سائين ڪريم بخش کهڙو
ناميارو تعليمدان ۽ قابل
استاد
رضوان گل
پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي
جي هيڊ ماستر واري شاندار آفيس جنهن کي ٽن پاسن کان ڪاٺ جا دروازا لڳل هوندا هئا.
وچ تي وشال ٽيبل رکيل هوندي هئي جنهن جي پويان ڪاٺ جي تاج واري ٺهيل روالونگ ڪرسيءَ
تي ويٺل ڪڙڪيدار آواز وارو قدآور ۽ صحتمند شخص مون پهريون ڀيرو ڇهين درجي ۾ داخلا
وٺڻ کانپوءِ بريڪ دوران درين جي سيخن وارين وٿين مان پري کان ڏٺو هو.
ڇا تہ رعب ۽ دٻدبي
وارو هيڊ ماستر هو جنهن کان اسڪول جا شاگرد تہ ڇا پر نوان ڀرتي ٿيل استاد بہ ڊڄندا
هئا. ڪنهن استاد کي هيڊ ماستر جي آفيس مان سڏ ٿيو تہ پريشان ٿي ويندو. اسڪول جي
باغن، ميدان، ڪلاسن، ڪاريڊورس کان ويندي ڪينٽين ۽ آفيسن تائين ڇا تہ صفائي سٿرائي
جو خيال رکيو ويندو هو. اهو دراز قد ۽ هشمت وارو شخص جڳ مشهور تعليمدان ۽ منتظم
سائين ڪريم بخش کهڙو هو. جڏهن بہ هو اسڪول جو رائونڊ ڪندو هو ڪاريڊورس ۾ موت جهڙي
سانت ڇائنجي ويندي هئي. ڪلاسن ۾ استاد کانسواءِ ڪنهن بہ ٻار جو ڪو آواز نہ ٻڌبو
هو. ايف اي شايد سائين ڀڳوانداس هوندو هو جيڪو ساڻس گڏ گڏ پر هڪ ٻہ قدم کانئس
پوئتي ٿي هلندو هو.
اسيمبليءَ ۾ سندس
نظرون هر هڪ شاگرد تي واري واري سان ڦرنديون رهنديون هيون. جيڪو دير ڪري ايندو اهو
گيٽ جي اندران بيٺل کهڙي صاحب جي لڪڻ کائڻ لاءِ اڳ ئي ذهن ٺاهي اسڪول ۾ داخل ٿيندو.
کهڙي صاحب جو تعلق
نئين ديري سان هو پر تعليم واري شعبي ۾ سندس گهڻي سڃاڻپ لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿي. هن
پائليٽ اسڪول لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون انهن کي ساراهڻ کان رهي نہ ٿو سگهجي.
۷۰ واري ڏهاڪي کان شايد ۱۹۸۶ تائين مختلف وقتن تي پائليٽ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيندو
رهيو. کهڙي صاحب هڪ قابل استاد طور ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا جن اڳتي هلي اهم عهدا
ماڻيا. پنهنجي اولاد کي پڙهائي لکائي ڪامياب انسان بڻايو.
مجموعي طور سندس سڃاڻپ
هڪ تعليمي منتظم طور رهي جنهن سبب کيس لاڙڪاڻي ۽ آس پاس ۾ وڏي قدر جي نگاھ سان ڏٺو
ويندو هو. سائين اسان کي پڙهايو تہ نہ پر هڪ منتظم طور سندس ڪم ۽ ڪردار ڏاڍو
شاندار رهيو. کهڙي صاحب تمام سٺا ۽ نوان تعليمي بنيا رکيا جنهن سبب کيس صدين تائين
ياد رکيو ويندو. سندس دور ۾ پائليٽ اسڪول
جا باغ گل ٻوٽا ڏسڻ وٽان هوندا هئا. اسڪول جا شاگرد مڪمل ڊسيپلين تحت هلندا هئا. ڪلاسن
۾ ريگيولر ٽيسٽ ٿيندي هئي. استادن کان بہ سندن ڪلاسن جي رزلٽ بابت پڇاڻو ٿيندو هو.
سائين ڪريم بخش کهڙو ۲۰۰۷ ۾ گذاري ويو، پر سندس تعليمي خدمتن کي هميشہ ياد رکيو ويندو.
سائين ڪريم بخش کُھڙو
صاحب
ڪالهوڪيون ڳالهيون
قاضي قمرالدين
(محترم سائين
جن شخص نه شخصيت هئا عالم نه ادارو هئا)
ڪي ڪي ماڻهون
موتيءَ داڻا.
سائين وڏو به انهيءَ
شعر جي سٽ مثل هيو. اسانجي ڪلاس کي ذاتي طور تي پڙهايائون ته ڪونه پر اسان جڏھن
انگلش جي ڇهين ڪلاس ۾ آيا سين ته سائين وڏي جن هيڊ ماستر هيا مُکيُن جي پاڙي واري
اسڪول بلڊنگ ۾. سائينءَ جن اسانکان سينئر ڪلاسيُن جن ۾ جناب امداد علي کُھڙو، سائين
احمد بخش ڪٽپر، مرحوم اسدالله شيخ، سائين ڊاڪٽر سليم الله شيخ، جناب عبدالغفار
تبسم، مرحوم اُستاد حبيب احمد (اُستاد جي نالي سان حبيب احمد مشھور هيو)، ڀائو الهڏتو
سومرو ۽ ٻين جو محترم استاد رهيو.
سائين وڏي جو
مونسان تمام گهڻو پيار هيو بابا سائينءَ سان گهريءَ دوستيءَ سبب. سائين ڪريم بخش
کهڙو جي شخصيت، حشمت ۽ جاه و جلال واري هئي. سنڌ جو نالي وارو استاد هيو. سائين وڏو
سنڌ جي ڪيترن شهرن جي هاءِ اسڪولن جا هيڊ ماستر رهيا. لاڙڪاڻي جي پائلٽ اسڪول ۾ ڪيترا
ئي سال هيڊ ماستر رهيا جنهن کان پوءِ تعليم کاتي جي اعليٰ عهدي تان رٽائر ڪيائون.
رٽائرمينٽ کان پوءِ به تعليم کاتي ۾ سندن گهڻو عمل دخل ۽ عزت، شان مان رهيو ۽ اڄ ڏينهن
تائين سندن شاگرد، نائب، دوست، عام ۽ عوام عزت ڀريئي نالي سان ياد ڪندا آهن.
سائينءَ جي مدد ڪرڻ
جو جذبو.
سائين کهڙو صاحب جن
جي انيڪ خوبين مان هڪ خۡوبي اها به هئي ته دوستن ۽ پسنديده شاگردن لا۽ پارس وانگر
هيا. ڪيترائي واقعا جن جي شايد ڪيترن دوستن کي ڄاڻ ئي نه هجي، اهي منهنجي شعور جي
مٿين خانن ۾ سانڍيل آهن.
هڪ دفعي جو ذڪر.
مان گورنمينٽ ڪاليج
لاڙڪاڻي ۾ پهرين سال ۾ آهيان ۱۹۶۸-۶۹ جو زمانو آ. مئٽرڪ جي امتحان ۾ ٽاپرس کي اسڪالرشپ ملندي
هئي، وري جيڪي هاسٽل ۾ رهائش رکندا هيا انهن کي جهجهو الائونس اضافي ملندو هيو. ڊاڪٽر
اي جي ڪارواني اسانجو پرنسپال هوندو هيو. (واه جو هو به شخص هيو. ڪمال جو استاد؛
ايماندار، اسڪالر، ڏاهو، ڪمال جو منتظم، اصول پسند، ڪاليج، شاگردن ۽ علم سان سندس
عشق هيو. پاڻ بنيادي طور تي اردو ڳالهائڻ وارا هيا، پر پي ايچ ڊي سنڌيءَ جي هين ۽
سندن سنڌي به صاف ۽ اۡتم). ها ته ذڪر پئي ٿيو اسانجي هاسٽل ۾ رهڻ جو. اسان رهندا
ته هاسٽل ۾ ورلي هياسي البته اسان جا بسترا ۽ ڪجھ سامان هاسٽل ۾ هوندو هيو. تن ڏينهن
۾ اسان نئونديري وارا، ڪي دوست ماهوٽن وارا، مدئجيءَ وارا صبح جي سکر ايڪسپريس ريل
تي ستين بجي سوار ٿيندا هياسي ۽ ساڍي ستين بجي لاڙڪاڻي پهچي ڪاليج ۾ ٽائيم کان به
چند منٽ اڳ ۾ پهچي ويندا هياسي.
البته واپسي لاء
اسانکي جلدي هوندي هئي.
ڏھين واري پئسينجر ٽرين
سڏبي هئي جيڪا ساڍي ڏھين بجي لاڙڪاڻي مان هلندي هئي. پرنسيپال صاحب اسانکي جاچي ڇڏيو
ته هي شاگرد ڪاليج جي پوئين پاسي ڏانهن ٿا کسڪي وڃن. نتيجتاً سائين ڊاڪٽر صاحب جن
اسانجو ان پاسي کان اڳۡ جهلي بيهندا هيا. بهرحال سائينءَ کي يقين ٿي ويو ته هي
شاگرد هاسٽل ۾ به ورلي ٿا رهن ۽ اسڪالر هاسٽلرز واري ٿا کڻن.
هڪ رات نيٺ ڊاڪٽر
صاحب ڇاپو هنيو ته سواء چند رومز جي باقي غائب. پرنسپال صاحب دير ئي نه ڪئي اهڙن ڪمرن
جا تالا بدلائي ڇڏيا ۽ ٻي ڏينهن تي اسانجي حاضري. اسڪالر بند. (هاهاهاهاها)
ملان جي ڊوڙ مسجد
تائين جي مصداق اسان جي ڊوڙ سائين وڏي ڪريم بخش تائين. سائينءَ جا تعلقات زرخيز
هيا. پرنسپال سان ته واقفيت ڪونه هۡين مگر سينئر پروفيسر سانئين جا جگري يار هيا.
سائين فقير هدايت الله تنيو، سائين پروفيسر محمد صديق ڀٽو، ۽ ٻيا ڪيترا.
سائين تسلي ڏيندي
چيو ته فڪر ئي نه ڪيو. ٻي ڏينهن تي سائين اسان سان ساڻ. ريلوي اسٽيشن کان ڪاليج
تائين پنڌ. سڀ پروفيسر پرنسپال وٽ اسانجا سفارشي. سڄي سنگت جا ڏوه معاف.
واه جا انسان هيا.
مون سان سندُن وڏو قرب هيو. جتي جتي مان رهيم، سائين وڏو جڏهن اُن شهر ۾ ايندا هيا
ته سندن ميزبانيءَ جو شرف مونکي هوندو هيو ۽ اهو منهن جي لاء وڏو اعزاز هوندو هيو.
انجنيرنگ ڪاليج ڄامشوري جي دؤران، جڏهن به حيدرآباد ايندا يا ڪراچيءَ وڃڻا هوندا
ته مون وٽ ضرور ڀيرو ڀريندا، اسان سڄي سنگت سائين جي خدمت ڪرڻ پنهنجو اعزاز سمجهندا
هيا سين.
ڪراچي ۾ شروعاتي نوڪريءَ
دوران يوسف پلازه واري فليٽ ۾ به سائينءَ جي منزل مونوٽ ئي هوندي هئي.
سکر جي پوسٽنگ هجي
يا لاڙڪاڻي جي سائين جن ضرور قرب جا قدم گهمائڻ جو اعزاز بخشيندا هيا.
سائين جن جي گوڏن
جي عارضي باوجود ڏاڪڻيون چڙهي منهنجي آ۽ آ۽ چندريگر واري آفيس ۾ ايندا هيا جتي مان
ڊئريڪٽر اسٽورس ۱۹۹۸-۲۰۰۲ تائين رهيم.
سائين جا جگري دوست.
سائين يارن جو يار،
پيارن سان پيار ۽ مخالف سان مهاڏو اٽڪائڻ ڄاڻڻ وارو باهمت ۽ دلير انسان هيو. پر
دوستيون نڀائڻ به ڄاڻڻ وارو ۽ درگذر ڪرڻ وارو انسان هيو.
جگري دوستن جي
فهرست ۾ منهنجو بابا سائين قاضي علي گوهر خان، سائين محترم محمد بخش ڪٽپر، چاچا
محترم محمد عرس چنه، اسانجو استاد محترم نبي بخش جروار، سائين محمد آچر ڪٽپر ۽ ٻيا
ڪجھ احترام وارا اسانجا وڏڙا هيا.
شاگردن ۾ پسنديده
شاگرد جناب امداد علي کهڙو صاحب، مرحوم شاه محمد کهڙو، سائين پروفيسر احمد بخش ڪٽپر
صاحب، جناب محترم عبدالغفار تبسم، ڊاڪٽر محترم سليم الله شيخ صاحب ۽ سندن مرحوم وڏو
ڀاءۡ اسدالله شيخ ۽ ٻيا ڪجھ (جن جا نالا شايد ياد نه ٿا پون).
سائين محترم جي گهڻ
پاسائي شخصيت جو احاطو هتي ڪرڻ مشڪل آ، سچ ته سائين جن هڪ ادارو هيا جن لاء ڪتاب
لکي سگهجن ٿا.
الله تبارڪ و
تعالىٰ کين جنت الفردؤس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. آمين.
(نوٽ: ڪن
نالن ۽ واقعن جي ترتيب ۾ ڪمي بيشي در گذر ڪندا.)
(قاضي قمر
الدين جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا