; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ غلام رسول سهتو

06 April, 2021

ڪامريڊ غلام رسول سهتو

ڪامريڊ غلام رسول سهتو

ھاري حقن جو اڳواڻ، بزرگ صحافي ۽ کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سھتو لاڏاڻو ڪري ويو



حيدرآباد: هاري حقن جو اڳواڻ، بزرگ صحافي ۽ کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو ڊگهي بيماري بعد ۷۳ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڪامريڊ غلام رسول سهتو ڳچ عرصي کان بيماري سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، ڊاڪٽرن موجب ڪامريڊ غلام رسول کي دل، گردن ۽ شگر جون بيماريون هيون. ڪامريڊ غلام رسول سهتو هاري حقن جو اڳواڻ هو ۽ پ پ جي گذريل حڪومت ۾ هن هارين جي حقن لاءِ حيدر آباد کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ ۱۰۰ ڏينهن کان وڌيڪ بک هڙتال پڻ ڪئي هئي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۱ع تي کنيل)

 

ڪامريڊ غلام رسول سھتو

ٻلھڙيجي ۽ نظرياتي سياست

الطاف پيرزادو

ھو ان ٽھيءَ جو سياسي ڪردار ھو، جنھن جي لاء سياست پھرين محبت به ھئي ته آخري عشق به. ان ٽھيءَ لاءِ جھڪڻ به مھڻو ھو ته پنھنجي نظرئي تان ڦرڻ به جيئري ئي موت بہ، تنھنڪري ھن جنھن نظرئي سان جواني ۾ پيچ پاتو پڇاڙي تان ان ئي راھ جو راھي رھيو. ھارين توڙي ڏتڙيل طبقن جي حقن لاءِ ان ٽھيءَ بنا ڪنھن جھڪڻ ۽ وڪامڻ جي جيڪا جدوجھد ھلائي، جيڪي قربانيون ڏنيون، جيڪي ڪشالا ڪاٽيا سي تاريخ جو سونھري باب آھن، نه وسرڻ جوڳا آھن. ٻلھڙيجي جيئن ته ان نظرياتي سياست ۽ ڪارڪنن لاءِ ماءُ جي ھنج ھئي جنھن سياست سان ڪامريڊ غلام رسول سھتو واڳيل ھو تنھنڪري ٻلھڙيجي سندس ٻيو گھر ھئي. اسان پنھنجي ٻاراڻي ۾ وڏيري امن جي اوطاق تي اچي ۽ ڪامريڊ گلاب جو مھمان ٿيندي ڪيئي ڀيرا  ڪامريڊ کي ڏٺو. وڏيري  امن جي اوطاق ڪا روايتي وڏيري جي  اوطاق نہ ھئي. ھي اھا اوطاق ھئي جتي سڀ انقلابي ۽  ڪامريڊ اچي ٽڪندا ھئا، ڪچھريون ڪندا ھئا ۽ راتين جون راتيون جاڳيڻ نظرياتي بحث به ان اوطاق ۾ ڪندا ھئا. ان دور ۾ اسان جيئن ته ٻار ھئاسين، ڪامريڊ سان ڪي ڪچھريون تہ ڪين ٿينديون ھيون، بس رڳو اھا خبر ھوندي ھئي ھي ڪامريڊ سھتو آھي، جڏھن بہ ٻلھڙيجي آيو کيس ڦڪي زري سان ڀريل  ٽوپ  پاتل ۽ ڪاري يا ناسي رنگ جي بريف ڪيس ھٿ ۾ ڏٺيسين. جدوجھد ھن جي ڪرت ۽ انقلاب ھن جي منزل رھي. نظرياتي سياست جڏھن پاڪستان م پساھ پورا ڪرڻ لڳي ان وقت سياست سان رومانس ڪندڙ کيپ جي باقي بچيل ڪجھ ھم خيال داڻن جڏھن ڌنڌي نه پر سياسي ٻاڙ پوري ڪرڻ جي خيال سان سنڌ اخبار ڪڍي ته ٻلھڙيجي مان ڀائو زلف، سھيل ۽ مان ان ٽيم جو حصو رھياسين. سنڌ اخبار ۾ سموري ٽيم نوڪري نه پر ھڪ مشن سمجھي ڪم ڪيو، اھڙي اخبار جنھن جو ڄڻ ته ڪو بہ مالڪ نه ھو، اسان سڀ ڪارڪن پاڻ کي سنڌ اخبار جو مالڪ سمجھندا ھئاسين. منھنجي وري ڪامريڊ سان گھڻي ويجھڙائي ان ڪري رھي جو جڏھن مان لاڙڪاڻي ۾ سنڌ اخبار جو بيوروچيف مقرر ڪيو ويس ته ڪامريڊ جي ساٿ سان الرحيم ھوٽل ۾ اخبار جي آفيس  ورتم، ڪامريڊ جڏھن بہ لاڙڪاڻي ايندو ھو ته اتي مون سان آفيس ۾ ئي رھندو ھو، ھن جيئن ته پنھنجي سموري جمع پونجي اخبار ۾ لڳائي ڇڏي ھئي تنھنڪري سنڌ اخبار ھن لاء اخبار  کان وڌيڪ انقلابي مشن رھي، جنھن سان آخر پساھن تائين لاڳاپيل رھيو ۽ سندس آخري ٿاڪ به سنڌ اخبار جي آفيس ئي رھي. ڪامريڊ غلام رسول سھتو نظرياتي سياست جو اھو موتي داڻو جيڪو ڪڏھن به نه وڪاڻو ۽ ڳاٽ اوچي سان جي جھان ڇڏي ويو. انقلاب زنده باد, سرخ سلام ڪامريڊ سرخ سلام.

 

(الطاف پيرزادو جو فيسبڪ پوسٽ تي ڏنل ڪمينٽ).


ڪامريڊ غلام رسول سھتو

واڪا ڪندي ووءِ صديون تو لاءِ سنڌڙي

مختيار شاھنوازاڻي

ھو جيڪو اڻمُوٽ ھو ھن جو پنڌ سدا ڪنڊيدار راھن تي رھيو ھن ذاتي ميراث کي پنھنجي مٽي ھاڻن ماڻھن جي مان خاطر ٻلھار ڪيو .ھن روپوش راھون تي رُلندي ٿڪجي ويھڻ جي نہ ڪئي.جڏھن ھن جا پير پنڌ ڪندا ھئا تہ ھو سنڌ جھاڳي ننڊ ڪندو ھو پر جڏھن ھو جي آر ڪالوني سنڌ اخبار حيدرآباد جي دفتر مان کڄي ڪراچي آغا خان ۾ پھتو تہ ھيکلو ئي رھيو ھن کان دل گھريا يار ۽ دوست اوجھل رھيا.ھو سياست جي لھرين جو اھو عميق ھو جيڪو ٻين کي موتي ارپيندو ھو ھنجي گودڙي ۾ سواءِ ڪتابن جي ٻيو ڪجھ نہ ھو.ھن وٽ سڪي جي افاديت نہ ھئي ھو سانگيئڙن جي ساٿ جو سچو ساٿي ھو. ھن جو تاريخ ساز ڪردار زندھ جاويد رھندو. پر اھو سرڪش، ارڏو، بيباڪ ۽ محبوب شخص ڪامريڊ غلام رسول سھتو جسماني طور اسان کان ھميشہ لئہ وڇڙي ويو.

 

(مختيار شاھنوازاڻي جي فيسبڪ وال تان کنيل)

 

 


 

ڪامريڊ غلام رسول سھتو

زوار وحيد جوکيو

ڪامريڊ امر ٿي ويو هو هڪ ڪميٽيڊ صحافي هجڻ سان گڏوگڏ ڌرتي جو درد رکندڙ نڍر قومپرست هو هن کي مون ۹۰ واري ڏهاڪي کان ڏٺو جڏهن هو روزاني سنڌ اخبار جي سلسلي ۾ مدئجي ۾ ادا جاويد جوکيو وٽ ايندو هو ۽ سندس اهي لفظ اڄ به چٽي طرح ياد آهن ته صحافت پيغمبري پورهيو آهي جيڪڏهن سنڌ جا سمورا قلم ڌڻي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين ته سنڌ جو ڪيس بهتر نموني سان وڙهي سگهجي ٿو. ڪامريڊ سدائين صحافتي ميدان ۾ لڪل ڪارين رڍن کي کلي عام بينقاب ڪندو هو ۽ چوندو جو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دلال صحافين کي ڏسڻ بدران هميشه پنهنجي حصي جو ڪم نيڪ نيتي سان سرانجام ڏنو وڃي,سچ جي راهه ۾ سختيون ضرور هونديون آهن پر فتح هيمشه سچ جي ٿيندي آهي,

بلڪل ائين ئي آهي ڪامريڊ سچ جي راهه تي هلندي پنهنجي سموري زندگي گذاري جنهن کي هو امر ٿي ويو سندس لاء اها دعا آهي ته مالڪ سائين کيس جنت الفردوس ۾ اعلي' مقام عطا ڪري آمين

ڪامريڊ اسان جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو ۽ سندس ڪردار تاريخ جي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو..

(زوار وحيد جوکيو جو فيسبڪ پوسٽ تي ڪمينٽ)


ڪامريڊ غلام رسول سھتو

اخلاق جوکيو

ڪامريڊ غلام رسول سهتو به نيٺ مُڪتي ماڻي ويو. هاڻي نه کيس دنيا جو درد هوندو، نه من گهرين محبوبن لاءِ ميارون هونديون، نه دوستن سان دورين جون دانهون هوندس، نه زماني جي ذلالت جا قصا ئي اوريندو، نه ئي قربانين جو ڪاٿو ڪندو هوندو. سٺي ڳالهه ته سڪون ۾ هوندو.

منهنجو شهر محرابپور ڪنهن دور ۾ ڪميونسٽ ڪامريڊن جو قبلو هوندو هو. ڪامريڊ هاشم گهانگهرو محرابپور جو پهريون ماڻهو هو جنهن پنهنجون نياڻيون ۽ پيٽ سان گهرواري اسڪول موڪلي ڄٽن ۽ مُلن جي منهن تي چماٽ هنئي ۽ سندس گهر  ان دور جا ڪميونسٽ ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي، مير ٿيٻو، امداد چانڊيو، صالح بلو ۽ ٻيا ايندا رهندا هئا. اسان اڃان پرائمري ۾ پٽيءَ جا پاٺ پئي ورتا. تڏهن سندس گهر اسان جي گهر جي روبرو ۽ ٻنهي جا در هڪٻئي جي دوبدو هوندا هئا. سندس ڪامريڊيءَ جي ڪَلَ ڪانه هئي، بس “مامو عارب” ياد هو، جيڪو سندس گهر جو نالو هو. هو محمد صديق جو اڪيلو پٽاڻو اولاد هو، هڪ ڀيڻ هيس نڀندي جيڪا شادي ڪري پنهنجي خوش زندگي گذارڻ لڳي. منهنجي امڙ به سندس ڀيڻ ڪيل هئي، امان کي به ڀاءُ ڪونه هو سو عارب/ غلام رسول ئي ڀاءُ هئس. اولِي ويل يا مينهوڳيءَ ۾ ٻاهريون ڪم مامي عارب/ غلام رسول کي ئي چوڻو پوندو هو.

پوءِ ڪامريڊيءَ جي لت لڳس ته وري سنئون نه ٿيو. گهر گهاٽ، آڪٽراءِ انسپيڪٽر واري نوڪري ۽ زمينداري ڇڏي روپوش ٿي ويو. پوءِ ٻڌندا هئاسين ته انقلابي سياست پيو ڪري، اسان جي گهر سامهون سندس گهر مهاجر والاري ويس، جيڪو آخر تائين آجو ڪرائي نه سگهيو. ڪڏهن ڪڏهن لڪي ايندو هو ته پنهنجي مامي هادي بخش جي گهر ۾ رهندو هو. اسان ٻارن کي به اتي گهرائي انقلابي ڪرڻ لاءِ ڪچهريون ڪندو هو. سندس هرکائڻ تي ساٿي ٻارڙا سنگت به جوڙيسون، پر پوءِ ترت ۸۲ع ۾ اتان جيئي سنڌ تحريڪ جي لطيف سنگت ڏانهن هجرت ڪئيسين.

ڪامريڊ پنهنجي مامي هادي بخش وٽان ادي حاڪمزادي سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ۲ پٽ نذير ۽ بيدل ۽ ۲ نياڻيون مرڪ ۽ مکڙي آهن.

ڪامريڊ سهتو ۸ آگسٽ ۱۹۴۸ع ۾ ڳوٺ علي نواز سهتو ۾ ڄائو، جيڪو محرابپور لڳ خيرپور ضلعي جي حد ۾ آهي. هو ٿوري بلوغت ۾ آيو ته يتيم ٿي ويو، کيس پنهنجي مامي هادي بخش ئي سنڀاليو. ميٽرڪ محرابپور مان ڪرڻ بعد راڻيپور پڙهڻ ويو، اهو ۱۹۶۸ع وارو وقت هو، جتي هن سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان سياست شروع ڪئي. هن ون يونٽ خلاف پڻ جدوجهد ڪئي، بعد ۾ ۱۹۸۰ع ڌاري سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ سرگرم رهيو ۽ ان جو سنڌ ۾ سرواڻ رهيو. هن ۱۹۸۳ع ۾ ايم آر ڊي واري هلچل ۾ به ڀرپور حصو ورتو، نوابشاهه ۾ سنڌي عوام جو قومي اتحاد جو بنياد پڻ رکيائين،  جنهن ڪراچي ۾ وڏو جلسو به ڪيو. هو ڀٽي صاحب ۽ ضياءَ واري دور ۾ ڪافي روپوش رهيو. هن ۹۰ واري ڏهاڪي جي آخر ڌاري سنڌ قومي اتحاد جي ٽڪيٽ تي ڪنڊيارو/محرابپور جي سيٽ تان صوبائي اسيمبلي لاءِ چونڊ پڻ وڙهي پر ڪامياب نه ٿيو.

ڪامريڊ ۱۹۹۰ع ڌاري صحافت ۾ پير رکيو. آفتاب اخبار کان صحافت شروع ڪيائين، عوامي آواز ۽ بعد ۾ برسات ۾ سرڪيوليشن تي به ڪم ڪيائين، پوءِ ۱۹۹۵ع ۾ سنگت کي گڏ ڪري روزاني “سنڌ” شروع ڪيائين، انجو پبلشر ۽ چيف ايڊيٽر به رهيو ۽ ان کي بچائيندي پنهنجي اباڻي ۲۴ ايڪڙ زرخيز زمين به تين وال ڪري ڇڏيائين. ۲۰۰۳ع ۾ سنڌ اخبار جا اشتهار بند ڪرڻ خلاف حيدرآباد کان اسلام آباد تاريخي مارچ ڪيائين، نيٺ ۲۰۰۵ع ڌاري اخبار مهيش ڪمار حوالي ڪري پاڻ سماجي ڪمن لاءِ نڪري پيو. هن سيد امداد محمد شاھه، سيد ظفر علي شاھه ، ڳجهن ادارن جي سربراهن جا ڪيترائي يادگار انٽرويوز به ڪيا، ساڻس گڏ ڪامريڊ ڄام ساقي، صالح بلو، رشيد راڄڙ، امداد چانڊيو، مهيش ڪمار، شبير شر، منير ميمڻ، قاضي شاھه محمد، رزاق سروهي، اخلاق جوکيو سميت ڪيترن سينئر صحافين ڪم ڪيو.

هن سنڌ اخبار مان واندڪائي وٺي خيرپور جي ننڍن آبادگارن کي پاڻي نه ملڻ خلاف تاريخي بک هڙتال پڻ ڪئي، جنهن هن جي صحت کي بنھه لوڙهي ڇڏيو. بک هڙتال سبب شگر ليول گهٽجڻ سبب کيس دماغي جهٽڪا لڳا جنهن ۾ سندس ميموري/يادداشت کي شديد نقصان پهتو ۽ هن جيڪي آپ بيتيءَ سميت پنهنجي جدوجهد تي ڪتاب آڻڻ پئي چاهيا، سو ڪم نه ٿي سگهيو. هو صحت جي ان گهوٽالي مان نڪري نه سگهيو ۽ ڪافي سال گوشه نشينيءَ ۾ رهيو.

گذريل مهيني کيس بيماري واري حالت ۾ قاسم آباد اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي فقير پهتو ته سڃاڻپ کان ٻاهر هو، هڪ هڏائون پڃرو هو جيڪو جيئن پيو هو تيئن ئي پيو رهيو، رڳو اکيون پئي چريس ۽ سڃاڻي هٿ جي اشاري سان سگريٽ گهريائين. فقير سندس ادا تي ڪشمڪش ۾ پئجي ويو ته دل جي وارڊ ۾ ۽ هن حالت ۾ کيس سگريٽ ڪيئن پيارجي سو ڳراٽڙي پائي آڱرين ۾ سگريٽ ڦاسائي چيائينس ته سگريٽ آهي پر ماچيس ناهي ۽ ايئن ڪلاڪ تائين ان اڻ ٻريل سگريٽ کي پنهنجي آڱرين ۾ ڦيرائيندو ڏسندو رهيو.. بعد ۾ کيس ڪراچي نيو ويو، جتان ڪجھه چاق ٿي موٽيو هو پر اڄ هن بر جي بي قدريءَ مان به جان آجي ڪرائي مُڪتي ماڻيائين. مولا هن بيچين روح کي سڪون عطا فرمائي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



غلام رسول سهتو

ھو به اسان کان موڪلائي ويو!

ايڊووڪيٽ رياض لنڊ

غلام رسول سھتو به اسان کان موڪلائي ويو. منھنجي ھن سان اڳ ملاقات محرابپور ۽ سيٺارجا جي وچ تي سنڌ ايڪسپريس ريل گاڏي جي ۾ ٿي هئي. ھي شايد ۱۹۷۸ع جو سال ھيو، ملڪ ۾ پيپلز پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي، عوامي تحريڪ ۽ ان سان واڳيل فرنٽ، آمريت جي عتاب جو شڪار ھيا.ڪافي وقت ھڪ ٻئي کي ڏسڻ کانپوءِ آھستي پڇيائين ته ڪير آھين، چيو مانس لنڊ آھيان وري چيائين ڪٿان جو آھين چيو مانس سيٺارجا جي ويجھو رئيس وليداد لنڊ منھنجو ڳوٺ آھي. ھمراھ اھو ٻڌڻ کانپوءِ وڌيڪ بيچين ٿيڻ شروع ٿيو گھڙي کن خاموشيءَ کانپوءِ وري پڇائين ته؛ ”ڇا ڪندو آھين؟“ چيومانس؛ ”ھاءِ اسڪول سيٺارجا جو شاگرد آھيان.“ ھيڏي ھوڏي لئوڻو ڦيرائي، آھستي پڇيائين ته؛ ”ساجن لنڊ کي سڃاڻين؟“ چيومانس؛ ”جي بلڪل! منھنجو سئوٽ آھي! ڊگري ڪاليج سکر جو شاگرد آھي ۽ ايس اين ايس ايف جو اڳواڻ آھي.“ پوءِ چيائين ته؛ ”انھن مان ڪنھن کي سڃاڻين؟“ چيومانس؛ ”ڪجهه سان مليو آھيان، ڪجهه جو ٻڌو آھي. ڪامريڊ غلام حسين شر سان مليو آھيان، ان جي ڳوٺ ويو ھيس. چاچي فقير عبدالرزاق شر وڏي خدمت ڪئي ھئي.“ گڏوگڏ اھو به چيو ھئائين ته؛ ”ابا اسان ته مولائي آھيون پر دڳ ڪامريڊن وارو وٺجانءِ!“ چيومانس؛ ”ڄام ساقي مولوي سان به ڪنھن جاءِ تي خفيه ملاقات ٿي ھئي. ان وقت سندس ٻيو نالو ٻڌايو ويو ھيو پر ڪجهه ڏينھن کانپوءِ مون کي ٻڌايو ويو ھيو ته اھو ھمراھ ڄام ساقي ھيو. جذباتي نوجوان ھجڻ ڪري، سندس نالو نه ٻڌائڻ تي اھڙي ڪاوڙ ھئي جو دل پئي چاهيو ته وڙهانس. انھن ڏينھن ۾ سنڌ جي نوجوانن ۾ ڄام ساقي جي سڃاڻپ ھڪ انقلابي ۽ آزاديءَ جي ھيرو طور ھئي، ھر نوجوان کيس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ چاھي پيو.“ اھڙن حال احوالن کان پوءِ ڏٺم ته ھمراه ٿورو سولو ٿيڻ لڳو ۽ منھن تي مسڪراهٽ اچڻ شروع ٿيس ھڪ دم چيائين ته؛ ”ڪامريڊ پوءِ ته پنھنجو نڪتين نه.“ آھستي پڇيائين ته؛ ”پڙھين ڇا پيو؟“ چيومانس؛ ”ھلچل رسالو پڙھندو رھندو آھيان. ناول ماءُ پڙھيو آھي.“ ٻانھن کان وٺي زور سان احساس ڏيارڻ واري انداز ۾ چيائين ته؛ ”مل مل چؤ!“ ان زماني ۾ خفيه ڪم جاري رکڻ لاءِ عوامي جاين تي ڪامريڊن جا اصل نالا نه ورتا ويندا ھيا. اھڙيءَ طرح رسالي ھلچل کي به ”مل مل“ چئي ملڻ يا نه ملڻ جو نياپو ڏيندا ھيا.

ان ريل واري ملاقات مون کي ڪامريڊن جي وڌيڪ ويجھو آڻي ڇڏيو. ڪجهه سالن کانپوءِ مان ڪراچي ھليو آيس پر ھمراھ نيٺ ڳولي لڌو  گھر جو دروازو کڙڪيو ٻاھر نڪتم ڏٺم ته ٿيلهو لٽڪايل، ھڪ اڌيڙ عمر جو ماڻھو بيٺو آھي چيائين ڪامريڊ اسان تو کي نه ڇڏينداسين. کلندي اندر داخل ٿيڻ شروع ڪيائين لڳي پيو ته ھمراھ محسوس ڪيو ته ٻاھر منھنجو نالو نه پڪاري ڪچو ذھن آھي ڪنھن جوکم ۾ نه وجھي ڇڏي. ملاقاتن جو سلسلو جاري رھيو ڪڏھن ڳوٺ ته ڪڏھن خيرپور ڪراچي سکر مطلب ته انقلابي جدوجھد جو ھي اڏول انسان مون کي ڪڏھن به ٿڪل يا مايوس نظر نه آيو، سندس طبيعت ۾عاجزي جو اڻ کٽ خزانو ھيو پر پنھنجي موقف کي انتھائي طاقت سان رکڻ جو عادي ھوندو ھيو، جاکوڙي طريقي جي عمل ۾ انقلاب سان وفاداري  سندس سڃاڻپ ھئي.

ٻه واقعا بيان ڪرڻ ضروري آھن، سوات ڪانفرنس مڪمل ڪري اسلام آباد پھتاسين بنا ڪنھن ايجنڊا جي روسي سفارت خاني وڃڻ جي کٽي کنيو، ھن سان گڏ مان ساجن مرتضيٰ سولنگي ۽ ٻه ٽي ٻيا دوست ھيا ھينئر نالا ياد نه پيا اچن روسي سفارتخاني جو دروازو افغان انقلاب جي نتيجي ۾ قائم حڪومت  ڊالر، جھاد ۽ضياءُ آمريت جي رياستي پاليسين جي پس منظر ۾ ايجنسين جي خاص نظر ۾ ھوندو ھيو، اسان گھنٽي وڄائي، ھڪ اھلڪار ٻاھر آيو اسان کي وٺي اندر ھال ۾ آيو ابتدائي تعارف کان پوءِ روسي سفارتڪار سمجھي ويو ته ھمراھ انقلابي آھن، کين افغان انقلاب کان پوءِ پاڪستان ۾ انقلاب جي جلدي آهي سو ھتان وڃڻ کان پوءِ ٻاھر ويٺل سرڪاري ڪارندا ھنن جو ڪھڙو حشر ڪندا ان فڪر ۾ لڳي رھيو ھيو، اسان کائنس روسي سفارتخاني جي سفير سان ملڻ جي خواھش ڏيکاري جنھن تي ھن معذرت ڪرڻ جي بجاءِ چيو ته ھو موجود ڪونھي سيڪنڊ درجي جي ٻئي آفيسر کي وٺي آيو، جنھن رسمي ڳالھيون ڪيون ڪافي پياري ۽ اسان کي رخصت ڪيائين روسي اھلڪار جو خدشو درست ھيو، دروازي کان ٻاھر نڪرڻ جي دير ھئي، ھتان جي اھلڪارن اسان جو گھيرو ڪيو. نيم گرفتاري واري انداز ۾ ڪنھن اڻڄاتل هنڌ ڏانهن وٺي ويا انڪوائري شروع ٿي ويئي  پر ھن سڄي ڪھاڻيءَ ۾ اھم ڳالهھ اھا آھي ته ڪمال بھادريءَ سان غلام رسول سھتو اسان سڀني کي سفارتخاني ۾ آڻڻ جي ذميواري پاڻ اڪيلي سر کنئي. بھرحال ڪلاڪ ٻن جي انڪوائري کان پوءِ اھي به ان نتيجي تي پھتا ته اھڙو ڪو سنجيدا مسئلو ڪونھي، ھنن اسان کي آزاد ڪري ڇڏيو.

اھڙي ريت پڊعيدن جي لڳ راڄپرن جي سردارن جو ڳوٺ آھي اتي ھو ھڪ نوجوان سردار فاروق راڄپر به ھاري ڪميٽيءَ جو ميمبر ھو، ھن جي دعوت تي ھاري ڪانفرنس ڳوٺ ۾ رکي وئي، سردارن هن وڏي ڪانفرنس ۾ تر جي ماڻھن کي شرڪت کان روڪي ڇڏيو. سندس نوجوان ڀائٽيو سردار فاروق اسان سان گڏ بيٺو رھيو. ٻين شھرن جا دعوتي پھچي ويا. پروگرام انقلابي ترانن سان شروع ٿيو. سخت ڇڪتاڻ وارو ماحول ھو ڪامريڊ تڪرار کان بچڻ  ۽ تڪرار جي صورت ۾ ڪامريڊن جي بچاءُ جون حڪمت عمليون تيار ڪري رھيا ھيا، پر غلام رسول سھتي  انقلابي جذبن سان نه رڳو سردارن کي چئلينج ڪيو پر ٻين ڪامريڊن جو حوصلو به وڌايو. اھڙي ريت ڏکين حالتن ۾ ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرايو.

اھڙا ڪيترا ئي واقعا ھاڻ تاريخ جو حصو ٿي ويا، پر اھم ڳالھه اھا آھي ته سوويت يونين جي ٽٽڻ ڪري جھڙيءَ طرح سڄي دنيا  جي انقلابي جدوجھدن ۾ عارضي بحران پيدا ٿيا ان جو شڪار ھتان جون مارڪسي قوتون به ٿيون، نون گسن کي ڳولهڻ بجاءِ ھت گڏيل مايوسي پيدا ٿي جنھن ڪري تنظيمون يا ته بي عمل ٿي ويون يا ٽٽي ويون ڪامريڊن کي ضياءَ آمريت جي جبر نه ٿڪايو نه ڪمزور ڪيو پر اھو سچ آھي ته سوويت يونين جي خاتمي ھنن جي سياست کي تقريبن ختم ڪري ڇڏيو، ان جي ڪري ھن انقلاب جي سپاھيءَ تي به اثر پيا جيڪي نفسياتي به ھيا سياسي به ھيا، سماجي به ھيا ھن ڪجهھ عرصو ھاري تحريڪ کي جاري رکيو، مظاھرا ڪرايا پاڻي جي نامناسب ورڇ خلاف ڪراچي کان اسلام آباد تائين مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتالون ڪيون. پر اڄ اھو باعمل آواز اسان جي وچ ۾ ناھي رھيو. ھن موقعي تي اھو ئي چئي سگھجي ٿو ته؛ ”ڪيسين رھندي اھا ڌوڪي جي ديوار“ ھن نظام کي ڊھڻو آھي ھت صبح ٿيڻو آھي. اسان کان وڇڙي ويل سڀ انقلاب جا سپاھي ان انقلاب جي جشن ۾ گڏ ھوندا.. جسماني طور نه سھي پر روحاني طور اسان سان گڏ ھوندا اھو ڏينھن ضرور ايندو جڏھن ھتان جا ھاري پورھيت مدي خارج نظام کان پاڻ کي آزاد ڪندا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۶ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

 



غلام رسول سهتو

بجهي جو پياس تو اشڪون ڪي جام حاضر هين

حسن مجتبيٰ

سندس نالو ته مون گهڻن ڏينهن کان ٻڌو هو پر ساڻس پهريون ڀيرو ريل ۾ خيبر ايڪسپريس جي دٻي ۾ ملڻ ٿيو هو. هي اڻويهه سو پنجهتر جي سياري جا شروعاتي ڏينهن هيا ۽ اسان نذير عباسي، غلام حسين شر ۽ مان روهڙي ريلوي اسٽيشن تان ڪراچي لاءِ سوار ٿيا هياسين. منصور ميراڻي به خيرپور مان سوار ٿيو هو. ٽرٽل نيڪ، چٽي ناسي رنگ جو سويٽر پهريل، پينٽ، ڪلين شيو ۽ مٿي تي مائو ڪيپ پاتل نذير عباسي ته ان ڏينهن صفا انقلابي فلمن جو هيرو لڳي رهيو هو. نذير تڏهن روپوش هو. محرابپور مان غلام رسول سهتو به ان ئي ٽرين ۾ ظاهر آهي ته پنهنجي لڏي سوڌو سوار ٿيو جنهن ۾ حميده ۽ زبيده گهانگهرو، دائم بلوچ ۽ بهار شاهه  شامل هئا. بهار شاهه ڪلهن تي بلبل کنيو  اچي پهتو هو ۽ سهتو مليشيا رنگ جي جوڙي سان هو، جيڪيٽ پاتل هيس. گهاٽي ڪاري ڏاڙهي، ڊگهو قد، پيرن ۾ ملٽري بوٽ پاتل ۽ مٿي تي چي ڪيپ پاتل هيس، ڊگهن  وارن واري غلام رسول سهتي جي، سنهين اکين مان  شرارت، غصو ۽ ارڏائي چمڪي رهي هئي. نذير ۽ هن ريل جي دٻي کي پنهنجن ڀوڳن ٺڪاون سان مٿي تي کڻي ورتو هو. نوابشاهه مان صالح بلو ۽ امداد چانڊيو به ان ٽرين تي چڙهيا. حيدرآباد مان پرشوتم (جنهن سوئيڊن ۾ خودڪشي ڪئي هئي) ”ڌرتي“ ميگزين جو تازو پرچو هٿ ۾ کڻي چڙهيو هو جيڪو ولي رام ولڀ ۽ ظفر حسن حيدرآباد مان ڪڍندا هيا. پاڻ جسم ۾ ٿلهو متارو هو، گهنگرودار وار، مٿي تي گول وڏن شيشن واري سنڌي ٽوپي پهريل هيس. ٿلها پر پيارا چپ هيس جن ۾ هميشه سگريٽ پيل هوندو هيس. چهرو دانشوراڻو هيس.

ڪتابي ڪيڙي جهڙيون اکيون جن تي نظر جي فريم واري عينڪ چڙهيل هيس. ڇوڪرين کي پاڻ ڏانهن محو ڪندڙ ۽ فلسفو جهاڙيندڙ پرشوتم سان، ويڪري پيشاني ، بدرمنير ڪٽ ڪلهن کان وڌيل وارن، تجسس وارين اکين ۽ڳل تي تر وارو قاسم بروهي به شايد گڏ هيس. جهڙوڪ فلمن جي ڪنهن ويڙهاڪ هيري جو ڪٽ آئوٽ هجي پر گهڻي قدر ماٺيڻي طبيعت وارو هو.

پنجرے کے پنچھی رے

تیرا درد نہ جانے کوئی

جيئن جيئن رات گُگُهه ٿيندي پئي وئي تيئن تيئن  نذير عباسيءَ جي آواز ۾ رفيع جا گيت وڏي آلاپ ۾ گونجڻ پئي لڳا.

تو ہندو بنے گا نہ مسلمان بنے گا

انسان کی اولاد ہے انسان بنے گا”

۽ پوءِ ڍول فقير جو ڳايل ڪلام ، نذير عباسي پنهنجي آواز ۾ ڳاتو ته ، ” عمر مون نه ٿا وسرن ويڙهيچن جا واڙا“

پوءِ ڪا مهل سانت رهي ۽ ان کانپوءِ امداد چانڊيو پنهنجي اسٽائيل ۽ انداز ۾ ” ڌرتي ميگزين“ ۾ شايع ٿيل تاج بلوچ جو نظم ” محبتن جا سفير“ ڳاتو، جيڪو هُن پنهنجي ساٿي ۽ دوست هند واسي سنڌي اديب وشنو ڀاٽيا جي نالي ڪارڊيو ويسڪيولر وارڊ مان لکيو هو، جتي هو انهن ڏينهن ۾ داخل هيو. اهو هڪ ڊگهو ۽ خوبصورت نظم هو ، اهڙو ئي هڪ ٻيو  نظم تنوير عباسيءَ جو”  سامري جادوگر“ هُو.

طلسم سامري

هي طلسم سامري،

هاءِ هي جادونگري،

سامري جو حڪم آهي چپ رهو

نانگ کي نوڙي

۽ نوڙي نانگ چئو

(تنوير عباسي)

تنوير  عباسيءَ جي ان نظم ” سامري جادوگر “ کي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن ذوالفقار علي ڀٽي جي پاپولر ڊڪٽيٽرشپ ڏانهن اشارو سمجهيو هو ۽ ائين هيو به، ان ئي رات جو سج اسان کي پپريءَ جي ريلوي اسٽيشن تي اڀرندي نظر آيو، جنهن جي اڀرڻ جو منظر مون هلندڙ ريل خيبر ميل جي ڊٻي جي دريءَ مان ڏٺو هو، اهو منظر مون کي اڄ به ياد آهي ، ايئن نه ٿو چئي سگهجي ”وہ رات جسکی کوئی صبح نہیں“!.

مون کي ياد آهي ته ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ هڪ رات جو منهنجي گهر جو دروازو کڙڪيو ۽ ٻاهر غلام رسول سهتو هٿ ۾ هڪ سوٽ ڪيس  کنيو بيٺو هو. ان سوٽ ڪيس ۾ ڪتاب ۽ پمفليٽ هيا، جيڪي هن منهنجي لاءِ آندا هيا، ٿيو ائين جو هو انهن ڏينهن ۾ خيرپور ميرس جي پنج گولي چوراهي تي شهيد عبدالرزاق سومرو نالي هڪ ننڍڙو بوڪ اسٽال هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ حسب معمول کائنس اهو بوڪ اسٽال هلي نه پئي سگهيو، تنهنڪري هو ان بوڪ اسٽال جا ڪتاب پنهنجن دوستن کي تحفي طور ڏيڻ يا عطيو ڪرڻ لاءِ نڪتو هو ۽ ڪُڻي ۾ منهنجو نالو به نڪتو هو. ان رات هو اسان جي اوطاق تي مهمان هيو ۽ اسان ان سياري جي ڊگهي رات ۾ سڄي رات ڪچهري ڪندا رهياسين. سهتي پنهنجي پريم ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي، پريم ڪهاڻي ڇا ڄڻ پنهنجن ڦٽن جا کرنڊ لاهيندو هجي، جنهن ڇوڪريءَ سان پيار ڪندو هو اها ته کيس ملي نه سگهي هُئي، پر هاڻي هو انقلاب آڻڻ لاءِ نڪتو هو.

ٻئي ڏينهن اسان سڀئي شبير بيدار ڀٽو جي ڳوٺ ” باگو ڀٽو“ ويا هياسين جتي ڳوٺ جي هر وڻ تي پيپلز پارٽيءَ جو جهنڊو لڳل هيو پر شبير بيدار ڀٽو پنهنجي ڪچي گهر جي در تي اسان جو ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو هو، اهو پهريون ڀيرو هيو جو سندس سهتي سان ملاقات ٿي هئي، تڏهن هو معراج خان جي اين ايس ايف ۾  هيو. سهتي سان ملڻ کانپوءِ هو به، سهتي جي نظريي سان سلهاڙجي ويو، پوءِ شبير ڀٽو ۽  سهتو هو ۽ ان جي پارٽي هُئي. سهتي ڪيترن ئي نسلن کي انقلابي لائين تي آڻي کين کاري وڌو هو يا سنواري ڇڏيو هو، اها خوبي رڳو سهتي جهڙن ۾ ئي هوندي  هئي، جو ڪنهن به ماڻهوءَ سان پنج منٽ ملاقات ڪري پوءِ اها ملاقات بس ۾ هُجي، ريل ۾ هُجي ڪنهن هوٽل ۾ هُجي يا وري ڪنهن هاسٽل ۾ هُجي، ٻيو دفعو هو ان جو مهمان بڻجندو ۽ ٽين ملاقات ۾ هو ان کي ڪامريڊ بڻائي چڪو هوندو.

هُن اهڙي شروعات پنهنجي پاڙي ۽ شهر محراب پور کان ڪئي جتي هُن ڪيترن ئي ٻارن کي خراب ڪيو، انقلابي بڻايو. ميانداد خاصخيلي ننڍي عمر ۾ جيل ويو، ٿيو ائين جو سهتي شهر ۾ وڌندڙ چورين  چڪارين جي خلاف بک هڙتال ڪئي، ساڻس شهر جي معززين جا ٻار به گڏ هيا، اهو ذوالفقار علي ڀٽي جو دور هيو بک هڙتال ڪندڙن کي پوليس گرفتار ڪري جيل ۾ وجهي ڇڏيو، ٻيا به سهتي سان گڏ جيل پهچندا ويا. جتي اڳ موجود چور قيدين پهريون ته  کين ٺاهوڪو ڪٽڪو ڪڍيو ته اوهان چورن جي خلاف هڙتال ڇو ٿا ڪريو.

ننڍڙي زميندار گهراڻي جو هي نوجوان غلام رسول سهتو اڻويهه سو سٺ جي ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جڏهن راڻي پور ڪاليج پهتو ته اتي شاگردن جي ون يونٽ ۽ ايوب خان مخالف تحريڪ شروع ٿي چڪي هُئي، سهتو به انهن سنڌي شاگردن جي تحريڪ جو ڀرپور حصو بڻجي ويو. سهتي جي جدوجهد بطور شاگرد، علمي ايڪٽوسٽ، شاگرد اڳواڻ، ليفٽ جو سرگرم سياسي ڪارڪن، هاري اڳواڻ ۽ صحافتي سرگرميون، اڻويهه سو اٺهٺ کان وٺي ٻه هزار ايڪويهن تائين ان جي ساهه جي سڳي ٽٽڻ تائين جاري رهيون، سندس چاهيندڙ کيس سنڌ جو ”انا هزاري“ چوندا هيا، سهتو هميشه ريل ۾ يا جيل ۾ يا وري روپوش يا بک هڙتالن تي هوندو هو، اها به مرڻ گهڙيءَ تائين هوندي. مسئلو گهٽي محلي جو هُجي يا ظالم زميندار  پاران هارين جي حصي جو پاڻي بند ڪرڻ، يا سنڌ ۽ ملڪي سطح جو معاملو هُجي سهتو سرگرم ۽ بک هڙتال تي ويٺل نظر ايندو هو.

وڏي ڀٽي جي زماني ۾ يو ڊي ايف جي ڪال تي سهتو به حڪومت خلاف محراب پور شهر ۾ جلوس ڪڍيو جنهن ۾ شهر جي پراڻن ڪامريڊن، مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي ساٿي ۽ هاري ڪارڪن محمد هاشم گهانگهرو جون ٻه نوجوان نياڻيون زبيده گهانگهرو ۽ حميده گهانگهرو به شريڪ ٿيون ۽ بدنام زمانه ڊفينس آف پاڪستان رولز تحت گرفتار ٿيون، سرڪاري ۽ تاريخي ريڪارڊ طور تي ڏسجي ته سڄي پاڪستان مان عورتن جي اها پهرين گرفتاري هئي، جڏهن ته سهتو، ميانداد خاصخيلي ۽ ٻيا روپوش ٿي ويا.

وڏي ڀٽي جي دور ۾ ان جي پارٽي ۽ ان جي ذيلي شاگرد تنظيم جا مقامي اڳواڻ ۽ ايم پي ايز، ڀٽو حڪومت جي مخالفن متعلق پوليس ۽ انٽيليجنس ايجنسين وٽ مخبري ڪندا هيا، اهڙي ئي نموني محراب پور جي پ پ  مقامي اڳواڻ محمد بخش نانگراج به سهتو ۽ ان جي ساٿين جي خلاف اهڙي  ڊيوٽي“ سرانجام ڏيندو هو، خيرپورميرس  ۾ وري اهو ڪم منظور وساڻ ڪندو هو.

ڀٽي جو دور ختم ٿيو ته سهتي انهيءَ سرگرميءَ کي وڌيڪ تيز ڪندي جنرل ضيا جي آمريت خلاف سرگرم ٿي ويو، ڀٽي کي ڦاهي اچي چڪي هُئي، نذير عباسي ايجنسين هٿان گرفتار ٿي اذيت خانن ۾ برگيڊيئر ( ان وقت جو ڪرنل ) امتياز ٻلي ۽ ان جي قاتل ٽيم هٿان تشدد ۾ مارجي چڪو هو ، سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ هُجي يا وري هاري جدوجهد، ملڪ ۾ مارشل لا مخالف سرگرميون هجن، مارشل لا اختيارين کي  گهربل ماڻهن جي لسٽ ۾ سهتي جو نالو ضرور هوندو هو، تڏهن هن  پاڻ کي زوار سڏائڻ شروع ڪيو هو، هُن پنهنجي پُٽ جو نالو نذير عباسيءَ جي نالي تي رکيو هو.

جڏهن هڪ ٻيو خطرناڪ ۽ ضيا مخالف سنڌ جو سياسي قيدي ۽ پنهنجي دور جو مشهور يا بدنام شاگرد اڳواڻ سيد علي حيدر شاهه راولپنڊي اڊيالا جيل ۾ قيد هيو ته ان جو اتي هڪ وارڊن ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويو ۽ معاملو اچي شاديءَ تائين رسيو، سهتو سنڌ مان ڄڃ وٺي وڃي راولپنڊيءَ پهتو، هو شاديءَ جي معاملي ۾ گهوٽيتن کان به اڳرو هيو.

سهتي جي شهر جو ، سهتي هٿان خراب ڪيل هڪ ٻيو ساٿي ۽ صحافي ارشاد چنا جيڪو، صحافي به نه هيو پر هُن ضياالحق جي دور ۾ صحافين جي تحريڪ ۾ حيدرآباد مان گرفتاري ڏئي وڃي جيل پهتو. ان سان گڏ  ٻيو ماڻهو شبير بيدار ڀٽو هيو.

سهتو هڪ ئي وقت انتهاپسند شيعو، سنڌي قومپرست ۽ ڪميونسٽ هو، هو امام حسين، سائين جي ايم سيد ۽ ڄام ساقيءَ جي خلاف گستاخي برداشت ڪري نه سگهندو هو. غضب جو حسن پرست هيو، سهڻو ڇوڪرو هُجي يا ڇوڪري، ٽيڏي اک ڪري ان جو ديدار ضرور ڪندو هو. سهتو، نذير عباسيءَ جي شاديءَ ۾ پڻ سرگرم هيو، نذير جي شادي، حميده گهانگهرو سان محرابپور ۾ ٿي هئي، ان رات رخصتيءَ کانپوءِ واپسي تي ريل ۾ ويندڙ سموري ڄڃ سواءِ گهوٽ ۽ ڪنوار جي، بنا ٽڪيٽ جي سوار  هُئي.

سهتو ڪيترو به انقلابي ٿي ويو هُجي پر هو جڏهن به جتي به ۽ محرم جو ماتم ڏسندو ته پنهنجي قميص لاهي پنهنجي ساٿيءَ کي ڏيندو ۽ پاڻ وڃي ماتم ضرور ڪندو هو.

مون سهتي سان سڄي سنڌ جو دورو ڪيو هو ۽ ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهمياسين، ماڻهن سان ڪچهريون ڪيون هيون سين، اسان تڏهن به گڏجي سنڌ ۾ گهميا هياسين جڏهن  اڻويهه سو ستر ۾ آيل ٻي ٻوڏ جي وهڪري ڪري سنڌو دريا ۾ وڏو چاڙهه آيل هو ۽ سکر  روهڙي وٽ  علي واهڻ ۾ پاڻي داخل ٿي ويو هو، چيو ٿو وڃي ته ڀٽي جي لاڙڪاڻي کي بچائڻ لاءِ دريا کي ڪٽ ڏنو ويو هو، اسان ان وقت درٻيلي جي بازار ۾ گهمي رهيا هياسين، زاهد مخدوم ( ڪينيڊا وارو نه، ٻيو اهو به منهنجو يار غار ۽ ريلوي ليبر ليڊر هو ) ۽ امداد درٻيلائي به اسان سان گڏ هيو. مان ان وقت نئون نئون شاعر ٿيو هوس ۽ امداد درٻيلائي مون سان موري ۾ شام ملهائڻ پئي گهري. ڀريا روڊ، لاکا روڊ، پڊ عيدن ۾ ڪيترا ڏينهن رهڻ کانپوءِ  اسان جي آخري منزل محراب پور ۾ سهتو جو گهر ۽ اوطاق هُئي، جتان راتين جو  پري وارن گهرن مان دهل جي آواز تي ڳائيجندڙ سهرن جا آواز اونداهي رات کي وڌيڪ پرنور ۽ پرسوز بڻائي ڇڏيندا هيا.

محرم جا ڏينهن هيا، شام جو دائم بلوچ جي ڪيبن تي ڪٽنگ چانهه پيئندا هياسين ۽ وري نونارين جي امام بارگاهه ۾ مجلسون به ٻڌندا هياسين، محراب پور سنڌ جو هڪ ٻيو ”شهر نگاران“ هو. سهتي جي معرفت منهنجون ڪيترن ئي خوبصورت ماڻهن سان ۽ حورن سان ملاقاتون ٿيون ، دوستيون ٿيون ۽ انهن مان، ڪڏهن به نه وسرندڙ هڪ شخص ان جي شهر جو قومي دانشور قمر ميمڻ پڻ هڪ هيو.

پر مون کي سهتو جي انقلابيت ڪو گهڻو متاثر نه ڪيو  هو، جو مون وري ڪجهه عرصو جيئي سنڌ وارن سان ناتو جوڙيو هو. محبت ۽ ياري دوستي  ۾ ته مان اڄ به ڪنهن پارٽي بازي يا نظرئي کي ڪا اهميت نه ڏيندو آهيان. بس جيڪو به طاقت جي آڏو سوال ڪندو آهي، بيهجي ويندو آهي، طاقت تي يقين نه رکندو آهي، مظلوم سان گڏ هوندو آهي، انهن سڀني کي منهنجو سلام هوندو آهي ، پوءِ اهو سنڌي هُجي يا مهاجر ڪير به هُجي.

سهتي سان پوءِ به ملڻ جلڻ وارو سلسلو قائم رهيو سهتي، منهنجي کرائپ کي بلڪل به ٺيڪ نموني پئي سمجهيو هو ۽ ٻن موقعن تي تقريبن ۾ مون کي ڳالهائڻ نه ڏنو، هن کي خوف هيو ته خبر ناهي ڇا ڳالهائيندو ۽ اڃا تائين ماڻهن کي مون مان اهڙو خوف رهندو آهي، منهنجي دوست قاضي جاويد کان وٺي بقول انور اقبال ۽ شيري رحمان تائين، ڪميونسٽ ته هوندا ئي تحرير ۽ تقرير جي آزادين جا مخالف، تنهنڪري  ته روس ٽٽوهو.

سهتي پنهنجي زمين وڪڻي ” روزاني سنڌ“ نالي اخبار ڪڍي، اخبار کي ڇا هلڻو هيو، سهتو پاڻ ئي هلي پيو، واهه ڙي بازيگر تنهنجي بازي، سهتي ڪميونسٽن جو به وچ چونڪ تي مٽ ڀڃي ڇڏيو، جڏهن اهو چيائين ته افراسياب خٽڪ ۽ شير علي باچا به افغان خاد کان پئسا ورتا آهن، انهن پئسن تي جهيڙو ٿيو ۽ بعد ۾ افراسياب پاڪستاني ايجنسين ۾ پنهنجي ڪنهن دوست يا مائٽ کي انڪوائري ڪرائڻ لاءِ وٺي آيو، سهتو باخبر شخص هيو، کيس سنڌ ۾ نبيلا شاهه جي قتل ٿيڻ کان وٺي آفتاب شير پائو کي پئسا وٺي جنرل فضل حق کي ڇڏڻ تائين جي خبر، سڀ کان اڳ ۾ پوندي هُئي.

غلام رسول سهتو جنهن کي پنهنجي شهر جا ماڻهو ”عارب“ چوندا هيا، اهڙي نموني مري ويو جيئن سياسي بيوفائين جا ماريل ماڻهو، مرڻ کان اڳ مري ويندا آهن، اهڙا انقلابي جيڪي ٽارچر سيلن ۾ مري نه سگهندا آهن اهي ڪسمپرسيءَ ڪري مري ويندا آهن، پر مون ان جي آخري سفر واري خبر ۾ ڏٺو،  ان دل جي ”سڪندر انسان“، جو هڪ هٿ پنهنجي ڪفن کان ٻاهر هيو، جيڪو ڪنهن به ڦر لٽ کان پاڪ هيو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۲۴ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ غلام رسول سهتو

تاريخ جو اڏول ڪردار

گل مورو

تاريخ ۾ ڪي ماڻهو جدوجهد جي علامت بڻجندي تاريخ جو حصو بڻجي ويندا آهن. ڪامريڊ غلام رسول سهتو به انهن ئي تاريخ ساز شخصيتن منجهان هو جن هميشه پنهنجي وطن جي مٽيءَ جو مانُ رکيو. ڪامريڊ سهتي جو جنم ته ميرن واري محرابپور جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي علي نواز سهتي ۾ ۸ آگسٽ ۱۹۴۸ع ڌاري محمد صديق سهتي جي گهر ۾ ورتو هو ۽ هن بنيادي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي مڪتبن مان پرائي هئي، پر سندس ذهني پرورش سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري، شهيد نذير عباسي، استاد محبوب علي جوکئي جهڙن سپوتن جي آشرم تي فڪري مفڪرن جي فڪري سوچن کيس سنڌ جو پڪو پختو ڪامريڊ بڻائي ڇڏيو. هن (ڪامريڊ) ٿي ڪري ڏيکاريو ته ڪامريڊ رُڳي لفاظي ناهي پر ان لاءِ جستجو، جدوجهد ۽ کاهوڙي بڻجڻ ضروري آهي. هن واقعي به سڄي سنڌ ۾ اهو ڪردار ادا ڪري ڏيکاريو، جنهن جي ڪري هر ڪو ننڍو توڙي وڏو ماڻهو اعزاز طور (ڪامريڊ) ڪري سڏيندو هو. هن ڪامريڊ لفظ جو ڀرم به رکيو. جڏهن کان سنڌ جي اڏول ڪردارن سان گڏجي جدوجهد جي ميدان ۾ لٿو ته ان ۾ ثابت قدم رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي وفات کان پوءِ سائين جي ايم سيد جي آشرم تي سڀني پورهيت ڪامريڊن کي گڏ ڪري سنڌ هاري ڪميٽي کي ٻيهر جيئارڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو. انهيءَ پورهيت تحريڪ ۾ پاڻ هميشه اڳڀرو رهيو. جڏهن ون يونٽ واري زماني ۾ سنڌ کي غلاميءَ جي زنجيرن سان جڪڙيو پئي ويو ته انهيءَ مزاحمتي جدوجهد ۾ قاضي فيض محمد، ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري، ڪامريڊ عبداللطيف ملاح جهڙن سپوتن سان گڏجي ان ڏکئي دور ۾ بک هڙتال ڪري ويهي رهيو ته جيستائين هي غلاميءَ جون زنجيرون نه ٿيون ٽُٽن، اوستائين انهيءَ جدوجهد تان هٿ ناهي کڻڻو ۽ هن اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو، جنهن جي ڪري هن جيل به ڀوڳيو، سزائون به ڪاٽيون، کوڙ ساريون مشڪلاتون به آيون پر پورهيتن جي پرچار کان پوئتي نه هٽيو. انهن مشڪل حالتن جو هن تمام وڏي دليريءَ ۽ دانائيءَ سان مقابلو ڪيو.سنڌ ۾ سياسي بيداري واري هلچل يا ٻولي، تهذيب، تعليم، ثقافت جي حوالي سان ٿيندڙ جدوجهد هجي يا ڌارين جي آبادڪاري، سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين ڊيمن جي صورت ۾ لڳندڙ ڌاڙو هجي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ يا وري قومي تشخص کي نيست و نابود ڪرڻ وارا غير فطري منصوبا هجن، انهن منصوبن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هي اڏول انسان قاضي فيض محمد جيان هر ڌارئي سامراج کي “گو سائمن گو” جا نعرا هڻندي للڪاريندو رهيو. هن جي نظر ۾ سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪندڙ ۽ پورهيتن کي غلام بڻائيندڙ، جاگيردار توڙي سرمائيدار طبقو يا وري سنڌ جي ڌارين جو قبضو سائمن جي روپ ۾ نظر ايندو هو. ڪامريڊ آخري وقت ۾ به سنڌ ٽيننسي ايڪٽ تحت پنهنجي شهر محرابپور کان لانگ مارچ جي صورت ۾ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ بک هڙتالي ڌرڻو هڻي ويهي رهيو ته سنڌ ۾ هارين جي ڪيفيت غلام واري ڇو آهي؟ سنڌ جون زمينون سنڌ جي پورهيتن جون آهن، انهن تي حق به انهن جو ئي آهي. سنڌ ۾ ڌارين کي زمينون ڏيڻ، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ڦرلٽ اها سنڌ سان وڏي مذاق آهي. سنڌ جي پڇڙيءَ وارن آبادگارن کي پورو پاڻيءَ جو حصو به نه ٿو ڏنو وڃي. سنڌ جي سنڌو درياهه توڙي شاخن، واٽرن ۾ واري اڏامي رهي آهي. پورهيت پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ مجبور آهن. بک ۽ بدحاليءَ جي ڪري سنڌ جو ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي. آخر انهن جي داد رسي ڇونه ٿي ڪئي وڃي؟ اهي مطالبا کڻي جڏهن وفاقي راڄڌاني جي پارليامينٽ ۽ اعليٰ عدالت آڏو مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪري ويٺو رهيو ته ڪيتري وقت تائين رياست جا نمائندا ان تي ڪُڇڻ لاءِ به تيار ڪو نه هيا. نه وري ساڻس ڳالهائڻ لاءِ تيار هيا. جڏهن اهڙي ڪيفيت هوندي اُتي سندس حالت خراب ٿي وئي ته کيس اسپتال داخل ڪيو ويو، اتي خبر ناهي ته کيس ڪهڙيون دو نمبري دوائون پياريون ويون. هن کي اُتي به کوڙ ساريون پيش ڪشون ٿيون پر هن جدوجهد تان هٿ نه کنيو. جڏهن هي اڏول شخص نااميد بڻجي بيماريءَ واري حالت ۾ اباڻي ڳوٺ پهتو ته سندس ذهني حالت ايتري ته خراب ٿي چڪي هئي جو سندس يادداشت به ختم ٿي چڪي هئي.هي سياسي ورڪر به رهيو ته هاري اڳواڻ به رهيو. ان جي نظر ۾ پورهيت انقلاب ئي سڀ ڪجهه هيو. انهيءَ سبب جي ڪري جڏهن پنهنجي اخبار ڇڏي سياسي پورهيو ڪرڻ شروع ڪيو ته هن سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ وڃي ڪري هارين جي ٻارڙن لاءِ پورهيت اسڪول قائم ڪرايا. هي ڪيڏو نه وڏو ماڻهو هو، تاريخ هونئن به وڏن ماڻهن کي ئي ياد ڪندي آهي. هي شهيد عزيز ميمڻ جو به ڀرجهلو ساٿي هو، کيس خبر هئي ته ان کي به بخش نه ڪيو ويندو ۽ ائين ئي ٿيو، جڏهن کيس عزيز ميمڻ جي واقعي جي ڄاڻ ملي ته ان وقت سندس حالت ۽ يادداشت ختم ٿي چڪي هئي، صرف ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو. ڪامريڊ غلام رسول سهتي جهڙا اڏول ڪردار تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن ۽ هي اڏول ڪردار سنڌ جي پورهيتن کان ۳ اپريل ۲۰۲۱ تي هميشه لاءِ وڇڙي ويو، جنهن کي اڄ به سڄي سنڌ ڪامريڊ جي لفظ سان ياد ڪري ٿي. سندس لاءِ اهو اعزاز تمام وڏو آهي.



ڪامريڊ غلام رسول سهتو

نثار کوکر

بدليل زمانن ۽ ريتن رسمن واري سنڌ ۾ هڪ رسم اها به جڙي پئي آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ جي چڱي ڪم جي ساراهه ڪرڻ لاءِ به ان جي مرڻ جو انتظار ڪرڻو ٿو پوي. هي ڪالم مونکي ان ماڊرن ۽ ڪلين شيو مولويءَ تي لکڻو هو، جنهن مونکي برطانيا جي ويزا برٽش ايمبسيءَ بدران هڪ قديمي قبرستان جي قبر تان لڳرائي ڏيڻ جو شرط رکيو هو پر ان ويزا ۽ ان ماڊرن مولويءَ جو ذڪر ڪنهن ٻئي واري. اڄ ان اڪيلي چرئي جو ذڪر ڪريون ٿا، جيڪو سياڻن واري سنڌ ۾، سرڪاري بيان موجب، ”اجايا احتجاج ڪندو ٿو وتي.“ ها، مان ان غلام رسول سهتي جو ذڪر پيو ڪريان، جيڪو ۶۵ سالن جي عمر ۾ به خيرپور ميرس جي ڦول باغ ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال تي ويٺل آهي. سندس بک هڙتال کي ۵۰ کان مٿي ڏينهن گذري چُڪا آهن پر سرڪار سندس مطالبا مڃڻ لاءِ ته ڇڏيو، ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي.

مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪندڙ ڪامريڊ غلام رسول سهتي جو مطالبو آهي ته ڪچي ۾ قبضو ڪيل زمينن طرف ويندڙ غير قانوني پاڻي بند ڪري پڪي جي شاخن جي پڇڙيءَ وارن آبادگارن کي پاڻي ڏيو. سهتي موجب، ۳۰ کان وڌيڪ شاخن جي پڇڙيءَ وارن آبادگارن کي پاڻي نٿو ملي. ”انهن شاخن تي ڪامريڊ تنهنجي پنهنجي زمين ڪيتري آهي؟“ اهڙي اوچتي سوال تي ٺهه پهه وراڻيائين، ”انهن شاخن تي هونئن به منهنجي پنهنجي زمين ته هڪ ايڪڙ به ناهي.“ اهڙي جواب کانپوءِ بظاهر عقلمند ماڻهو ته کيس چريو ئي قرار ڏيندا نه، ته جڏهن هڪ ايڪڙ به زمين نه اٿس ته پرائي مسئلي لاءِ پاڻ ڇو ٿو مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪري! پر ڪامريڊ سهتو اهڙين عام رواجي ڳالهين تي ڌيان ئي ڪونه ڌري. پنهنجي مٿي ۽ چاپئين ڏاڙهيءَ جا وار اهڙيون ڳالهيون ۽ طعنا ٻڌندي ۽ احتجاج ڪندي اڇا ڪيا اٿس. هو جيڪو سڄي سنڌ ۾ ڪامريڊ سهتي جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، تنهن کي اڃا به ايڪشن ۾ ڏسي ائين لڳندو آهي ته هي کاٻي ڌر جو اهڙو سپاهي آهي، جيڪو ويٽنامي جهنگ ۾ گم ٿيل سپاهيءَ جيان اڃا به سمجهي ٿو ته جنگ جاري آهي ۽ حقيقت به اها آهي ته واقعي تضادن واري جنگ اڃا به جاري آهي.

ڪامريڊ سهتي شايد دنيا جي اڃا تائين مقبول گوريلا ليڊر چي گويرا جي چيل اها سٽ پڙهي ۽ حفظ ڪري ڇڏي آهي ته، ”جڏهن به ڪنهن نا انصافيءَ تي تڙپي اٿين ته تون منهنجو ساٿي آهين.“ غلام رسول سهتي کاٻي ڌر جي سياست ۾ آيل سمورا لاها چاڙها ڏٺا پر هن مايوس ٿي نه گهر جي ڪنڊ وسائي، نه تبليغي ٿيو، نه ئي هن ڇيريون پائي، چڙا ٻڌي، ڳچيءَ ۾ توا ٽنگي پنهنجي فرسٽريشن جو اظهار ڪيو. هو سدائين ننڍا وڏا احتجاج ڪندو، ظالم طبقن کي پنهنجا سنهڙا ڏند ڀيڙي مخصوص لهجي ۾ سنڌي ۾ گاريون ڏيندو ۽ وڏا ٽهڪ ڏيندو رهيو. سنڌ ڌرتيءَ تي هي محڪوم ۽ مظلوم ماڻهن جو  هجوم آهي، جيڪو ڪامريد جو قدر ڪرڻ جي اخلاقي قدرن کان به وانجهيل آهي. ٻئي ڪنهن سماج ۾ ڪامريڊ سهتي جي بک هڙتال کي نه صرف سنجيده ورتو وڃي ها پر سول سوسائٽي ۽ نوجوان شاگرد توڙي شاگردياڻيون وٽس اچي ساڻس گڏ علامتي بک هڙتال ڪري يڪجهتيءَ جو اظهار ڪن ها.

ڪامريڊ غلام رسول سهتي جي تعريف ته سندس مرڻ کانپوءِ  ڪئي ويندي پر مونکي هو مئل ضمير ماڻهن جي هجوم ۾ زنده دل ماڻهو لڳندو آهي، جنهن کي زماني جا ٻيا ڪم به گهڻا آهن پر هو پنهنجي هارين ساٿين جو مسئلو اهم سمجهي ٿو. ڪامريڊ غلام رسول سهتي پهرين بک هڙتال ۱۹۶۹ع ۾ ٻن ساٿين سميت سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون ٺهرائڻ لاءِ ڪئي هئي. هن ڪراچي، اسلام آباد، سکر سميت هر شهر ۾ مختلف مطالبن لاءِ بک هڙتالون ڪيون آهن. ٻه ڏهاڪا اڳ تائين پنهنجي ڪاري چاپئين ڌاڙهي ۽ سنڌي ٽوپي پائڻ سبب هو هاري اڳواڻ گهٽ، شبيهه مان ڪچي جو ڌاڙيل وڌيڪ لڳندو هو پر سهتو تمام پرامن ۽ پيار ڪندڙ ماڻهو آهي، جنهن ڪڏهن به هٿيارن جي هلچل يا پرتشدد احتجاج ۾ يقين نه ڪيو ۽ ڪوبه مسئلو ٿيو ته هن بک هڙتال ڪئي. غلام رسول سهتي کي ۲ نياڻيون ۽ ۲ پٽ آهن، جيڪي سڀ جا سڀ بيروزگار آهن. کيس مسواڙ جا ۸ هزار ملن ٿا، جن منجهان سندس گهر جو گذر ڪيئن ٿئي ٿو، سا هڪ خبر سهتي کي، ٻي سندس ٻچڙن کي.

خيرپور جي ڦول باغ ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال تي ويٺل ڪامريڊ کي اجائي آٿت ڪهڙي ڏيان ته سنڌ جو وڏو وزير سندس مسئلو حل ڪندو! ڇو ته هو به ان ئي ضلعي خيرپور جو آهي. هي جمهوري دور آهي، هن ۾ ٻيا به ڪم گهڻا آهن، رڳو ڪامريڊ سهتو ئي ته بک هڙتال تي ناهي. ماڻهو ته بکن وگهي ٻچن سميت آپگهات پيا ڪن، ٻيا وري پاڻ پيا ساڙين، انهن طرف ئي عوامي حڪومت جو ڌيان نٿو وڃي ته سهتي کي ڪهڙي دل جاءِ ڏيون؟!

اڪثر چيو ويندو آهي ته، ”پيرن فقيرن جي سنڌڙي سونهاري“ پر البيلي ۽ ارڏي صوفي راڳي موٽڻ شاهه کي فالج جي بيماريءَ ۾ کٽ تي بيحال پيل ڏسي دل چوي ٿي ته ان مان فقيرن جي سنڌڙيءَ وارا لفظ ڪڍي ڇڏجن، ڇو ته هن سنڌ ۾ فقير سدائين دوا درمل خاطر تڙپندي مرندا رهيا آهن. هي پنهنجي مولا جي رمز ۾ رچيل سچا ۽ صاف صوفي اميراڻين حڪومتن ۾ ائين بي موت مري رهيا آهن، جيئن ٿر جي حسن جو نڪ مور مري رهيا آهن. موٽڻ شاهه ڪو معمولي ماڻهو ته ناهي، جنهن کي سرڪار نڌڻڪائي جو موت مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي. موٽڻ شاهه پٽڪو ٻڌي اسٽيج تي پنهنجي ساٿين سميت جڏهن ايندو هو ته محفل گرمائجي ويندي هئي. موٽڻ شاهه، عزيز ميان صابري قوال جيان عشق جي جنون ۾ گوڏن ڀر بيهي، ٻئي ٻانهون کولي جڏهن هڪل سان چوندو هو ته، ”مان جو ئي آهيان، سو ئي آهيان، ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي“ ته ويٺلن جي اڪثريت ذهني ۽ اعصابي قيد منجهان زنجيرون توڙي آزاد ٿيندي محسوس ڪندي هئي ته واقعي يار ٻئي ڪنهن جو ڇا؟ ”مان جو ئي آهيان، سو ئي آهيان“.

سنڌ سدائين آمراڻي ۽ ڀوتارڪي غلاميءَ جي جبر هيٺ رهي آهي. اهڙي ماحول ۾ موٽڻ شاهه جڏهن پنهنجي مخصوص انداز ۾ هڪل ڪري ويٺلن کي مخاطب ٿيندو هو ته، ”ڪو حق چوي، ناحق چوي“ ته هر ماڻهو سماج اندر حق ۽ ناحق جي ديوار چٽي پسي سگهندو هو. اي موٽڻ شاهه! غلام گردش ۾ ڦرندڙ سنڌين جي هجوم مان آئون توهان کان معافي ٿو گهران. توهان جهڙا فنڪار قومن ته ڇڏيو، نسلي گروهن جو به اثاثو ٿين ٿا، پر اسين دنياوي حوص، لالچ لوڀ ۽ ڪوڙ ڪپت جي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهيون، جو تنهنجي ”حق“ ۽ ”ناحق“ جا آواز اسان تائين ڪونه ٿا پهچن. تون پنهنجي ڳوٺاڻي خيرپور جي سائين بادشاهه کي وزارت اعليٰ تي ڏسي آس لڳائي ويٺو آهين، پر اي سچا صاف صوفي! هي دور مفاهمت جو آهي، جنهن ۾ تو جهڙن صوفين جي علاج لاءِ سياستدانن وٽ ڏوڪڙ ناهن ۽ ها، وقت به ناهي. تون سچل جو ڪلام ڳايو هو ته سڄي عمر هاڻي وڃي ان جو در وساءِ. بيقدريءَ جو موت تنهنجو انتظار پيو ڪري موٽڻ. آئون ان اجتماعي بيقدريءَ تي توکان انفرادي معافيءَ جو طلبگار آهيان، ڇو ته هي دور صوفين ۽ انفرادي انقلابين جي موت جو دور آهي. سرڪار وٽ پئسا جام آهن پر قدر ناهي موٽڻ!


 

غلام رسول سهتو

پهتو ڙي پهتو

لطف پيرزادو

غلام رسول سهتو ۸۱-۱۹۸۰ع کان سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر ٿيو، سڄي سنڌ هن جي پيرن هيٺان هئي. نه آنڌي نه مانجهي، ڏس ته سهتو پيو اچي. هن سان اڪثر ڪري غلام حسين شر، امر لعل ۽ گھنشام پرڪاش همراهه هوندا هئا. ڪٿي به ڪو ننڍو وڏو مسئلو  هوندو، هي اتي موجود هوندو. هن جو جيترن به ماڻهن سان واسطو پيو، هي انهن کي شڪل ۽ نالي سان سڃاڻيندو هو. مونکي حيرت لڳندي آهي ته هيءَ هٽلر جيان ڪيئن ٿو هزارين ماڻهن جا چهرا ۽ نالا ياد رکي، ٻلهڙيجيءَ ۾ حيدربخش جتوئي جي ورسي سنڌ هاري ڪميٽيءَ مرڪز پاران ملهائي وئي هئي. اهو سال هيو ۱۹۸۶ع، ضياءَ جي دور ۾ ڪميونسٽن جو ايڏو وڏو جلسو ڪرڻ هن جو ئي ڪارنامو هيو. جنهن ۾ هن ڏينهن رات ڪري ان پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. سڄي پاڪستان جي ڪميونسٽ لڏي کي ڪوٺ ڏني ۽ انهن جي آمد کي يقيني بڻايو. سڳيون ۾ مائي بختاور جي ورسي هجي، حيدرآباد ۾ ڄام ساقيءَ جي آزاديءَ لاءِ جلسو هجي، هي نروار ۽ نشانبر نظر ايندو. هن تي ڪيس به ڪيترا ئي ٿيا، هن روپوشيءَ جا پڻ ڏينهن ڏٺا. پارٽيءَ اندر ڪل وقتي ڪارڪنن ۾ هي برجستو ۽ همٿ وارو ڪارڪن هيو. هن کي اعليٰ پائي جي ڪميونسٽ اڳواڻن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو مقصد مليو جن ۾ ڄام ساقي، شهيد نذير عباسي، پروفيسر جمال نقوي ۽ امام علي نازش وغيره شامل آهن. پڙهڻ جو کرو، بحث مباحثي ۾ ڀڙ، البت ٻهراڙيءَ ۽ هارين جي ماحول ۽ صحبت سبب سندس وات مان مزيدار گاريون نڪرنديون هيون، جن مان ٻڌندڙ حظ حاصل ڪندا هئا. هن جي صدارتي دور ۾ سنڌ اندر ڪيتريون ئي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جون نيون شاخون کُليون. اسان جي ڳوٺ، مهيني ۾ هڪ دفعو ضرور ايندو هو، هاري ڪميٽي ۽ ڳوٺ سڌار سنگت جي دوستن سان ڪچهروين ڪندو هو. اسان جڏهن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺ جي گهٽين جي ليول ڪرڻ لاءِ انهن ۾ مٽي وجهي رهيا هئاسين ته، ڪامريڊ سهتو، امر لال، غلام حسين شر ۽ گهنشام اسان سان گڏ، گڏهن تان ٻورا لاهي رهيا هئا يا ڪوڏر سان مٽيءَ کي پٿاري رهيا هئا. اهو ڏسي اسان جي ڳوٺاڻن هارين ۾ اتساهه وڌيو، هو سڀ جا سڀ هنن سان پيار ڪرڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ اسان جا نعرا هوندا هئا ”غلام رسول سهتو، پهتو ڙي پهتو!“ انعام نيلام ۾ ڏنل سنڌ جون زمينون واپس ڪيو، جمهوريت بحال ڪيو ۽ ڄام ساقيءَ کي آزاد ڪيو وغيره. هن کي بس سڏڻ جي دير هئي، يا ڪٿي اخبار ۾ ڪو مسئلو پڙهندو هو ته هڪدم اتي پهچي ويندو هو. هن جي ئي صدارتي دور ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ ٻه ٽي ڪتاب ڇپرايا جن ۾ ڪروپاٽڪن جو ڪتاب نوجوانن ڏانهن جنهن جو ترجمو، برڪت علي آزاد جو ٿيل هو، ٻيو ڪتاب ’مولانا مودودي: تحرير جي آئيني ۾‘، ميان افتخار جو لکيل اردوءَ جو ڪتاب غلام حسين شر سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. ان کان سواءِ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو آئين، سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۱۹۵۲ع ۽ هاري ڪميٽيءَ جا ليٽر پئڊ جن تي ڏاٽي وارو مونو گرام ڇاپيل هوندو هو، بار بار ڇپرائي تمام شاخن کي پهچائيندو هو. شهداد ڪوٽ، وارهه، قاضي احمد، سڪرنڊ مطلب ته سنڌ جو ڪو به اهڙو ڳوٺ يا واهڻ نه هيو جتي هي نه ويو هجي. مان ساڻس ڪيترن ئي جڳهن تي گڏ ويو هوس. ٻلهڙيجي ڄڻ ته هن جو ڳوٺ هيو، چاچو اسمٰعيل قريشي سڳيون وٽان ڪچو لتاڙي، ٻيڙي ۾ ٽپي اچي ٻلهڙيجيءَ پهچندو هو. هي ٿڪائيندڙ واري ۽ ڊسڙ وارو ۱۵-۱۸ ڪلوميٽرن جو فاصلو ڪرڻ به هڪ آزمائش کان گهٽ نه هو. ڪڏهن وري ساڳي ئي رستي سان ٻلهڙيجيءَ کان سڳيون ويندو هو.

ڪامريڊ کي مون هڪ دفعي چيو هو ته سنڌ کي هڪ عدد هاري پارٽي کپندي آهي، جيڪا حيدر بخش جتوئي جي تجويز ڪيل پروگرام تحت هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ سان گڏ پارلياماني پارٽي هجي ته جيئن هاريءَ جي دائمي دردن خاص ڪري پاڻيءَ تي ڌاڙو، پاڻي چوري، ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻيءَ جو ڇوڙ، روزگار جي ضمانت، هاري عدالتون، هارين جي روينيو رڪارڊ ۾ داخلا، وسيلن ۽ ڪوٽا جي ڦرمار، شهر، مِلن ۽ ٻين وسيلن تي سنڌي ماڻهن جي حق کي تسليم ڪرائي، ڪوئلي ۽ تيل تي رائلٽي، انعام نيلام ۾ ڏنل زمينن جي واپسي، ڪوڙن ڊوميسائيلن ۽ ٻين اهڙن قومي مسئلن تي تحريڪ کي مربوط ڪرڻ تي سنڌي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. ۴ مارچ واري هلچل کان وٺي اسين ڏسندا اچون ته مڪاني ۽ ننڍڙن مسئلن تي ڀرپور تحريڪ هلائي احتجاج ڪيو ٿو وڃي پر سنڌ ليول تي اهڙو ڪو فورم ڪونهي جيڪو اسان جي انهن مسئلن جي حل جي لاءِ اڳواڻي ڪري ۽ قافلي کي پنهنجي منزل تي پڄائي. هن وقت اسين وائڙي ۽ پريشان مسافر جيان ڪنهن سنسان اسٽيشن تي بيٺا آهيون، جتان گاڏيءَ کي نڪتي ڪي پهر ٿي ويا آهن.

ڪامريڊ کي پنهنجن دوستن ۽ همدردن کي گڏ ڪري ڪا پارٽي جوڙڻ گهرجي جيڪا، حيدر بخش جتوئي جي ايم سيد ۽ سوڀي جون سڪون لاهي. ايندڙ نسل کي اهو احساس ڏياري ته هن وقت سنڌ پنهنجي اولاد کان ڪهڙي قرباني گهري رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ روشن صبح اچي سهڙندو. لکنئو هاري ڪانفرنس ۾ مخدوم محي الدين اها ئي ڳالهه پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ڪئي هئي ته ”هارين کي پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياري قانون ساز ادارن ۾ موڪلڻ کپي اهي ئي هنن جي دردن جو درمان ڪري سگهندا ۽ سندن تقدير بدلائي سگهندا.

No comments:

راءِ ڏيندا