سائين ڪريم بخش کهڙو
ناميارو تعليمدان ۽ قابل
استاد
رضوان گل
پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي
جي هيڊ ماستر واري شاندار آفيس جنهن کي ٽن پاسن کان ڪاٺ جا دروازا لڳل هوندا هئا.
وچ تي وشال ٽيبل رکيل هوندي هئي جنهن جي پويان ڪاٺ جي تاج واري ٺهيل روالونگ ڪرسيءَ
تي ويٺل ڪڙڪيدار آواز وارو قدآور ۽ صحتمند شخص مون پهريون ڀيرو ڇهين درجي ۾ داخلا
وٺڻ کانپوءِ بريڪ دوران درين جي سيخن وارين وٿين مان پري کان ڏٺو هو.
