهيو ۽ تمام گهڻي مالي مشڪلاتن ۾ به انقلابي راھ
تي رڙهندو رهيو. هن کي سوشلزم جي سائنسي فڪر جيئن سمجهايو، هن اهڙا فيصلا ڪيا. جڏهن
جنرل ضياءَ جي آمريت هن ديس جي مٿان آفت وانگر ڇانيل هئي، تڏهن هن روپوشيءَ جي
حالت ۾ جمهوري جدوجهد کي منظم ڪيو. هو پنهنجي عملي توڙي فڪري انداز ۾ مڪمل آزاد هو.
هن نه ڪڏهن چين جا نعرا هنيا ۽ نه روس جي ونگار وهيو. هو پنهنجي وطن سان واڳيل رهيو.
هو ڪڏهن ڪچي ۾ هلندو هو ته ڪڏهن پڪي ۾! ڪڏهن لاڙ ۾ ته ڪڏهن اتر ۾! ڪڏهن ڳوٺن ۾ ته ڪڏهن
شهرن ۾! هن ۾ هڪ جوش هو. جنون هو. پر ساڳي وقت هن ۾ غضب جو ٺهراءُ هو. هو پنهنجي
غصي جو زهر ۾ صبر جي امرت ۾ تبديل ڪري سگهندو هو.
۽ هن کي اهو
سڀ ڪجھ عطا ٿيو، ان علم مان! جنهن تي هو عاشق هو ۽ هن کي يقين هو ته صرف سياسي علم
جي روشنيءَ سان منور انقلابي ئي تاريخ جي ڌارا کي تبديل ڪري سگهندا. ان ڪري هن تڪڙ
نه ڪئي. جيتوڻيڪ هن جي پارٽيءَ پاران هڪ اڌ ايڊوينچر ٿيو پر هن پنهنجا پير جلد سنڀالي
ورتا ۽ سياسي ڪارڪن جي هٿ ۾ ڪمائي لاءِ هن ڪڏهن پستول نه ڏنو. هن جڏهن به پنهنجي ڪارڪن
کي ڪجھ ڏنو ته ڪو ڪتاب ڏنو يا ڪو ليڪچر ڏنو يا هن سان سماجي سائنس تي ڪا گهري فڪري
ڪچهري ڪئي، جنهن ۾ پيداواري اوزارن جي تبديليءَ سبب سماج اندر پيدا ٿيندڙ تبديليءَ
تي ڪي جاندار دليل پيش ڪيا. هن جي ڪيتري نه خواهش هئي ته هو سنڌ کي اهڙو نسل عطا ڪري
جيڪو پنهنجي ڪردار ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف ويٽنام جون سڪون لاهي. هن کي معلوم هو ته جنرل
گياپ پيدا ٿي پوندا ۽ جيڪڏهن انقلابي پارٽي منظم انداز سان جدوجهد ڪندي رهي ته
آمريڪا کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي پر هن جا سمورا سنڌي سرخ سپنا ائين اڏامي ويا، جيئن ڪنهن
انقلابيءَ کي وچ روڊ تي گولي لڳي ۽ هن جا پمفليٽ اڏامندا وڃن! پر هن پوءِ به ڪنهن
سان ڪا شڪايت نه ڪئي ۽ سڀ کان وڏي اهم ۽ ڳالھ ته هن ڪڏهن به پنهنجي ماضيءَ واري
جدوجهد کي قوم مٿان احسان ڪرڻ واري حوالي طور سامهون نه آندو. هن ڪڏهن به نه چيو
ته مون هي قربانيون ڏنيون آهن، ان ڪري مون کي هي ڏنو وڃي يا هو ڏنو وڃي! نه ڪڏهن
به نه!!
سچي ڳالھ اها اهي
ته سرد جنگ جي خاتمي ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي ٽٽڻ سبب هن جي اندر ۾ ڪا شيءَ ٽٽي پئي ۽ هو دنيا
جي لکن مارڪسسٽن وانگر پنهنجي زندگيءَ جي گمنام گوشي ۾ ماٺ ٿي ويهي رهيو ۽ ان خاموشيءَ
۾ به هن ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڪوشش ڪئي ۽ پر هو غير انقلابي سياست لاءِ بنيادي طور تي مس فٽ
ماڻهو هو. ان ڪري هن کي ڪا به اقتداري سياست راس نه آئي ۽ هو تمام گهڻن مسئلن ۽
مونجهارن جي باوجود به بار بار موٽي ويندو هو، انهن ڪتابن جي طرف جيڪي هن جي ذات مٿان
پيل وزن کي هلڪو ڪندا هئا. جيڪي هن جي ٿڪل من کي آٿت ڏيندا هئا. جيڪي هن جي ڪن ۾سڙٻاٽ
ڪري چوندا هئا ته “ڪامريڊ کهاوڙ! هي موقعي پرستيءَ جو دور گذري ويندو. تنهنجو انقلابي
سچ هڪ ڏينهن نئن گاج تي نچندو ۽ اهو واعدي وارو سورج ضرور اڀري ايندو، جنهن جا
اجرا ڪرڻا هر ناانصافيءَ کي ختم ڪري ڇڏيندا” هن کي ڪتابن تي اعتبار هو. ان ڪري هو
وري خاموش ٿي ويندو ۽ وري منهن مونن ۾ وجهي انقلابي انتظار جي علامت بڻجي ويندو هو.
ڇا هن جي جدوجهد اجائي
هئي؟ ڇا هو هڪ ناڪام شخص هو؟ اهي انسان جن جا عهدا ازل ۾ هوندا آهن، انهن جو اصل
قد ڪڇڻ لاءِ وقت به ڪجھ وقت گهربل هوندو آهي. هن جسماني طور تي ٽي ٻار پيدا ڪيا پر
هن جي فڪري ۽ شعوري اولاد تمام گهڻي آهي ۽ هن جي اها اولاد اڄ به جتي آهي، اتي ڪنهن
شمع وانگر روشن آهي. هن جنهن به نوجوان تي پنهنجي علم ۽ عقل جو پاڇو وڌو اهو
نوجوان اڄ به پنهنجي مخصوص ذهانت سبب ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. هو اڄ به ڪتابن سان محبت
ڪري ٿو ۽ هن کي هن مدي خارج ۽ ميري گدلي ڍنڍ جهڙي سياست جو سائنسي تجزيو ڪرڻ اچي ٿو.
