سڪندر اعظم عباسي
ون يونٽ تحريڪ جو گمنام
سپاهي
اسلم عباسي
ون يونٽ تحريڪ جي هڪ
اهم ڪردار ۽ گمنام سپاهي سڪندر اعظم عباسي جو جنم سيھوڻ شريف ۾ قاضين جي پاڙي ۾ ٿيو،
سندس والد محترم جو نالو قاضي ڪريم بخش عباسي هو، جنهن کي اولاد اٺ پٽ ۽ ٽي ڌيئرون
هيون. جن ۾ پاڻ چوٿين نمبر تي وڏو هو، سندس ٻہ وڏا ڀائر غلام حسين ۽ شوڪت علي
عباسي گذاري وڃڻ کان پوء پنھنجي سڄي گھر جي دار سنڀال کان علاوھ سوائي پنھنجي وڏي
شادي شاھ ڀيڻ جي، باقي ھڪ ڀيڻ ۽ چئن ڀائرن جي ذمہ داري بہ سندس ڪنھن تي اچي ويئي جيڪا
مرڻ گھڙي تائين نباھيندو رھيو۔
سندن ابا ڏاڏا اصل
سيوهڻ شريف جا هئا. سندن والد قاضي ڪريم بخش عباسي ڪافي عرصو اڳ حيدرآباد اچي
رهائش پذير ٿيو، سندس وڏڙن ۾ ڏاڏو قاضي خليل اللہ عباسي، ۽ ان جو برادر قاضي سعيد
نماياں مقام رکن ٿا۔ سندس چاچا رحيم بخش عباسي جيڪو ۱۹۰۱ ۾ ڪراچي شفٽ ٿي ويو ھو. پنھنجي وقت جو بھترين
پوليس آفيسر ٿي گذريو آھي ۽ رٽائرمينٽ کان اڳ ۾ ايس پي جي پوسٽ تي رھيو۔ ھي اھو
وقت ھوندو ھو جو ايس پي جنھن کي ڪماني چيو ويندو ھئو. ڪراچيءَ کان علاوھ حيدرآباد
جو علائقو بہ سندس زير ھوندو ھئو۔ سندن ناناڻي پاسي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جنهن ڪراچيءَ
جي کڏا مارڪيٽ ۾ حڪمت خانو کوليو، ان جو وڏو پٽ حڪيم محمد احسن عباسي ڪراچيءَ جو
پهريون مسلمان ميئر ٿي گذريو، جڏهن ته هن ئي خاندان جا ٻيا اهم فرد قاضي عبدالقيوم ، مخدوم محمد زمان عباسي سيوهڻ مان لڏي اچي حيدرآباد ۾ رهڻ لڳا.
سڪندر اعظم عباسي ۽
ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي جو ڏاڏو قاضي خليل الله عباسي پنهنجي وقت جو وڏو اسڪالر ۽
سماجي حيثيت رکندڙ شخصيت ٿي گذريو آهي، جنهن مستونگ جي شهواني قبيلي جي چيف سردار
ميرداد خان بروهي جي نياڻي سان شادي ڪئي، سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙ ۽ ڪتاب جنت
السنڌ جي ليکڪ رحيمداد مولائي شيدائي جو تعلق پڻ انهيءَ بروهي شهواني قبيلي سان
رهيو آهي.
قاضي خليل الله
عباسي کي چار پٽ هئا سندس وڏو پٽ قاضي رحيم بخش عباسي ۱۹۰۱ع ڌاري ڪراچيءَ لڏي ويو ۽ انگريزن جي دور حڪومت
۾ پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪيائين ۽ آخر ۾ ايس. پي. جي عهدي تي پهچي رٽائرڊ ڪيائين، برٽش
دور ۾ ايس. پي. کي “ڪماني” ڪري سڏيو ويندو هو. جڏهن ته سندس ٻن پٽ قاضي قادر بخش
عباسي ۽ قاضي ڪريم بخش عباسي حيدرآباد ۾ اچي رهيا، اهي پڻ پوليس کاتي ۾ ملازمت ۾
رهيا ۽ اهڙيءَ طرح هي خاندان مستقل طور گاڏي کاتي
حيدرآباد ۾ رهڻ لڳا. هن خاندان جا ڪيترائي
فرد رشتيدار هن وقت آمريڪا جي شهر انڊيانا پولس ۾ ورهين کان آباد ۽ رهائش پذير آهن.
سڪندر اعظم عباسي
جي شادي پنهنجي چاچي قادر بخش عباسي جي نياڻيءَ سان ٿي. قاضي عباسي خاندان جي
معززين قاضي عبدالقيوم، قاضي عبدالمجيد عابد، قاضي محمد اڪبر حيدرآباد شهر ۾ سياسي
سماجي حيثيت پڻ والاري ۽ مشهور اخبار عبرت پڻ جاري ڪئي، جڏهن ته آپا شمس النساءِ
عباسي نيانڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار
ادا ڪيو.
سڪندر اعظم عباسي
تمام ذهين، هوشيار، هڪ محنتي ۽ باصلاحيت انسان هو ۽ ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو،
خدا تعالي کيس لاتعداد صلاحيتون عطا ڪيون، پنهنجي گهر ڀاتين، ڀائرن ۽ ڀينرن جو ڇپر
۽ ڇانو رهيو، انهن کي تعليم ڏيارڻ ۽ تربيت ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيائين، ڏينهن رات
محنت ۽ جدوجهد ڪري پنهنجي خاندان کي اعلي منزل ۽ مقام تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار
ادا ڪيائين.
ڀٽائي جي هنن سٽن
جيان؛
تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي
ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه،
پير نه پسين پرينءَ جو.
کيس علم پرائڻ سان
بيحد دلچسپي هئي، اهوئي سبب آهي جو پاڻ ٽي عدد ماسٽرس (ايم اي) سنڌي، سوشيالاجي،
انٽرينشنل رليشن ۾ ڪيائين، جڏهن ته ۲ عدد ڊپلوما ۽ ايل ايل بي جي ڊگري پڻ سٺن نمبرن ۾ حاصل ڪئيائين.
حيدرآباد گاڏي
کاتو، سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس حيدر چونڪ، کوکر محلا۽ آس پاس ۾ ڪيترائي ناميارا
تعليمي ماهر، سياسي سماجي اڳواڻ، سماج سڌارڪ سندن عزيز، مٽ مائٽ، دوست يار ۽ پاڙيسيري
رهندا هئا، جن سان سڪندر اعظم عباسي جي خاندان جو تمام گهرو تعلق ۽ ڀائپي پڻ هوندي
هئي جن ۾ سندن ماماڻا صديقي خاندان جا فرد
قاضي امداد صديقي، ڊاڪٽر قمر صديقي، مظهر الحق صديقي، آپا سلطانه صديقي، ان کان
علاوه ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مهتاب اڪبر
راشدي، بيگم گلزار انڙ، جسٽس حامد علي مرزا، ذوالفقار مرزا جو والد، عبرت پريس
سامهون سندس رشتيدار ماسات مير راجا ٽالپر، مير جاويد ٽالپر، نامور اديب سراج الحق ميمڻ، شاعر نياز همايوني، ناميارو
تعليمي ماهر الله بخش نظاماڻي، ٽنڊي محمد خان جا سرهندي پير، سيد سعيد محمد شاه ٽکڙائي،
لالا قادر، احمد يوسف، غازي صلاح الدين جو والد دستگير ڀٽي جو خاندا مطلب ته هي علائقو
۽ آس پاس ۾ رهندڙن، سرڪاري ملازمت ڪندڙ ۽
سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي ادبي ۽ ناليوارن خاندانن جي رهائش جو مرڪز هو،
جن سان سڪندر اعظم عباسي ۽ سندن خاندان جو تمام گهرو تعلق رهندو هو.
سڪندر اعظم عباسي
لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ ملازمت حاصل ڪئي، گڏوگڏ شام جو شاليمار سئنيما جامئنيجر پڻ
هوندا هئا ۽ فلم ڊسٽريبيوشن جو ڪاروبار ڪندا هئا، ان وقت حيدرآباد ۾ فلم انڊسٽريز
۽ سئنيمائن جو عروج هو، ان سان گڏو گڏ ٻه چار ڪارون گاڏيون ٽيڪسي طور هونديون هيون، مطلب ته محنت ڪري پاڻ سکيو ستابو هوندو
هو.
ايوبي آمريت خلاف
ون يونٽ تحريڪ سنڌ ۾ زور پڪڙيو جنهن جو مرڪز حيدر چونڪ گاڏي کاتو حيدرآباد هوندو
هو، جتي ننڍا وڏا جلسا جلوس اچي اختتام تي پهچندا هئا ۽ شاگرد اڳواڻ، سياسي ليڊر
خطاب ڪندا هئا، آس پاس جا رهواسي پڻ وڏي جذبي سان انهن سياسي اڳواڻن جون شعلا بيان
تقريرون ٻڌندا هئا، خطاب ڪندڙن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، حفيظ قريشي، رسول بخش، ڄام
ساقي، ڪامريڊ يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، اقبال ترين، مسعود نوراني، نياز همايوني،
رفيق سفي ۽ ٻيا ڪيترائي شامل هوندا هئا.
ڪامريڊ يوسف ٽالپر
سڪندر عباسيءَ جو گهرو دوست پڻ هوندو هو. ون يونٽ خلاف سنڌ جي پڙهيل لکيل، هارين،
مزدورن، پورهيتن ڀرپور حصو ورتو، ۴ مارچ ۱۹۶۷ع تي ڪمشنر حيدرآباد مسرور حسن خلاف هڪ وڏو جلوس نڪتو ۽ ڪافي
شاگرد گرفتار ٿيا، ٻئي ڏينهن صبح سوير
پوليس وڏي تعداد ۾ سڪندر عباسي جي گهر تي ڇاپو گهڻي گهر جو سامان ضبط ڪيو ۽ سڀڪجه
کڻي ويا، پوليس سندس والد کي ٻڌايو ته سڪندر عباسي ون يونٽ خلاف تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن
آهي، پوليس کي گهربل آهي، جيسيتائين گرفتاري نه ڏيندو ايسيتائين جيل ۾ گرفتار
شاگردن جو مسئلو حل نه ٿيندو، آخرڪار پندرنهن ڏينهن جي روپوشيءَ بعد پاڻ پوليس وٽ
گرفتاري پيش ڪيائين، ان تي الزام هو ته هن پنهنجي سرڪاري ملازمت واري آفيس مان ون
يونٽ خلاف هڪ پمفليٽ سائيڪلو اسٽائل ڪري ورهايو آهي جيڪا بغاوت آهي، الزام درست
هو، سنڌ ڌرتيءَ خاطر هن اهو سڀ ڪجھ ڪيو جنهن جي قيمت کيس تمام ڳري ادا ڪرڻي پئي، سندس ملازمت واري نوڪري
ختم ٿي وئي، ڪاروبار ڌنڌو، روزگار سڀڪجه ختم ٿي ويو.
ون يونٽ تحريڪ جي اڳواڻ
مسعود نوراني پنهنجي ساروڻين ۾ اعتراف ڪندي لکيو آهي ته جيتوڻيڪ ون يونٽ خلاف هلندڙ
تحريڪ ۾ گهڻن ماڻهن حصو ورتو پر حقيقت ۾ سڀ کان وڌيڪ مالي توڙي جاني نقصان سڪندر
اعظم عباسيءَ کي پهتو.
پاڻ هڪ خاموش
خدمتگار هو ۽ گمنام سپاهي جيان هن ديس جي مٽيءَ جو مان رکندي سڀ تڪليفون برداشت ڪيائين،
پر نه جهڪيو نه وڪيو، جيل مان نڪرڻ بعد ڪڏهن به کيس پچتاءَ نه ٿيو ۽ نه وري ارمان ۽ افسوس. پاڻ جاکوڙي انسان هو، همٿ
نه هاريائين،
شيخ اياز جي انهن سٽن
جيان؛
ڇو گهٻرائين ٿو ڪوٽ
ڏسي، هي اونچي اونچي اوٽ ڏسي،
زندان اڏائي
وينداسين، زنجير پگهاري وينداسين،
ڇو پير پساري ويٺو
آن، اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين،
جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل،
هي ڏينهن به گهاري وينداسين.
پاڻ همٿ نه هاري ۽
وري محنت ڪري پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي، ۱۹۷۵ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ
۾ ملازمت حاصل ڪري ۽ پروفيسر پڻ بڻيا. ڪجھ عرصو رهڻ بعد سعودي عرب منتقل ٿي ويا ۽
مختلف ڪمپنين ۾ ملازمت ڪئي جنهن دوران آمريڪن ٽيليفون ٽيليگراف سعودي ڪنگڊم ڪمپني
۾ پڻ رهيا. سندن رهائشي گهر تي ديني مذهبي
درس و تدريس پڻ رهندي هئي، جنهن ۾ خاص طرح
اسلاميا پروفيسر محمد اقبال ڪيلاني قرآن مجيد ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ درس ڏيندو
هو، اتي ڪافي سنڌي فيمليز پڻ شريڪ ٿينديون هيون. پاڻ لڳ ڀڳ اٺاويهه سال سعودي عرب
۾ رهيا ۽ اندازن ۳۵ ڪتاب عربيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرائي ۽ مفت ۾
ورهايا ته جيئن عام ماڻهن ۾ ديني ڄاڻ پيدا ٿئي جن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن، جيڪي
حديث پبليڪيشنز حيدرآباد مان ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا.
۱. آخر توحيد ڇا آهي. ليکڪ محمد اقبال ڪيلاني اسلاميه پروفيسر جامع ملڪ سعود
الرياض (مترجم: سڪندر اعظم عباسي)
۲. زڪوات جا مسئلا
۳. درود شريف جا مسئلا
۴. شفاعت جو بيان
۵. قرآن مجيد ۽ صحيح حديثن جي روشنيءَ ۾ دوزخ جو بيان
۶. نماز جا مسئلا
۷. نڪاح جا مسئلا
۸. دعا جا مسئلا
۹. حقوق رحمت العالمين
۱۰. روزن جا مسئلا
۱۱. سنت نبويءَ جي پيروي جا مسئلا
۱۲. لعنت ۽ رحمت جا مستحق ماڻهو
۱۳. جنازي جا مسئلا
۱۴. جنازي کي غسل، ڪفن ۽ دفن ڪرڻ جو طريقو
۱۵. فضائل قرآن مجيد
۱۶. دوستي ۽ دشمني
۱۷. فضائل رحمت العالمين
۱۸. قيامت جو بيان
۱۹. لباس جو بيان
۲۰. قبر جو بيان
۲۱. جنت جو بيان
۲۲. دوزخ جو بيان
۲۳. دعا جا مسئلا
۲۴. نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ ۽ گناهن کان روڪڻ جو بيان
۲۵. شفاعت جو بيان
۲۶. حج ۽ عمري جا مسئلا
۲۷. قرآن ڪريم جي تعليم
سال ۲۰۰۶ع ڌاري سعودي مان واپس سنڌ آيا، حياتيءَ جا
آخري سال پنهنجي ديس ۾ گذاريا، ڪجھ عرصو اسري يونيورسٽي ۾ پڻ رهيا، کيس اولاد ۾ ٻه
فرزند عطا ٿيا، جن ۾ سندس وڏو پٽ احمد علي عباسي جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر
هو جيڪو ڪجھ سال اڳ ۾ انتقال ڪري ويو، جڏهن ته سندس ٻيو فرزند نجيب عباسي لياقت ميڊيڪل
يونيورسٽي ڄامشوري ۾ وائس چانسلر جو پبلڪ رلشينز آفيسر آهي، جنهن کي ٻه پٽ ۽ پنج
نياڻين جو اولاد آهي.
جڏهن ته کيس ٽي نياڻيون
آهن جن ۾ وڏي نياڻي ڊاڪٽر آهي جنهن کي هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن، سندس وچين ڌيءَ جي
شادي سهيل انصاري سان ٿيل آهي، ان کي هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن،جڏهن ته سندس آخري
نياڻي جي شادي محمد نواز سان ٿيل آهي، جنهن مان کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي.
سندس ڄمار اندازن ۸۵ سال رهي. آخرڪار پاڻ ۱۵ مئي ۲۰۲۱ع رات جو يارنهين وڳي وفات ڪيائين ۽ سندس جنازي نماز ۱۶ مئي ۲۰۲۱ع آچر ڏينهن ايل ايم سي ڪالوني ڄامشوري
گرائونڊ تي ٿي گذري، جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، سندس تدفين ريلوي اسٽيشن ڄامشورو
ڀرسان سنڌ يونيورسٽي قبرستان ۾ ڪئي وئي جتي هن وقت سندس آخري آرام گاهه آهي. الله پاڪ سندس خاندان کي صبر جي توفيق عطا فرمائي ۽ سندس درجات بلند ڪري.
اڄ نه اوطاقن ۾
طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا مڙهيون
مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.
Thank you Saen for writing on this great son of soil. I am impressed with his dedication and hard work. He will be remembered as a true hero.
ReplyDelete