; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو

26 April, 2021

ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو

ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو

آصف جمال سومرو



سنڌ ۾ ڏندن جي ناليواري ڊاڪٽر ۽ والي بال جي مشهور رانديگر پروفيسر عبدالقادر کيڙي، ۲۶ اپريل ۱۹۴۵ع تي ڳوٺ جان محمد خشڪ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.

جڏهن ته سندس اصل ڳوٺ ملڪ، ضلعو نوشهرو فيروز ۾ اٿس. سندس والد ۱۹۵۱ع ۾ اولاد جي تعليم لاءِ ملڪ ڳوٺ مان لڏي، دادو شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن سنڌي تعليم دادو شهر جي پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ پرمانند هرداس هاءِ اسڪول مان ڪئي. محنت ۽ ذهني قابليت سان ڏندن واري شعبي ۾ بي ڊي ايس ڪيائين. برطانيا مان ايم ايس سي ۽ ايف ڊي ايس جون ڊگريون ۱۹۷۰ع ۾ حاصل ڪيائين.


۲۰۰۱ تائين لياقت ميڊيڪل اسپتال يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي عهدي تي رهيو ۽ ۲۳ سال اتي شاگردن کي پڙهايائين. جنهن بعد اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ڏندن جي شعبي ۾ انچارج پروفيسر ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پڻ رهيو. ڊاڪٽر عبدالقادر ڏندن جي شعبي ۾ پاڪستان جو ٻيو نمبر ۽ سنڌ جو پهريون سرجن هو. هن ويهن کان مٿي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ حصو ورتو. کيس حيدرآباد ۾ صدر جي علائقي ۾ ڏندن جي اسپتال هئي. ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو والي بال راند جي مشهور رانديگرن مان هڪ هو.

هن راند جي شروعات ۱۹۶۲ع ۾ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪئي. ابتدا ۾ ناز ڪلب ۾ کيڏندو هو. قدآور هجڻ ۽ تيز اسٽروڪ سبب پهرين صف جي رانديگرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ۱۹۶۳ع ۾ قربان ڪلب طرفان ڪرايل آل پاڪستان ٽورنامينٽ ۾ وچ نيٽ تي اعليٰ ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيائين. بعد ۾ شاهين ڪلب جو ميمبر ٿيو. ڪجهه سال شاهين ڪلب سان کيڏڻ بعد ۱۹۶۸ع ۾ قربان ڪلب جو ميمبر ٿيو. سندس راند جو انداز ٻين رانديگرن جي ڀيٽ ۾منفرد رهيو آهي، اڪثر ڪري ساڄي پاسي کيڏڻ ۽ ضرورت وقت وچ نيٽ تي کيڏڻ کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي.

واليون ۽ ٻه هٿڙيون هڻڻ ۽ پوئتي ويندڙ بال کي پنهنجي فيلڊ کان ڀڙڪو ڏئي جمپ هڻي زوردار ڌڪ هڻڻ سندن خاص خوبي رهي. راند جي دنيا ۾ کيس اصل نالي بدران قادري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن وقت وڏي عمر ۽ نوڪري جي مصروفيات سبب راند ته ڪو نه ٿو ڪري پر راند جي ترقيءَ لاءِ خدمت ڪندو رهيو.

ڊاڪٽر کيڙو آخري وقت ۾ بيماريءَ سبب سينگاپور جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو، جتي ۶ سيپٽمبر ۲۰۱۷ع تي وفات ڪيائين.

No comments:

راءِ ڏيندا