هن ۾ اڄ به جيڪو اعتماد آهي، اهو صرف ان علم جي ڪري آهي، جيڪو علم انسانن ۾ بغاوت
جا ڀنڀٽ ڀڙڪائيندو آهي ۽ انسان جي اندر ۾ موجود وهمن ۽ وسوسن جا ڪيئي جهنگ جلائيندو
آهي. جيڪو هن کي ڌرتيءَ جي ٿوڻي ۽ آسمان جو ٿنڀو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ هن کي مجبور
ڪندو آهي ته هو سستي حياتي جيئڻ بدران ڪوئي مهانگو موت قبول ڪري! اهڙو علم هن
پنهنجي ديس جي ان اوپن ايئر يونيورسٽيءَ ۾ ڏنو، جنهن جو نالو “سنڌ وطن دوست
انقلابي پارٽي” هو. اها هڪ ماڊل پارٽي هئي، اهڙي پارٽيءَ اڄ ڏينهن تائين جيئي سنڌ
تحريڪ جي ڪک مان جنم نه ورتو آهي.
سرڪش حالتن سان منڊو
اٽڪائي ڪنهن وقت ٿڪجي پوندڙ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ڪجھ وقت ڪنهن سان رهيو ۽ ڪجھ وقت ڪنهن
سان رهيو؟ اهي سوال اهم ناهن. ا صل ڳالھ اها آهي ته هو اصل ۾ اسان جو هو. هن ديس
جي مظلوم ماڻهن جو هو. سنڌ جي مذدورن ۽ ڪسانن جو هو. هن کي طبقاتي نظام کان نفرت
هئي ۽ هو ان سنڌ جا سرخ سپنا ڏسندو، جنهن جي هڪ جهلڪ لطيف جي ان بيت ۾ به آهي ته:
“نه ڪا جهل
نه پل، نه ڪو رائر ڏيھ ۾
آڻيو وجهن آهرين، روڙيو
رتا گل
مارون پاڻ امل، مليران
مرڪڻو!”
هو هن مٽيءَ جو اهڙو
انقلابي مارو هو، جنهن تي سياسي ملير کي بجا طور تي فخر هجڻ کپندو هو. ڇو ته هو
اجرو هو، ڪنهن ڪنول وانگر! هو سرڪش هو، ڪنهن پرلئه وانگر! ۽ هو مستقل محنت ڪندڙ هو،
ڪنهن مذدور وانگر!
اهڙا ماڻهو هاڻي هن
ديس جي مقدر ۾ ڪٿي آهن؟
ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ
هر ڏينهن پيدا نه ٿيندا آهن!
اهڙن انسانن کي جنم
ڏيڻ لاءِ فلڪ کي ڪيتري وقت تائين ڦرڻو پوندو آهي!
اهڙا انسان سياست جي
سپ جا موتي هوندا آهن. اهو موتي جيڪو سنڌ جي نٿ جي زينت بڻجي پئي سگهيو پر اهو
موتي سنڌ جي ڪجل ڀري اک مان ڪنهن سرمئي لڙڪ وانگر لڙيو ۽ هن ديس جي ميري دامن ۾
جذب ٿي ويو!
(سارنگ مرکنڊ جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۳ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)
ارباب کهاوڙ
سنڌ جو صالح اولاد
عبدالخالق جوڻيجو
قومن تي ۽ فردن تي هڪڙي ڳالهه هڪ
جهڙي لاڳو ٿئي ٿي. جڏهن انهن تي مشڪل وقت ايندو آ تڏهن انهن جون بهترين صلاحيتون اُڀري
سامهون اينديون آهن. سنڌي قوم تي ويجهي ماضيءَ ۾ هڪ تمام وڏي مصيبت ون يونٽ جي شڪل
۾ نازل ٿي جڏهن سنڌ جي تاريخي وجود ۽ شاندار شناخت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڪستاني
حڪمرانن جي سامراجي سوچ ۽ سنڌ جي پيرن ميرن، جاگيردارن جي روايتي بزدلي، مفاد پرستي
۽ موقعي پرستيءَ جو ڳٺ جوڙ سان ٺاهيل ون يونٽ جي قهري ڪوٽ کي ڪيرائڻ لاءِ سنڌي ماڻهن
جي هڪ اهڙي خودرو پرموثر ۽ مثالي تحريڪ اٿي جيڪا اڄ تائين اتساهه ۽ رهنمائيءَ جو سبب
بڻيل آهي. ان تحريڪ اهڙن ماڻهن جي هڪڙي کيپ کي جنم ڏنو، جن هڪ طرف پاڻ ان تحريڪ مان
اتساهه ۽ رهنمائي حاصل ڪئي ته ٻئي پاسي ٻين ڪيترن ماڻهن لاءِ اتساهه ۽ رهنمائيءَ جو
ڪارڻ بڻيا. ارباب کهاوڙ به انهن مان هڪ هئو.
ون يونٽ جي مخصوص منصوبي تحت هلندڙ
حڪمرانيءَ جي بڇڙاين مان هڪڙي اها به هئي ته لفظ سنڌ ۽ سنڌي ممنوع قرار ڏنا ويا هئا.
ان خلاف مزاحمت جي علامت طور سنڌ جي قومي ڪارڪنن پنهنجي نالي جي پويان پنهنجي ذات بجاءِ
”سنڌي“ لکڻ ۽ سڏائڻ شروع ڪيو جهڙوڪ (قاسم) پٿر سنڌي، مدد علي سنڌي ۽ پناهه جگر سنڌي
وغيره. اهڙي ريت ارباب کهاوڙ به ارباب سنڌي ٿي ويو. ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ اديبن جو
به اهم ڪردار هئو. ان عرصي دوران قومي شعور، وطن سان محبت ۽ قبضي، بالادستي خلاف مزاحمت
تي مبني شاعري، ڪهاڻيون، ڊراما ۽ ناول لکيا ويا. ارباب کهاوڙ به پهرين ڪهاڻيءَ تي قلم
آزمائي ڪئي پر پوءِ کيس محسوس ٿيو ته مزاحمت جو مکيه ميدان سياست آهي ۽ اهو به ته خود
سندس شخصيت ۾ سياست جا جيوڙا وڌيڪ هئا. سو آهستي آهستي ارباب سنڌي سياسي ڪارڪن طور
سڃاپجڻ لڳو. ساڳئي وقت ون يونٽ ٽٽي وڃڻ ڪري ۽ ميڊيڪل جي تعليم وٺڻ سبب ارباب سنڌي ڊاڪٽر
ارباب طور مشهور ٿيڻ لڳو.
مان جڏهن انجنيئرنگ جي تعليم لاءِ
سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پهتس ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿيس ته ڊاڪٽر ارباب
فيڊريشن جي سينيئرن ۾ شمار ٿيندو هئو. منهنجي ساڻس باقاعده ملاقات جنوري ۱۹۷۳ع ۾ حيدرآباد ۾ ڀرڳڙي گارڊن (رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي جي بنگلي) ۾ ملهايل سائين
جي ايم سيد جي سالگرهه جي جلسي دوران ٿي. اتي هن جيڪي ڪجهه ڳالهايو ان مونکي هن ڏانهن
وڌيڪ متوجهه ڪيو. ان دور ۾ سياست، علم، شعور، عقل، ڏاهپ ۽ دليل دلائل ذريعي ٿيندي هئي
(قلم جي جاءِ تي لٺ استعمال ڪرڻ جو رواج ته پوءِ وڌو ويو) ۽ سائين جي ايم سيد، حيدر
بخش جتوئي، رسول بخش پليجو ان سياست جا مثال هئا. ڊاڪٽر ارباب به ان ميدان ۾ اڳتي وڌڻ
لڳو.
سيپٽمبر ۱۹۷۳ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ٻيو ڪنوينشن ٽنڊي آدم جي ڀرسان ڳوٺ وهاب شاهه
۾ ٿيو. ڪنوينشن ۾ زبردست قسم جون پرجوش تقريرون ٻڌي واپسيءَ لاءِ وهاب شاهه ريلوي اسٽيشن
تي آياسين ته چيو ويو ته ريل دير سان ايندي. سڀ دوست ننڍين ننڍين ٽولين ۾ ورهائجي ڪچهري
۽ کل ڀوڳ ڪرڻ لڳا. مون ۽ ڊاڪٽر ارباب پليٽ فارم تي هڪ پاسي کان ٻئي ڇيڙي تائين اچ وڃ
ڪندي ڪچهري شروع ڪئي. ڊاڪٽر عالمي سياست تي نظر رکندو هئو، مونکي به بين الاقوامي سياست
سان دلچسپي هئي سو اسان عالمي سياست جي پس منظر ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ تي ڳالهائڻ لڳاسين.
فلسطين، ڪشمير، آئرلينڊ ۽ ٻين تحريڪن تي نظر وجهندي اسان جائزو وٺندا رهياسين ته انهن
مان ڪهڙيون ڳالهيون سنڌ ۾ اختيار ڪري سگهجن ٿيون.
ڊاڪٽر ارباب سينئر هئڻ ڪري مونکان
اڳ ۾ تعليم پوري ڪري هليو ويو. پهرين چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊمانسٽبريٽر ۽ پوءِ سول
اسپتال ٺٽي ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. مون تعليم پوري ڪري ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾
نوڪري شروع ڪئي ته ٺٽي سان ويجهڙائي هئڻ ڪري ڊاڪٽر سان ٻه ٽي ڪچهريون ٿيون پر ڪو گهڻو
۽ باقاعده رابطو نه رهيو.
۱۸ جنوري ۱۹۷۲ع ۾ حيدر منزل تي ”سنڌ جي سياسي،
ثقافتي ۽ اقتصادي آزادي“ جي پروگرام تحت جيئي سنڌ محاذ قائم ڪيو ويو. پر هڪ ته ان جي
بنيادي ميمبرن ۾ مون سميت ڪيترائي شاگرد هئا جيڪي گهڻو وقت اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ متحرڪ
رهندا هئا ۽ ٻيو ته محاذ جو صدر سائين جي ايم سيد لڳاتار قيد رهيو. جڏهن ته پارٽيءَ
جو جنرل سيڪريٽري رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي اڪثر بيمار رهندو هئو، تنهن ڪري محاذ گهڻو
متحرڪ ۽ منظم ٿي نه سگهيو. ۱۹۷۷ع جي هڪ
شام ڊاڪٽر ارباب سن سائين جي ايم سيد وٽ آيو ۽ چيائين ته ”مون سوچيو آهي ته نوڪريءَ
تان استعيفا ڏيان ۽ پوءِ جيئي سنڌ محاذ کي منظم ۽ مضبوط ڪجي“. سائينءَ ان تجويز تي
خوشيءَ جو اظهار ڪندي کيس چيو ته ”في الحال استعيفا ڏيڻ بجاءِ تون موڪل وٺ، پنهنجي
ساٿين ۽ همدردن جو اجلاس ڪوٺايون ٿا، تون انهن سان به ڳالهاءِ ۽ ڪجهه عرصو ڪم کي هلايو،
پوءِ جيڪڏهن مناسب لڳي ته نوڪري ڇڏ“. اهو اجلاس ڊسمبر ۱۹۷۷ع ۾ سن ۾ منعقد ٿيو پر ان ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ڪونه هئو. ان لاءِ ڊاڪٽر جو چوڻ
هئو ته ”مونکي ڄاڻي واڻي اطلاع نه ڏنو ويو، جو سائينءَ کي ويجهو رهندڙ ڪجهه همراهه
مونکي محاذ ۾ ڏسڻ نه پيا چاهين“. ٻئي طرف جن همراهن تي اطلاع پهچائڻ جي ذميواري هئي
انهن جو موقف آهي ته انهن اطلاع پهچايو هئو.
بهرحال ڪجهه اختلافن ۽ ڪجهه غلط
فهمين جي ڪري نئين سر متحرڪ ۽ منظم ٿيندڙ جيئي سنڌ محاذ ۾ ڊاڪٽر ارباب نه اچي سگهيو.
پر جيئن چيو ويندو آهي ته زندگيءَ جو سفر رڪبو ناهي، هڪڙو در بند ٿيندو آهي ته ٻيو
کلندو آهي، خاص ڪري مقصد سان سچائي ۽ پاڻ تي اعتماد رکندڙ انسان لاءِ. سو ارباب کهاوڙ
به پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ نئون رستو گهڙڻ جي شروعات ڪئي. پهرين هن پنهنجي هم خيال
شاگردن جي تنظيم پروگريسو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺهرائي ۽ اڳتي هلي ان ئي سوچ جي
دوستن تي مشتمل سنڌ وطن دوست انقلابي پارٽي ٺاهي، جنهن جي نالي جو مخفف ”سواپ“ ڪيو
ويندو هئو. اهو به ڊاڪٽر جي عالمي سياست سان لڳاءَ جو نتيجو هئو. انهن ڏينهن ۾ آفريقي
ملڪ نميبيا ڏکڻ آفريقا جي نسل پرست حڪومت جي بالادستيءَ هيٺ هئو. تنهن وقت ان کي سائوٿ
ويسٽ آفريقا سڏيو ويندو هئو. ان خطي جي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ وڙهندڙ تنظيم جو نالو
سائوٿ ويسٽ آفريقا پيپلز آرگنائيزيشن هئو جنهن جو مخفف سواپو (SWAPO) هوندو هئو. ڊاڪٽر پاڻ هڪڙي دفعي
مون سان سواپ ۽ سواپو ۾ هڪجهڙائيءَ جي موضوع تي ڳالهايو.
سواپ سنڌ جي خودمختياري ۽ خوشحاليءَ
لاءِ ڪم ڪندڙ پارٽي هئي جڏهن ته ڊاڪٽر ارباب ۽ سندس ساٿين جي سوچ هئي ته اها خودمختياري
۽ خوشحالي هڪ انقلاب کانسواءِ ممڪن ناهي ۽ انقلاب پورهيت طبقو آڻيندو. تنهن ڪري انهن
سنڌ ۾ پورهيتن کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو. پورهيتن جون ٽريڊ يونينون به قائم ڪرايائون ۽
پارٽيءَ ۾ به پورهيتن کي اهميت ڏيڻ لڳا. اهڙي طرح ڊاڪٽر جي دانش ۽ سندس ساٿين جي محنت،
ڪمٽمنٽ ۽ جدوجهد جي ميلاپ سان چند سالن اندر سنڌ وطن دوست انقلابي پارٽي سنڌ جي ترقي
پسند ۽ محب وطن سياست جي ميدان ۾ هڪ نمايان قوت ٿي اڀري. اڳ ۾ سنڌ جي نظرياتي سياست
جي ميدان ۾ ٽي پارٽيون هونديون هيون، جيئي سنڌ محاذ، عوامي تحريڪ ۽ ڪميونسٽ پارٽي.
هاڻي اهي چار ٿي پيون. ڊاڪٽر ارباب سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو وري تڏهن مليو جڏهن ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ قومي اتحاد ٺهيو. ايس اين اي سنڌ جو هڪ وسيع ۽ نمائنده اتحاد هئو پر
مختلف سببن جي ڪري گهڻو عرصو هلي نه سگهيو. ان کان علاوه ۱۹۹۱ع ۾ سويت يونين جي ٽٽڻ سان سڄي دنيا جي ترقي پسند تنظيمن ۽ تحريڪن تي منفي اثر
پيا ته سنڌ جون پارٽيون ۽ هتي هلندڙ قومي ۽ طبقاتي جدوجهد به لازمي طور متاثر ٿي. ڊاڪٽر
ارباب جي پارٽي به ظاهر آهي ان کان متاثر ٿي. هر جماعت وانگر هن پارٽيءَ ۾ به هڪ کان
وڌيڪ نقطئه نظر رکندڙ ماڻهو هئا. ڪجهه جو خيال هئو ته سنڌ تائين پاڻ کي محدود ڪرڻ تنگ
نظري ۽ عالمي انقلاب کان ڪٽجڻ جي برابر هئو، تنهن ڪري پارٽيءَ جي نالي مان سنڌ جو لفظ
ڪڍي ان کي وطن دوست انقلابي پارٽي بڻايو ويو. اڳتي هلي وري پنجاب ۽ پختونخواهه جي کاٻي
ڌر جي ڪجهه فردن ۽ گروپن سان ملي قومي انقلابي پارٽي ٺاهي وئي. بهرحال مونکي ان جماعت
جي اندروني معاملن جي وڌيڪ خبر ناهي ۽ نه ئي ان بابت ڪو تبصرو ڪرڻ مناسب آهي. پر اها
حقيقت آهي ته ڊاڪٽر ارباب جي ڏاهپ، محنت ۽ جدوجهد سان ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي دوران سنڌ ۾ پنهنجي ڌار سڃاڻپ ڪرائيندڙ ۽ حيثيت تسليم ڪرائيندڙ جماعت
۱۹۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ ڇڙوڇڙ ٿي وئي. ان
جماعت جي ختم ٿيڻ جو افسوس نه رڳو ان جي ڪارڪنن ۽ ليڊرن کي ٿيو پر مون جهڙن ڪيترن ئي
سنڌ دوست ۽ ترقي پسند ماڻهن کي به ٿيو پر يقيني طور ان جو سڀ کان وڏو ڌڪ ڊاڪٽر ارباب
کي لڳو جنهن جو اثر ڊاڪٽر جي باقي سڄي زندگيءَ تي رهيو جيڪو مان سدائين ڊاڪٽر جي گفتگو
۽ چهري مان محسوس ڪندو هئس. ظاهر آهي اها ئي هن جي زندگيءَ جي ميڙي پونجي هئي. شايد
ان صدمي مان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڊاڪٽر ڪجهه تڪڙا اهڙا فيصلا ڪيا جيڪي نه رڳو ڪامياب نه
ويا پر انهن سندس ڀرپور شخصيت لاسءِ به ڪجهه ڪارائتا ثابت نه ٿيا.
ارباب کهاوڙ جي خيالن، هن جي سياست،
ان جي طريقن ۽ حڪمت عملين سان ڪنهن کي به اختلاف ٿي سگهي ٿو پر پنهنجي مقصد سان هن
جي عشق تي ڪوئي آڱر نٿو کڻي سگهي. سنڌ سان سندس محبت ۽ مسڪين ماڻهن جي نجات سان سندس
ڪمٽمينٽ ڪنهن به شڪ شبهي کان مٿي هئي. اهو رڳو منهنجو خيال ناهي پر هر اک ڏسي سگهي
پئي، هر دل محسوس ڪري سگهي پئي ۽ هر دماغ سمجهي سگهي پيو. چوڻي آهي ته ڌڪن جا شاهد
ڦٽ هوندا آهن. ڊاڪٽر جي زندگيءَ جا آخري سال هن جي جوانيءَ ۾ گذاريل زندگيءَ جي گواهي
ڏئي رهيا هئا. ايترو باصلاحيت شخص ۽ ميڊيڪل ڊاڪٽر (سو به ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي جو) جيڪڏهن پنهنجون صلاحيتون ۽ وقت پنهنجي خاندان کي ڏئي ها ته
پوءِ ايئن زندگي نه گذاري ها جو وارهه جهڙي ننڍي شهر ۾ هڪ فرش کان بغير ننڍڙي ڪمري
۾ ۱۲ ڪلاڪ ڪلينڪ
هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ پالي ها. مون کي اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ته ڪجهه پراڻا دوست هن
سان ان ڪري ناراض ٿيا ته ڪلينڪ تي وڃڻ وقت انهن سان هو ڀاڪر پائي نه مليو يا چانهه
نه پياريائين. انهن اهو نه سوچيو ته جيڪو ماڻهو پنهنجو گهر گهاٽ، پنهنجو ڳوٺ شهر ۽
پنهنجو ڌنڌو روزگار ڇڏي سنڌ جي خودمختياري ۽ خوشحاليءَ واري انقلاب کي عالمي انقلاب
تائين پهچائڻ جا خواب ۽ سوچون کڻي جي ايم سيد کان وٺي مارڪس تائين ۽ لينن کان وٺي ڪئبرال
تائين پهتو هجي، جيڪڏهن حالتن جي جبر ڪري ان جا اهي خواب چڪناچور ٿيا هجن ۽ ان کي وري
نئين سر زندگيءَ جي شروعات ڪرڻي پئي هجي ته ان مهل اهو ڪهڙي ڪيفيت ۾ هوندو. جنهن ماڻهوءَ
ٻين کي زندگيءَ جو شعور ۽ جدوجهد جو اتساهه ڏنو هجي اهو خود زندگيءَ سان پنهنجي سياسي
۽ نظرياتي بقا جي جنگ وڙهي رهيو هجي ته ان وقت ان کي به ڪنهن اتساهه ۽ پنهنجائپ جي
ضرورت پئجي سگهي ٿي. ان وقت انهن ”ٻين“ ماڻهن جو ڪهڙو فرض پيو بڻجي؟ جيڪڏهن هن ڪا غلطي
ڪئي ته دنيا ۾ ڪهڙو انسان غلطين کان پاڪ آهي؟
اي ارباب کهاوڙ! تون ايئن نه سمجهجانءِ
ته تنهنجي محنت اجائي رهي، تنهنجي جدوجهد رائيگان ويئي يا تنهنجي قربانيءَ جو ڪو قدر
ڪونهي. تو جيڪو پنهنجو رت ۽ پگهر هن ڌرتيءَ تي وهايو اهو ريج بڻجي ان ۾ جذب ٿي ويو
۽ سنڌ جي هن چيڪي مٽيءَ مان نڪرندڙ انسانيت جي مهڪ ۾ اهو شامل هوندو. جيستائين هن ڌرتيءَ
تي آزادي، امن، انصاف ۽ ڀائيچاري جا گل ٽڙندا رهندا تنهنجي رت پگهر جي ريج جو به انهن
۾ حصو هوندو. سنڌ هميشه توکي هڪ سدوري پٽ ۽ صالح اولاد طور ياد رکندي. توکي سنڌ جي
ماڻهن جو محبت ڀريو سلام.
ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ
رکيل مورائي
سنڌ جي وطن دوست
قومي تحريڪ کي سدائين عالمي منظر سان گڏ ڏسندڙ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ به سنڌ کان موڪلائي
ويو، يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ کان هڪ اهڙي ذهين شخص موڪلايو آهي، جنهن پنهنجي
ڦوهه جوانيءَ کان وٺي، قومي تحريڪ سان هڪ نج سوشلسٽ ذهن رکندي گذاريو ۽ هُن سڄي ڄمار،
طبقاتي ۽ قومي جدوجهد کي گڏي هلائڻ چاهيو، هوُ عالمي سياسي منظر کي پنهنجي ذهانت
سان پرکيندو رهيو، جنهن ڪري جڏهن مظلوم طبقن ۽ قومن جو وڏي ۾ وڏو آدرشي ملڪ روس
(سوويت يونين) ٽٽو ته عقيدت پرست مارڪسٽن ۽ سوشلسٽن وانگر ڊاڪٽر ارباب جو خواب نه ٽٽو،
وقتي مايوسي ۽ نااميدي ضرو عالمي حوالي ۾ سنڌ جي ذهين شخصن مٿان ڪجهه عرصي لاءِ
رهي پر ڊاڪٽر ارباب ۽ ٻيا ڪيترائي ذهين شخص سنڌ جي گهڻ پاسائين نجات جو خواب
پنهنجي دماغ ۽ دل ۾ سانڍيندا رهيا ۽ الڳ الڳ فورمن تان پنهنجي جدوجهد جاري رکندا
آيا ۽ ڪڏهن به نااميد ٿي مسجد/ مندر/ مڙهيءَ جو دروازو نه کڙڪايائون.
ڊاڪٽر ارباب نه رڳو
نظرياتي ادب جو پڙهندڙ هيو پر تخليقي ادب به پڙهندڙ هيو، هُن شروعاتي زندگيءَ ۾ ڪي
ڪهاڻيون به لکيون. سائين جي ايم سيد کان، ڊاڪٽر ارباب جي صورت ۾ جيڪي دوست الڳ ٿيا،
انهن مان ڊاڪٽر شايد اڪيلو شخص ئي هيو، جنهن سيد سان اختلاف رکندي به ڪڏهن پنهنجا
اخلاقي قدر نه وڃايا، ائين هُن سموري سنڌ جي ذهين ۽ نظرياتي شخصن سان پڻ ڪيئي
اختلاف رکيا هوندا پر هُن پنهنجي تقرير توڻي تحرير کي سدائين اعليٰ اخلاقي سطح تي
رکيو.
ڊاڪٽر صاحب،
شروعاتي دور ۾ ڪيئي، ننڍا ڪتاب سنڌ جي قومي تحريڪ جي ڇڙ و ڇڙ ٿيڻ تي لکيا، ڪيئي
پمفليٽ نما ننڍڙا ڪتابڙا لکيا ۽ ڪيترين اخبارن ۾ هُن پنهنجا ليک ڇپايا، جن سڀني ۾
هُن جي آڏو اها سنڌ هئي جيڪا نه رڳو غير سنڌين کان آجي هجي پر طبقاتي ڏاڍ کان به
آجي هجي، جنهن لاءِ ئي هُن پنهنجي نوجوانيءَ کان وٺي، ٻيڙين ٻڏندڙن، ڪيبنن هلائيندڙن
۽ ٻين ڪيترن ننڍڙن پورهيت گروهن کي تنظيمي طور ڳنڍڻ جو ڪم شروع ڪيو.
سنڌ پنهنجي خواب جي
اُجري ساڀيان ماڻي نه سگهي، اهو الڳ الميو آهي، پر اهو ڪيئن وسرندو ته سنڌ جي
نظرياتي، سياسي ۽ قومي سجاڳيءَ ۾ جيڪا به سنجيدگي اڄ جن به ماڻهن ۾ نظر اچي ٿي،
انهيءَ ۾ ڊاڪٽر ارباب جو به حصو آهي.
ويجهي عرصي ۾ وڏن
آدرشن تان قربان ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندڙن جو وڏو حصو جڏهن ٿوڪ جي حساب سان/ڳڻپ جي
حساب سان پنهنجي ننڍڙي ملهه تي پنهنجي آدرشن کي قربان ڪندو ويو. ان عرصي ۾، ڊاڪٽر
ارباب پنهنجو من به صاف رکيو ته تن به صاف رکيو. پنهنجي آبرو به رکي ته سنڌ جي
مجموعي تاريخي ۽ وطن دوست شعور جي آبرو به رکي.
شخصي طور هُو شخص
پنهنجي دامن کي ڪنهن به داغ لڳڻ کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اهو اڄ جي حالتن ۾ هڪ
معجزو هئو ائين ڊاڪٽر ارباب جو تڪڙو هليو وڃڻ پڪ سان اڄ جي گدلي سياسي ماحول ۾
سندس نه ٺهڪي سگهڻ ئي آهي. اڄ ائين چئي سگهبو ته ”سنڌ توکان اهڙي پٽ موڪلايو آهي
جنهن پنهنجي ۽ پنهنجي آبروءَ کي، ماءُ جي ٿڃ جيان مقدس سمجهيو ۽ اهو سمجهڻ ثابت به
ڪري ڏيکاريو ته تنهنجو هڪ اهڙو حلالي پٽ به هُئو، جيڪو تنهنجي نالي تان گهوريندو
هئو، جنهن جو نالو هُئو ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ!
ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ
سنڌ جو کاهوڙي
ڊاڪٽر ظفر قادري
اڄ سنڌ جو ناميارو
ترقي پسند دانشور، اديب ۽ سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ اسان ۾ ناهي رهيو، هو
هميشه لاءِ هن فاني دنيا مان ڪوچ ڪري، ڌرتي ماءُ جي ڪُک جي حوالي ٿي ويو، هن موقعي
تي شديد ڏک جو احساس به ٿئي ٿو ته، ٻئي طرف سمنڊ جي وشال لهرن وانگر يادن جو اڻ کُٽ
سلسلو ذهن تي تري اچي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي سوچ، نقطئه نظر ۽ واٽ سان ڪيترائي به
اختلاف ڇو نه هجن، پر هو سنڌ جي وطن دوست ۽ ترقي پسند سياست جي اهم دور جو نمائندو
۽ سڃاڻ آهي.
ٻي پاسي سنڌ ۾ هي
دور وطن دوست ۽ ترقي پسند سياست ۽ ادب جي عروج جو زمانو هو، اهو ئي وقت هو، جڏهن ڊاڪٽر
ارباب کهاوڙ پنهنجي هم خيال دوستن شمس صديقي، حفيظ سنڌي ۽ علي مراد کهڙو سان گڏجي
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ”وطن دوست اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جو بنياد وڌو، اهي سڀ دوست پهرين
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ ڪم ڪندا هئيا، جنهن کان الڳ ٿي هنن پنهنجو جدا گروپ ٺاهيو،
سندس سياسي پليٽ فارم جو بنياد ”وطن دوست انقلابي“ پارٽي جي نالي سان پيو، ان جو
مزدور محاذ ”وطن دوست مزدور فيڊريشن“ پارٽي جي نالي سان پيو، سندن آفيس پاڪستان چوڪ
لاڙڪاڻي وٽ هئي، اهو ئي سندن سياسي سرگرمين جو مرڪز هو، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ۱۹۷۵ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي
بي ايس جو امتحان پاس ڪيو، جتي هو جيئي سنڌ ۾ ۽ ادبي محاذ تي سرگرم هو، سندس پهرين
پوسٽنگ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ايناٽامي جي ڊمانسٽريٽر (استاد) طور ٿي،
اسان ان وقت چانڊڪا ۾ ٻئي سال جا شاگرد هئاسين، هڪ طرف ڊاڪٽر صاحب اسان جو استاد
به هو، ته ان سان گڏ سياسي ۽ ادبي ساٿي پڻ، ان وقت چانڊڪا، ايل ايم سي ۽ سنڌ
يونيورسٽي کان پوءِ سنڌ جي سياسي هلچل جو هڪ اهم مرڪز هو، جتي سياسي ماحول شروع ۾
ته دوستاڻو ۽ پرامن بقاءِ باهم وارو رهيو، پر بعد ۾ صورتحال اڻ سهپ ۽ اڻ برداشت
واري ٿي وئي، چانڊڪا ۾ ڊاڪٽر صاحب شايد ۲ سال نوڪري ڪئي، پر ان دوران هو سياسي ۽ ادبي ميدان تي
سرگرم رهيو، سندس مطالعو وسيع هو، هو مختلف موضوعن تي ليڪچر ڪندو هو ۽ چانڊڪا جي
ادبي سرڪل جي گڏجياڻين ۾ باقائدي شرڪت ڪندو هو، ان دور ۾ چانڊڪا ۾ سڄي سنڌ مان
اديب ۽ سياسي اڳواڻ ۽ ورڪر ايندا هئا ۽ ڊگها سياسي بحث مباحثا ٿيندا هئا، مرحوم
فقير محمد لاشاري جيڪو پوءِ عوامي آواز ۽ جاڳو اخبارن جو ايڊيٽر ٿيو ۽ سنڌ جو
ناميارو صحافي، ليکڪ ۽ سڄاڻ سياسي ماڻهو هو، ڊاڪٽر ارباب جو ڳوٺائي ۽ ويجهو دوست
هو، سندس چانڊڪا ۾ گهڻو اچڻ ٿيندو هو ۽ ساڻس ڊگهيون ادبي ۽ سياسي رهاڻيون ٿينديون
هيون، افسوس جو هي ٻئي اڄ اسان سان گڏ ناهن.
چانڊڪا کان پوءِ ڊاڪٽر
صاحب کي ٺٽي جي سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر طور رکيو ويو، جتي پڻ هن پنهنجون سياسي
۽ ادبي سرگرميون جاري رکيون، ان وقت ٺٽو، بدين، بٺورو سياسي طرح عوامي تحريڪ ۽ سنڌي
هاري تحريڪ جا ڳڙهه هئا، پر ٺٽي جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ارباب جو دروازو قومي ڪارڪنن
لاءِ هر وقت کليل هوندو هو، مرحوم نذير شاهه لالورائنڪ وارو، وڏو يگانو سيلاني
قومپرست ڪارڪن هو، جيڪو سڄي سنڌ ۾ قومي ڪاز لاءِ هر وقت سرگرم ۽ جاکوڙيندو رهندو
هو، تنهن ٻڌايو ته هڪ دفعي هو ڪجهه ساٿين سان ٺٽي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ارباب جي ڪواٽر ۾
وڃي نڪتو، گرمين جا ڏينهن هئا، ڊاڪٽر کين چيو ته ڏسو گهر ۾ جيڪو آهي کڻي کائو، هنن
جو ڏٺو ته رڳو بصر، انبڙيون ۽ مَٽ جو پاڻي هو، سو بصرن ۽ انبڙين سان ڊبل روٽي کائي
مٽ جو پاڻي پيتو.
ڊاڪٽر صاحب ڪجهه
عرصو نوڪري ڪرڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ڪل وقتي سياست ڪرڻ لڳو، اڳتي هلي ڊاڪٽر صاحب ڪجهه
عرصو ذاتي ڪلينڪ پڻ هلائي، پر پوءِ اها به ڇڏي ڏنائين، ان صورتحال ڊاڪٽر صاحب لاءِ
مالي مشڪلاتون به پيدا ڪيون، آخر ۾ مستقل طور حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو، جنهن دور ۾ ڊاڪٽر
صاحب سرگرم هو، اهو وقت زبردست نظرياتي بحث مباحثي جو دور هو، قومي سوال، طبقاتي
سوال، سوشلسٽ نظريو، جمهوري جدوجهد، ملڪ ۽ سنڌ ۾ مزدور ۽ هاري جدوجهد جو سوال، مڊل
ڪلاس جو رول، صرف سنڌ سطح جي جدوجهد يا هڪ ملڪ گير ترقي پسند پارٽي جي جهنڊي هيٺ
جدوجهد ڪجي، اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي اهم سوال هئا، ڊاڪٽر صاحب جا نظرياتي مضمون مختلف
رسالن ۾ ڇپبا هئا، ان وقت ڊاڪٽر جو اهم نقطئه نظر هو ته سنڌ جاگيرداري ۽ قبائيلين
جي دور مان نڪري سرمايه داري نظام ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ انقلاب جو هر اول دستو هاري
يا وچولو طبقو نه، پر مزدور طبقو هوندو، ٻي طرف رسول بخش پليجي جو خيال هو ته سنڌ
اڃان جاگيرداري ۽ قبائلي نظام ۾ ڦاٿل آهي ۽ انقلاب ۾ مزدور ۽ هاري جو گڏيل ڪردار
هوندو، مڊل ڪلاس مفاد پرست طبقو آهي، انقلاب چين ۽ ويٽنام جي طرز وارو ”قومي عوامي
جمهوري انقلاب“ هوندو، ڊاڪٽر صاحب جو خيال هو ته اهو روسي طرز جو مزدور انقلاب
هوندو، ٻي طرف افغان انقلاب اچڻ کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽي جي دوستن ڄام ساقي، اعزاز
نذير، جمال نقوي ۽ نذير عباسي وغيره ان خيال جو پرچار ڪرڻ لڳا ته افغان انقلاب کان
پوءِ هاڻي روس جي مدد سان ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان ۾ جلد سوشلسٽ انقلاب
اچي ويندو، ٽين پاسي سي آر اسلم جي اڳواڻي ۾ سوشلسٽ پارٽي جي دوستن جو نقطئه نظر
ذري گهٽ ساڳيو هو.
ڊاڪٽر صاحب ۱۹۸۳ع ۾ جنرل ضيا جي مارشل لا خلاف هلندڙ ايم آر
ڊي جي جمهوري تحريڪ جو به مخالف هو، سندس خيال هو ته اها تحريڪ سرمايه دارن ۽
جاگيردارن جي تحريڪ آهي، جنهن جو ترقي پسندن ۽ عوام کي فائدو نه ٿيندو، سنڌ جي ٻرندڙ
مسئلن جهڙوڪ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڪالاباغ ڊائم وغيره جي خلاف جڏهن ”سنڌي عوام جو
قومي اتحاد“ ٺهيو ته شروع ۾ ڊاڪٽر صاحب جي پارٽي ان جو حصو نه هئي، ڊاڪٽر صاحب جو
خيال هو ته سنڌ سطح تي ٿيندڙ سياسي اتحادن ۾ لفظ ”سنڌي“ بجاءِ ”سنڌ“ هجڻ کپي ۽
انهن اتحادن ۾ عير سنڌين کي به شامل ڪرڻ گهرجي، جڏهن سن ۾ ”سنڌي عوام جو قومي
اتحاد“ جو اجلاس جي ايم سيد جي صدارت ۾ هليو، جنهن ۾ سنڌ جون تقريبن سموريون
قومپرست ڌريون شامل هيون، ان اجلاس ۾ جڏهن اتحاد جو نالو طئي ڪرڻ جو سوال آيو ته ڊاڪٽر
صاحب ”سنڌي“ بجاءِ سنڌ قومي اتحاد جي وڪالت ڪئي، ٻي طرف رسول بخش پليجي، ابراهيم
جويو ۽ ٻين گهڻن دوستن ”سنڌي“ جي حمايت ڪئي، ان وقت سنڌ ۾ قومي سوال تي ٽي الڳ الڳ
سوچون ۽ ڌارائون هيون، جي ايم سيد ۽ سندس حامي ”جيئي سنڌ“ جي دوستن جو خيال هو ته
قومي آزادي جو سوال سڀ کان اول ۽ اهم آهي، ٻي طرف رسول بخش پليجي ۽ عوامي تحريڪ جي
دوستن جو خيال هو ته قومي سوال سان گڏ طبقاتي سوال پڻ آهم آهي، ڇو ته قومي آزادي
جو هر اول دستو مزدور ۽ هاري طبقو هوندو، ٽيون خيال ڪميونسٽ پارٽي ۽ ارباب کهاوڙ
وارن جو هو ته طبقاتي سوال سڀ کان اهم آهي، قومي سوال ثانوي حيثيت رکي ٿو.
۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ روس ۾ گورباچوف جي اڳواڻي ۾ پروسٽرائيڪا ۽ گلاسنوسٽ جي جمهوري
تحريڪ کان نه رڳو روس ۾ پر عالمي سطح تي وڏيون تبديليون اچڻ شروع ٿيون، چين ۾ ڊينگ
سيائو پنگ جي اڳواڻيءَ ۾ سوشلسٽ، سرمايه داري نظام گڏي هلائڻ جو تجربو، افغان
انقلاب جي ناڪامي ۽ اتان روسي فوجن جي واپسي، اوڀر يورپ ۾ سوشلسٽ ملڪن جا تختا اونڌا
ٿيڻ، اهي واقعا در اصل سوشلسٽ نظام جي عارضي شڪست ۽ سرمايه داري نظام جي هڪ دفعو ٻيهر
عالمي سطح تي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ هو، انهن واقعن جو اثر سڄي دنيا مٿان پيو،
خاص طور کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙن پارٽين ۽ نظرئي کي وڏو ڌڪ رسيو، جيتوڻيڪ مارڪس
ازم جو نظريو هڪ عالمي سچائي آهي، پر عارضي طرح اهو پس منظر ۾ هليو ويو، پاڪستان ۾
پڻ ان جا اثر ٿيا ۽ کاٻي ڌر جون پارٽيون ۽ مزدور تحريڪ ڪمزور ٿيڻ شروع ٿيون، ان جا
اثر سنڌ ۾ ترقي پسند تنظيمن تي پڻ پيا، ڊاڪٽر ارباب صاحب جي پارٽي به ٽٽي وئي،
عوامي تحريڪ جا سرگرم اڳواڻ ۽ ڪارڪن رسول بخش پليجي کي ڇڏي ويا، ڪميونسٽ پارٽي ۽
سوشلسٽ پارٽي به پويان پساهه کڻڻ لڳيون، اهو ملڪ جي ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ
دوستن لاءِ هڪ وڏو چئلينج هو ته ان ٽوڙ ڦوڙ ۽ انتشار کان پوءِ هو ٻيهر غور ويچار ڪري،
پنهنجي صفن کي نئين سر منظم ڪري، پنهنجو مورچو مضبوط ڪري سگهن ٿا يا نه؟ اهو سوال
موجود آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا