; سنڌي شخصيتون: قدير شيخ

01 May, 2021

قدير شيخ

قدير شيخ

لاڙڪاڻي جهڙو به موڪلائي ويو

غوث پيرزادو



لاڙڪاڻي سان منهنجو عشق پراڻو آهي. هن شهر سان ٻٽيهه دليون اٿم. هن جي هر ڳلي ۽ هر موڙ منهنجا مارو مٽ ملير آهن. لاڙڪاڻي شهر جي باقراڻي بس اسٽينڊ کان منهنجو سفر شروع ٿئي ٿو (اسٽينڊ هاڻي ڪونهي چور چورائي ويا) ته باقراڻي روڊ جي پراڻي ٿاڻي واري چوڪ تي ختم ٿئي ٿو پوءِ ٿورو اڳتي هلي روڊ پاڪستان چوڪ ڏي مڙي وڃي ٿو ۽ ٿاڻي وارو چوڪ سڌو اوڀر وڃجي ٿو ته سڄي هٿ تي ڊاڪٽر موتيرام جي ڪلينڪ منهنجي ٻاراڻي وهيءَ جي يادن کي ڌونڌاڙي ٿي وجھي. هاڻي متان نه ڊاڪٽر موتيرام هجي ۽ نه سندس ڪلينڪ پر ڪلينڪ جي مخالف طرف يعني اتر طرف شيخن جو ڪلاٿ مارڪيٽ به هيو، جتان آئون پنهنجي وڏي ڀيڻ جي فيملي سان هر عيد تي ڪپڙن جي خريداريءَ واري سفر ۾ گڏ هوندو هيس. ڪپڙا ته مون لاءِ نه هوندا هئا رڳو منهنجي ڀيڻيوئي جي گهر لاءِ هوندا هئا پر سفر جو مزو جام ايندو هو، هنن سان گڏجي ويندو هيس، ڪپڙن کي هٿ به لائيندو هيس پر ڪپڙا منهنجي حصي ۾ نه ايندا هئا جن جو ڪو ڏک به ناهي.امان جي وڇوڙي کانپوءِ لاڙڪاڻو، باقراڻي ۽ پوءِ منهنجو اباڻو ڳوٺ ٻلهڙيجي مونکي ڏاڍو ياد ايندا آهن.


لاڙڪاڻي سان ناتو رهندو آيو توڙي جو ڳوٺ کان پري ٿي وياسين، ۱۹۹۳ ۾ ڪراچي هليا آياسين، توڙي جو باقراڻي کان پري ٿي وياسين پر لاڙڪاڻي شهر سان ان جي گهٽين سان پراڻن ٿاڪن سان اتان جي پراسرار منظرن سان چهٽيل ئي رهيس. اين جي اوز رلڻ واري (فيلڊ جي) نوڪري دوران به لاڙڪاڻي فيلڊ ۾ وڃڻ ٿئي ته سڄي شهر کي چڪر نه هڻان ته قرار ئي نه اچي. شام جي گهڙين ۾ ريلوي اسٽيشن تي وڃي اتان جي چانهه جون چسڪيون نه ڀرجن ته من تان مونجهه ئي نه لهي. لاڙڪاڻو منهنجي من جي هڪ اهڙي ميراث آهي جنهن کي زندگي جي آخري گهڙين تائين غيرآباد ٿيڻ نه ڏيندس.

هوبهو لاڙڪاڻي جهڙو گرمجوش قدير شيخ به اتي مليو هو. سانورو مون جهڙو، لهجي ۾ ترش، حق سچ ڦهڪائي هڻڻ مهل رک رکاءُ بنهه به نه، ڪهڙو ته مور ماڻهو هو جو پنهنجي سموري داٻي سميت روح جي گهرائين تائين لهي آيو هو. جڏهن به لاڙڪاڻي فيلڊ ۾ وڃڻ ٿئي ته ساڻس مهراڻ هوٽل ۾ شام جي ڪچهري تي ضرور پڄندوهيس. سمبارا هوٽل ۾ رهائش هجڻ جي باوجو شام جو هنن سان مهراڻ هوٽل جي اڱڻ تي ويهي چانهه پيئڻ جو هڪ اهڙو نشو ٿي پيو هو جو ڪڏهن به نه لهي شايد. عظيم آرٽسٽ رضوان، منور عرف منو سولنگي، ستار هليو ۽ ٻيا دوست اچي مهراڻ ڀيڙا ٿيندا هئا. منهنجو سهڻو قدير سدائين ڪاٽن جي سفيد وڳي ۾ گهوٽ لڳندو هو. خوبصورت وارن کي هلڪو تيل ۽ گهاٽن وارن کي پاسي تي ڦڻي ڏنل هوندي هيس. پنهنجي لهجي جي انفراديت سبب سڀني کان سهڻو ۽ بار بار ڏسڻ جهڙو پيو لڳندو هو. هن جي ڪچهري ۾ ويهڻ اعزاز لڳندو هيم. هن هوٽل سان انسيت انڪري به هئي جو هتي نرالي شاعر سعيد ميمڻ سان به ڪچهريون ٿيل هيون، وري پٺيان رضوان گل، احسان دانش ۽ سائين بشير شاد جو آستانو به پيو ڇڪيندو هو. اهڙا قربائتا ماڻهو اهڙا ملوڪ ماڻهو مليا جو اندر اجرو ٿي پيو هو. سموريون اداسيون ختم ٿي وينديون هيون. لاڙڪاڻي جي ڳلين ۾ ننڍپڻ جا وڃايل پتڪڙا پير مونکي چٽا نظرايندا هئا. مٿان وري ادبي چاشني. گهڻ پڙهيل ماڻهن جي ڪچهريءَ جا سرور ئي نرالا ٿي ويندا هئا. اوچتو وڃي سرپرائيز ڏيندو هيومان، ايڏي ته اڪير ۽ پنهنجائپ سان ملندا هئا جو ويٺي ويٺي نظم به لکجي ويندا هئا، سائين رضوان تي نظم به هن ئي هوٽل ۾ لکيو هيم.

هاڻي مسئلو اهو آهي ته مهراڻي هوٽل جو اڱڻ ويران ٿي ويو آهي. لاڙڪاڻي جي پڙهيل ڳڙهيل اديبن مان هڪ شاندار ماڻهو غائب ٿي ويو آهي. وڏي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي. اسان کيس هميشه جي لاءِ مس ڪنداسين. هن جي غيرموجودگي دردناڪ آهي. ادبي حلقي مان هڪ بهترين نقاد جو مس پليس ٿي وڃڻ ايذائيندڙ آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترن عالمي ادب پڙهندڙ اديبن مان هڪ ماڻهو گهٽ ٿي ويو آهي. ادبي ڏڪار ۾ هي واقعو هڪ حادثي جي حيثيت رکي ٿو.

لاڙڪاڻو منهنجو ننڍپڻ جو دوست ويڳاڻو ٿي ويو آهي. لاڙڪاڻي جو هر منظر اداس آهي، ايمپائر سينيما جي پاسي ڪاڪي انور جو گهر ياد پيو اچي، اڄ سريش جا وڏا وڏا ٽهڪ ڪنن ۾ ٻري رهيا آهن. اڄ مان ڏکويل آهيان. ڪاش قدير سائين ايڏو جلدي نه وڃي ها.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۲۹ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


قدير شيخ

باذوق ماڻهن جي موڪلاڻي جي موسم

نثار کوکر

ان ڏينهن لاڙڪاڻي مان اها اڀاڳي خبر پهتي ته اسان جو گهڻ پاڙهو ليکڪ دوست قدير شيخ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. قدير شيخ جي ويجهن دوستن ۽ سندس ادبي لڏي جي ماڻهن لاءِ يقينن اها صدمي جهڙي خبر هئي. قدير شيخ جي هليو وڃڻ کانپوءِ مان اهو سوچي رهيو آهيان ته ان قسم جي پوري نسل جي هليو وڃڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي مان ڇا ڇا هليو ويو آهي. قدير شيخ اسٽيج ڊرامن کان ويندي آرٽ موويز، ناياب ڪتابن ۽ ناياب موسيقي جو وڏو مداح هو. لاڙڪاڻي ۾ ٻه ڏهاڪا اڳ جڏهن اسٽيج ڊرامن جو عروج هوندو هو ۽ شهر جي مختلف محلن ۾ ناٽڪ منڊليون هونديون هيون ته قدير شيخ انهن ۾ ليکڪ ۽ هدايتڪار جي حيثيت سان تمام گهڻو سرگرم هوندو هو. مختلف ناٽڪ منڊلين وارا کيس استاد ڪري رهنمائي لاءِ گهرائيندا هئا.

انهن ڏينهن ۾ طارق شيخ جي ناٽڪ منڊلي سندس ٿاڪ هوندو هو، جتي منير باغي به موجود هوندو هو ته قاسم ڪيهر جي سائيڪل تي چڙهي اسان به اچي سنگت سان ڪچهريون ڪندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ سعيد ميمڻ اڃان شاعري جي شروعات مس ڪئي هئي پر شروعات ئي غضب جي ڪئي هئائين. لاڙڪاڻي جي ادبي منظر تي ان وقت رزاق مهر، واجد، ملڪ آگاڻي جهڙن ليکڪن جي ڇاپ هوندي هئي. انهن سان ڪچهريون ڪرڻ يا ملڻ ئي اسان سيکڙاٽن لاءِ وڏي ڳالهه هوندي هئي. اسٽيج ڊرامن واري ان عروج جي زماني ۾ اسان سڀني ڇڙن کي طارق شيخ چانهن جو اڌ ڪوپ ڪيڪ سميت ڏئي چوندو هو غريبو عياشي ڪريو ۽ ان عياشي ۾ هڪ اضافو تڏهن ٿيندو هو جڏهن سردين جا ڏينهن ايندا هئا ته طارق گرم پاڻي ڪري باٽلي ڀري رکندو هو ۽ صبح سان اها به واقعي عياشي محسوس ٿيندي هئي. ان وقت قدير جو گهڻو تڻو وقت پراڻي ٽينڪ چوڪ ڀرسان طارق جي آفيس تي گذرندو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ قدير کي انگريزي ماستريءَ جو آرڊر مليو جيڪو هن جوائن ڪيو پر آرٽ سان پنهنجي دلچسپي جاري رکيون آيو.

طارق شيخ واري آستاني کانپوءِ قدير باقراڻي روڊ تي هڪ ٻيو ٺڪاڻو به ٺاهيو جيڪو هڪ دوست جو وڊيو شاپ هوندو هو. جتي اهي آرٽ موويز به ملي وينديون هيون جيڪي پوري شهر ته ڇا ڪراچي ۾ به ڳولڻ مشڪل هونديون هيون. قدير ان وڊيو ڪارنر تي پاڻ کي وڏي آسيس ۽ فرحت ۾ ويٺل محسوس ڪندو هو. ان ئي وڊيو شاپ تان اسان قاسم جي موٽرسائيڪل تي اچي ڪجهه وڊيو ڪيسٽون کڻي قاسم ۽ سعيد جي ڳوٺ عاقل ۾ وڃي قاسم جي جڳهه فقير منزل تي ڏسندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ قدير کي اسان ڏاڍو خوش خوش ڏسندا هئاسين. قدير شيخ باقراڻي روڊ تي ميونسپل جي پراڻي ڪني مشين ڀرسان رهندو هو جنهن ڪري اسان سنگت ۾ کيس ڪڏهن ڪڏهن چيڙائڻ لاءِ چوندا هئاسين هيلو مسٽر قدير شيخ فرام ڪني مشين. . ته هو هميشه جيان صرف مسڪرائي خاموش ٿي ويندو هو. فلسفو يا مارڪس ازم سندس پسنديده موضوع هوندا هئا جنهن ڪري اسان ڪڏهن ڪڏهن کيس ننڍي کنڊ جو ننڍو دانشور چوندا هئاسين. قدير ڪامريڊ حيدر جويو سان گڏجي مزدورن جي حقن لاءِ ڪم به ڪيو ۽ ان جدوجهد ۾ به سندس ڪردار ليکڪ وارو رهيو.

ماڻهن کي ليڪچر لکي ڏيندو هو يا ڪتاب پڙهي ٻڌائيندو هو. قدير جي عادت هوندي هئي پنهنجي شهر لاڙڪاڻي مان ٻاهر گهٽ نڪري. جنهن ڪري ڪراچي يا حيدرآباد سندس وڃڻ گهٽ ٿيندو هو پر منور سولنگي ۽ يامين بلوچ سان جوڙ هڻي جڏهن به ويندو هو ته ڪتابن جون ڀريون ٻڌي واپس ايندا هئا. اهي ڪراچي مان ڪتاب خريد ڪري اچي اسان جهڙي مخلوق تي رعب ڪندا هئا ته فلاڻو ڪتاب توهان پڙهيو ته ڇا ٻڌو به نه هوندو پر ڏسو اسان ڪراچي مان وٺي آيا آهيون. قدير جي ذوق جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جو هو چونڊ ليکڪن ۽ چونڊ ڪتابن جو عاشق هوندو هو. اسڪول مان واندو ٿي گهران فريش ٿي هو اچي مهراڻ هوٽل تي ويهندو هو جتي هوٽل مئنيجر ۽ ادب دوست مئنيجر روشن ٽوٽاڻي کيس تمام گهڻي عزت ۽ توجهه ڏيندو هو.

مهراڻ هوٽل جي مئنيجر جي ڪمري ۾ قدير ڪيترائي ڪتاب پڙهيا ۽ ڪيترائي ڊرامه اسڪرپٽ لکيا هوندا. سندس ڪمري ۾ هر طرف سگريٽ جو دونهون ۽ وکريل ڪاغذ هوندا هئا. قدير جي ڪل ڪائنات اها معمول واري زندگي هئي. روزمره جي ڪمن کان واندو ٿي هو اچي مهراڻ هوٽل وسائيندو هو. جتي کيس ڪيئي دوست مليا ۽ ڪيئي وڇڙي به ويا.

جنهن زماني ۾ قدير طارق شيخ واري ناٽڪ منڊلي آفيس ۾ ويهندو هو ان زماني ۾ اسان جا عشق چوٽ چڙهيل هئا ته قدير وڏڙن واري هدايت ڪندي چوندو هو ڇو ٿا اجايو پنهنجو وقت وڃايو. اهي فضول شيون آهن. اهو وقت به پنهنجي سماج اندر ڪا مثبت تبديلي آڻڻ تي صرف ڪريو. انهن ڏينهن ۾ قدير مزدورن خاص ڪري ٻيڙي ٻاڌن مزدورن سان ڪم ڪندو هو. سندس ڳالهه ۾ وزن هوندو هو پر اسان مڙڻ وارا ڪٿي.

پر عجيب لڪاءُ اهو ٿيو جو انهن ملاقاتن جي لڳ ڀڳ ويهن سالن بعد وري جڏهن اسان ويجهو ٿياسين ته مونکي هڪ بدليل قدير مليو جيڪو پاڻ عشق جي آزار ۾ مبتلا ٿيل مريض لڳو پيو هو. مونکي پنهنجو استاد ڪري مونکان ڪا رهنمائي وٺڻ جو چيائين ته مون کيس اهوئي جواب ڏنو هو ته اسان تنهنجي چوڻ تي عمل ڪندا اهي ڪم ڇڏي سڌري وياسين ته وري تون پاڻ اچي انهن چڪرن ۾ ڦاٿو آهين. اسان جڏهن به ملندا هئاسين ته مختلف ڳالهين تي جام سارا چرچا ڀوڳ ڪري کلندا هئاسين. سو قدير جي بريڪنگ نيوز جهڙي عشق واري خبر تي اسان جام کلياسين. مون نه صرف کيس خوش ڪرڻ لاءِ لطيفا ٻڌايا پر سندس چوڻ تي اها مدد به ڪئي ته کيس پنهنجي گاڏي ۾ کڻي سندس ان محبوبه تائين پهچائي آيس جيڪا پنهنجي ماءُ جي علاج جي سلسلي ۾ چانڊڪا اسپتال داخل هئي. قدير ڊرامه آرٽسٽ ته هو سو ان لمحي به هن هڪ سين ڪريئيٽ ڪندي پنهنجي محبوبه کي منهنجو تعارف ڪرائيندي چيو هو ته هي منهنجو ڊرائيور آهي. پر بعد ۾ هن تمام گهڻي خلوص وارو اصلي تعارف پڻ ڪرايو هئس.

هاڻي جڏهن قدير هليو ويو آهي ته مونکي ايئن ٿو لڳي لاڙڪاڻي مان رزاق مهر، واجد، ملڪ آگاڻي بعد آيل ٽهيءَ جا اديب سعيد ميمڻ ۽ قدير به هليا ويا آهن ته ادبي ماحول يقينن سوڳوار بڻيل آهي ڇو ته قدير ۽ سعيد وڃڻ ۾ واقعي گهڻي تڪڙ ڪئي. سنگت ۾ سندن خال ڀرجڻ مشڪل آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۱ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

قدير شيخ

آدرشي آرٽسٽ جو وڇوڙو

ثناءُاللہ عتيق

جا ڀُون پـيرين مُون، سا ڀُون مٿي سَڄڻين،

ڌِڱَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺا سُون،

ڏِينهَن مَڙيئِي ڏُون، اُٿي لوچِ لَطِيفُ چئي. (شاھ)

لاڙڪاڻي جي پُراثر ادبي شخصيت قدير شيخ جو وڇوڙو ھڪ تخليقي دور جي پڄاڻي آھي. اھو ڀرپور تخليقي دور قدير شيخ جي وسيع النظري، وسيع القلبي ۽ قومي ڪارج جي حاصلات وارن اصولن تي جڳ مڳ جڳ مڳ جرڪندو رھيو. تعليم کاتي ۾ ھڪ استاد طور سندس خدمتون ھرگز به وساري ڪونه ٿيو سگھجن پر قدير شيخ جو ھڪ تعارف جيڪو لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽيءَ جو معراج چئجي تہ پنھنجي ظرف ۾ وِھہ کي ڪيميا بڻائيندڙ ڪردار ھيو جنھن ۾ سماج جي مجموعي بهتري لاءِ سڀاويڪ جاکوڙ شامل ھئي. سندس علم دوستي فن ۽ فڪر سان سلھاڙيل لڏي لاءِ وڏو ڏڍ ۽ سندس ڪتاب دوستي احساسن، امنگن ۽ آدرشن جي تڪميل لاءِ مثالي رھي،  جنھن ڪري سندس سٿ ۾ سچيت ذھنن جي موجودگي سدائين پتنگن جيان موجود ٿي رھندي آئي. پنھنجي وجود ۾ ھر پهلوءَ کان انسانيت جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ قدير شيخ غضب جو ڊرامانگار، ٻوليءَ جو وينجھر، ڀلوڙ پاڙھڪ، فلسفي ۽ فڪر جو قدردان آرٽسٽ ھيو جنھن سوين سيکڙاٽن جي علم، فن ۽ فڪر ۾ رھنمائي پڻ ڪئي. قدير شيخ جي اعليٰ ظرفي مثالي حيثيت رکندي ھئي سندس وسيع دسترخوان تي مھراڻ هوٽل جي ڪڙڪ چانھہ ھر آئي جو آڌرڀاءُ ڪندي ھئي. سندس ھٿن ۾ ھميشھہ ڪونه ڪو نڪور ڪتاب موجود ھوندو ھيو، سندس بحث مباحثي ۾ پڻ ڪونه ڪو ڇرڪائيندڙ موضوع شامل ھوندو ھيو. قدير شيخ جي ڌيمي گفتگو ۽ پرشوخ ٽھڪ سندس برجستي شخصيت جا، عڪس ۽ اولڙا ھوندا ھيا. لاڙڪاڻي جو گھڻو پڙھيو ڳڙھيو ھلڪو، قومي ڪارج ۾ جنبيل نوجوان، ترقي پسند لڏي سان جڙيل فرد توڻي اڪيچار عالم ۽ اديب ساڻس گھرو سٻنڌ رکندا ٿي آيا. لاڙڪاڻي جي محبوب شاعر دوست سعيد ميمڻ جي تعزيتي ريفرنس دوران قدير شيخ ياد اچي ٿوتہ سعيد ميمڻ سان گھري ويجهڙائپ ۽ ذاتي زندگي بابت ڀرپور ڳالهايو ھيو. ايئن ئي ڪجھہ سال اڳ سياري جي ھڪ سرد ترين شام ڌارا مھراڻ ھوٽل ۾ منھنجي ساڻس پھرين ڪچھري ٿي تہ ذلفي ڀٽو ۽ جاويد شبير جاگيراڻي پڻ موجود ھيا. ڪيئي ڪلاڪ علمي گفتگو ھلندي رھي، رکي رکي قدير شيخ محفل جو مور بڻيو دوستن جو آڌرڀاءُ به ڪندو رھيو، ڪجھہ دوستن جون پڇائون به ڪندو رھيو تہ ڪچهري ۾ ٽھڪ به وکيريندو رھيو. اڪثر ڪري شام نما ڌارا قدير شيخ مھراڻ هوٽل تي سنگت جي منڊلي مچايون ويٺو ھوندو ھيو جتي سياست، سماج، منطق، سائنس، مذھب، تاريخ ۽ ادب جي موضوعن تي وڏا بحث ٿيندا ھيا. ايئن ئي ساڻس معمول موجب ملاقاتون محبتون قائم رهنديون آيون. قدير شيخ جي ننڍي ڀاءُ خوبصورت سرجڻھار سعيد حاوي سان اڪثر ڪري ملاقاتون ٿينديون ٿي رھيون تہ سدائين کائنس قدير شيخ جي صحت سلامتيءَ بابت به پڇندو رھندو ٿي آيس. ڳچ عرصي کان قدير شيخ صاحب کي بيمارين جھوري وڌو ھيو جنھن ڪري ڌرتيءَ سرتيءَ جو ھڪ املھہ ھيرو وڃين مٽيءَ ماءُ سان ملاقي ٿيو. اڄ صبح سندس آخري سفر ۾ ڪلھي ڪانڌي ٿيندي محسوس ٿيو تہ قدير شيخ جھڙا فرد پنھنجي قول ۽ فعل توڙي تخليقي ۽ تعميري ڪارج ۾ قومن جو سرمايو ھوندا آھن. پنھنجي ذات ۾ خودداري جو پرتوو قدير شيخ علم پرست، آدرشي انسان ۽ ديش ڀڳت شخص ھيو جنھن جي ڪمھلي وڇوڙي تي سموري سنڌ جي ساڃاھہ خاص ڪري لاڙڪاڻي جو شعور آلين اکين ۽ ڀنل پنبڻين سان سنڌوءَ جي ساڃاهه جي سربلندي، سنڌ ديس جي آجپي ۽ انسانيت جي وقار لاءِ جاري جدوجهد ۾ کيس ھڪ مثالي ڪردار طور سدائين ساريندو رھندو.

اڄ بہ تنھنجي لئہ ويڳاڻا، ھاءِ اسان جا نيڻ نماڻا ـ قمر شھباز



قدير شيخ

ادب جو رومانس

عادل عباسي

هر ماڻهوءَ کي پنهنجي هم خيال ۽ هم مزاج ماڻهوءَ جي ڳولا هوندي آهي. هي ڪهڙو شخص هو جنهن جي هر ڪنهن کي ڳولا هئي، لاڙڪاڻي جي مهراڻ هوٽل تي وٽس دوستن جا ولر لھندا هئا. چانهيون، ڪچھريون، بحث مباحثا، ڪتابن جي ڏي وٺ، مزاقون، ٽھڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن بدمزگيون به..!! سياست، ادب، تاريخ، فلسفو، فڪشن، مذهب، موسيقي ۽ فلمون... ڪھڙو موضوع هيو جنهن تي ڳالھ ٻولھ نه ٿي هجي. مھراڻ هوٽل نه هيو ڄڻ پئرس جو "ڪيفي ڊي فلوري" هيو، جنهن تي ٻين آڳاٽن اديبن کانسواءِ سارتر، سيمون ڊي بووا ۽ ڪاميو به اچي ويهندا هئا. هي اهو ماڻهو هو جنهن سان اختلاف ڪرڻ ۾ به مزو ايندو هو، پوءِ ته وڌيڪ حوالا ۽ وڌيڪ دليل، بحث قسطن ۾ ڏينهن جا ڏينهن به هلندو هو.

سندس رنگ ڀلي سانورو هو پر چھرو پُر ڪشش ۽ وار آخر تائين سدا بھار. سندس ڀاڪر ۾ عجيب آسيس هئي، سندس باوقار ۽ بردبار شخصيت هر ڪنهن کي وٽس ڇڪي ايندي هئي. کيس ڪڏهن به واندو نه ڏٺو، يا ڳالهائيندو يا ڪتاب پيو پڙهندو. هوٽل جي پيھ ۽ گوڙ ۾ به پڙهڻ ۾ مستغرق رهندو. هو انتهائي گهڻ پڙهيو اديب هو، خير گهڻ پڙهيا ته ٻيا به کوڙ پر هي گهڻ ڪڙهيو به هو. مطالعي جي معاملي ۾ نهايت زيرڪ ۽ گفتگو جي معاملي ۾ نهايت ذهين. ڪوٽيشن، حوالا، مثال ۽ دليل سندس گفتگو جو حصو هوندا هئا. هي اهو ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻھو ھو جنھن رجعت پسندي ۽ مردار خيالي تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو، اصل خطِ استوا وانگر قائم رهندو، اصول اهڙا جو انهن تي آخر دم تائين بيٺو رهيو، نه لوڏو، نه لچڪ.

اڄوڪي مراعت يافته ادبي ماحول ۾ اصولن تي قائم رهڻ هڪ وڏو چيلينج آهي، جتي کوڙ ماڻهن جي هٿن ۾ بازار جا وکر آهن، اتي هن ماڻهو پنهنجي ڪردار کي مريم وانگر پاڪ رکيو ۽ مسيح وانگر بي داغ. خوددار وري اهڙو جو گهڻو عرصو بيمار رهڻ باوجود خيرات لاءِ پنهنجو کيسو هميشه ڦاٽل رکيائين، هڪ پائولي لاءِ به سرڪار وٽ عرضداشت نه رکيائين ۽ دوستن کي به سختي سان جهليندو رهيو. نه ته اڄوڪي سنڌ جا ڏيڍ لک پگهار کڻندڙ اديب به قميصن ۾ پنجاھ کيسا سبرايو ٿا وتن. کنگهه زڪام تي به سرڪاري سھڪار جا منتظر.

غلام قدير ولد گل حسن شيخ جو جنم ۰۳ آگسٽ ۱۹۶۷ع تي لاڙڪاڻي جي غوثپور پاڙي ۾ ٿيو. هو ڇھن ڀائرن منجهان ٻئي نمبر تي هو. پرائمري تعليم غوثپور پاڙي جي اسڪول منجهان، مئٽرڪ پائلٽ هاءِ اسڪول، انٽر ڊگري ڪاليج جڏهن ته بي اي، ايم اي شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور منجهان پرائيويٽ ڪيائين. تاريخ ۱۷ نومبر ۱۹۹۰ع ۾ تعليم کاتي ۾ جي ايس ٽي طور سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين. ان دوارن بي ايڊ (۱۹۹۴ع) ۽ ايم ايڊ (۲۰۰۰ع) ۾ ڪيائين، ۱۹۹۴ع ۾ ئي بي ايڊ ڪرڻ بعد ايڇ ايس ٽي ٿيو جڏهن ته ٽائيم اسڪيل تحت ايڇ ايس ٽي طور ۲۰ گريڊ ۾ ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ۶۰ سال ٿيڻ کان اڳ ئي رٽائر ڪيائين.

هن پُر مغز ۽ روشن دماغ شخص جو ادبي حلقو سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهي، اسان جھڙا ڪيترائي سندس ساٿ کي پنهنجو ڀلو نصيب سمجهندا آهن. هو ادب جو رومانس هو، جيڪي ساڻس مليا مداح رهيا. هي اهو ماڻهو آهي جنهن جي وڇوڙي تي لاڙڪاڻو به سوڳوار آهي ته اهو هن انتھا ۽ قدامت پسندي جي گرم بازار ۾ پنهنجي هڪ روش خيال ۽ ترقي پسند اديب کان محروم ٿي ويو.

مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.

(عادل عباسي جي فسبڪ ٽائيم وال تان ۲ مئي ۲۰۲۱ع تي کنيل)


قدير شيخ ۽ ادب جو رومانس

عادل عباسي

هر ماڻهوءَ کي پنهنجي هم خيال ۽ هم مزاج ماڻهوءَ جي ڳولا هوندي آهي. هي ڪهڙو شخص هو جنهن جي هر ڪنهن کي ڳولا هئي، لاڙڪاڻي جي مهراڻ هوٽل تي وٽس دوستن جا ولر لھندا هئا. چانهيون، ڪچھريون، بحث مباحثا، ڪتابن جي ڏي وٺ، مزاقون، ٽھڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن بدمزگيون به..!! سياست، ادب، تاريخ، فلسفو، فڪشن، مذهب، موسيقي ۽ فلمون... ڪھڙو موضوع هيو جنهن تي ڳالھ ٻولھ نه ٿي هجي. مھراڻ هوٽل نه هيو ڄڻ پئرس جو "ڪيفي ڊي فلوري" هيو، جنهن تي ٻين آڳاٽن اديبن کانسواءِ سارتر، سيمون ڊي بووا ۽ ڪاميو به اچي ويهندا هئا. هي اهو ماڻهو هو جنهن سان اختلاف ڪرڻ ۾ به مزو ايندو هو، پوءِ ته وڌيڪ حوالا ۽ وڌيڪ دليل، بحث قسطن ۾ ڏينهن جا ڏينهن به هلندو هو.

سندس رنگ ڀلي سانورو هو پر چھرو پُر ڪشش ۽ وار آخر تائين سدا بھار. سندس ڀاڪر ۾ عجيب آسيس هئي، سندس باوقار ۽ بردبار شخصيت هر ڪنهن کي وٽس ڇڪي ايندي هئي. کيس ڪڏهن به واندو نه ڏٺو، يا ڳالهائيندو يا ڪتاب پيو پڙهندو. هوٽل جي پيھ ۽ گوڙ ۾ به پڙهڻ ۾ مستغرق رهندو. هو انتهائي گهڻ پڙهيو اديب هو، خير گهڻ پڙهيا ته ٻيا به کوڙ پر هي گهڻ ڪڙهيو به هو. مطالعي جي معاملي ۾ نهايت زيرڪ ۽ گفتگو جي معاملي ۾ نهايت ذهين. ڪوٽيشن، حوالا، مثال ۽ دليل سندس گفتگو جو حصو هوندا هئا. هي اهو ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻھو ھو جنھن رجعت پسندي ۽ مردار خيالي تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو، اصل خطِ استوا وانگر قائم رهندو، اصول اهڙا جو انهن تي آخر دم تائين بيٺو رهيو، نه لوڏو، نه لچڪ.

اڄوڪي مراعت يافته ادبي ماحول ۾ اصولن تي قائم رهڻ هڪ وڏو چيلينج آهي، جتي کوڙ ماڻهن جي هٿن ۾ بازار جا وکر آهن، اتي هن ماڻهو پنهنجي ڪردار کي مريم وانگر پاڪ رکيو ۽ مسيح وانگر بي داغ. خوددار وري اهڙو جو گهڻو عرصو بيمار رهڻ باوجود خيرات لاءِ پنهنجو کيسو هميشه ڦاٽل رکيائين، هڪ پائولي لاءِ به سرڪار وٽ عرضداشت نه رکيائين ۽ دوستن کي به سختي سان جهليندو رهيو. نه ته اڄوڪي سنڌ جا ڏيڍ لک پگهار کڻندڙ اديب به قميضن ۾ ۵۰ کيسا سبرايو ٿا وتن. کنگهه زڪام تي به سرڪاري سھڪار جا منتظر.

غلام قدير ولد گل حسن شيخ جو جنم ۳ آگسٽ ۱۹۶۷ تي لاڙڪاڻي جي غوثپور پاڙي ۾ ٿيو. هو ڇھن ڀائرن منجهان ٻئي نمبر تي هو. پرائمري تعليم غوثپور پاڙي جي اسڪول منجهان، مئٽرڪ پائلٽ هاءِ اسڪول، انٽر ڊگري ڪاليج جڏهن ته بي اي، ايم اي شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور منجهان پرائيويٽ ڪيائين. ۱۷ نومبر ۱۹۹۰ ۾ تعليم کاتي ۾ جي ايس ٽي طور سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين. ان دوارن بي ايڊ (۱۹۹۴) ۽ ايم ايڊ (۲۰۰۰) ۾ ڪيائين، ۱۹۹۴ ۾ ئي بي ايڊ ڪرڻ بعد ايڇ ايس ٽي ٿيو جڏهن ته ٽائيم اسڪيل تحت ايڇ ايس ٽي طور ۲۰ گريڊ ۾ ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۰ تي ۶۰ سال ٿيڻ کان اڳ ئي رٽائر ڪيائين.

هن پُرمغز ۽ روشن دماغ شخص جو ادبي حلقو سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهي، اسان جھڙا ڪيترائي سندس ساٿ کي پنهنجو ڀلو نصيب سمجهندا آهن. هو ادب جو رومانس هو، جيڪي ساڻس مليا مداح رهيا. هي اهو ماڻهو آهي جنهن جي وڇوڙي تي لاڙڪاڻو به سوڳوار آهي ته اهو هن انتھا ۽ قدامت پسندي جي گرم بازار ۾ پنهنجي هڪ روش خيال ۽ ترقي پسند اديب کان محروم ٿي ويو.

مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.


 

قدير شيخ

هن ڏک کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي

روشن ٽوٽاڻي

مھراڻ ھوٽل اديبن شاعرن جو مرڪز رھيو آھي،

اھا ڳالھ ڪنھن کان ڳجھي ڪانھي ته ھوٽل جو آڳر ڪشادو ھو، پر ان ڪشادگيء پٺيان اھي ڪشادہ فرد ھا جن جي دل ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو درد ھو سندن ميل جول به ڏاڍو شفيق ھوندو ھو، علم جا ھي پڙھيل ڳڙھيل فرد ھر موضوع تي ائين ته ڳالھائيندا ھا، جو ڀرم ۾ ويٺل ماڻھن کان به واھ واھ نڪري ويندي ھئي، ھي اھي ادبي ڪلاس ھا جيڪي لاڙڪاڻي جي ھڪ مقامي ھوٽل تي روز بروز جو معمول بڻيل ھا، جتان مون گھڻو ڪجھ پرايو جنھن جي بدولت اڄ ھڪ ادب دوست جي حيثيت سان اوھان جي سامھون آھيان، انھن فردن مان ھڪ ھر دلعزيز شخص سائين قدير شيخ به ھو، جنھن جي عمر ڪتابن جي محبت ۾ گذري،

ڪتابن سان آ دل منھنجي ورق ٿيندا ڪفن منھنجو،

 جي سري ھيٺ پنھنجي زندگيءَ جا پل گذاريندڙ انتھائي محبتي ماڻھو سائين قدير شيخ سان ملاقاتن جو سلسلو جڙيو.

سائين قدير شيخ سان منھنجي ملاقات ۲۰۰۲ ۾ ٿي، تعمير سنڌ جي آفيس جيڪا مھراڻ ھوٽل ۾ ھئي ان جو بيورو چيف، ذوالفقار گراماڻي ھيو، آئون ان وقت به مھراڻ ھوٽل جو ميئنيجرهيس، ۽ منهنجي رهائشي ڪمرو به تعمير سنڌ آفيس جي ڀرسان ئي هيو، ۽ آء اتي موجود ھوندو ئي ھوندو ھيس، ان دوران اتي ٻيا به ڪيترائي شاعر، اديب ۽ صحافي جن ۾ سليم ڪورائي، سعيد ميمڻ، رئوف عباسي، بقاءَ الله بوزدار، يامين بلوچ، قاسم ڪيھر، عادل عباسي، منور سولنگي، عزيز منگي، وشال، مرتضي ڪلھوڙو، يونس ڏيٿو، ڊاڪٽر مولا بخش ڪلھوڙو، اخلاق انصاري، عزيز قاسماڻي، ستار ھليو ۽ ڪيترائي ادب دوست شامل ھيا، انھن مانوارن شخصيتن ۾ سائين قدير شيخ سون تي سهاڳو ڀاسندو ھيم، يارن جو يار، ھمدرد، مخلص ماڻھو، تمام ماٺيڻي طبيعت ۽ ڏاھپ ڀريو انسان، سائين قدير شيخ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، سندس ھٿن ۾ ڪو نه ڪو ڪتاب ضرور ھوندو ھو، ھو انتھائي گھڻو پڙھيل لکيل ھڪ اداري جيتري حيثيت ۾ جداگانہ لڳندو پئي آيو

ھڪ اھڙو مقرر ھو جو مائيڪ تي ڳالھائيندو ھو ته ماڻھو سندس اسپيچ ٻڌي پنڍ پھڻ ٿي ويندا ھئا، سنجيده ماڻھو ئي ادب جو اھم حصو ٿين ٿا، ان ڳالھ کان منھن موڙي نه ٿو سگھجي، ھو ھڪ پيشور استاد ھو درس تدريس سان سلھاڙيل سائين قدير شيخ جي اندر جوالا مکيءَ جي ٻرڻ کي مون محسوس ڪري ورتو ھو، ادب جي آبياريء لاءِ سندس خدمتون ۽ ڪاوشون ڪنھن کان لڪل ناھن، ھو ڊراما نويس سان گڏ ڪالم نويس به ھو، سائين قدير شيخ سان رھندي مون به ڪالم لکڻ جي شروعات ڪئي، ان ۾ به سندس رھنمائي مونکي ان منزل تي پھچايو جو منھنجا ڪالم ھر اخبار جي زينت بڻيا، منھنجو استاد منھنجو محسن ھو، پر ائين کڻي چوان ھر ڪنھن جو گھڻ گھرو ھو ڪو به مسئلو درپيش ايندو ھو، سائين قدير شيخ اسان کي سھڻين صلاحن سان اسان جا مسئلا حل ڪندو ھو، يونس ڏيٿو هجي يا طارق ميتلو يا نويد ناز ڀٽي، ھو ھر ڪنھن کي ھڪ جيترو مان ڏيندو ھو . تعمير سنڌ جي آفيس ختم ٿيڻ کان پوءِ ھو مسلسل منھنجي ڪمري ۾ ويھندو ھو مان به سندس اتي ئي ڪچهريون ڪندو ھيس، مٿي ذڪر ڪيل اديب شاعر به منھنجي ڪمري ۾ اچي ويھندا ھئا، وڏا وڏا بحث مباحثا کل مذاقون، مھراڻ ھوٽل جي ان ڪمري کي ساھس ڏينديون هيون

ادب جي آبياري ٿيندي ھئي ڇا ته اھو دور ھو جيڪو سائين قدير شيخ سان سلھاڙيل رھيو، سائين قدير شيخ وڏي دل جو مالڪ ھو، ھو پنھنجي گھر جو اڪيلو فرد ھو، جنھن پنھنجي گھر جون ذميواريون به پنھنجي سر کنيون ھيون، پنھنجي خاندان کي خوشحال ڏسي خوش ٿيندو ھو، ھي اڪيلو سرڪاري ملازم ھو پر سندس ڀائر خانگي روزگار سان سلھاڙيل ھيا، ھن مھانگي دور ۾ سائين ڪڏھن به پنھنجي اھل و عيال جو ساٿ نه ڇڏيو، ان کي پاڻ ۾ ھڪ ڪري رکڻ جو به ڏانءُ رکندڙ هو سائين قدير ڪڏھن به ضمير جو سودو نه ڪيو طبيعت خراب ھجڻ جي باوجود ھو ثقافت کاتي آڏو نه جھڪيو، پر سائين قدير شيخ ضعيف ڦوٽو ڪڍائڻ کي به عيب سمجھندو ھو.

سوشل ميڊيا تي سندس طبيعت جي خبر ھلائڻ لاءِ به سختيءَ سان منع ڪندو پئي آيو، ھو انتھائي ڪمزور پئي ٿيندو ويو، سندس صحت ڏينھن و ڏينھن خراب ھجڻ ڪري ھن پنھنجي عھدي تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو، ۽ پنھنجي ٻچن کي پنھنجو الڳ گھر تعمير ڪري ڏيڻ ۾ مصروف ٿي ويو، ان وچ ۾ سندس طبيعت انتھائي خراب ٿي پئي ڪراچي ۾ نسيم پارس گاد سندس اسپتال ۾ سڄو انتظام ڪري ورتو سائين قدير کي داخل ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ورتي، پر سندس الائي ڪھڙي خيال سبب ھو اسپتال داخل نه ٿيو ۽ لاڙڪاڻي ھليو آيو وري پنھنجي گھر جي ڪاريگرن مزدورن سان پنھنجي گھر تعميراتي جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو، ۲۷ اپريل ۲۰۲۱ع جي اھا ڀيانڪ گھڙي ھئي، جنھن اسان کان اسان جو محسن ماڻھو کسي ورتو سندس پھرين ورسيءَ جي موقعي تي ھي ساروڻيون لکندي لڙڪ زارو قطار وھي ڪري پني کي آلو ڪندا پيا وڃن، اڄ مھراڻ ھوٽل ۾ مھڪار ناھي، سو عادل عباسيءَ جو مرڪندي اچڻ، سو شڪارپور مان آدرش جو ٽھڪن ڀريل ملاقاتن جو مزو، سو ڪليم دانش، ممتاز لوھار، جي سڪ ڀريو سمو، سو حنيف سھاڳ، نثار کوکر ۽ علي زاهد جي ملاقاتن جو سلسلو ڄڻ مورڳو ختم ٿي ويو، شاھ سائين رح عليه فرمايو آھي ته

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين، سي جيء کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.

ھاڻي ھڪ انتھائي افسردگي آھي، جنھن سڄي ماحول کي غمزده ڪري ڇڏيو آھي، ..سندس خال ادبي حلقي ۾ تاحيات قائم رھندو.ان جو پورائو لفظن ۾ ممڪن ناھي

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۶ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

سائين قدير شيخ جي يادگيري

هن سان روح جي تند ڪڏھن ڇڄڻي ئي ناهي

روشن ٽوٽاڻي

مان اڄ تائين سائين قدير شيخ لاءِ ساڳي انتظار ۾ آهيان ساڳي هوٽل جي ساڳي آفيس جي ساڳي ڪرسي تي ساڳيو انتظار کڻي ويٺو آهيان، پنهنجي محبوب ماڻهوءَ جو ساڳي پاٻوهه سان انتظار جي ڪيفيت مان گذاران پيو.

اڄ سائين قدير شيخ کي وڇڙي پورا ٻه سال گذريا آهن پر منهنجي دل سندس المناڪ موت کي اڃان تائين قبول ناهي ڪيو، اهو سائين قدير شيخ سان منهنجي روح جي تند ان جي وجود سان اهڙي ته جڙيل آهي جيڪا مان چاهيندي به ڇني نه ٿو سگهان، سندس ايڏيون ته يادون منهنجي زندگيءَ سان جڙيل آهن جو هڪ هڪ ڏينهن جي ساروڻي لکڻ ويهندس ته به پوري ڳالهه بيان نه ڪري سگهندس، ان جي پيار ۽ پنهنجائپ جو اثر ختم ٿيڻ جهڙو آهي نه هو هڪ انتهائي محبتون ڏيندڙ اعلي ظرف وارو انسان هو.

هن جي لکڻين ۾ عجب جو طلسم هو، جڏهن به ڪجهه لکندو هو مونسان ضرور شيئر ڪندو هو توڙي جو مان ڪو ايڏو اڪابر ڪو نه هيس پر پنهنجي لکڻين کان آگاهي ڏيندو هو. اهو سندس مونسان والهانه محبت جو هڪ پڪو پختو اظهار هو جو مان سائين قدير سان رهندي محسوس ڪيو هو. هو هيڏو وڏو ليکڪ هيو پر پاڻ کي هڪ دوستاڻي ماحول ۾ رکڻ جو عادي هيو اھا ڳالھه به مان ذاتي وابستگي جي ڪري لکان پيو هو واقعي به مهان هو، هر ڪنهن سان کلي ملندو هو هر ڪنهن کي مان ڏيندو هو. هو هڪ ئي وقت شفيق انسان جو اعلي مظهر ڀاسبو هو.

هن الائي ڪيترا نجي ٽي وي چينلن تي سيريل لکيا جيڪي ڏيھ توڙي پرڏيهه مقبول ٿيا الائي ڪيتريون ڪهاڻيون لکيون جيڪي سنڌي ادب جي اتهاس ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿيون، ھن الائي ڪيترن شاعرن اديبن جي ڪتابن جا مهاڳ لکيا، جنهن جو نثر ايڏو ته پرڪشش هوندو هو جو دل اڄ به بار بار پڙهڻ لاءِ چوندي آهي. سندس پسند جو شاعر سعيد ميمڻ هو جنهن جي شاعريءَ تي دل کولي تاثر لکندو هو. سائين قدير شيخ جون لکڻيون سندس شخصيت جو سحر اڄ به دوستن جي دلين ۾ جيئن جو تيئن برقرار آهي.

هو گهڻ پڙهيو ۽ گهڻ ڪڙهيو اديب هو، سندس ڪتابن سان محبت هوندي هئي، هو سمورو ڏينهن ڪتاب پڙهندو هو، ڪتابن جي ڳولا جي پويان هو ڪيترن ئي بڪ اسٽالن تي ويندو هو، دوستن سان خاص ڪري ڪراچي ويندو هو اتان ڪتاب وٺي اچي وري مطالعي کي لڳي ويندو هو، سائين قدير شيخ موضوعاتي بحث به ڪارائتا ڪندو هو، هتي مهراڻ هوٽل تي دوستن سان هفتن جا هفتا بحث ڪندي به نه ٿڪجندو هو، هو هڪ روشن خيال، ترقي پسند اديب هو، هن وٽ ڳالهائڻ لاءِ دائره وسيع هئا هن جي ماٺ به علم ۽ ادب لاءِ هئي، هن وٽ جيڏو علم جو ذخيرو هو اوڏو سندس آس پاس جو ماحول يا سندس ادبي حلقا شايد هن کان اڻ واقف هئا، سندس بيمار هجڻ جو ڪارڻ به معلوم هوندي، حڪومت جي ڌر رهندڙ، اديبن کان لنوائيندو رهيو، سرڪار کي نه چنبڙيو نه وري ڪنهن ڏانهن سواليا نظر کڻي ڪا التجا به نه ڪئي، هو خاموش پنهنجي بيماريءَ سان جهيڙيندو رهيو،، خاطر خواهه علاج نه ٿيڻ سبب سندس زندگي اڌ ۾ ڇڏي پنهنجي گهر، پاڙي ۽ دوستن کي سوڳوار ڇڏي راهه رباني ٿيو، اڄ به ڪوئي دوست سائين قدير کي مون جيان ناهي وساري سگهيو، اڄ به مهراڻ هوٽل تي عادل عباسي، عزيز منگي، عيسي ميمڻ، عزيز قاسماڻي، منور سولنگي، آفتاب کهاوڙ، طارق شيخ، احمد آزاد، علي زاهد، ستار هليو، وشال، آدرش، رئوف عباسي، قاسم ڪيهر، يامين بلوچ، بقا الله بوزدار، نويد ناز ڀٽي، ذوالفقار گراماڻي، ڪليم دانش، رياض سومرو يا مان ئي ڇو نه هجان، سندس خال کي سدائين ڀرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آهيون، پر سائين قدير شيخ جي ڪمي سدائين اسان جي دلين ۾ ساڳي درد سان ساڳي جذبي سان ۽ احساس سان ڀرپور هوندي آهي، اهڙي معتبر ماڻهوءَ جو ائين اسان کان وڇڙي وڃڻ ڏاڍو ڪرب ڀريو آهي، سندس يادگيريون ڏينهن و ڏينهن ساري لڙڪن سان ڀيٽا ڏيندا آهيون.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۲۶ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا