; سنڌي شخصيتون: جمعو فقير

12 March, 2011

جمعو فقير

جمعو فقير

وتائي فقير جو جا نشين

پروفيسر نذير احمد سومرو



سنڌي قوم سان الله پاڪ وڏا ڀال/ وڙ ڪيا آهن. هن سونهن ۽ سچ جي ڌرتيءَ تي قدرت اهڙا ماڻهو به پيدا ڪيا، جيڪي پنهنجي ذهني اڏام، قول ۽ فعل جي ڪري اتم هئا. پر اسان وٽ (سنڌي قوم ۾) چريا/ اڌ مغزي/ ٽوٽڪائي جهڙا قبيح نالا، کين لقب طور نصيب ٿيا.

ايران ۾ هڪڙو ڪردار پيدا ٿيو. جنهن جو نالو ملا نصر الدين هيو ۽ ايران يا فارس وارا، اڄ تائين ملا نصر تي ناز ڪندا اچن ٿا. ان جي ابتڙ، اسان وٽ وتائي فقير جهڙي داناءَ ۽ ڏاهي ماڻهو کي چرچائي طور سڃاتو ۽ ليکيو وڃي ٿو. اڄ به سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ/ شهر ۾ جتي چند ماڻهو گڏ ٿين ٿا ۽ جڏهن کين ڳالهائڻ لاءِ موضوع نه ٿا ملن ته چوندا آھن؛ “يار ڀلا ڪو وتائي فقير جو ٽوٽڪو ئي ٻڌاءِ!” معنى وتائي فقير جهڙي داناءَ ماڻهو کي کل ڀوڳ ڪندڙ مشڪرو سمجهيو وڃي ٿو. وتائي فقير جي ڏاهپ ۽ دانشمنديءَ جي قولن کي ٽوٽڪو/ لٽڪو چٽڪو سمجهي ان تي کليو وڃي ٿو!!


گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي. هڪ ڏينهن پير حسام الدين راشدي وٽ، سندس جمشيد روڊ ڪراچي واري بنگلي بيت الضياءُ ۾ ويٺو هيم. ان ڪچهريءَ ۾ سندس ننڍو ڀاءُ پير احمد شاهه راشدي به موجود هو. (پير احمد شاهه راشدي، پنهنجي ڀائرن جيان موسيقي جو ڄاڻو، ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ جو وڏو شوقين هجڻ سان گڏ پٿرن، هيرن، جواهرن/ منڊيءَ جي نگ جو پڻ وڏو ڄاڻو هيو.) ڳالهين دوران غالب لائبرري ناظم آباد ڪراچيءَ جي موجوده پٽيوالي نسيم احمد، پير حسام الدين کي اردو جي مشهور ڪالم نگار انعام دراني مرحوم جي اچڻ جو اطلاع ڏنو. پير حسام الدين راشدي چيس ته؛ “بابا اندر وٺي اچيس! ٻاهر ڇو بيهاري آيو آهينس؟” انعام دراني پاڻ سان گڏ يوپي جي بدايون جا مشهور کير پيڙا به کنيو آيو ھيو. جيڪي پير حسام الدين لاءِ ڪنهن دوست بدايون مان موڪليا هيا.

اتي جيڪي مختلف موضوع بحث هيٺ آيا، تن ۾ وتائي فقير جي ڏاهپ ۽ دانائيءَ جو به ذڪر ٿيو. پير حسام الدين راشديءَ کيس وتائي فقير جي رمز ڀرين ڳالهين بابت تفصيل سان ٻڌائي اهو به چيو ته؛ “اسان وٽ وتايو فقير ٽوٽڪائي طور مشهور آهي.” اهو ٻڌڻ سان انعام دراني وائڙو ٿي چيس ته؛ “پير صاحب! ايسا داناءَ آدمي! سنڌي قوم اسڪو مسخره ڪا درجا ديتي هئي! آپ اس پر لکين يا نه لکين، مين ضرور لکون گا!” ۽ واقعي انعام دراني روزاني جنگ ڪراچي ۾ وتائي فقير جي دانائپ ۽ ڏاهپ تي تفصيل سان، پير حسام الدين راشديءَ جي حوالي سان لکيو.

گذريل ۲۰ صديءَ ۾ سنڌ اهڙا گوهر پيدا ڪيا جن تي زماني ٺٺوليون/ ٽوڪان ڪيون. انهن کي چريو سمجهيو ويو. اهڙن ماڻهن ۾ لاڙڪاڻي جو مشهور جمعو فقير به هيو. جمعي فقير، باليءَ واري خيرپور جي فولاد شر (فقير) وانگر، خدائيءَ جي دعوى ڪانه ڪئي هئي.

فولاد شر، خيرپور ضلعي جي تعلقي ٺري ميرواه جو هيو. ۱۸۷۷ع ۾ سنڌي ڪاميٽي (فائينل) جو امتحان پاس ڪيو هئائين. فولاد شر کي الائي ڪهڙي ڀئنوري اچي مغز ۾ ويٺي جو، نعوذ بالله، خدا هجڻ جي دعوى ڪري ويٺو!! الله جو شان! جنهن کي هڪ ڏينهن فنا ٿيڻو هجي ۽ کيس ڪفن ۽ قبر جي ضرورت هجي سو خدائيءَ جو دعويدار!! ايڏي گمراهي!!

اسان سنڌي ماڻهو، ٻين قومن مان اهڙن ماڻهن جا نالا وٺي ڪوڙي خدا ۽ نبوت جي دعوى ڪندڙن تي ڦٽ لعنت ۽ تبرو ڪندا آهيون پر ۱۹ صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي مهڙ ۾، سنڌ به ان الزام کان آجي رهي نه سگهي، جو هن پر امن خطي ۾ به ڪو خدا هجڻ جو ڪوڙو دعويدار بڻيو هو!!

مرحوم نسيم کرل جو والد عبدالڪريم کرل، علم جو وڏو ڀنڊار هو. کيس سنڌيءَ کانسواءِ فارسي زبان تي به دسترس حاصل هئي. اھو هڪ ڏينهن سيڙجي فولاد شر کي ڏسڻ لاءِ ٺري ميرواه ويو. جڏهن فولاد فقير کي ڏٺائين ته امالڪ چيائينس؛ “جيڪا تون دعوى ڪرين ٿو ۽ آهين ڪونه ته توتي ڦٽڪار ۽ پر جي اها دعوى نٿو ڪرين ته پوءِ توکي سلام آ جو ايڏي ڏاڍي هستيءَ سان وڃي پاڻ اٽڪايو اٿئي.” ائين هي فاني انسان (فولاد شر) نقلي ۽ ڪوڙي دعوى ڪندڙ ۱۵ جون ۱۹۶۷ع تي وڏي بيماري ڪاٽي (سنڌين چواڻي وڏي لوڙ لوڙي) مري ويو ۽ پنهنجي قبر ۾ ان هستيءَ آڏو پنهنجي اعمال نامي سميت انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن سان پنهنجي همسر ۽ همنام هجڻ جي دعوى ڪندو هو. اردوءَ جي هڪ مشهور ۽ منفرد شاعر، يگانه چنگيزيءَ جو شعر آهي:

چڙها خودي ڪا يون نشه ڪه آپي مين رها نه گيا

بنا ٿا خدا يگانه، مگر بنايا نه گيا

سنڌ جي هڪ وڏي عالم، محقق ۽ معلم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب کي فولاد شر ۾ الئي ڪهڙي مڻ نظر آئي جو السنڌ رسالي (۱۹۹۸ع) ۾ فولاد شر جهڙي گمراهه انسان کي عوامي فيلسوف ڪري ڪوٺيائين ۽ لکيو اٿس. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙا عالم پاڻ لکن ٿا:

”....... راقم جي ڪن عوامي اڪابرن” سان آشنائي ٿي، جن کي سڀني گمراهه چئي پئي ننديو پر کين صحيح طور سمجهڻ خاطر مون سندن ڳالهيون ٻڌيون. هن وقت سڀ ڌڻيءَ کي پيارا ٿي چڪا آهن...... هرڪو پنهنجي رنگ ۽ انگ وارو هيو. جيڪي به چيائون يا ڪيائون سو پاڻ پڏائڻ يا وڻائڻ خاطر ڪونه ڪيو. جيئن ۽ جهڙا هئا، تيئن ۽ تهڙو هنن ڪردار ادا ڪيو..... ۱۹۳۰ع کان ۱۹۶۰ع تائين جيڪي انوکن ڪردارن وارا عوامي فيلسوف هئا تن جو سرواڻ هيو.“

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙي عالم ماڻهوءَ جي قلم مان، خدائي جي دعوى ڪندڙ (نقلي ۽ ڪوڙي خدا) جي لاءِ عوامي فيلسوف ۽ انهن جو سرواڻ جهڙا لفظ نڪرن، واقعي اردوءَ واري صحيح چيو آهي ته تنهنجو قلم ڪرشمه ساز آهي جيڪو وڻي سو ڪرشمو ڪري ڏيکار.

پر لاڙڪاڻي جو جمعو فقير، انهن سڀني جڙتو فقيرن (اپڻي آپ ڪو فقير پيا سڏائيندا هين، تيڪون شرم نهين پئي آندي) کان هر طرح الڳ ٿلڳ ماڻهو هيو. اصل ۾ ضلعي لاڙڪاڻي )موجوده قمبر-شھدادڪوٽ ائٽ قمبر ضلعي( جي مشهور تعلقي واري شهر قمبر جو هيو پر ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ لڏي لاڙڪاڻي اچي ويٺو. جمعو فقير قد جو ڊگهو ۽ مشڪي رنگ جو هيو. ڪڏهن مڇون ڏاڙهي ڪوڙائيندو هو ۽ ڪڏهن صرف ڏاڙهي ڪوڙائيندو هيو. اکين ۾ گهڻو گهرو سرمون (جنهن کي ڏسڻ سان سرمون پائڻ چئبو آهي) پائيندو هيو. لاڙڪاڻي شهر ۾ گڏهه تي گهمندو هيو، ڪڏهن به گڏهه کي لغام ڪونه وڌائين. چيائين ته؛ لغام وجهڻو آهي ته انسانن جي زبانن کي ڏيو ۽ وجهو. هي ته بي زباني (مادي گڏهه) آهي. هن کي زبان آهي ئي ڪونه، باقي لغام ڪنهن کي وجهان/ ڏيان. سندس گڏهه جي هلڻ جي رفتار ڏهن منٽن ۾ مشڪل سان ڏهه انساني قدم هوندي هئي. گڏهه جي مٿان گهوڙي وانگر هنو رکندو هيو ۽ کيس هٿ ۾ وڏي ڏانگ (لٺ) هوندي هئي. جنهن کان بريڪ جو ڪم وٺندو هيو. جناب ذوالفقار علي ڀٽو، کيس گهرائي، حال احوال پڇندو هيو ۽ ساڻس چرچو گهٻو ڪندو هيو. موٽ ۾، جمعو فقير به ساڻس ساڳي نوع ۾ چرچا هڻندو هيو. توڙي جو ڀٽو صاحب، پاڪستان جو صدر ۽ پوءِ وزيراعظم هو پر پوءِ به ٻنهي جي دوستي پڪي پختي هئي. جمعي فقير جي دانائي ۽ ڏاهپ جا اڻ ڳڻيا مثال آهن. هتي فقط ڪجهه لکجن ٿا:

پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، جڏهن جمعو فقير قمبر ۾ رهندو هيو، تنهن قمبر شهر کان ٿورو ٻاهر هڪ هندوءَ جي زمين ۽ کوهه هيو. کوهه تي نار ٻڌل هيو، جنهن کي اٺ ذريعي هلايو ويندو هو. ان زماني ۾ هندو مسلمانن جي استعمال ٿيل شين کي هٿ لائڻ به پاپ سمجهندا هيا ۽ ايئن ڪرڻ سان پاڻ کي مليڇ ڀانئيندا هئا. هندو سيٺ کي اڃ لڳي، سو نار تان پاڻي پيئڻ لڳو. هندن جي مذهبي رسم و رواج مطابق ان هندو سيٺ کي گڏهه جي پڇ جيڏي چوٽي رکيل هئي. سو پاڻي پيئندي هندو سيٺ جي چوٽي نار ۾ ڦاسي پئي ۽ رڙ ڪري چيائين؛ “اري (اڙي) وارو ڪريو! اٺ کي جهليو، منهنجي چوٽي!” اتفاق سان جمعو فقير به اتي موجود هيو، تنهن ان هندو زميندار کي چيو ته:

”ڪاڪا! چوٽي ته خدا کي آهي، تو واري چوٽيءَ کي ته ڪتو به نه مٽي (پيشاب به ڪونه ڪري.)

هڪ دفعي جناب ذوالفقار علي ڀٽي چيس ته؛ “جمعا فقير! اڄ رات جي ماني ته مون سان گڏ کاءُ!” جواب ۾ جمعي فقير چيس؛ “ڀٽا صاحب! منهنجو هڪڙو شرط آهي.” پڇيائينس؛ “ڪهڙو؟” فقير چيس: “پوءِ رڳو تون ۽ مان هونداسين. ماني ۾ هڪڙو به پڙهيل ڳڙھيل ماڻهو ڪونه آڻيندين! نه ڪي انهن کي سڏ ڏيندين، نه ڪي انهن کي ٻڌائيندين.” ڀٽي صاحب کلي پڇيس: “ڇو ڀلا ايڏي بندش؟” تنهن تي جمعي فقير چيس؛ “ڀٽا صاحب! جيڪڏهن اهي آيا ۽ انهن پڙهيلن کي مانيءَ کائڻ لاءِ سڏ ٿيندو ته ائين ڊڪندا ۽ هٻڇ ڏيکاريندا جو ڄڻ ڪالهاڪون بکيا آهن. سڄو ڏونگهو ٻوڙ جو پنهنجي پليٽ ۾ لاهي ڇڏيندا ۽ ڪڪڙن جا پيس ٽي ٽي چار چار کڻندا! پوءِ مون مسڪين لاءِ ڇا بچندو؟!!”

جمعي فقير جو معمول هوندو هيو ته روزانو صبح جو ساجهر گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ پهچي ويندو ۽ ڪاساين ۽ مهاڻن کان هڏا، ڇڇڙا ۽ مڇيءَ جا ڇلر کڻي، پنهنجي خرزين انهن سان ڀري، لاڙڪاڻي شهر جي وچ مان وهندڙ رائيس ڪئنال ڏانهن راهي ٿيندو هيو. جتي سڄي لاڙڪاڻي شهر جا ڪتا ۽ ٻلا، هن جو انتظار ڪندا هئا. اهي جانور جيئن ئي فقير کي ڏسندا هئا ته خوشي ۽ بود ۾ ڀرجي ٺينگ ۽ ٽپا ڏيڻ لڳندا هئا ۽ جمعو فقير جيئن ئي ڳوڻ مان هڏا ۽ ڇيڇڙا ڪڍڻ شروع ڪندو هيو ته اهي جانور کيس پيار وچان ڀاڪر پائڻ واري انداز ۾ چنبڙي پوندا هئا ۽ ذري گهٽ جمعي کي ڪيرائي وجهندا هيا ته جمعو فقير ناراض ٿي چوندو هين:

“اڙي، انسانن وانگر اٻهرا ڇو ٿا ٿيو؟ اهي انساني عادتون ڪٿان سکيون اٿو؟”

ڪجهه سال ٿيندا ته هي فقير لاڏاڻو ڪري ويو. افسوس جو لاڙڪاڻي جي هن لاثاني ڪردار ۽ فقيرمنش جي ياد ۾ ڪو منارو کڙو نه ڪيو ويو. ههڙي مفڪر ۽ عوامي فيلسوف جي نالي ۾ ڪو اسڪول نه کوليو ويو ۽ نه ئي ڪنهن چوڪ تي هن جو نالو رکيو ويو. سواءِ لاڙڪاڻي جي هڪ مهاجر فوٽو گرافر جي دوڪان، سنڌ فوٽو اسٽوڊيو جي. ٻه ٽي سال اڳ سنڌ فوٽو اسٽوديو لاڙڪاڻي جو مالڪ اڪرام، لاڙڪاڻي کي ڇڏي ڪراچي ويو. جتي يونيورسٽي روڊ جي دشتيار اپارٽمينٽس جي دوڪان نمبر ۲۰ ۾ وري به ساڳيو لاڙڪاڻي وانگر سنڌ فوٽو اسٽوڊيو جي نالي دوڪان کوليو اٿس. جتي پاڪستان جي سابق صدر ايوب خان، جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي تصوير سان گڏ جمعي فقير جي تصوير به نمايان طور آويزان آهي.

 



خط/مضمون

پيارا نذير!

جمعي فقير لاءِ اسان ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون پئي ٻڌيون آهن. مثال طور:

2.    جمعي فقير کي هڪڙي دفعي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي لاڙڪاڻي واري بنگلي تي گهرايو. هو پنهنجي گڏهه تي ويو. بنگلي ٻاهران پوليس کيس چيو ته؛ گڏهه تان لھ! پوءِ اندر وڃ! تنهن تي جمعي فقير چيو؛ ڇڏيندؤ ته گڏهه سميت ويندس نه ته موٽيو ٿو وڃان. ڀٽي صاحب کان معلوم ڪيو ويو ته هن چيو ته؛ ڇڏيوس. دروازو کليو ۽ هو گڏهه سميت داخل ٿيو.

3.    مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو، لاڙڪاڻي ۾ گاڏين جي جلوس ۾ پئي ويو ته جمعو فقير به رستو وٺيو پئي ويو. پوليس ان کي روڪي بيهاريو ته ڀٽو صاحب پيو اچي. ان رستي تان گڏهه سان وڃڻ نه ڏينداسين ۽ پوليس ان کي بيهاري ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽو اتان گذريو ته جمعي فقير تي نظر پوڻ سان گاڏي روڪرائي شيشو کولي جمعي فقير کي چيائين ته؛ “اچ مون سان گاڏي ۾ ويهه!” تنهن تي جمعي فقير چيس؛ “سوارين تي سودو ڪرائين ته پوءِ” اهو ٻڌي ڀٽو صاحب گاڏي مان لٿو ۽ جمعي فقير کي چيائين؛ “جيڪو سودو توکي قبول!” جمعي چيس؛ “نه ميان! مون کي ان گاڏي ۾ ويهي مرڻو ڪونهي، مون ته ڀوڳ پئي ڪرايو.”

 

جي اهي ڳالهيون واقعي سچيون آهن ته پوءِ اوهان جي مضمون ۾ واڌاري طور شامل ٿيڻ کپن. (ناز سنائي)

 

خط جو جواب

پيارا ناز!

ڪينجهر جي شماري ۾، منهنجي مضمون جمعي فقير جي حوالي سان واڌارو ڪري، مضمون کي وڌيڪ وزنائتو ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏيئه، ان لاءِ بيحد ٿورائتو آهيان. توهان جي پڇيل سوال جي جواب ۾ عرض ته توهان جون جمعي فقير جي حوالي سان لکيل ٻئي ڳالهيون سؤ سيڪڙو سچيون آهن. مون ته ڪينجهر جي صفحن کي نظر ۾ رکندي مضمون کي محدود ڪيو هو. حقيقت ۾ مون اهو چاهيو ته ڪينجهر ذريعي، جمعي فقير جي رمز ڀرين ڳالهين ۽ وڏي معنى ۽ مفهوم رکندڙ قولن جون جهلڪيون ڏيکاري، سڄي سنڌ جي ماڻهن سان، هن جديد دور جي وتائي فقير ۽ لاڙڪاڻي جي ڏاهي انسان، ويهين صديءَ جي نئين عوامي مفڪر جمعي فقير جو تعارف ڪرايان.

 



جمعو فقير

(وتائي فقير جو جانشين - حصو ٻيو)

پروفيسر نذير سومرو

لاڙڪاڻي، ويجهي ماضيءَ يعني تازو گذري ويل ويهين صدي ۾ جيڪي اهم شخصيتون پيدا ڪيون، تن ۾ پنهنجي ڏاهپ ۽ دانائي جي ڪري جمعو فقير اهم ۽ نمايان جڳهه والاري ٿو.

“ڪهان  مان  رها ٿا مجهي  زمانه

بڙي زورون سي منوايا گيا هون مين”

ڇاڪاڻ ته هي ڪو رولو، شيطان صفت، جڙتو، جعلي ۽ جڳاڙي فقيرن منجهان ڪونه هو. نه ئي انهن وانگر “فقير” هجڻ جي هروڀرو ڪا دعوى ڪندو هو. مان ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرزاق عرف ملڪ نديم کي ڪچهري دوران ڪيترا ڀيرا چئي چڪو آهيان ته هاڻي ڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ اچي ته کيس موضوع ”نئون وتايو – جمعو فقير“ ڏيو ۽ ائين نه ٿئي ته خدا هجڻ جي ڪوڙن دعويدارن، جڙتو ۽ هٿرادو جڳاڙي فقيرن کي مٿي آڻڻ لاءِ، جمعي فقير جهڙي اصلي فقير ۽ عوامي اڪابرن جي سرواڻ ۽ سربراهه کان لنوائي، هن جي ڪردار کي لئه مٽي ڪيو وڃي. مون کي هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي. ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري جي هڪ ڳوٺ عمر ڀيو نزد ڳيريلو جو مرحوم پناهه علي شاهه (انگريزي ماستر) ڳالهه ڪندو هو ته سندس ڳوٺ ۾ هڪڙو جهونو ماڻهو لڳاتار ۴۰ سالن کان سيوهڻ قلندر جي ميلي ۾ ويندڙ هو. هڪ ڏينهن اهو ڪراڙو فقير پنهنجي ڳوٺ جي مڪان (مئخاني) ۾ ويٺو هو. ڀنگ پيئڻ کان پوءِ دوستن کي ٻڌايائين ته اڄ سيوهاڻي سرڪار ڏي تيار آهيون جو سڀاڻي کان قلندر جو ميلو شروع ٿي رهيو آهي ۽ پاڻ ڏي اشارو ڪندي چيائين ته “فقراهه” اڄ رات واري پاسينگر (پئسينجر ٽرين) گاڏي ۾ چڙهندو. اتي ويٺل نوجوان چيو ته مان به توسان هلندس. جنهن تي ڪراڙي فقير چيس؛ “تون ڪاڏي هلندين! چئي! پئسه لڀن ڪونه! هليو آ سيوهاڻي سرڪار جي ميلي ۾.” ايتري ۾ ان نوجوان ڇا ڪيو جو ڀر ۾ پيل ڪهاڙي کڻي، مڪان جي اڱڻ ۾ بيٺل هڪ سنجهي (ٽالهي) جي وڻ تي چڙهي ويو ۽ هڪ ڏار ڪپي آيو ۽ ان کي صاف ڪري، گهر وڃي ان تي لغڙائي رنگين پنا، ڪڻڪ جي ڳوهيل اٽي سان چنبڙائي، شام جو ئي ڏوڪري جي ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پهچي پنهنجي ڳوٺائي فقير جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٿوري دير کان پوءِ ڏٺائين ته ڪراڙو فقير به ڪارو پٽڪو ٻڌيو، ڪشتي ۽ ڪولابن سميت، هٿ ۾ بيراڳڻيون کنيون، اسٽيشن تي پهچي ويو. ٿوري دير گذري ته ريل آئي ۽ هي نوجوان به اک ٽيٽ سان ڪراڙي فقير کي تاڙي، ان جي پويان ساڳي گاڏي ۾ چڙهي پيو. رش ۾ ڪنهن کي به خبر ڪانه پئي ته ڪير چڙهيو، ڪير لٿو؟ ڪراڙي فقير به گاڏيءَ ۾ ڪا ڪنڊ ڳولي پنهنجو سامان رکي، اڃا بالم ٿي ويٺو ئي مس ته هيءُ نوجوان نئون ۽ هٿرادو فقير، به وڃي ڀرسان ويٺو، ته ڪراڙي فقير ڪرڙين اکين سان ڏسي چيس؛ “تون وري ڪاڏي؟ ٻئي هنڌ جاءِ ڪونه مليئي ڇا، جو اسان فقراهن جي پچر نه ٿو ڇڏين.” ريل هلي ۽ باڊهه اسٽيشن گذري ته ٽڪيٽ چيڪر به گاڏيءَ ۾ آيو ۽ ٻين ماڻهن جون ٽڪيٽون ڏسندي ڪراڙي فقير جي مٿان اچي بيٺو ۽ اردوءَ ۾ چيائين ته “ٽڪيٽ دکائو”. ڪراڙي فقير چيس؛ “ڇا جي ٽڪيٽ؟ اسان قلندر جا پانڌيئڙا آهيون، ڪو اڄ ٿا سيوهڻ جي ميلي ۾ وڃئون ڇا؟ چاليهه سال ٿيا آهن ايندي ويندي، پر ڪڏهن به اسان فقراهن کان ڪنهن ٽڪيٽ ڪانه پڇي.” ٽڪيٽ چيڪر چيس ته؛ “جلدي ڪرو، ورنه پرچا ڪاٽون گا.” فقير ٻانهون ٻڌي چيس؛ “ٻيلي خدا کي مڃ، مون مومن مسڪين جي جان ڇڏ، وڃي ڪنهن ٻئي جي پاڙ پٽ!” ۽ پنهنجي ڀرسان ويٺل نوجوان ۽ هٿرادو فقير ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته؛ “هي الائي ڪاٿون اچي ٽٽو آهي. هن کان ٽڪيٽ نه ٿو گهرين ڇو؟ باقي منهنجي مٿان ٺڳيو بيٺو آن!” ٽڪيٽ چيڪر ان جڳاڙي نوجوان فقير، جنهن کي رليءَ جي رنگين ٽڪرن مان ٺهيل اڌوري ٽوپي پاتل هئي، تنهن ڏانهن اشارو ڪندي چيس ته؛ “يه تو فقير هئي!” اهو ٻڌڻ سان ڪراڙي فقير چيڪر کي، پنهنجي آڱوٺي ۽ اشهد آڱر کي ملائي، هٿ کي هوا ۾ لوڏيندي چيس ته؛ “واهه ڙي سريلا، فقيرن سڃاڻڻ جو مور آن!”

لاڙڪاڻو ٻين معاملن ۾ خودڪفيل ٿيو هجي يا نه، سا مون کي خبر ڪانهي، پر جڙتو، جعلي ۽ جڳاڙي فقيرن جي معاملي ۾ گهڻو خودڪفيل ٿي چڪو آهي. هن شهر ۾ ايترا ته گهڻا جعلي ۽ هٿرادو فقير پيدا ٿي پيا آهن جو سنڌين چواڻي ته: “لٺ هڻ ته وڃي جڙتو فقيرن جي مٿي تي لڳندي.” جڙتو ۽ جڳاڙي فقيرن جي انهن آڏو وصف اها آهي ته ڏاڙهي وڌايو. (سونهاريءَ جو ڀرم به نه ٿا رکن) ضلعي دادو جي منفرد شاعر دادن فقير ڪيڏو نه سچ چيو آهي. سندس شعر آهي:

“رکايان ان ڪري نه ٿو ڏاڙهي اي دادن!

برا افعال ڏسي متان ڪو پٽي نه وٺي.

طوائفن جي وچ ۾ ويهي، انهن جي جسمن کي ايڪسري جي مشين ۽ فلم وانگر ڏسڻ، انهن جي گفتگو جو مزو وٺڻ ۽ انهن کان فرمائشون ڪرڻ ته؛ “اڄ ته تنهنجي هٿن سان ٺهيل چانهه پيئندم، هوٽل جي چانهه پي پي ڪڪ ٿيو آهيان.” (گهر گهاٽ ئي ڪو نه هين) اهڙين عورتن سان بي مطلب گفتگو ڪري، انهن سان تاڙو ملائي هٿن جو لمس وٺي ۽ پوءِ فرمائشي ٽهڪ ڏيڻ ۽ پاڻ کي فقير سڏرائڻ؟!!!

هي ڊراما باز، اندر جا پليت، شيطان صفت بقول جمعي فقير ته؛ “ابا ڊڄ، انساني کل ۾ ڪيتريون ئي بلائون گهمنديون ٿيون وتن.” ڏينهن رات پراين ۽ ڌارين عورتن کي ٽي وي، ويڊيو، فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جا ڏٽا ڏئي، رات جي پيٽ ۾ اسٽيج ڊرامن جا هدايتڪار ۽ ڪهاڻيڪار بڻجي، اهڙي ڏک ڏيندا ڄڻ آمريڪا جي فلمي اداري هالي ووڊ مان ٽريننگ وٺي آيا آهن. حسينن جي مجلس ۾ ويهڻ جو گر ان ريت سکيا آهن جو ڪي ته پاڻ کي هٿ جي ريکائن ڏسڻ جا گرو (ماهر) به ڪوٺائين پيا. ڇو ته، ايئن حسين عورتن ۽ سهڻن ڇوڪرن جا هٿ ڪجهه دير ته هنن جي هٿن ۾ رهندا.

“تقريب ڪڇ تو بهر ملاقات چاهيئي.

لاڙڪاڻي ۾ هڪڙو اهڙو نئون، جعلي ۽ جڳاڙي پير پيدا ٿيو آهي، جيڪو نالي ۾ مسلمان آهي پر هندن جي پنڊتن ۽ ڀوپن کي به مات ڏئي ويو آهي. بظاهر سادو نظر ايندو. پويان ڪياڙي تائين وڏا وار ۽ وڏي ڏاڙهي. اردو جي ڪنهن شاعر جي لفظن ۾:

“يه تيري سادگي ڀي اڪ فريب هي”

هي جعلي فقير ٻين کي نقش ۽ تعويذ لکي ڏيڻ ۾ ڏينهن رات رڌل آهي پر پنهنجا نصيب اهڙا اٿس جو پاڻ “پن سن” جي ماني کائڻ ۾ پورو آهي. هي شعبدي باز گرو، پنهنجن نوجوان چيلن (مريدن) کي منفي قدرن ڏانهن مائل ڪري، ماڻهپي مان ڪڍي، اخلاق کان ڪريل، وحشي دور جا سبق ڏيندي چوي ٿو: “ڇا جو پيءُ ماءُ؟ ڪهڙي پيءُ جي شفقت؟ ڇا جي ماءُ جي مامتا؟ هي سڀ ڪجهه جنسي بک جو پورائو ڪرڻ جو نتيجو آهي. جيڪڏهن والدين کي اولاد سان محبت هجي ها ته پوءِ والدين هڪ ٻار ڄڻڻ تي اڪتفا ڪن ها. هڪ ٻار کان پوءِ ٻيا ٻار پيدا ٿيا ته اولاد سان ڇا جي محبت؟ اهو ته سڌو سنئون جنسي بک جو پورائو ڪرڻو آهي. جي پيءُ جي ٻاجهه ۽ شفقت هجي ها ته پوءِ رستم ۽ سهراب ته پاڻ ۾ سڳا پيءُ پٽ هيا. رستم پنهنجي سڳي پٽ سهراب کي ڇو قتل ڪيو؟ ان وقت پدري رت جوش ڇو نه کاڌو؟” سوچڻ جو مقام آهي ته پاڪ رشتن ۽ ناتن جي ڀيل ڪرڻ جا واعظ ڪرڻ وارا پاڻ کي فقير سڏائن؟!! ان جو هڪ چيلو، جيڪو پنهنجي نرڙ تي فقير هجڻ جو هٿرادو ليبل چنبڙائي، پنهنجي گروءَ وانگر رت جي رشتن جي ڀيل ڪندڙ ۽ نالي ۾ مسلمان ۽ منهن مهانڊي ۾ انسان لڳندڙ ان گروء لاءِ چوي ٿو ته (معاذالله) هو ته خود خدا آهي. اڃا ويهين صدي جي هن مفڪر ۽ عوامي اڪابرن جي سرواڻ جمعي فقير جا چيل لفظ صحيح نه آهن ته:”ابا ڊڄ! انساني کل ۾ ڪيتريون ئي بلائون لڪل آهن.“

جمعو فقير، جديد دور جو نئون وتايو، انهن مڙني ڪڌن ڪمن ۽ خراب ڳالهين کان آجو هو. انسان هيو، هن ۾ ضرور ڪي انساني اوڻايون به هونديون. پر الله پاڪ هن عوامي فيلسوف ۽ مفڪر کي گهڻين ئي گندين ڳالهين کان نجات ڏئي بچائي رکيو هو. ڇاڪاڻ ته جمعي فقير جي ڳالهه ۽ نگاهه ۾، “اصلي” انسانن جي “انساني عظمت” جو احساس به هيو ته خدا جو احترام به. هو فطرت جي ان لازوال انعام کان به خالي نه هيو، جنهن کي پيار چوندا آهن. قدرت هن کي قلب ۽ نظر جي وسيع دولت عطا ڪئي هئي. هي ان حديث جو عملي نمونو هيو، جيئن نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته؛ “ڇا تون نه ٿو ٻڌين ته سادگي ايمان جي نشاني آهي.” يا انگريزي جي هن قول جي هوبهو تصوير هيو:

“Simple living; High thinking”

قمبر شهر ۾ رهڻ دوارن جمعو فقير حجامڪو ڪم ڪندو هيو. پر جڏهن قمبر مان لڏي لاڙڪاڻي جي هڪ پاڙي رحمت پور ۾ خيما اڏيائين ته حجامڪو ڪم ڇڏي، قدرت طرفان مليل لازوال انعام “پيار” جي پالوٽ، گگدامن ۽ ڪتن ٻلن جي خدمت ڪرڻ ۾ صرف ڪيائين ۽ ان سان گڏ گداءُ به ڪرڻ لڳو. پيشه ور فقيرن جيان ۵ يا ۱۰ روپين جي سين ڪونه هڻندو هو ۽ نه ئي ماڻهن کي تنگ ۽ ڪڪ ڪندو هو. ڪو کيس خيرات ڏيڻ کان انڪار ڪندو هو ته چوندو هيس ته؛ “الله پاڪ جي جوڙ ته ڏس، توکي ڪيڏو نه خوبصورت ڪري پيدا ڪيو اٿس. ميان شڪر ڪر جو انسان ڪري پيدا ڪيو اٿئين! جي جانور ڪري پيدا ڪرئي ها ته تون ڇا ڪرينس ها؟ پنهنجي پيدا ڪندڙ، رازق ۽ ٻاجهاري جي نانءَ تي چند سڪا به قربان نه ٿو ڪرين سگهين! پر جي هاڻي ڪو مهمان اچي وڃئي ته ان کي راضي ڪرڻ ۾ ڪيترا پئسه خرچ ڪندين؟”

جمعو فقير ٻروچن کان خيرات اصل ڪونه گهرندو هيو. ٻروچ کي پري کان ڏسندي ئي پاسو ڪري ويندو هو. پڇيائونس؛ “ڇو؟” چيائين؛ “ان قوم ۾ خدا هجڻ جو دعويدار (فولاد شر) پيدا ٿيو هو. ان ڪري اڳ ۾ الله پاڪ کان ۽ پوءِ ٻروچن کان ڊڄان ٿو”. هڪ دفعي ڪنهن ٻروچ کيس پاڻ هرتو هڪ روپيو خيرات طور ڏنو ته هٿ جي تري کولي، ان تي اهو روپيو رکي، آسمان ڏانهن اشارو ڪندي چيائين: “اڄ خبر پئي ته ٻروچ به توکان ڊڄن ٿا.”

جمعو فقير سدائين مادي گڏهه رکندو هو. پاڻ کان وڏي ۽ ڊگهي ڏانگ هٿ ۾ هوندي هيس. ڪڏهن ڪڏهن گڏهه جي مٿان چڙهندو هيو نه ته گهڻي قدر گڏهه کي گهليندي نظر ايندو هو. ڪنهن چيس؛ “جمعا فقير هاڻي ڇڏ هن ڏٻري گڏهه کي، ڪو طاقتور گڏهه (نر) رک، جيڪو پاڻ هلي. هيءَ ته هلڻ ۾ هلاڪ آ”. جواب ۾ چيائينس؛ “نر گڏهه گهر ۾ بيهاريان ته ان لاءِ ڪڇو به درزي کان ٺهرائڻو پوندو.”

جمعو فقير ڪڏهن به ڪنهن پاڙي مان گذرندو هيو ته ڪتا، هن کي سڃاڻي ڪڍ لڳي پوندا هيا. رستي ويندي ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ بيهي ته ڪتا به هن جي چوگرد اوتري دير تائين گهيرو ڪري بيهي رهندا هئا. هڪ دفعي ڪنهن پڇيس: “جمعا فقير ايترا ڪتا ڌاريا اٿئي؟” موٽ ۾ چيائينس؛ “بيوفا ڀرا ڪنون، ڪتا يار ڪريجي! ڇاڪاڻ ته هي نقصان ڪونه ڏيندا. گهر وٺي ويهاريان ته سنڀال ڪندا، پر جي ماڻهو وٺي ويهاريان ته پوءِ ڪهڙو حشر ٿيندو؟ اهو تون به سمجهين ٿو!”

هڪ دفعي جناب ذوالفقار علي ڀٽي، لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي رهائش گاهه المرتضى هائوس جي اولهه واري حصي ۾، ڪچهري پئي ڪئي. پاڻ صدر مملڪت ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هيو. با-وردي ۽ با-ادب ڳاڙهن اڇن خلن (ڪلاهن، طُري وارا پٽڪا) وارا بيرا خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ مصروف هئا ته ڀٽي صاحب کي جمعي فقير جي اچڻ جو اطلاع مليو، جنهن کي پاڻ نياپو موڪلي گهرايو هئائين. وقت جي صدر، ڀٽي صاحب، اٿي جمعي فقير جي آجيان ڪئي ته حاضرين مجلس به اٿي بيٺا. تنھن تي جمعي فقير چين: “خوشامد گهٽ ڪريو. هونءَ ته رستي ويندي اسان پارن مسڪينن کي سلام جو جواب ڏيڻ ۾ به ٻرو چڙهندو اٿو.”

هڪ عيد تي، ڀٽو صاحب عيد نماز پڙهڻ ۽ کلي ڪچهري ڪرڻ لاءِ، جيئن المرتضى مان نڪري، نئون ديرو وڃي رهيو هو ته لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل هاءِ اسڪول جي موڙ وٽ جمعي فقير سان مکا ميلو ٿيس. ڀٽي صاحب گاڏي مان لهي جمعي فقير کي چيو؛ “جمعا! عيد مبارڪ، وڌي اچ ته عيد ملئون.” چيائينس: “اڃا عيد نماز پڙهي نه اٿئي! ڇا جي عيد مبارڪ؟” ڀٽي صاحب چيس؛ “چڱو ڀلا دعا ڪر!” چيائينس؛ “منهنجي دعا سان ته پاڪستان جو بادشاهه (صدر) ٿيو آهين. اڃا به راضي ۽ خوش ناهين ته .......”

جناب ذوالفقار علي ڀٽو هن سان اڪيلائپ ۾ ملي ڳجهيون ڳالهيون ڪندو هو. انتظاميه ۾ اچي ڦڙڦوٽ پئي ته الائي جمعو فقير متان اسان جي شڪايت نه ڪندو هجي. ان ڪري ڀٽي صاحب جي آمد تي، جمعي فقير لاءِ المرتضى واري روڊ تي اچڻ وڃڻ تي ڪرفيو لڳايو ويو. هڪ ٻه دفعا ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي آيو پر جمعي کي نه ڏٺائين. پڇا ڪيائين؛ “جمعو فقير ڪٿي آهي؟ مان ٻه ٽي دفعا لاڙڪاڻي آيو آهيان پر جمعو فقير رستي ويندي به نه ٽڪرايو آهي. خدا نه ڪري، ڪٿي جمعو بيمار ته نه آهي”. سختيءَ سان حڪم ڏنائين؛ “جمعي فقير کي ڪٿان به ڳولي، هاڻي جو هاڻي مون سان ملايو”. ڀٽي صاحب جا نادري حڪم ھو. لاڙڪاڻي جي انتظاميه ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. جمعي فقير جي تلاش ۾ ڪيترائي آفيسر نڪري پيا. ڳوليندي ڳوليندي، ڏٺائون ته جمعو فقير مڇي مارڪيٽ (خان بهادر امير علي لاهوري مارڪيٽ) ۾ اکيون ٻوٽي، گوتم ٻڌ وانگر ڪنهن گيان ۾ گم هو ۽ سندس گڏهه ڀرسان گاهه کائي رهي هئي. هڪ وڏي عملدار ڀرسان وڃي چيس؛ “ڀٽو صاحب، توکي ياد پيو ڪري. اسان سان گڏجي هل.” جمعي فقير، فوري طور گڏهه جي رسي ۾ هٿ وجهي، ان کي گهلڻ شروع ڪيو. جنهن تي عملدار چيس؛ “تون گڏهه کي گهلي پيادو هلندين ته پوءِ المرتضى هائوس ڪڏهن پهچندين؟ هي پوليس اسڪاٽ ۽ ڀٽي صاحب وزيراعظم هائوس جي ڪار خاص ڏني آهي، ان ۾ چڙهي هل.” اهو ٻڌي جمعي فقير گڏهه کي ساڳي جاءِ تي بيهاريندي چيو: “پاڻ (ڀٽي صاحب) ماڻهو موڪليو اٿس، مان پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي سواري تي هلندم. هي ڪا توهان وانگر حڪومت واري عارضي سواري ڪانهي، جنهن تي اڄ هڪڙو چڙهي ته سڀاڻي اها ساڳي گاڏي ڪنهن ٻئي جي هجي. مان ڪار تي مرڳو ڪونه چڙهندم. توهان جي مرضي وڃي ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ته جمعو ڪار تي نه ٿو چڙهي.” ڀٽي صاحب جو حڪم هيو سو پوليس عملدارن چيس؛ “فقير تنهنجي مرضي، گڏهه تي ئي هل، پر ٻيلي خدا کي مڃ! هل ته سهي!”  لاڙڪاڻي جا روڊ جيڪڏهن شاهدين ڏيڻ جهڙا هجن ها ته اها شاهدي يقينًا ڏين ها ته ڪيئن جمعو فقير پوليس اسڪاڊ واري پروٽوڪول ۾، پنهنجي ڏٻري گگدام گڏهه تي چڙهي، خرامان خرامان المرتضى هائوس (وزيراعظم هائوس) ۾، گڏهه سميت، اندر داخل ٿيو هيو.

هتي پاڻ کي، نعوذ بالله، خدا سڏائيندڙن جا سج اڀريا ۽ ٻڏي به ويا. پر جمعي فقير جو سج اڀريو ته ٻڏو ڪونه. مون کي ايران جي مشهور شاعر حافظ جو شعر ٿو ياد پوي. جيڪو حافظ ڄڻ لاڙڪاڻي جي جمعي فقير لاءِ چيو هو:

“دولت     فقر    خدايا  به   من   ارزاني   دار،

ڪه اين ڪرامات سبب، حشمت و تمڪين من است”

(خداوندا! مون کي فقيري جي دولت عطا ڪر! ڇاڪاڻ ته اها مهرباني منهنجي شان ۽ شوڪت جو باعث آهي)

گذريل سال ڊسمبر مهيني جي پوئين هفتي ۾، لاڙڪاڻي کي ضلعي حيثيت ۾ ۱۰۰ سال پورا ٿيڻ تي، شاهنواز ڀٽو آڊيٽوريم ۾ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي طرفان “جشن لاڙڪاڻو” ملهايو ويو. جنهن ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محترم ڪريم بخش خالد، محترم عبدالغفور ڀرڳڙي، ميڊم حميده کهڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مگر مجال آ جو ڪنهن ڳالهائيندڙ جي واتان، هن جديد وتائي جمعي فقير جو نالو نڪتو.

ان ساڳي طرز تي، لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ، اردو ڳالهائيندڙن طرفان ٺهيل هڪ علمي ادبي تنظيم “لاڙڪاڻو سنگت” جي پليٽ فارم تان، نيپا آڊيٽوريم ڪراچيءَ ۾ گذريل ۱۸ جنوري تي “جشن لاڙڪاڻو” ملهايو ويو. جشن لاڙڪاڻو جو اهتمام ڪندڙ، لاڙڪاڻو سنگت جي باني چيئرمين ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي سيڪريٽري جنرل، سٺي ۽ نامور شاعر ۽ اديب مسلم شميم، پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ جديد ڏاهي ۽ عوامي اڪابر جمعي فقير جي نالي جو بار بار ورجاءُ ڪيو ته ههڙو عوامي فيلسوف به لاڙڪاڻي جي مردم خيز زمين جي پيداوار آهي. لاڙڪاڻي مان لڏي ويندڙ فوٽو گرافر اڪرام دکني سان جڏهن يونيورسٽي روڊ ڪراچي جي دشتيار اپارٽمينٽس ۾ قائم ڪيل سنڌ فوٽو اسٽوڊيو ۾ اڳوڻي صدر ايوب خان ۽ جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي تصوير سان گڏ لڳل جمعي فقير جي گڏهه سان نڪتل تصوير بابت پڇيم ته اڪرام وراڻيو؛ “هي ٻئي (ايوب خان ۽ ڀٽو صاحب) پاڪستان جي رياست جا بادشاهه (صدر) هيا ته جمعو به پنهنجي رياست جو بادشاهه هيو.” پوءِ اردو جو شعر پڙهيائين:

“هم خاڪ نشينون ڪي ٺوڪر مين زمانه هي”


 

جمعو فقير

ويهين صديءَ جو وتايو!

انعام شيخ

ڏاڙهي مُڇ صفا چٽ، شرارتي اکين ۾ سُرمو ڄڻ ته ڏوئيءَ سان گُديو ويو هجي. موڪري منهن کي سرنهن جي تيل جو تازو مَکُ آيل، ٻانهن تي ڏينڀوڙين جا ساوا نشان نڪتل ۽ ڪُوڙيل مٿي تي کٿڙيل ميرو پٽڪو يا ڪنهن مئل انگريز جي خيرات ۾ مليل ٽوپي پاتل. سياري اونهاري جسم تي پيل نيلامي ڪوٽ، ڪوٽ جي اندران لُئاڙيل گابي چٻاڙيل “خميس”، تنهن جي هيٺان ڳجهن کيسن واري ڇيٽ جي پراڻي سُراڻي صدري- ۽ صدريءَ جي اندران اڪثر ڪري بافتي واري گنجي پڻ اٽڪيل. هيٺ تي ڪائنچ بدران نيروليءَ جي رڱيل ڪا ميري سيري گوڏ ۽ پيرن ۾ بُولڙو بوٽ يا ڦاٽل ساٽل سليپر جي عمر صفا پوري ٿي وڃي ته پوءِ چتين لڳل ٻه- پٽي چؤنپل هوندي، جنهن جي ٻنهي پٽين کي وٽيل اڳڙيون ويڙهي، چپل کي ڀيڏين ۾ اهڙو ته سُڪ ڪيو ويو هوندو، جو سير سفر ڪندي ان جي لهي وڃڻ يا ڪري پوڻ جو ڀَئه ڀولو باقي نه رهندو. ڀَيڏين کان مٿان اڳٺن ۽ سُٽ جي ٽوڙهن سان ڇڪي ٻڌل پِنيون ته پري کان ئي پڌريون هو نديون. صبح هجي يا سانجهي، ٽاڪ منجهند هجي يا سومهڻي کيس ورلي ڪنهن ماڻهوءَ پراڻي همسفر يعني گڏهه کان جُدا ڏٺو هوندو. ساسي ساهه جي ڍڍريءَ هيٺان لئيءَ جي ڪاٺي آرپار لنگهائي، ان جي ٻنهي ڇيڙن ۾ رسو ٻڌي، موٽر سائيڪل جي Foot rest جيان ٺاهيل “پيرن رکڻيءَ” تي کُپ کوڙيل هوندس. ڊگهي ٻاچڪي جو وِچُ ڪوري گگدام جي پٺيءَ تي رکيل، ٻنهي پاسن کان لڙڪندڙ وڏا بُجڪا به صاف صاف نظر ايندا. عُمرو عيار جي زنبيل کان به اونهن انهن بُجڪن منجهه خيرات ۾مليل اڌ ڪنن صوفن ۽ ڪيلن، ڦٿل ناسپاتين، نارنگين، گوشت مارڪيٽ مان گڏ ڪيل ڇيڇڙن، ڦڦڙن ۽ آنڊن کانسواءِ ٻيا مليل بيشمار وکر ئي سانڀيل نه هوندا، بلڪه سير ڪندي لڌل پلاسٽڪ جون ڳوٿريون، ريشمي ڪپڙن جا ٽڪر، ٽِين جا خالي ٽڀا، بجليءَ جا خراب ٿيل بٽڻ ۽ پراڻيون اخبارون به هڪٻئي مٿان سٿيل ڏسڻ ۾ اينديون. گڏهه جي چيلهه کان ٿورڙو هيٺ ڍاڪن جي مٿان ٿڳڙيون نڪتل رلهيءَ تي ڳچيءَ منجهه ڳانا پائي بالم بڻيل، هٿ ۾ وڏي ڏانگ کنيل، ڪلهي ۾ بُجڪي ۽ بجڪيءَ منجهه مانيءَ جا اڌڙ ۽ پارچا کڻي هلندڙ هن معروف فقير کي شهر جا پوڙها پڪا ۽ ٻار ٻچا ته ڇڏيو، لاڙڪاڻي جو هر گهر، گهٽي ۽ گام به پراڻي مائٽ جيان سُڃاڻي!

جمعي فقير جي واقفڪارن ۽ مداحن ۾ نواب اميرعلي لاهوري، ذوالفقار ڀٽي، مسعود مفتي، جنرل ۽ بيگم عتيق، قاضي فضل الله، جسٽس غلام محمد ڪوريجي، ڪريم بخش کهڙي، خانصاحب فقير محمد انڙ، علي گوهر کهڙي کان وٺي پروفيسر اياز قادريءَ تائين اڻ ڳڻيون پڙهيل لکيل ۽ لائق هستيون ئي شامل نه هيون..... هُو ته حسين باگڙياڻين، گوڏر گاڏرن، گراهڪن جي راهن ۾ نيڻ وڇائي ويٺل چَپَ چَٽوُ دڪاندارن، ٽِڻڪ ۽ ٽوڻائي اوستن، سيئو بازار ۾ سَوَن جي تعدا د ۾ ويٺل واندن ۽ ٽوٽي مزدورن، ليٿ مشين جي مصروف مسترين، هوٽلن تي اونگهندڙ آفيمين، ڪورٽ جي احاطي ۾ ويٺل چيڙاڪ اسٽامپ وينڊرن، گاريل ٽانگي وارن، ڪم سان گڏ ڪنڌ ڌوڻ ۾ ورتل ٻيڙي ٻاڌارن، جل ڦٽاڪن اخباري هاڪرن، بڙواتي حجمن، مٿي تي ڦريل ٽوپي، ڪنڌ ۾ رومال ۽ ور ۾ ڪِرپان رکي شهر رلندڙ لُچن لوفرن يا مٿي تي جناح ڪئپ ۽ هٿ ۾ سگريٽن جو پاڪيٽ کڻي هلندڙ “معزز” شيٽ ڪلارڪن سميت ڪهڙي ڪهڙي شخص جو دل گهريو دوست نه هئو! ماجسٽريٽ گاڏي روڪي کانئس طبيعت پڇندا، صوبيدار ٽانگو بيهاري پنجين جو نوٽ ڏيندا . زميندار ويندي ويندي ٽهڪ ٽڙو ڪيو ويندا. صفا مرچوس مانڊڙين وارا به جمعي فقير کي بيهاري اڌڙ چانهه جو آڇيندا ۽ گهوڙيا گڏهه تي ويٺي کيس نئين آيل جنس جي وَٽ پيا ڪرائيندا. سندس دل جي دفتر تي به رنگ، مذهب، جنس يا طبقي جو تفاوت تِرَ برابر نه ٿيو هئو! شاهه هُجي يا گدا، سيٺ هجي يا سُڃو، هو سڀ جو خير-گهرو ۽ هر ڪنهن سان “سائين ميان” ڪرڻ وارو صاف سٿرو انسان هئو. سچائيءَ کي منهن تي ڦهڪائيندي هُو اهو ڪڏهن به نه ڏسندو ته اڳلو ڪهڙي پدويءَ کي پهتل آهي. ڀٽي ذوالفقار سان سندس لاڏ ۽ لاڳاپا ته لاڙڪاڻي جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو. ڀٽو صاحب اڃا وزير وڙو نه هئو ٿيو، جو فقير سان سندس گهاٽائپ ٿي ويئي. ڀٽو صاحب جڏهن به لاڙڪاڻي ۾ايندو ته هُو کيس خاص دعوت موڪلي “المرتضيٰ” ۾ گهرائي ساڻس خوش دليءَ سان حالي احوالي ٿيندو هو. لاڙڪاڻي واسي چون ٿا ته ڀٽو صاحب جڏهن پاڪستان جو صدر بڻجي پهريون ڀيرو اباڻي شهر گهمڻ آيو هو ته جمعي سان مکا ميلو ڪندي، موڪلائڻ مهل سؤ روپين جو نوٽ کيسي ۾ وڌائينس. فقير جڏهن ملڪي ‘بادشاهه’ کان ڇڙا سؤ رپيا خرچي ملندي ڏٺا ته هڪدم چوٽ ڪندي چيائين: “ڀٽا صاحب، جيڪڏهن مان ڀٽو ۽ تون جمعو هجين ها ته اڄ توکي سونو ڪري ڇڏيان ها.” جنهن تي ڀٽي صاحب کلندي کيس پنج سؤ رپيا ڏنا ۽ دُعا ڪرڻ لاءِ چيو. فقير موقعو مُناسب ڏسندي ٿڏي تي وراڻيو: “جي انهيءَ بادشاهيءَ کانپوءِ به خوش ناهين ته پوءِ ڀلا اچ ته گڏجي گدا ٿا ڪريون:” ڀٽي صاحب جي اهڙي ئي هڪ کُليل ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هڪ ڀيري فقير گڏهه تي سوار ٿي “المرتضيٰ” پُهتو ته لاڙڪاڻي سان لاڳاپو رکندڙ هڪ بااثر وزير ۽ تڏهوڪي ايس پي پنيل جوڻيجي کيس ڀُٽي صاحب سان ملڻ کان روڪيو. پر فقير به “محبوب” جو ديدار ڪرڻ کانسواءِ واپس وڃڻ کان قسم جو کڻي بيٺو هُئو، تيسيتائين اُتان نه چُريو جيستائين مٿس ڀٽي صاحب جي نظر نه پئي. ڀٽي صاحب ڏسندي ئي کيس سڏيو ته هن وزير ۽ ڪوٽوال ڏانهن نهاريندي چيو: “ڀُٽا صاحب توسان ملڻ لاءِ ته آتا آهيون، پر تُنهنجا ڪُتا به ته ڇڏين نه!” اهڙيءَ طرح ڀُٽي صاحب سان سندس ملاقات ته ٿي، پر ايس پي لاڙڪاڻي طرفان مليل ڇڙٻ کي هُن پوءِ به نه وساريو! ٻه چار ڏينهن رکي هاسيڪاري پيرين پياد وڃي ايس پي هائوس تي پهتو. اتفاق سان ايس پي صاحب به گشت تي پئي نڪتو، سو جُمعي کي ڏسي چيائين “جُمعا وري ڪهڙي کوٽ کُٽي ٿئي. ڀُٽي صاحب آڏو بيعزتي ڪرڻ کان پوءِ به هانءُ نه ٺريو اٿئي ڇا؟” جمعي حسب دستور مُرڪندي وراڻيس: “ايس پي صاحب، ڀيڻسان ڪالهانڪو گڏهه گُم ٿي وئي آهي. سو ڳولڻ آيس ته ڪٿي اُها ناناڻي (ايس پي هائوس) ته اچي نه نڪتي آهي!” آڙيڪاپ ايس پي اسٽاف آڏو وڌيڪ بيعزتيءَ کان بچڻ لاءِ هڪدم سَوَ جو نوٽ کڻي جُمعي جي تريءَ تي رکيو، پر فقير ساڻس پراڻو احسان پوريءَ طرح چُڪائڻ کان پوءِ به نه مُڙيو ۽ پئسا وٺي ڪري آسمان ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”پوليسارو ۽ خرچي! واهه موليٰ واهه!!

شهيد ڀٽي صاحب سان ايڏيون هُجون ڪندڙ هيءُ انسان سندس موت تي ٻارن وانگر رڙيون ڪري رنو هئو. پنهنجي دوست جي اڻ مندائتي انت تي جمعي ڪا ريل ته ڪا نه ڪيرائي، پر هن وس پڄندي ضياءَ تي جيڪي ڦٽڪارون ڪيون ۽ مٿس نقل نڙا ٺاهيا، سي مرهيات کي قبر ۾ به چُڀندا هوندا.

ڀُٽي صاحب جي دوستيءَ کانسواءِ جُمعي کي سياست سان ڪا خاص دلچسپي ڪو نه هُئي. پر ائين به ڪو نه هُئو ته هُو آسپاس جي ماحول کان اکيون ٻوٽي هلندو هُئو. سَتر جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌي مهاجر تضاد عروج تي هئو ۽ سنڌ جا وسيلا ڌارين جي قبضي ۾ هُئا، تڏهن لاڙڪاڻي جي شاهي بزار مان مُهاجرن جي دڪانن آڏو لنگهندي هُن کي اَچي مُستي سُجهي. سو اُتي بيهي جبار ڀائي بوٽن واري کي وڏي آواز سَڏُ ڪندي چوڻ لڳو ته: ”جبار ڀائي مهاجر! ڪالهه خواب ٿو ڏسان ته مري ويو آهيان ۽ ملائڪن کنڀي کڻي آسمان تي پهچايو آهي. مون کي ٿا چون ته جُمعا تنهنجا لڇڻ الله کي وڻيا آهن، سو تون هلي بهشت ۾ ويهه. مان عادي بُڻيادي گنهگار سو چوان ٿو ته ٻيلي مان وڏو ڪِنو ڪينئارو آهيان، ڇڏيو ته دوزخ ۾ وڃان. پرملائڪ آهن جو بهشت ڏي پيا گِهلين! ۽ مان آهيان جو پيو دوزخ ۾ وڃڻ لاءِ ليٿڙيون پايان....نيٺ جڏهن ملائڪن ۽ مُنهنجي وچ ۾ هيرا هُدرا وڌي ويا ته هڪڙو ملائڪ جيڪو پهلوان ٿي لڳو، تنهن اچي ڳٿڙ کان جهليو ۽ چيائين: جُمعا عزت ان ۾ ٿئي ته سڌو بهشت ۾ هَلُ، نه ته توکي واپس لاڙڪاڻي ڇڏي اينداسين! سو مان به چئي ڏنومانِ ته “ڀلي ماري ذريون ذريون ڪيو، پر مون وارو يار جبار دوزخ ۾ پيو مزا وٺي. جاڏي جبار ڀائي ويندو، مان به اوڏانهن ويندس.” جمعو پنهنجي لوڪ ڏاهپ سان رڳو استحصالي ٽولي تي ائين چٿرون ئي نه ڪندو هُئو، پر متعصب مذهبي جماعتن جي اڳواڻن جي لاک به وڏي طمطراق سان لاهيندو هُئو. لاڙڪاڻي سان لاڳاپيل هڪ مذهبي جماعت جو مشهور رهنما اليڪشن ۾ ورڪ ڪندي رحمت پور محلي ۾ سندس گهر وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ پهتو ته جمعي سندس آجيان ڪندي چيو: “مولانا صاحب مان ووٽ تڏهن ڏيندو آهيان، جڏهن ڪو سَکُ ڏيم، گهر واري سُک ٿي ڏئيم، سو ووٽ به ان جي چوڻ تي ڏيندو آهيان، تون اهو ساڳيو سک ڏين ته ووٽ تنهنجو. جي سودو قبول ٿئي ته بسم الله، نه ته تون پنهنجي گهر خوش ته مان پنهنجي گهر...” مولانا صاحب اهو عزت ڀريو جواب ٻڌُڻ کان پوءِ ووٽ کان ته ڪئي توبهه، پر واٽ ويندي جمعي تي نظر پوڻ سان به “لاحول ولا قوة” چئي رستو مٽائي ويندو هُئو.

جمعو عادي بُڻيادي پينانگ نه، پر هڪ پورهيت انسان هئو ۽ قمبر جو ميونسپالٽيءَ جي ٻاهران حجامڪو ڌنڌو ڪري پيٽ پاليندو هو. لاڙڪاڻي ۾ سندس ڪٽنب ۱۹۴۸ع واري ٻوڏ جي خوف کان لڏي اچي ويٺو. هونئن قمبر جي “ڪُور سليمان” واري جُوءِ ۾ “دوست عليءَ جي بنگلي” وارو ماڳ سندس اباڻو اجهو سڏرائي ٿو. پنهنجي پورهيي سان هن جي پيار ۽ پاٻوهه جا به عجيب قصا آهن! هُو گراهڪ جي سنوارت ڪندي نه رڳو احتياط ۽ نفاست سان سلهاڙيل هوندو، پر ڳالهين، ٽوٽڪن، قصن، تبصرن ۽ حيرتن جا جزيرا به دريافت ڪندو ويندو. هڪ ڀيري قمبر کان لاڙڪاڻي ويندڙ ڪو صفا تڪڙو همراهه وٽس سيرب ڪرائڻ لاءِ اچي ويٺو. همراهه کي هئي جلدي، سو ڪرسيءَ تي ويهڻ شرط ڪاريگر کي سيگهه ۾ هٿ هلائڻ جي هدايت ڪيائين. جمعي کي ته اهڙن اُٻهرين آسامين سان کشٽ ڪرڻ ۾ مزو ايندو هئو! سو هن به جُود ڪري ڏاڙهي پِسائڻ وارو برش ڀرسان وهندڙ ڪني پاڻيءَ واري ناليءَ ۾ ٻوڙي سندس سيرب شروع ڪئي. آيل گراهڪ آپي کان نڪري ويو ۽ کانئس انهيءَ حرڪت جو سبب پڇندي چيائين: “ڪاريگر اکيون نه اٿئي! ڪني پاڻيءَ ۾ برش ٻوڙي ڏاڙهي ٿو ٺاهين!” جمعي ٺهه پهه وراڻيس: “منهنجا ڀاءُ! تون ڀلا ڪهڙي سُٺي پاڻيءَ مان ٺهيل آهين؟!” همراهه زور اڳيان زاري ڏسندي اٿيو ۽ وڃي پريان وهندڙ نل منجهان پاڻي ڀري آيو. جمعي وري سنوارت ته شروع ڪئي، پر هڪ طرف پاڪي هلندي هلندي نڀاڳي ڍور وانگي گَههُ ڪري بيهي ٿي رهي ته ٻئي پاسي سندس زبان به هڪ هنڌ بيهڻ کان انڪار پئي ڪيو. نيٺ آيل گراهڪ بيزار ٿي، پئسا اڇلائي اسٽيشن جو رستو ورتو ۽ وڃي لاڙڪاڻي ويندڙ پسئينجر ٽرين ۾ ويٺو. جمعي فقير به نه هَم ڪئي نه تم- اوزار جهوليءَ ۾ وجهي گاڏي ۾ ساڳي همراهه جي اڳيان اچي ويٺو. اڳلي گهڻيون ٻانهون ٻڌيون ۽ آزيون نيازيون ڪيون، پر جمعي جي سؤ ڳالهين تي هڪڙي ڳالهه. چي:”پئسا ورتا اٿم ته ڪم ضرور پورو ڪندس.” نيٺ هلندڙ گاڏيءَ ۾ ويٺل مسافر ‘ڏاڙهي ڪوڙڻ’ جو اهو منفرد منظر ڏسندا ۽کلندا رهيا، پر جمعي همراهه جي سيرب ٺاهي سندس جان ڇڏي!

لاڙڪاڻي واسي حجامڪي ڌنڌي جي ڪري جمعي فقير کي ذات جو منگي سمجهندا آهن، پر سندس گهر واري لال خاتون انهيءَ ڳالهه جي ترديد ڪندي فقير جو پورو نالو محمد جمن ولد عبدالله ۽ ذات جو سومرو ٻڌائي ٿي. اهڙي ئي دعويٰ سندس پٽ علي گوهر ۽ پڙهيل ڳڙهيل پنجن بيروزگار پوٽن ۽ ڏوهٽن جي پڻ آهي. رحمت پور محلي جي آئل ڊپوءَ جي ڀرسان جهريل جاءِ ۾ رهندڙ جمعي فقير جي پوئين گهرواري ۸۰ سالا مائي لال جو چوڻ آهي ته جمن تي فقيري رنگ ڪئين ڏهاڪا اڳ ڀٽائيءَ جي ميلي تان واپسيءَ کان پوءِ چڙهيو. پراڻا ڏينهن ساريندي هوءَ چوي ٿي: ميلي تان موٽڻ کان پوءِ جمن ساڳيو محمد جمن سومرو نه پر “جمعو فقير” بڻجي ويو ۽ دنيا جا ڪم ڪاريون ڇڏي، سئر سفر لاءِ نڪري ويو. سندس فقيري ويس ڏسي، جڏهن ماڻهو منجهانئس ڌپ اچڻ جي شڪايت ڪندا هئا ته هو ڏکارو ٿي مون کان اچي پڇندو هئو ته: “لال! توکي مون منجهان بوءِ اچي ٿي؟” مان چوندي هئي مانس ته مون کي ته خوشبوءِ ٿي اچي... اهو ٻڌي جمعو گدگد ٿيندي چوندو هئو:”توکي وڻان ٿو ته گنج ٿيو، ماڻهن جو خير آ! ماڻهن ۽ کوهن جا وات ڪٿي بند ٿيڻا آهن!!” شايد عام کان ملندڙ اهي ايذاءَ ۽ اهنج ئي هئا جن کيس “بيوفا ڀِرا ڪَنون ڪُتا يار ڪَريجي” واري سبق سکڻ لاءِ اُتساهيو. هن اکين ۾ آڱريون ٽنبيدڙ اسان جي روڳي سماج ۾ عظمت جي کل پائي هلندڙ ٻهروپي انسان جي قريب ٿيڻ بجاءِ پنهنجي مرشد جي هدايت تي عمل ڪندي سندس لفظن:

جاڳايس جنبور، ڪتي قريبن جي،

بَهي ڀونڪي اُٿيو، گهڏي منجهان گُهور،

سڀ لاهيندو سور، گري هن غريب جا.

ورنائيندي، ڪتن سان وڃي ياري رکي- پوءِ سڀني ڏٺو ته شهر جي بي رحم ماڻهن جا ستايل سمورا ڪتا پنهنجي اڪيلي هَمدرد جمعي فقير جي چوڌاري ڪٺا ٿي ويندا هئا.

جمعو فقير سنڌ جي ساهدار دشمن سماج ۾ بيشڪ پٿرن کاڌل، ٽنگن چٿيل، بکايل ۽ ستايل ڪتن جو اڪيلو وارث ۽ ابو هئو. جيڪڏهن کيس سنڌ جو “ابو الڪلب” (ڪتن جو بابو) سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هو لاڙڪاڻي جي ڪاساين جون ڇڙٻون سهندي ۽ ماڻهن جون اڇلايل نفرتون ميڙيندي، ڪتن لاءِ ڇيڇڙا، هڏا ۽ مانيءَ جا ٽڪر گڏ ڪندي، کين درجنن جي تعداد ۾ پاڻ سان سلهاڙيو هلندو هئو. هو يوناني حڪيم پئٿا غورث وانگر جانورن سان ڳالهائڻ جي دعويٰ ڪندي چوندو هئو:”ماڻهو ڪتن کي اجايو ٿا مارين، ڪتا ته دعائون ڏيندا آهن، مان روزانو سندن دعائون ٻڌندو آهيان.” ڪنهن مون جهڙي نادان هڪ ڏينهن پڇيس:”فقير ايترا ڪتا ڇو ڌاريا اٿئي؟” جمعي وراڻيو: “اڄوڪي ماڻهوءَ کان ڪتو چڱو آهي، کيس گهر وٺي وڃبو ته بسڙي ڪيو پيو ڏسندو. پر جي ماڻهوءَ کي وٺي وڃبو ته گهر جو ڇا حشر ٿيندو؟ اهو پاڻ سمجهي سگهين ٿو.” اڄ هن جهان ۾ جمعو فقير موجود ڪونهي ۽ نه ئي سندس وفادار ڪتن جي پرگهور لهڻ واري ڪا پهر نظر ٿي اچي.

ائين به ڪونهي ته جمعو فقير مردم بيزار راڪش هئو. حقيقت هيءَ آهي ته هن جهڙو انسان دوست، سيڪيولر ۽ سونهن پرست شخص شايد ئي لاڙڪاڻي جي رستن ڪو ٻيو ڏٺو هجي! هن توا ۽ پادر ڳچيءَ ۾ پائي يا تلڪ هڻي ۽ ڌوتيون ٻڌي تماشا وجهڻ بجاءِ سماج سان پنهنجو سنٻڌ سادگيءَ سان سگهارو ڪيو ۽ هڪ سچي صوفيءَ وانگر انسانيت کي عظيم ترين مذهب جو درجو ڏيئي ڇڏيو. ڪٿڪ ناچ واري گرو مهراج غلام حسين جو هم شڪل جمعو فقير جيڏانهن به ويندو هو، مختلف مذهبن ۽ فرقن جا ماڻهو سندس چوڌاري معتقدن جيان مڙي ويندا هئا، هو به پيار ۽ پاٻوهه سڀني سان ورڇيندو ۽ ونڊيندو هو. هڪڙي ڏينهن ڪنهن پُڇيس “فقير! پُٽ ڇا ڪندا اٿئي؟” چيائين: “ٻيا سڀ ڪم ڪار سان آهن، پر هڪڙو اڻ سُڌريل نڪمو ٿي پيو اٿم”. اڳلي چيس: “فقير نيٺ ڪو ڪم ته ڪندو هوندو؟” وراڻيائينس “ڪو ڪم نه ڪري سڄو ڏينهن مسيت ۾ پيو هوندو آهي. ٻُڌاءِ ته اهو ڪو سُڌريل ٿيو؟!” جمعو نالو ته ڌڻيءَ جو پيو وٺندو هُئو، پر ثابت سجدو فقط سونهن کي ڪندو هئو. شٽل ڪاڪ برقعن ۾ بند هئڻ ڪري عورتن جي جهلڪ ته ڇهين ٻارهين مهيني نصيب ٿيندي هوندس، پر جتي به ڪو خوبرو ڏسندو، اتي پنڊ پهڻ ٿي ويندو. تيسيتائين وک اڳتي نه وجهندو جيسيتائين سندس ديدار پورو نه ٿئي، ساڻس هٿ نه ملائي يا ڳالهه ٻولهه نه ڪري يا گهٽ ۾ گهٽ ٿڌو ساهُه ڀريندي چئي سگهي:”صدقو وڃانءِ، هيڏي به هڪ نظر وِڌيون وَڃُ.” اسان جو دوست ڊاڪٽر حميد گل شيخ اڄ پنجاهه جي پيٽي ۾ به لاڙڪاڻي جي حسين ترين مردن منجهه ڳڻجي ٿو. جهڙي سندس صورت سهڻي آهي، تهڙو قدرت کيس خلق جي خدمت جو درد بخشيو آهي. ويهن ورهين جي ڦوهه جوانيءَ ۾ جڏهن حميد گل ايندي ويندي کان آهون ڀرائيندو هو، تڏهن شاهي بزار جي مُهڙ ۾ سندس والد صاحب جي دڪان تي ويٺي مٿس جمعي فقير جي نظر پئجي ويئي....سمجهو ٿا ته ڇا منظر هوندو! جمعو نه فقط “زمين جُنبد نه جنبد گل محمد” جي مصداق “گل محمد” بڻجي رهيو هو، بلڪ ڇوڪر جي والد گل محمد شيخ جو به لحاظ ڇڏي ڏنائين. نيٺ شيخ کلي پڇيو: “جمعا، ڇوڪري ۾ ڀلا ڇا ڏٺو اٿئي؟” جمعي ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو: “ادا شيخ صاحب، ڏسان ٿو ته قدرت واري هن ڇوڪر کي ڪيئن پاڻ ويهي ٺاهيو آهي.... رنگيءَ جا رنگ آهن، منهنجي ڪهڙي مجال! مان، ڇا ٿو ڪيانس؟ مان ته ڇوڪر کي ڏسي سندسٺاهڻ واري کي ٿو ويچاريان.

اسان منجهان اڪثريت پنهنجي اکين سان وتايي کي نه ڏٺو، پر منهنجي دوست عنايت ميمڻ جي اها دعويٰ سؤ سيڪڙو سچ آهي ته جمعي جو ديدار ٿيڻ کانپوءِ وتايي جي درشن جي طلب باقي نه ٿي رهي. جمعي فقير زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن شيءَ تي بانور نه ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن وَٿ کي بقادار سمجهيو. “هينئن به سڄڻ وهوا ته هُونئن به سڄڻ واهوا” واري ڳالهه کي ڳَرِ لائيندڙ جمعي ڪنهن سان نفرت نه رکي، نه ئي ڪا دشمني کنئي. کيس ناپسند فقط جنرل ضياءُ هئو، جيڪو بقول سندس “معشوق جو قاتل” هو. انهيءَ ناپسنديءَ کي ڀوڳيندي هو به ڄڻ ته قدرتي انصاف جي انتظار ۾ اسٽيشن تي اوڪڙو ويٺل مسافر پئي لڳو.... جيئن ئي جنرل هوا ۾ ڦلهيار بڻجي وکريو، تيئن ئي فقير پنهنجا پراڻ پرينءَ جي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ ۲۰ آگسٽ ۱۹۸۸ع تي لاڙڪاڻي جي ساهه نهوڙيندڙ گرميءَ ۾ زندگيءَ جون ۸۰ خزائون گهاريندي، فقير سائين ابوبڪر مقام ۾ وڃي سکيو ٿي ستو. ...لوڪ کي سياستدانن، اميرن ڪبيرن ۽ وڏيرن جي سنگت تي ناز هوندو آهي، پر لاڙڪاڻي جا اهڙا بيشمار انسان آهن، جيڪي جمعي سان گهاريل گهڙيون ياد ڪري، ٿڌو ساهه ڀري سوچيندا آهن:

يڪ زمانا صحبتي با اوليا

بہ از صد سال طاعت بي ريا.

فقيرن سان گهاريل ڪي گهڙيون، سوين سالن جي اخلاص ڀريل عبادت کان مٿڀريون هونديون آهن.


 

جمعو فقير

عنايت ميمڻ

اکيون چنجهيون، نڪ ٻاھر نڪتل، ناس ڏيڻ جو شوقين.

اکين ۾ بقول ھن جي پنهنجي ته؛ “ڏوئيءَ سان سرمو پائي ٻاھر نڪرندو آھي، ته جيئن ڪنھن جي نظر نه لڳي!”.

اونھاري سياري ڪوٽ پھريل. سيءَ ۽ گرميءَ جي عذاب کان آجو ھيءُ شخص، کيسي يا قميص ۾ اڳڙين جا انبار. ائين لڳندو ڄڻ، ڪنھن پير جو گهمندڙ ڦرندڙ بڙ ھجي! جنھن ۾ مرادن جون اڳڙيون ٻڌل ھجن.

کلڻو ملڻو ماڻھو، مجال آ جو منھن ۾ ڪڏھن ڪو گھنج به اچيس.

ڳالھائيندو گُڻي انداز سان. ڪيڏو به وڏو جملو ڳالھائيندو پر پاڻ بنھ نه کلندو، توڙي جو ماڻھو کلي کلي کيرا ٿيندا.

ھي ھيو جمعو فقير. جيڪو پنھنجي ذات ۽ ڪردار ۾ درويش صفت ماڻھو ھيو.

جمعي فقير کي جنھن به ڏٺو ھوندو يا ساڻس ڪچھري ڪئي ھوندي، اھو سندس پرڪشش ڳالھين ۽ نرالي گفتگوءَ کي وساري نه سگهيو ھوندو. اھي سڀ منظر ڪنھن فلم جي سين جيان، سندس سيني ۾ يقينًا محفوظ ھوندا ۽ اکين ۾ ترندا ھوندا .

جمعي فقير جي گفتگوءَ ۾ ڏاھپ کي ڏنگيندڙ ڳالھيون ۽ چرچن ۾ وري چاھت ڀري چٿر جو عنصر شامل ھوندو ھيو.

ھو پنندو ھيو. فقير ھيو. پر درويشي لڏي جو ماڻھو ھيو. ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو کرو ھيو. منھنجي نظر ۾ ھو بھترين سگهڙ به ھيو. ھن جي گفتگو ۽ انداز بيان کي محفوظ ڪرڻ گهربو ھيو، پر ائين نه ٿيو! شايد ان ڪري ته ھو غريب ھيو. اسان وري ان کان وڌيڪ غريب آھيون جو کيس ياد به نٿا ڪيون.

چون ٿا ته؛ “ھو حسن پرست ھيو.”

ھو فطرت سان، سونھن سان، پيار ڪندڙ ماڻھو ھيو. ھو پاڻ ڪوجهو ھيو. اھو ئي سبب ھيو، جو ھو جڏھن به ڪنھن چڱي صورت واري سان ملندو ھيو ته کيس ڏسندي ئي بي ساختگيءَ منجهان چوندو ھيو: “اي مالڪ واھ جو ٺاھيو اٿسين، جي مونکي به ھن جهڙو بڻائين ھا ته ڇا ٿئي ھا؟”

“اي مالڪ!” ھن جو تڪيو ڪلام ھيو

ھو پنھنجي مزاج ۽ جداگانا گفتگوءَ جي ڪري، ھر عمر جي ماڻھن ۾ مقبول ھيو!

ھو روايتي پينو فقير نه ھيو، توڙي جو ھو پنندو به ھيو. منهنجي اندازي موجب ھن جي پنڻ جو سبب، ماڻھن سان رابطو رکڻ ھيو ۽ ائين ھو پنھنجي اندر جو اوٻر به ٻاھر ڪڍندو ھيو شايد! ھو ڀوڳ چرچي کان سواءِ رھي نه سگهندو ھيو. ھو چوندو ھيو ته؛ “فقير جو ڀلا ڪڏھن پنڻ مان پيٽ ڀريو آھي جو منهنجو ڀربو؟!!”

چڱين صورتن جو متلاشي ھيو. چوندو ھيو؛ “سائين چڱين صورتن ۽ چڱن روحن سان ملڻ جي ڪري پنڻو پوي ٿو.”

ھو پنھنجي شڪل شبيھ ۾ ڪوجهو ھيو، پر گفتگوءَ جي لحاظ کان ھن جهڙو خوبصورت ماڻھو مون اڄ تائين ڪونه ڏٺو آھي. ھن جي مزاج ۽ عادتن ۾ اھا شيءِ شامل ھئي ته جي، ڪجهه به کائيندي پيئندي ڪو چڱو چھرو نظر آيس ته پھرين پاڻ نه کائيندو ھيو پر، پھرين ان کي کارائيندو ھيو. ڪنھن خيرات ۾ جي چانھ يا ماني ڏنس ۽ سامھون ڪو چڱو چھرو ڏٺائين ته پوءِ کيس چوندو ھيو: “مالڪ ھن چانھ مان ڍڪ ته ڀر!”

يا جي ماني ھوندس ته چوندس: “مانيءَ مان ڳڀو ته کاءُ! من تنهنجي اوبر کائي مان به تو جهڙو ٿيان.!”

جمعو فقير ۽ گڏھ، ٻئي لازم ملزوم ھيا. چوندو ھيو ته؛ “ھيءَ منھنجي محبوبه آھي. سڄو شھر پنائي ٿي، رلائي ٿي، موٽ ۾ گهري ڇا ٿي؟ رڳو ھڪ مٺ گاھ جي!”

جمعي فقير لاءِ گڏھ جي سواري، عجيب سواري ھئي. ڪاٺيءَ جي پائدان تي پير رکي، ڊگـهي لٺ ھٿ ۾ کڻي بي تاج بادشاھن جيان، شھر جي شاھراھن تي سواري ڪندي گذرندو ھيو.

جمعي جي گڏھ جي چال، بقول ھن جي ته؛ “ڪنھن محبوبه جھڙي ھوندي ھئي.” ڪنھن چيس؛ “جمعا فقير! ھن گڏھ کي مٽاءِ! ھاڻي جهوني ٿي وئي آھي! گاسليٽ ڊپوءَ کان پاڪستاني چوڪ تائين، ڪلاڪن ۾ ٿي پھچي؟”

کلندي بي نيازيءَ سان وراڻيندو ھيو؛ “مالڪ! شريف ماڻھو جنھن تي به سواري ڪندا آھن، ان کي مٽائيندا ناھن.”

جمعي فقير جي، بازارن ۾ اچڻ سان ڄڻ چھچٽي جو ماحول جُڙي ويندو ھيو. ٽھڪڙا گونجندا ھيا. جمعي جا گفتا ۽ دوڪاندارن جا ٽھڪ، يقينًا ھڪ بھتر ماحول جوڙي ڇڏيندا ھيا.

ھاڻي ڀلا اھڙو ماحول ڪٿي؟

اڄڪلھ جي بازارن ۾ ڄڻ نحوست واسو ڪري وئي آھي.

نفسا نفسيءَ جو ماحول آھي. اڳي جي ڀيٽ ۾ ھاڻوڪا سيٺ وڌيڪ شاھوڪار آھن، پر سندن چھري تي بيزاري نمايان آھي. اڄ جي بازارن ۾، اھو کل ڀوڳ ۽ چرچن وارو ماحول ئي ڪونھي. سيئو بازار ۽ شاھي بازارن ۾ اھو ڀوڳ  ۽ چرچن وارو ماحول آھي ئي ڪونه. شايد سيئو بازار ۽ شاھي بازار ۾ ڀوڳ چرچي جي ٻاڙائي، ان ڪري آھي جو اڄڪلھ جمعي فقير جھڙو ڪو فقير ڪونھي.

اسان جا ھاڻوڪا سڀ واپاري ڄڻ پيسن بڻائڻ جي مشين بڻجي ويا آھن. اڳي ديوان ھوندا ھيا ته دڪان جي ڀرسان ٿالھ چڻن جو ۽ پاڻيءَ جا مٽ ڀري رکندا ھيا ته جيئن آيو ويوکائي پي، ڍءُ ڪري. پر ھاڻي وارن واپارين ۾، اھا خير خيرات واري شناس آھي ئي ڪونه. رڳو پيسي ميڙڻ جو حرص اٿن. محبتون اسان جي روحن کي روڙي نڪري ويون آھن.

اڳي وڏڙا چوندا ھيا: “ابا! پيسو اچڻي وڃڻي شيءِ آھي، شل عزت برقرار ھجي.!” ۽ ھاڻي ٿا چون؛ “عزت اچڻي وڃڻي شيءِ آھي، شل پيسو ھجي؟”

يعني اڄڪلھ جو ماحول بلڪل ابتو ٿي ويو آھي.

سو سائين زندگي گذارڻ جا معيار تبديل ٿي ويا آھن.

جھڙا روح تھڙا خطما. ھاڻي ڀلا جمعي جھڙو فقير ڪٿان اچي؟ ان ڪري جهڙا اسان ماڻھون آھيون، تھڙا وري ڪاروباري  فقير نرڙ ۾ لڳي ويا آھن.! 

جمعو فقير اسان کي اڪثر منجهند جو المدينا ھوٽل تي ملندو ھيو. کيس منجهند جي ماني اڪثر المدينا ھوٽل تان ملندي ھئي.

ھڪ نان تي ٻه ٻوٽيون ۽ رھو يا دال سبزي، ھوٽل جو مالڪ کيس قرب سان ڏيندو ھيو.

ھو، نانُ رَھي سان کائي، ٻوٽيون ڪُتن کي کارائيندو ھيو.

جتي ڀلا ماڻھپو مئل ھجي، اتي جمعي جي ڪتن سان محبت معنيٰ خيز لڳي ٿي!

گڏھ سان گڏ، شھر جا سڀ ڪتا ھن جي سڃاڻَ ھيا. ائين لڳندو ھو ڄڻ جمعو فقير ئي ڪتن جو حقيقي وارث ھجي؟!

چوندا ھياسينس؛ “جمعا فقير! ڀلا ھيءُ ڪتا ساڻُ ڪري ڇو ٿو ھلين!” ٺھ پھ وراڻيندو ھيو: “مالڪ! ڪتا ماڻھن کان وڌيڪ وفادار اٿئي. بک ڏک ۾ ساڻ رھڻ وارا آھن. اڄ جا ماڻھون ته ڪتن کان به ويل آھن.”

ڪتن جي ڳالھ نڪتي آھي ته لاڙڪاڻي جي ھڪ اھم شخصيت جو واقعو ياد اچي ٿو، جيڪو گاسليٽ ڊپو کان ايندي  پيجارو تي سوار ھيو. ھن جي گاڏي آڏو جمعو فقير ۽ سندس ڪتا رڪاوٽ بڻيل ھيا. جمعي جي ان حرڪت تي ھمراھ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. جو ان جي دشمني به ھئي.

ان ڪري ھن گاڏي بيھاري جمعي فقير کي ڪاوڙ مان چيو: “شرم نٿو اچئي! ڪتن جي لوڌ ساڻُ کڻي ٿو گهمين ۽ رستا بنھ بند ڪري ٿو ڇڏين!.”

جمعي فقير کي به ھن جي رويي تي سخت ڪاوڙ لڳي، رک رکاءَ وارو ماڻھو ھيو ڪونه، سو گاڏيءَ ۾ ويٺل گارڊن ڏانھن اشارو ڪندي، چيائينس؛ “مالڪ! آھن برابر ڪتا، پر انھن کان وڌيڪ وفادار اٿئي. ڏکئي وقت ۾ اھي سڀ ڇڏي ويندئي پر ڪتا آخر تائين نڀائڻ وارا نر اٿئي!”

ان جواب تي انھيءَ اھم شخصيت جو ڪھڙو حال ٿيو ھوندو، اھو اندازو اوھان بخوبي لڳائي سگهو ٿا.

سو سائين، ھنن ڳالھين ڪرڻ يا اوھان سان ڪجھ يادون ونڊڻ جو اھو مقصد آھي ته، جمعو فقير ڇڙو گداگير ڪونه ھيو، پر ڏاھپ جو اھڃاڻ به ھيو. پنھنجي دور جو بھترين سگهڙ به ھيو. ھن جو اھو سگهڙائپ وارو پھلو ئي ته  آھي جنھن مون کي سندس شخصيت تي قلم کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو.

جيئن مون اڳ ۾ عرض ڪيو آھي ته؛ ھو اسان سان روزانو المدينا ھوٽل تي ڪچھريون ڪندو ھيو.

جمعو ھيو فقير پر منھنجي نظر ۾ امير ترين ماڻھو ھيو. ھن جي ڳالھين ۾ عجيب قسم جو اسرار ھوندو ھيو، جيڪو اصل ۾ اندر جي دنيا کي جهنجهوڙيندو ھيو.

ھڪ دفعي، معمول مطابق، گڏھ تي چڙھي ڊگهي لٺ ھٿ ۾ جهلي وڃي رھيو ھيو ته ڪا چڱي شيءِ ڏسي ورتائين. سڄو ڌيان اوڏانھن ٿي ويس . اھڙي ڪيفيت ۾ ڪنھن پڇيس؛ “جمعا پريشان آھين؟ ڪاڏي خيال اٿئي؟”

جمعي فقير خيال مٽائي کلندي چيو ھيوس؛ “مالڪ! گڏھ کي ٿو ڳوليان.”

پڇندڙ ٽوڪ ڪندي چيس؛ “جمعا ڇا ٿيو اٿئي؟ صفا ڪو يار درويش آھين. گڏھ تي ته ويٺو آھين.”

جمعو فقير اھڙي ڪيفيت ۾ نڪ جي پڪائي ڏيکاريندي چوندو ھيو: “مالڪ! گڏھ جي سواري به عجيب سواري آھي. خبر ئي نٿي پوي ته ماڻھو گڏھ تي ويٺو آھي يا پنڌ ٿو ھلي.”

ان قسم جو حاضر جواب، ڪو عام ماڻھو ٿي نٿو سگهي. اوھان ڪھڙو به سوال ڪيو، جواب کل ڀوڳ وارو ڏيندو. جنھن تي عام ماڻھو کلي پوندو ته وري سنجيدھ ماڻھو واھ واھ ڪندو!

جمعي فقير جي اھا عادت ھئي ته ھو روزانو ڪورٽ جو چڪر ضرور لڳائيندو ھيو. حاضريءَ تي آيل اڪثر قيدي، کيس خيرات ڏئي، دعا جي لاءِ چوندا  ھيا ته جيئن جلدي ڇٽئون/ آزاد ٿيئون.

جمعو فقير اڪثر پڇندو ھين؛ “ٻروچ! ٻڌاءِ گهڻا خون ڪيا اٿئي.”

جي چوندو ته؛ “فقير بي ڏوھي آھيان. مڙئي سنگت ۾ ڦاسي ويو آھيان!” کلي چوندس؛ “جي سچ ٿو ڳالھائين ته مالڪ!  دير سوير ڇٽي ويندين!”

پر جي چوندس؛ “فقير توسان ڪوڙ ناھي، مڙئي ڏوھ ٿي ويو آھي ته ٺھ پھ وراڻيندو: “ھيءُ الله سان اٽڪلون نه ڪر.

بابا ھيءَ خيرات جي رشوت نه ڏي! تون ڪونه ڇٽندين.”

ان قسم جون ڳالھيون يا گفتا ھن جي اندر جي معصوم انسان کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن. جمعو دل ۾ درد رکندڙ ماڻھو ھيو.

ھڪڙو شيخ صاحب ھيو. نالو ياد ناھي. جمعي فقير کي چيڙائيندو ھيو. اھو شيخ صاحب تازو نماز پڙھي آيو ھيو. جمعي فقير ڄاڻي ٻجهي کيس چيو: “سائين مالڪ جي نالي تي ڏيندين؟ ڏھ دنيا ستر آخرت ۾ اٿئي!”

ھمراھ کلندي چيس: “جمعا! جي ڏھ وٺڻا اٿئي ته کڻي وٺ! ھروبرو ستر جي لالچ ۾ ڇو ٿو اڙائين؟

جمعي فقير کلندي چيس؛ “مالڪ! مان توبھ ڪئي! تون ته ڪو صفا مون جھڙو آھين. تو جھڙا ٻه ٽي ٻيا مليا ته اسان جو روزگار ئي بند ٿي ويندو.

ٻروچ جي ڳالھ تي ھن جي ھڪ ٻي ڳالھ ياد اچي ٿي. کيس ھڪ ڏاڍي ماڻھو، جنھن کان لاڙڪاڻي ۾ چڱا ڀلا ھمراھ ڊڄندا ھيا، ھڪ روپيو ڏنو!

جمعي فورًا نگاھ مٿي کڻي، الله ڏي اشاروڪندي چيو: “مالڪ شڪر اٿئي! اڄ ڪلھ ٻروچ به توکان ڊڄن ٿا.”

جمعوفقير ڪنھن جي پرواھ نه ڪرڻ وارو ماڻھو ھيو. سچو، کرو ۽ خدا ترس ماڻھو ھيو. کيس سماجي درد، بي باڪ بڻائي ڇڏيو ھيو.

ڀٽي صاحب جي، جمعي فقير سان ڏاڍ ي لڳندي ھئي. ڀٽو صاحب ھن کي ڪڏھن ڪڏھن المرتضا ھائوس ۾ به گهرائي وٺندو ھيو. جمعو فقير ڀلي وڃي ڀٽي صاحب سان ملي پر ھو پنھنجي خوداري نه ڇڏيندو ھيو.

ھو جڏھن به المرتضا ھائوس ايندو ھيو ته سڪيورٽي وارا کيس روڪيندا ھيا ته جيئن ھو گڏھ سوڌو اندر داخل ٿي نه سگهي. ان رڪاوٽ تي جمعو سڪيورٽي وارن کي چوندو ھيو؛ “ابا  جي  ھنن گاڏين کي نٿا روڪيو ته پوءِ منھنجي گڏھ جي سواري کي  ڇو ٿا روڪيو؟” 

ڀٽي صاحب جي اھا اھم خوبي ھئي ته ھو شھر جو چڪر ضرور لڳائيندو ھيو.

ڀٽي صاحب جي حوالي سان جمعي فقير جون ڪيتريون ڳالھيون مشھور آھن.

پر اڄ ڪلھ نه اھي حڪمران رھيا آھن ۽ نه ئي وري جمعي جھڙو فقير.

ڀٽي جي عظمت، ان ۾ ھئي ته ھو غريب ماڻھن ۾ پاڻ کي ڳوليندو ھيو.

ڀٽي صاحب رستي ويندي، ھڪڙو دفعو جمعي فقير سان چرچو ڪيو ھيو؛ “جمعا اچ ته سواري مٽايون!”

جمعي فقير ھٿ ٻڌي چيو ھيس؛ “مالڪ! مان ھتي گڏھ تي چڱو آھيان. ان گاڏيءَ تي وھاري سر کڻندؤ ڇا؟”

سو سائين جمعوفقير بي باڪ ماڻھو ھيو ۽ توري تڪي ڳالھائيندو ھيو. پر سندس قدر نه ٿيو. ھو سماجي نابرابري جي ھن بي رحم سماج ۾ پنھنجي وجود جي جنگ، غربت جي گهاڻي ۾ھارائي ھليو ويو. اسان مان ڪنھن جي به ڪن تي جون ڪون سرڪي.

ھو مري ويو.

ھو اصل ۾ لاڙڪاڻي جي سڃاڻ ھيو. جمعي فقير کان سواءِ لاڙڪاڻي جو حوالو اڌورو ۽ اڻ پورو آھي. لاڙڪاڻي ۾ يا لاڙڪاڻي کان ٻاھر، ڪٿي به جي لاڙڪاڻي واسين جو ھڪ ٻئي سان حال احوال ٿيندو يا ڪا ڪچھري ٿيندي ته اھا ڄڻ  جمعي فقير کان سواءِ اڌوري ۽ اڻ پوري لڳندي.!

ھو ڪيترن ئي حوالن سان، لاڙڪاڻي جي سڃاڻَ ھيو. پر ھن جو قدر نه ٿيو.ان جي ابتڙ سرڪاري ليول تي اسانجي يارن جي بي حسيءَ جي انتھا اھا آھي جو ١٠٠ سالا جشن لاڙڪاڻي ۾ ھن ويچاري جو ذڪر به نه ٿيو ۽ نه ھن تي ڪو ٽيبلو پيش ٿيو ۽ نه ئي وري ھن جي عوامي انداز کي اجاگر ڪيو ويو.

ھوڏانھن وري لاڙڪاڻي مان لڏي ويل اردو دانن جي لڏي، لاڙڪاڻي کي ياد ڪندي، ڪراچيءَ ۾ جشن لاڙڪاڻو ملھايو ھيو، جنھن ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي سيڪريٽري ۽ نامياري ترقي پسند شاعر ۽ ليکڪ، محترم مسلم شميم جمعي فقير جي ڪردار ۽ ان جي يادن کي ور ور ساريو ھيو ۽ لاڙڪاڻي جو ئي ھڪ اھم فوٽو گرافر محترم اڪرام جيڪو سنڌ فوٽو اسٽوڊيو جو مالڪ ھيو، جمعي فقير جي قداور تصوير کي ڪراچيءَ تائين سانڍي کڻي ويو ۽ اتي اڄ به جمعي جي تصوير، ھُن ڀٽي صاحب، ايوب خان جي ڀرسان ھڻي ڇڏي آھي. انھن ٻنھي حڪمرانن جي وچ ۾ جمعي فقير جي تصوير يقينًا ھڪ نئين خيال کي جنم ڏئي ٿي ۽ گڏوگڏ جمعي فقير جي، پنھنجي انداز جي حيثيت کي به اجاگر ڪري ٿي.

مون کي ياد آھي، بلڪل چٽو ياد آھي. لاڙڪاڻي جي ھڪ اھم شخصيت گذاري وئي ھئي. جنھن جي جمعي فقير سان ويجهڙائپ ھئي/ گھرائپ ھئي. جمعو فقير، عذر خوھي لاءِ ھن جي گهر پھتو ته کيس فقير سمجهي لُنگي خيرات ۾ ڏني وئي جمعي فقير گهڻيئي نھ نھ ڪئي پر کيس اھو چئي لنگي زوريءَ ڏني وئي ته: “جمعا فقير! کپائيندين اوئين اجايو ٿووٺڻ کان انڪار ڪرين .

ھو اسان کي معمول مطابق المدينا ھوٽل تي مليو ھيو ۽ اھو گرمين جو مھينو ھيو پر جمعي فقير کي لنگيءَ مان ٺھيل جبو ۽ ٽوپي پاتل ھئي. اسانکي ڏاڍو تعجب ٿيو. پڇوسينس؛ “جمعا! ھيءَ ڪھڙي پاڻ سان ويڌن ڪئي اٿئي؟”

ٺھ پھ وراڻيائين: “مالڪن کي ڏيکارڻ آيو آھيان ته لنگي منھنجي يار جي ميت جي آھي. ان ڪري کپائي ناھي پر سبرائي پائي آيو آھيان.؟

اوھان ان مان جمعي فقير جي خوداري ۽ حساسيت جو اندازو، بخوبي لڳائي سگهو ٿا ته ھو ڪيڏو نه وڏو ماڻھو ھيو.

ھو اسانجي اکين ڏٺو واقعو آھي ۽ اھڙيءَ طرح سان جمعو فقير ڪيترن ئي واقعن ۽ قصن جو مجموعو ھيو جن کي سھيڙڻ جي ضرورت آھي.

لاڙڪاڻي ۾ جن به کيس پنندي ڏٺو ھوندو، انھن يقينًا ھن جي ھٿ ۾ ھڪ وڏو جست جو جمنو ڏٺو ھوندو، پنھنجي لاءِ پيسن جي خيرات گهرندو ھيو ته وري ڪتن لاءِ ڪاسائن کان ھڏا ۽ ڇڇڙا پنندو ھيو. بحرحال ھو پنندو ھيو ۽ سندس سڃاڻ پنڻ ھيو؟ ان تي ھن کي ندامت ڪونه ھئي.

گڏھ ۽ ڪتا، لٺ ۽ جست جو جمنو، سندس سڃاڻ ھيا.

ھن جي نرالي ۽ دل کي ڇھندڙ  گفتگو، سوچ سمجھ وارن ماڻھن لاءِ ڄڻ اثاثو ھيو.

مون کي ياد آھي ته ھڪ دفعي مون کيس ڀوڳن ڀوڳن ۾ چيو ھيو؛ “جمعا ڀلا ڪڏھن عشق ڪيئي؟”

ٿڌو ساھ ڀريندي چيو ھيائين؛

مالڪ اھو عشق ئي ته آھي جيڪو پنائي ٿو.!

نه ته ھي لٺ ۽ وٽو ڀلا تون ته کڻي ڏيکار!؟

واقعي سائين اھو رتبو ۽ اعزاز، جنھن کي اسان ماڻھو برو سمجهون ٿا، جمعي جي جاگير ھيو.

ھاڻي نه اھا گڏھ آھي. نه اھي ڪتا آھن. ۽ نه ئي وري جمعو فقير آھي.

بس آھي ته ھڪ ياد آھي، جيڪا به جيڪڏھن اوھان جي دل من ۾ احساس پيدا ڪري وجهي ٿي ته ڄڻ منھنجو ۽ جمعي فقير جو قرض لھي پوندو.


 

جمعو فقير

مامو شيدو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو

منظور ڪوھيار

اڳي ماڻهو حال مست هيا. حال ڀائي ملي ويو، ته عيد ٿي ويندي هئي. حال پريان نال حاضر ٿي ويندو هيو. هاڻي مال تي مستي آهي. مال ناهي ته منهن ڀيلو آهي. ڀاءُ ڀاءُ کي نه ٿو سڃاڻي. خير، هر دؤر جي پنهنجي پنهنجي تقاضا آهي. هي ٻن حال ڀاين جو ڪجھ احوال آهي، جڏهن سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مزاح جي حس اتم درجي جي موجود هئي. هاڻي توائي جي حس تيز ٿي وئي آهي.

جمعو فقير پوءِ جمعو فقير ٿيو، پر ان کان اڳ محمد جمن سومرو ويٺل ڳوٺ ڪور سليمان هيو. هاڻي جي خبر ناهي، پر اڳي ڪافي سومرا ڪور سليمان، دوست علي ۽ چانڊين جي جاگير ۾ رهندا هيا. ڪور سليمان کان اوڀر ۾ ڪنڍي بڙڌيءَ (ڪنڍو خان بليدي) جو ڳوٺ ڏيڍ ڪوھ (چار ڪلوميٽر) ۽ قنبر شهر جي اولھ ۾ اڍائي ڪوھ (ڇھ ڪلوميٽر) کن ٿيندو. اڳي ٻن ڪوهن جي اندر ويٺل ماڻهو هڪ ٻئي کي ائين سڃاڻيندا هيا، جيئن هڪ گھر جا ڀاتي ھڪٻئي کي ڄاڻن سڃاڻن. ان ڪري دوستيون ۽ دشمنيون به مٿو مٿي تي هونديون هيون. پر دوستين ۽ دشمنين جا به ڪي معيار هيا. هر ماڻهو دل گھريو دوست نه هوندو هيو ۽ نه وري ماڻهو هروڀرو وڻن تان جھيڙا لاهيندا هيا. مڙيو سو جڙيو وارو جھان گھڻو هيو.

دلمراد بڙڌي عرف مامو شيدو ڪنڍي جي ڳوٺ جو ويٺل هيو. ان ڪري ڪور سليمان ۽ ڪنڍي جي ڳوٺ ۾ ڪو سَنڌو نه هيو. ٻنهي جي جُوءِ ساڳي. ٻئي هم پياله، هم نواله ۽ حال ڀائي هيا. ان ڪري ٻنهي جي خوب لڳندي هئي. ٻنهي جو سنڌي فارسي گاڏڙ نعرو هوندو هيو؛ ”ڀنگ سبز رنگ، دل تنگ نه باشد؛ اهو ملڪ بيابان، جتي ڀنگ نه باشد.‘ جيئن جمعو فقير خوشطبع هيو، ائين مامو شيدو به. مامي شيدي جي سنگت جبل جي مارفاڻي چانڊين سان به هئي، سي کيس ٻورو ڪوهي ڀنگ جو ڏئي ويندا هيا. اهو کپندو هيو ته ٻيو پهچي ويندو هيو. ان ڪري مامي شيدي وٽ، موالي ائين مڙيا ويٺا هوندا هيا، جيئن مُستيءَ تي ماڪوڙا. پر جي جمعو فقير، ڪنڍي جي ڳوٺ پهتو، ته ڪچهريءَ جو رنگ ئي ٻيو ٿي ويندو هيو. جمعي فقير جي ڳوٺ ۾ اچڻ سان، ماڻهو اوطاق ۾ گڏ ٿي ويندا هيا. ٻنهي جا پڪا گفتا ٻڌي، کلي کلي کيرا ٿيندا هيا.

وڏا ٻڌائيندا هيا ته؛ هڪ دفعي جمعي فقير، مامي شيدي کي چيو: ”شيدا، تون مون کي پيالو به پيارين ٿو ۽ ماني به کارائين ٿو. جي ڪڏهن ٻروچڪي رڳ ڏيکاريندي، بتال کائي چوين ته؛ پلوَ ڏي، ته پوءِ مان مولائي ڇا ڪندس؟“

”پ.. پوءِ ت.. تون م.. مونکي پ.. پنهنجي رر..ن ڪاهي آ.. آڻي ڏجانءِ“، مامو شيدو جيئن ته هَڪڙ هيو، تنهن ڪري لفظ ورجائيندي چيائينس.

”پوءِ تون منهنجي رن کي ڇا ڪندي، ٻروچ؟“ جمعي فقير پڇيس.

”ڀ.. ڀيڻ ڪري، گھ..گھر ويهاريندومانس. م.. مونکي ڪ..ڪهڙي ش شادي ڪرڻي آ.“ مامي شيدي وراڻيو.

”پوءِ نه تو کي فائدو، نه مونکي فائدو. واھ ڙي واھ ٻروچ تنهنجو عقل. تڏهن ته چوندا آهن، ته ’ٻروچ جو عقل؛ ڏاڙهيءَ ۾ يا ڪياڙيءَ ۾‘.“ جمعي فقير وراڻيو.

مامي شيدي مجرد زندگي گذاري. جيتوڻيڪ کيس ويھ ايڪڙ آباد زمين حصي ۾ مليل هئي. مٽن مائٽن وس ڪيس، ته ‘شادي ڪر‘، پر جواب ئي هڪڙو، ’زال زحمت، ٻار ٻرو، مولا ڏيئي ته گھم ڇڙو.‘

جمعي فقير جڏهن قنبر شھر اندر، ميونسپالٽيءَ جي آفيس جي ڀر ۾، سيرب ٺاهڻ شروع ڪئي، ته سنگت ساٿ اتي وڃي ساڻس روح رهاڻ ڪندي هئي. جڏهن پهريون دفعو مامو شيدو، جمعي فقير سان ملڻ ويو. جمعي جو پنهنجي يار کي ڏٺو، ته هڪدم پنهنجي شاگرد کي ٻياني ڏئي چيائين ته؛ ”اڙي ڇورا وارو ڪر، ڀنگ وٺي ميخاني تان گھوٽائي آ، ته يار کي سکو پاڻي پياري پر باش ڪيون.“

ڇوڪرو ڀنگ وٺي وڃي ميخاني تان گھوٽائي آيو. خبر ناهي ته ڇوڪري ان ڀنگ ۾ ڪجھ ملايو يا وري ميخاني تي ڪا حرڪت ٿي. جيئن ئي ٻنهي ڄڻن سکو پاڻي پيتو، ته ٿوري دير کانپوءِ ٻئي بيهوش ٿي ويا. مامي شيدي کي مائٽ ڳوٺ کڻائي آيا. مامي شيدي جا وڏا حڪمت به ڄاڻندا هيا. ٽي ڏينهن ته مامو شيدو بيهوش رهيو. پر پوءِ به ٻه مهينا کٽ تي پيو رهيو. ٻن مهينن کانپوءِ هلڻ ڦرڻ جھڙو ٿيو. جمعي فقير سان ته وڏي ويڌن ٿي وئي، ويچارو ٽي مهينا کٽ تي پيو رهيو. ان کانپوءِ وڃي ڪو هلڻ جھڙو ٿيو. جڏهن مامي شيدي کي ڪنهن ٻڌايو ته؛ جمعو فقير حجامڪو ڌنڌو وري شروع ڪري ڏنو آهي، ته ملڻ ويس. هڪ ٻئي سان حالي حوالي ٿيا، ته جمعي فقير ميار ڏيندي چيس؛ ”مونکان مهينو اڳ هلڻ ڦرڻ جھڙو ٿئين، ته ڏسڻ به نه آئين، ته ڪو جمعو بچو يا مئو؟“

”س.. سڄي، خ..خبر هئي، ته ڇ..ڇو پڇان ها.“

”ڪيئن خبر هئي. ٻروچ تو کي؟“

مامي شيدي هڪلائيندي چيس؛ ”جيئن ئي پيالو پي بيهوش ٿياسين ته عزرائيل اچي ڪلهن تي کنيو. سڌو هڪ ميدان تي اچي ٻنهي کي سٽيائين. عزرائيل ڏي هڪ ملائک ڀڄندو آيو، ۽ چيائينس، اڃا هنن جو موت ناهي لکيل. عزرائيل وراڻيو، اهو ته برابر آهي، پر هنن پنهنجو پاڻ کي پاڻ جو زمرق ڏنو، ته ان ۾ منهنجو ڏوھ ڪهڙو آهي؟ .. ملائکن چيو، هنن جي لاءِ حال في الحال هڪ سزا مقرر ٿي آهي، اها ڏئي پوءِ انهن کي موٽائڻو آهي.

ڪهڙي سزا ؟ عزرائيل پڇيو.

ملائکن چيو، شيدي کي جڏهن خبر به هئي ته قنبر جا موالي هڪ ٻئي کي چريو ڌاتورو يا ڪا خراب شيءِ ملائي ڪيرائيندا آهن، ته هن ٻئي هٿ جي گھوٽيل ڀنگ ڇو پيتي؟... ان ڪري ان کي ٻن مهينن جي سزا. باقي، مهمان سان جٺ ٿيڻ جي ڏوھ ۾، جمعي کي ٽن مهينن جي سزا ملندي. تنهنڪري تون هاڻي هنن مان هٿ ڪڍ ته اسان هنن کي وٺي وڃون.“

”ٻروچ، پوءِ ڇا ٿيو؟“ جمعي فقير معصوميت سان پڇيس.

”پوءِ ادا اسان ٻنهي کي ٽنگو-ٽالي ڪري، هڪ ڀانڊي ۾ وٺي آيا. اتي هڪ ڀت تي وڏا ڪارا توا ۽ دانگيون ٽنگيون پيون هيون. مون کي چيائون ته تون اهي توا ٻه مهينا منهن تي گھماءِ ۽ تو کي چيائون ته تون ٽي مهينا دانگيون گھماءِ. ان ڪري مان ٻه مهينا پنهنجي منهن تي توا مليا. سزا پوري ٿي، ته کٽ تان اٿيس. تو کي اڃا مهينو دانگيون مَلڻيون هيون. تو ملي بس ڪيون، ته اسان به اچي پهتاسي. تو سان ملياسي، ٻيو مڙئي خير.“

”گھرجي به خير، پر اها ڳالھ ڪري منهنجي منهن تي دانگيون نه پر جبل واريون ٿوٻيون ملي ڇڏيئي، ٻروچ!“ جمعي فقير ٿڌو شوڪارو ڀريندي وراڻيو.

جمعي فقير جي ته خبر ناهي، پر پوءِ مامي شيدي پوري زندگي، ڪڏهن به ڪنهن ٻئي جي هٿ جي گھوٽيل ڀنگ نه پيتي. البت جڏهن طبيعت ناساز هوندي هيس، ته ڳوٺ جي عورتن کي سوال ڪندو هيو، جيڪي ڀنگ گھوٽي ڇاڻي ڏينديون هيس يا جي ٻاهر سير سفر تي ويندو هيو، ته ڀنگ جا وڙا ٺاهي ساڻ کڻي ويندو هيو.

مامي شيدي تي ته ڪڏهن تفصيل سان لکبو، پر برسبيل هڪ اکين ڏٺو واقعو ياد ٿو اچي، ته مامي شيدي جو ڀيڻ سان ڪنهن ڳالھ تي جھيڙو ٿي پيو، سو چوڻ لڳس؛ ”ڳالھ ٻڌ! جي مان مري وڃان، ته روئجان نه... جي رُنينءَ ته مان به ڪفن مان هٿ ڪڍي ڀونڊو ڏئي چوندوسانءِ، ’منهنجي نياڻي نماڻي ڀيڻ، هي ته ڳڻ! جڏهن جيئرو هيس ته جھيڙا ڪندي هئين، هاڻي روئين ٿي!؟‘

مامي شيدي جي ڀيڻ جو نالو هدايت هيو، پر هر ڪو کيس پڦي هدايت ڪري سڏيندو هيو. منهنجي ماءُ به کيس پڦي هدايت ڪري سڏيندي هئي، ته مان به. اها به وڏي ڀوڳائڻ هئي.

پڦي هدايت سخت بيمار ٿي پئي. مان پنهنجي زال سان گڏ کائنس پڇڻ ويس. اتر سنڌ ۾ وڏي عمر جي مردن ۽ عورتن کي عمومن ياداشت نه هئڻ جي بيماري ’الزائمر (ويسر جي بيماري) عام  آهي. ان ڪري عمر رسيده بيمارن کان پڇڻ وارا مرد ۽ عورتون رڙ ڪري پهريون سڃاڻپ وارو سوال ڪندا آهن، ته جيئن اڳلي جي ياداشت جو اندازو ٿئي، ته حال ۾ آهي يا نه؟

سو منهنجي زال به پڇيس؛ ”پڦي هدايت مون کي سڃاڻي ٿي؟“

پڦي هدايت هڪدم جواب ڏنس؛ ”ها، آمنه جي ڌيءَ آ، نه! جيڪا کٽو مل جي هٽ تي مون سان هلي چوندي هئي، تتومل، تتي (ٽڪي) جون تتيون (ٽڪيون) ۽ تتي جا طوطا (ڦوٽا) ڏي“

سڀ عورتون کل ۾ ٻٽجي ويون. مون سوچيو، ته ائين نه ٿئي ته ڪو ڳالهائيندي ٻولهائيندي منهنجي لاک نه لاهي وجھي. اُتي پڦي هدايت جو ڏوهٽو مرحوم ارشاد علي بليدي به  ويٺو هيو. مون ان کي چيو؛ ”سؤٽ! هل ته پاڻ اوطاق ۾ هلي ڪچهري ڪيون، ڀلي مايون هڪ ٻئي کي ڏين وٺن.“

پڦي هدايت هڪدم وراڻيو؛ ”ابا، هي نه هلندو، هي ماين جي وچ ۾ ويهندو.“

”ڇو؟“ مون پڇيو.

”هي اسان جو چوڪيدار آ. جي اسان سڀ بڙڌياڻيون ڀڄي ويون سي، ته اوهان سان سمهندو ڪير؟“

ارشاد ڪاوڙ ۾ ڌَنوندي اٿي کڙو ٿيو؛ ”مري ٿي، ته به ڀوڳن کان مڙي نه ٿي!“

اڳي شايد ماڻهن ۾ مزاح جو عنصر ان ڪري به وڌيڪ هيو، جو اهي فطرت جي قريب هيا. ڪچين جاين ۾ رهندا ھيا، سادو کائيندا ھيا ۽ سادو هنڍائيندا هيا. هاڻي هر ڪو ڪاٽن جا ڪپڙا پهريون ڦوڪيو ٿو وتي. سيمنٽ جون جايون، گرم مسالي وارا کاڌا، هر ڪو تتو ٿو وتي.

                                              

بهر حال، اصل ڳالھ ته جمعي فقير جي ڪرڻي آهي. جمعي فقير جي حوالي سان ٻه ٽي ڳالهيون جيڪي اکين ڏٺيون ۽ ڪنن ٻڌيون آهن، سي اوهان سان شيئر ڪجن ٿيون. هڪ ڏينهن ڪچڙي منجھند جو، جمعو فقير لاڙڪاڻي جي شاهي بازار ۾ پنهنجي شاهي سواري يعني گڏه تي سوار، مکي ڪؤڙي مل پنساري جي دوڪان سامهون بيٺو هيو. مان ۽ منهنجو دوست علي شير رونگھو اُتان گذرياسي، ته دوڪاندار (ڪوڙي مل جو پٽ، نالو ذهن ۾ نه ٿو اچي) کي چئي رهيو هو؛ ”مالڪ، بال صفا پئونڊر مڙئي چـڱڙو ڏجانءِ!“

هن بال صفا پائونڊر جي ٺهيل پڙي ڏنس، ته ڏسي پڇيائينس؛ ”هن مان ڪم نه هلندو. هاڻي تون ڇا ٿو چئين ته فقيرياڻي، چپٽين جو پورهيو ڇڏي رڪ سان راند ڪري ڇا؟ “

”فقير گھڻو آ“، دوڪاندار وراڻيس.

”پوءِ گھر هل، ته هلي ڏيکاريانءِ!“ جمعي فقير وراڻيس.

دوڪان تي بيٺل ۽ آسپاس وارا همراه کل ۾ ٻٽجي ويا. دوڪاندار کلندي ٻه پڙيون ڏئي ڇڏيس.

اڳتي چُريو، ته مان پڇيومانس، ”جمعا فقير، چپٽن جو پورهيو ڇڏي ۽ رڪ سان راند ڪرڻ وارو پهاڪو سمجھ ۾ نه آيو؟“

ٻڌايائين، ته ”ابا، هڪڙو هو حجم. سو لاباري جي مند ۾ پنهنجي آهتين ڏانهن سنبريو، ته جيئن سندن وار سنوار به ڪري اچي ۽ ڪجھ ان، ڌن ۽ سيڌو سامان به وٺي اچي. زال کي چيائين ته ٻن هفتن کانپوءِ موٽندس. سو جيڪو چوندينءَ ته تنهنجي لاءِ اهو به وٺيو ايندس، جو هيل ملڪ ۾ فصل به ڀلو لٿو آهي.“

زال کان موڪلائي، ڀاني کڻي پنهنجي آهتين وٽ پهتو. ڪنهن جا وار، ته ڪنهن جي سونهاري ٺاهيائين. ڪنهن جو مٿو ڪوڙيائين، ته ڪنهن جا بغل لاٿائين. ڪنهن جا نُنهن، ته ڪنهن جي ڦٽ ڦرڙيءَ جو علاج ڪيائين. نيٺ پندرنهن ڏينهن کانپوءِ سامان جي گاڏي ڀرائي گھر پهتو.

جوڻهنس ڏسي خوش ٿي، جو سندس لاءِ جتي، جوڙو، سڳي، سرمو، مساڳ؛ مطلب ته غريباڻي حال مطابق سڀ ڪجھ آندو هيائين. ٿي رات ته مائي سوچيو، ته جوان مڙس کي راضي پرسن ڪري. پر پنهنجا غير ضروري وار ڏسي پريشان ٿي وئي. هاڻي سوچيائين ته هن وقت ڪهڙي خاڪ ۽ ٻيرچو کڻي چپٽين جو پورهيو ڪري. وقت به گھڻو لڳندو. گھر ۾ پاڪيون ته کوڙ پيون آهن، ڇو نه انهن مان هڪ کي استعمال ڪري. سو ويچاري پاڪيءَ جو ته استعمال ڪيو، پر ٽُڪو اچي ويس. رتو رت ٿي وئي. سور کان سُوسٽَ پيا نڪرنس. مڙس جو پڇيس، ته پيرائتي ڳالھ ڪري ٻڌايائينس. مڙس ڪاوڙ مان چيس، ته ”رَن! تو کي ڪنهن چيو، ته چپٽين جي پورهيو ڇڏي رُڪَ سان راند ڪر. سو ابا جنهن کي جيڪو ڪم ڏانءُ اچي، اهو ئي ڪري. ٻيو ڪندو ته نقصان ۾ ويندو.“

ڏسو، آهي ته پهاڪي کي جنسي پس منظر، پر پهاڪي ۾ ڪيڏو نه ڏاهپ وارو ڏس ڏنل آهي.

خير، جمعي فقير جون ڪيتريون ڳالهيون آهن. ڪنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي جي آس پاس ڏاهاڻين ۽ جتوئين جو جھيڙو هلندڙ هيو. جڏهن به ڪنهن جو خون ٿيندو هو ته شهر ۾ ڪافي ڏينهن تائين هُو هوا هلندي هئي. هڪ ڏينهن بندر روڊ جي وٽ تي قاضي عبدالمنان جي گھر سامهون، شاهي نم هيٺان، ماڻهن پئي ان جھيڙي بابت پھ پچار ڪئي. جمعي فقير به گوشت مارڪيٽ مان گداءُ ڪري، ڪتن جي لشڪر سان گڏ نم جي ڇانو ۾ اچي ڊاٻو ڪيو. اها پھ پچار ٻڌڻ کانپوءِ آخر ۾ جمعي فقير به پنهنجي راءِ ڏني:

”بابا، مان ته چوندو آهيان؛ الٻروچ و الٻروچان؛ جيئري جن، مئي شيطان.. فباي آلاءِ ربڪما تڪذبان.. ملائکن ته الله کي چيو ته هيٺ روزگار ختم آ، ان ڪري ٻروچن کي نه موڪل. پر الله چيو، ته ٻروچ روزگار جو ذمو پاڻ ٿا کڻن، ته پوءِ ڪهڙو اعتراض آ. ملائکن به کڻي ماٺ ڪئي. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا. هاڻي صبوح مڙدان سان، نه شهر ۾ الله جي، نه رسول جي، رڳو ٻروچن جي جھيڙي جي ڳالھ ٿي هلي.“ ائين چئي جمعو فقير پنهنجي شاهي سواري ۽ لشڪر سان اڳتي وڌي ويو. حالانڪ اتي ڪيئي ٻروچ بيٺا هيا، ڪنهن فقير جو دل ۾ ئي نه ڪيو، ڄڻ سڀن کي دل سان لڳي.

انهيءَ بندر روڊ تي ڪنهن زماني ۾ نواز شيخ ڪلاٿ اسٽور هوندو هيو. جيڪو شهر جو مهانگو ترين دوڪان هيو. شهر جا آسوده ماڻهو اتان اچي پنهنجي کل لهرائيندا هيا. جمعو فقير هميشه وانگر شاهي سواري تي سوار پٺيان پنهنجي راڄ ڀاڳ (ڪتن جي لوڌ) سان گڏ روان دوان هيو. ڪجھ دير ساهي پٽڻ لاءِ اوچتو ان دوڪان جي سامهون بيهي رهيو، ته روڊ تي ڪتن جي لوڌ به بيهجي وئي. دوڪان جي مالڪ نوڪر کي چيو ته؛ ڪتن کي هڪلي، جو گراهڪي خراب ٿيندي. نوڪر ڇا ڪيو، جو سروٽو کڻي هڪ ڪتي کي زومائتو وهائي ڪڍيو، ته ڪتو ڪونڪاٽ ڪرڻ لڳو. جمعي فقير هڪدم دوڪان جي مالڪ کي رڙ ڪري چيو؛ ”پنهنجي سوئر کي جھل، ته منهنجن سڄڻ تي هُڙڇ نه ڪري.“

پوءِ ان ڌڪيل ڪتي کي سڏ ڪندي چيائين؛ ”اڙي خادو! هيڏي آءُ ته تو کي ڇيڇڙو ڏيان! وڙائتن جي، بي وڙن کي ڪهڙي ڪل.“ ائين چئي ان ڪتي کي خاڪي لفافي (ڪاغذي شاپر) مان ڇيڇڙو ڪڍي ڏنائين.

دوڪان جو مالڪ ڏند ڪرٽيندي چوڻ لڳو؛ ”ڀٽو صاحب (ذوالفقار علي ڀٽو) به بادشاھ ماڻهو آ، جو فقيرن کي به کڻي مٿي تي چاڙهيو ٿئين.“

اکين ڏٺي ته نه پر اها ڪنن ٻڌي مشهور ڳالھ آهي، ته هڪ دفعو ڀٽي صاحب، جمعي فقير کان پڇيو؛ ”جمعا فقير، ڪڏهن  کهڙي (محمد ايوب کهڙي ڏانهن اشارو) به خيرات ڏنئي؟“

”نه مالڪ! منهن ڏسي مٺائي گھربي آ. مان ته ان جي پاسي کان لنگھندو به ناهيان، ته متان گڏھِ نه ڦري وٺي.“

پر اهو واقعو ڏاڍو دکدائڪ آهي، ته جنهن رات يعني ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ڀٽي صاحب کي ڦاسي اچڻي هئي، ان کان هڪ ڏينهن اڳ، لاڙڪاڻي جو عام ماڻهو ڏاڍو رنجيده هيو. شام جو لاڙڪاڻي ۾ قائم شاه بخاري جي مزار تي ماڻهن جا انبوه هيا. ماڻهن دعائون پئي گھريون ۽ ٻاڏايو پئي ته اها ڦاسي ڪنهن معجزه تحت ختم ٿئي. ياد آهي، ته هڪڙو ٻاتو فقير قائم شاه بخاري تي پينگھي ۾ قرآن لوڏيندي زور زور سان چئي رهيو هو؛ ”قلان ڀتو! الله ڀتو!..قائم شاه بخالي ڀتو!“ جمعو فقير به قائم شاه بخاري جي سامهون واري روڊ تان گذري رهيو هيو، ته ڀٽي جي شيدائين، دڳ جھلي کيس چيو؛ ”جمعا فقير الله کان دعا گھر، ته ڀٽي صاحب کي ڦاسي نه اچي.“

جمعي فقير وراڻيو؛ ”ان ٽيڏي (جنرل ضياالحق) ۾ يزيدي روح سمايل آ، اصلي نه مڙندو. باقي الله کي چوڻ اجايو آ. جڏهن امام حسين سان يزيد جي لشڪر ڪيسُ (ظلم) پئي ڪيو، ته ڪيترا نبي سڳور الله کي ايلازو ٿيا، ته ’اهو ڪِيسُ بند ڪراءِ‘؛ تڏهن ٺڦ جباب (جواب) ڏئي چيائينِ، ته ’ڀلي ڪِيسُ ٿئي، ته مان اکين ڏسان، ته منهنجي نانءَ تي قلباني (قرباني) ڪيئن ٿي ٿئي.‘!“

۽ پوءِ ٿيو به ائين، ڪِيسُ ٿي ويو..........


 

ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جمعي فقير جو گڏھ

ذوالفقار قادري

لاڙڪاڻي جي جهونن کان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جمعي فقير جي دوستيءَ جا قصا اڄ بہ ناهن وسريا. واحد اهو ماڻهو جمعو فقير هيو جيڪو نہ صرف ذوالفقار علي ڀٽي سان ڀوڳ چرچا ڪندو هو پر هو فقيري گفتي ۾ ڀٽي کي منهن تي تلخ ڳالهيون بہ چئي ويندو هو.

جمعو فقير، قمبر ڇڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو ۽ فقيري رنگ ۾ ھليو ويو. گداگري ڪري پيو گذر سفر ڪندو هو. اڪثر لاڙڪاڻي جي روڊن رستن تي پنهنجي گڏھ تي نظر ايندو هيو. پنهجي ڌن ۾ مگن رھندو ھيو. سندس گفتا، سالڪن واري فقيري رنگ ۾ رڱيل هوندا هئا.

ذوالفقار علي ڀٽو سان هن جي دوستيءَ وارو تعلق، ڀٽي صاحب جي وزارت خارجہ وارن ڏينهن کان جڙيو. جمعو فقير ڪو پاڻ ڀٽي صاحب ڏي سيڙجي ڪونه ويو هو پر ڀٽي صاحب کي خبر پئي ته شھر ۾ گڏھ تي گهمندڙ هڪ فقير جا گفتا نه صرف ٻڌڻ جوڳا پر سبق آموز به آهن. تنھن تي ڀٽو صاحب فرمائش ڪئي ته کيس المرتضيٰ هاؤس وٺي اچو.

جڏھن ماڻھن جمعي فقير کي وڃي چيو ته؛ ’تو کي ڀٽي صاحب گهرايو آ‘ ته کين چيائين؛ ”مان ڪو ڀٽي جو نوڪر آهيان ڇا؟ چئوس وڃي ته مان نه ٿو اچان.“

ماڻھن وڃي ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ته؛ ”جمعو فقير نه آيو.“

جنھن تي ڀٽو صاحب پاڻ، فقير ڏي ويو. ان وقت جمعو فقير، لاڙڪاڻي واري هاڻوڪي ڪينيڊي مارڪيٽ وٽ، ھڪ وڻ ھيٺان، پنهنجي گڏھ کي گاھ پئي کارايو. ڀٽي صاحب کان پڇيائين؛ ”ڀٽا صاحب! ڪيئن آيو آھين؟“

ڀٽي صاحب چيس؛ ”حاضري ڀرڻ’“

تنهن تي جمعي فقير چيس؛ ”ڀٽا صاحب! مان ڪهڙو ماستر آھيان جو حاضري ڀرڻ آيو آھين.؟“

ڀٽي صاحب چيس؛ ”ڀلا دوستي رکون.“

جمعي چيس؛ ”دوستي رکڻ سولي، نڀائڻ ڏکي آ.“

تنهن تي ڀٽي صاحب چيس؛ ”ڀلا دوستي رکي ڏس! پوءِ به مرضيءَ وارو آھين.“

تنهن تي وڻ ھيٺان گڏھ سميت ويٺل جمعي فقير ورندي ڏنس ته؛ ”ڀٽا صاحب! تڏي تي لنگهي آيو آھين. تو کي موٽايان نه ٿو.“

اهڙيءَ طرح ذوالفقار علي ڀٽي ۽ لاڙڪاڻي جي رستن تي گداگري ڪندڙ جمعي فقير جي، پاڻ ۾ دوستي ٿي وئي.

جمعي فقير جي گفتن ۾ مزاح، کل ڀوڳ پر سبق آموز درس به هوندا هئا.

هڪ دفعي هڪ ٻروچ کان خيرات گهريائين. ان پنج روپيه ڏنس. خيرات وٺي، مٿي ڏسي، رب کي چيائين؛ ”لڳي ٿو ٻروچ به تو کان ڊڄن ٿا.“

هڪ دفعي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جا شاگرد، موڪل ۾ واپس پئي آيا ته رستي ۾ انهن مان هڪ جمعي فقير کي ڏسي، کانئس پڇيو؛ ”جمعا فقير! زال جو نالو ته ٻڌاءِ؟“ تنهن تي ورندي ڏنائين؛ ”وضو ٿيل ناهي.“ تنهن تي ڇوڪرن چيس؛ ”زال جي نالي جو وضوءَ سان ڪهڙو تعلق؟“ تنهن تي فقير چيو؛ ”ابا زالون آھن پاڪ. سو پاڪن جا نالا وضوءَ بنا وٺڻ، صحيح ناهي.

ڀٽو صاحب وزيراعظم بڻجي ويو. سو ڀٽو صاحب وڃي ساڻس مليو ۽ کيس چيائين؛ ”فقير دعا ڪر!“ تنهن تي جمعي فقير چيس ته؛ ”ڀٽا صاحب! بادشاه ٿيڻ تي به لڳي ٿو خوش نه آهين؟ هاڻ ھڪڙو ڪم ٿا ڪيون. تون مون وارو گڏھ سنڀال ته مان ٿو کڻي ڀٽو ٿيان.“ تنهن تي ڀٽي صاحب چيس؛ ”منظور آ. مون کي ڏي پنهنجو گڏھ.“ ان موقعي تي ڪافي وزير وڏيرا آفيسر ڀٽي صاحب سان گڏ ھئا. مٿان جمعي فقير چيس؛ ”نه ابا اڳ ۾ ئي جام گڏھ تو سان ساڻ آھن. پهرين انهن کي ته سنڀال“. ڀٽي صاحب کلي ڏنو. اتي موجود وزيرن، وڏيرن ۽ آفيسرن جا منهن لهي ويا.

چون ٿا ڀٽو صاحب جڏھن به وزيراعظم جي حيثيت ۾ لاڙڪاڻي ايندو هو ته جمعي فقير سان ضرور ملندو هو. جمعي فقير جو ڪو مستقل ٺڪاڻو ڪونه هو. بس لاڙڪاڻي جي هڪ قبرستان ڀرسان، هڪ جهوپڙي ٺھيل هيس. هڪ دفعي ڀٽي صاحب چيس؛ ”تو کي گهر ٺھرائي ڏيان؟“ تنھن تي چيائينس؛ ”ٻيهر اها ڳالھ ڪئي اٿئي ته ڀٽا صاحب ياري ختم.“

هڪ دفعي ڀٽو صاحب، موئن جو دڙو ايئر پورٽ تي لٿو ته لاڙڪاڻي جي انتظاميہ کي چيائين؛ ”سڌو جمعي فقير ڏي هلو.“ وزيراعظم جو قافلو، جمعي فقير کي ڳوليندي، کيس شھر جي باقراڻي روڊ تي وڃي ڳولهي لڌو. ڀٽو صاحب مرسڊيز گاڏيءَ مان لهي، گڏھ تي سوار ٿيل جمعي فقير سان ڀاڪر پائي مليو. جمعي چيس؛ ”ڀٽا صاحب! خير ته آهي؟“ ڀٽي صاحب چيس؛ ”جمعا فقير! اڄ رات ماني مون سان کائيندين؟“ تنهن تي جمعي فقير چيس؛ ”هڪ شرط تي تو سان ماني کائبي. اھو شرط اھو آھي ته مانيءَ تي اسان ٻنهي کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هوندو.“ ڀٽي صاحب چيس؛ ”اهو ڀلا ڇو؟“ تنهن تي جمعي فقير چيس؛ ”هيءُ کائڻ جا آھن بد فضيلتا! جيڪي ٻوڙ جا ڏونگها هوندا، انهن مان سٺيون سٺيون ٻوٽيون ۽ پيس هي کائي ويندا، باقي اسان لاءِ ڇا بچندو.“ ڀٽي صاحب چيس؛ ”منظور آ!“ فقير چيس؛ ”هڪ ٻي ڳالهہ به آ! تون مان ويٺا ماني کائون ۽ مون وارو گڏھ پيو بک مري. اها ڳالھ صحيح ناهي. منهنجي گڏھ جي به دعوت ڪندؤ ته ايندس.“ ڀٽي صاحب چيس؛ ”هل اهو به منظور آ!“ رات جي ماني جو ٽائم ٿيو. ڀٽي صاحب لاڙڪاڻي جي ان وقت جي ايس پي محمد پنڃل جوڻيجو کي چيو؛ ”رات جي ماني اڄ جمعو فقير مون سان کائيندو، سو وڃي جمعي فقير کي وٺي اچو.“ وزيراعظم جي حڪم تي انتظاميہ وڏي پروٽوڪول سان وڃي جمعي فقير کي ڳولهي لڌو. چيائونس؛ ”ڀٽي صاحب گاڏي موڪلي آ! هلو!“ انهن کي چيائين؛ ”مان پنهنجي گڏھ تي هلندس.“ آفيسرن وڏا وس ڪيس. نہ مڃيائين. آخر، پنهنجي گڏھ تي چڙھي، المرتضيٰ هائوس پهتو. هائوس جي گيٽ تي، آفيسرن چيس؛ ”فقير اوهان وڃو پر گڏھ جي اجازت ناهي.“ تنهن تي چيائين؛ ”پوءِ مونکي بہ ناهي وڃڻو.“ آخر ڳالھ ڀٽي صاحب تائين پهتي. ڀٽي صاحب چيو؛ ”فقير کي گڏھ سميت، المرضيٰ هاؤس ۾ وٺي اچو.“ فقير هائوس ۾ داخل ٿيو ته ڀٽو صاحب سامهون بيٺو هئو. فقير ڀٽي صاحب کي ڏسي چيو؛ ”واھ ڀٽا صاحب واھ! هيترا گڏھ پاليا اٿئي. ڏوھ رڳو مون واري گڏھ ڪيو.“ آخر جمعي فقير جي گڏھ لاءِ به المرتضيٰ ۾ گاھ وغيره جو بندوبست ڪيو ويو. پوءِ جمعي فقير مس وڃي ڀٽي صاحب سان ماني کاڌي.

جمعي فقير سن ۱۹۹۰ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. پر جمعي فقير جا قصا ٽوٽڪا اڄ بہ لاڙڪاڻي وارن کان ناهن وسريا.


 

جمعو فقير

درويش صفت

لياقت راڄپر

سنڌ پيرن ۽ فقيرن سان ڀريل آهي. ان لاءِ هتان جا ماڻهو امن پسند ۽ خوشحال رهيا آهن. انهن ۾ هڪ درويش وتايو فقير به هو، جنهن کي مون نه ڏٺو هو، پر هُن جي زندگي ۽ گفتن بابت ضرور پڙهيو اٿم. اهڙي ئي هڪ درويش صفت انسان جمعي فقير کي لاڙڪاڻي شهر ۾ نه صرف ڏٺو هو پر هن جا فلسفيانه گفتا پڻ ٻڌم. جنهن کي هر ماڻهو ذهن ۾ هنڍائيندو هو ۽ هن جي وڏي عزت ۽ احترام ڪندو هو. جمعي فقير جي گفتگوءَ جو انداز ڏاڍو هلڪو، مٺو ۽ پيار وارو هوندو هو، پر ان جي وات مان نڪتل لفظ وڏا معنيٰ خيز ۽ سمجهاڻيءَ وارا هوندا هئا.

هي درويش صبح جو سج اڀرڻ سان گڏ گهران نڪرندو هو ۽ سڄو ڏينهن پوري لاڙڪاڻي شهر جو چڪر ڪاٽي سج لهڻ وقت گهر واپس ٿيندو هو. جمعو فقير صبح جو پنهنجي سواري گڏهه کي تيار ڪندو هو، جنهن تي ٻنهي پاسن کان ٻه خرزين ٽائپ رکيل هونديون هيون، گڏهه جي هيٺان ڪاٺي جون ٻه لائينون پيٽ هيٺان ڪراس ڪري ٻڌل هونديون هئس، جنهن تي هو پير رکي گڏهه جي پٺيءَ تي ويهندو هو. هن جي مٿي تي هڪ رومال ٻڌل هوندو هئو ۽ ڏاڙهي مُڇ چٽ ۽ منهن تي سرنهن جو تيل مکي، اکين ۾ ايڏو ته سرمو پائيندو هو جو اهو اکين کان هيٺ لهي پوندو هئس، جنهن مان لڳندو هو ته ڄڻ سرمو ڏوئيءَ سان پاتو اٿس. پيرن کي اڳڙين سان ٻڌي ڇڏيندو هو ۽ پيرن ۾ هڪ ڦاٽل بوٽ پاتل هوندو هئس، جڏهن ته گهڻي قدر گوڏ ۽ قميص پائيندو هو ۽ ان مٿان واسڪوٽي ۽ وري ان جي مٿان گابي چٻاڙيل ڪوٽ پائيندو هو. ڀلي اونهارو هجي يا سيارو، جمعي جو لباس اهو ئي هوندو هو.

جمعو هميشه مٿو به ڪوڙيل رکندو هو ۽ صبح جو جيئن ئي گڏهه تي ويٺو ۽ هڪ لٺ هٿ ۾ کڻي ويٺو ته پوءِ وري ان تان شام جو گهر وڃي لهندو هو. هن پنهنجو هي روزاني وارو سفر ڪڏهن به بند نه ڪيو، پوءِ چاهي بارش هجي يا وري طوفان ۽ نه ئي هن تتل اس ۽ سخت سرديءَ جي ڪڏهن پرواهه به ڪئي. پر صرف گڏهه کي ڇانوَ ڏيڻ لاءِ ان کي پاڻي پيارڻ ۽ گاهه کارائڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي ساهي پٽيندو هو. صبح جو سڀ کان پهريائين هو گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ ويندو هو، جتي هو ڪتن جي هڪ وڏي جلوس سان پهچي اتان ڪتن لاءِ هڏا ۽ ٻلين لاءِ ڇيڇڙا وٺي وري فروٽ وارن کان ڪنا ۽ رد ٿيل سامان پنندو هو. هن جي دنيا، ٻليون ۽ ڪتا هئا، جن کي پاڻ سان هميشه ساڻ رکندو هو. هو جتي به بيهندو هو ته هي ڪتا به هن سان اتي ويهي رهندا هئا.

جمعي فقير جي واقفيت ذوالفقار علي ڀُٽي کان وٺي قاضي فضل الله ۽ امير علي لاهوري وغيره سان به هوندي هئي ۽ اُهي هن جي وڏي عزت ڪندا هئا. ان کان علاوه شهر جي واپارين، بيوروڪريٽن ۽ عام ماڻهو هن سان بيهي ملندا هئا ۽ جيڪڏهن هو ڪنهن کي ڪجهه چوندو به هو ته اُهي، هن جي ڳالهه تي ارها نه ٿيندا هئا. ڇاڪاڻ جو انهن کي اها خبر هئي ته هو هڪ درويش آهي ۽ جيڪو ڪجهه چوي ٿو ان ۾ هڪ سمجهاڻي ۽ سبق شامل هوندو آهي. خاص ڪري ڀُٽو صاحب جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو ته جمعي فقير کي پاڻ وٽ گهرائي ڪچهري ڪندو هو. هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته جڏهن ڀٽو صاحب صدر پاڪستان ٿيو ته هن کي پاڻ وٽ المرتضيٰ گهرائي هڪ سؤ روپيا ڏنا، جيڪي هن نه ورتا ۽ پوءِ ۵۰۰ روپيا. جڏهن ڀٽي صاحب هن کي دعا لاءِ چيو ته هن وراڻيس ته جيڪڏهن اڃا به خوش نه آهين ته پوءِ مون سان گڏ ٿي.

هڪ ڀيري وري جڏهن ڀُٽو صاحب المرتضيٰ ۾ ڪچهري ڪري رهيو هو ته جمعو فقير ساڻس ملڻ ويو ته اتي ان وقت جي ايس پي هن کي اندر نه وڃڻ ڏنو، پر جڏهن ڀُٽي صاحب کي خبر پئي ته جمعو فقير ٻاهر بيٺو آهي ته ايس پي کي حڪم ڪيائين ته جمعي کي اندر وٺي اچ. جڏهن جمعو اندر ويو ته چيائينس ته هي پوليس جا ماڻهو هوندا ته پوءِ اسان پارا فقير اندر ڪيئن اچي سگهندا. ايس پي هي نظارو ڏسي هڪ ڀيري جمعي فقير کي رستي ۾ بيهاري هڪ سؤ روپيا ڏنا، جيڪي وٺي مٿي آسمان طرف نهاري چيو ته وڏي ڳالهه آهي جو پوليس به خيرات ڏئي ٿي.

جمعو فقير پنڻ وارو نه هو، پر درويش ماڻهو هو ۽ خوبصورت شين ۽ ماڻهن کي پسند ڪندو هو ۽ ڀُٽي صاحب کي اڪثر ڏسڻ ويندو هو ۽ چوندو هو ته الله تعاليٰ ڀُٽي کي حسين ۽ سهڻو ٺاهيو آهي ۽ هو ان جو عاشق آهي. جڏهن ڀُٽي کي ضياءُ الحق قيد ڪيو ۽ ڦاهي ڏياري ته جمعو ضياءَالحق کان سخت نفرت ڪندو هو ۽ چوندو هو ته الله سائين مونکي ان وقت تائين جيئرو رکجانءِ جيستائين ضياءَ جو حشر پنهنجي اکين سان نه ڏسان ۽ هر ڏينهن گهر وڃڻ کان اڳ نئين ٺهيل ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران ويهي ضياءَ الحق جي موت جو انتظار ڪندو هو.

جمعو فقير اصلي قمبر شهر جو رهاڪو هو، جنهن جا وڏا ۱۹۴۲ع جي ٻوڏ جي ڀوَ کان لاڙڪاڻي لڏي آيا هئا. جڏهن جمعو قمبر ۾ هو ته هو اتي حجامڪو ڪم ڪندو هو. هڪ دفعي هڪ ماڻهو هن وٽ آيو ۽ چيائين سيرب ٺاهه، اها به تڪڙ ۾، ڇاڪاڻ جو هن کي ٽرين تي پهچڻو آهي. هر هر تڪڙ جي ڪري جمعي ڇا ڪيو جو صندل هيٺان وهندڙ ڪني نالي مان شيو جو برش ٻوڙي همراهه جي منهن تي گهمائڻ شروع ڪيو، جنهن تي همراهه ڪاوڙجي ڀرسان لڳل هٿ واري نلڪي منجهان وهندڙ پاڻيءَ سان هٿ منهن ڌوئي ۽ جمعي طرف پئسا اڇلائي روانو ٿي ويو. اهو ڏسي جمعو سامان کڻي پويان لڳي پيس ۽ نيٺ وڃي ٽرين ۾ پهتس ۽ منٿ ميڙ ڪري هن جي سيرب لاٿائين ۽ پوءِ چيائينس ته؛ ادا زوري سيرب ان ڪري ٺاهي جو تو پئسا ڏئي ڇڏيا، پر اهو ٻڌائيندو هلان ته نالي جي ڪني پاڻي جي ڳالهه ته درست آهي، پر اسان انسان وري ڪهڙي سٺي پاڻيءَ مان پيدا ٿيل آهيون.

ڪنهن ماڻهو هڪ ڀيري جمعي کان سوال ڪيو ته؛ ”ڪتا گهر ڇو ٿو وٺي وڃين؟“ هن جواب ڏنس؛ ”ڪتا وفادار آهن ۽ هو هن لاءِ يا مالڪ لاءِ دعائون ڪندا آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن انسان کي گهر وٺي وڃ ته هو سڀ کان پهريان ننگن کي تڪي ٿو يا وري گهر جي سامان کي چوري ڪرڻ لاءِ پلان ٺاهي ٿو، جڏهن ته ڪتا مالڪ جي ٻنهي شين جي حفاظت ڪن ٿا.“

هڪ ٻئي شخص جمعي کي چيو ته؛ ”تو مان ته ڌپ پئي اچي.“ جنهن تي جمعي گهر اچي زال کان پڇيو ته؛ ”ڇا تو کي مون منجهان بدبوءِ اچي پئي؟ ته ان چيس؛ ”بلڪل نه.“ پوءِ چيائين؛ ”منهنجو جسم ته تون آهين، بس ٻي تصديق نه کپي.“

جمعو فقير هر ذات ۽ مذهب جي ماڻهن سان پيار ڪندو هو ۽ ڪڏهن به، سواءِ ضياءُ الحق جي، ڪنهن سان نفرت نه ڪيائين ۽ سدائين انسان ۽ انسانيت سان پيار ڪندو هو ۽ هن جي ڳالهين ۽ گفتن تي مسڪرائيندو هو. ڇو جو سڀ ڪو ڄاڻيندو هو ته جمعو درويش ۽ الله وارو هو. هن جانورن ۽ پکين سان گڏ ٻين جيوت سان به پيار ڪيو.

عام ماڻهو جمعي کي منگي سمجهندا هئا، جڏهن ته هو ذات جو سومرو هو ۽ هو ڪو پنڻ وارو فقير نه هو، پر هو درويش فقير هو ۽ هي رنگ هن کي شاهه عبداللطيف جي مزار تي وڃڻ کانپوءِ مليو. چون ٿا ته سندس گهرواري ۽ هن جي پٽ ٻڌايو ته ڀٽائيءَ تان موٽڻ کانپوءِ هن ۾ درويشي واري تبديلي آئي، هو هميشه ساڙ ۽ نفرت رکندڙ ماڻهن کان پري رهندو هو ۽ جيڪي غريبن سان ناانصافي ڪندا هئا ۽ انهن جا حق کائيندا هئا، انهن کي اهڙي نموني سان تنقيد ڪندو هو جو اهو برداشت ڪرڻ مشڪل هجي. پر پوءِ اهي به هن کي ڪجهه نه چوندا هئا ۽ کلي پاسو وٺي کسڪي ويندا هئا.

هن درويش فقير جي دعا قبول ٿي ۽ هو هڪ ڏينهن جيئن اسٽيشن جي ٻاهران ويٺو هو ته ڪنهن کيس ٻڌايو ته ضياءُ الحق جو جهاز تباهه ٿي ويو آهي ۽ جسم جو ڪو به حصو نه بچيو اٿس، جنهن تي هن چيو ته اڄ الله انصاف ڪيو آهي ۽ هاڻي هو به هن دنيا کان ٻي دنيا جي تياري ڪندو ۽ بلڪل ٻن ڏينهن کانپوءِ ۲۰ آگسٽ ۱۹۸۸ع تي جمعو فقير به لاڏاڻو ڪري ويو.

مون کي افسوس اهو آهي ته اسان پنهنجي شخصيتن کي ائين وساري ڇڏيو آهي، جيئن انسان موت کي. هن لاءِ نه ته ڪڏهن ڪو سيمينار ٿيو آهي ۽ نه وري ڪو يادگار ٺاهيو ويو آهي. شاباس آهي هڪ اهڙي ڪاموري کي جيڪو هو ته پنجاب جو ۽ ايس ڊي ايم ۽ ميونسپل ڪميٽي لاڙڪاڻي جو چڱو مڙس رهيو، جنهن جمعي فقير جو ٻڌي شهر اندر پريس ڪلب ۽ سٽيزن ڪلب ٻاهران هڪڙي ننڍڙي پارڪ کي هن فقير جي نالي سان منسوب ڪيو، ان کان علاوه لاڙڪاڻي ۾ سنڌ اسٽوڊيو جي نالي سان فوٽو شاپ هلائيندڙ فوٽو گرافر اڪرام جمعي فقير جي هڪڙي تصوير ڪڍي هئي، جنهن کي وڏو ڪري دڪان ۾ هڻي ڇڏي ۽ ڪراچي لڏي اچڻ بعد به هيءَ تصوير ڪراچي واري دڪان ۾ لڳائي. جمعي فقير جي اها واحد تصوير آهي.

پيپلز پارٽي کي گهرجي ته ڀُٽي سان عشق جي حد تائين محبت رکندڙ جمعي فقير جي نالي سان لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪو يادگار جوڙائي، ڪا لائبريري هن جي نالي سان قائم ڪرائن ۽ ڪو سيمينار ڪوٺائن، پر جيڪڏهن ٻيو ڪو نٿو ڪري ته لاڙڪاڻي جا شهري جمعي فقير کي ياد ڪندي ڪجهه ته ڪن.


 

جمعو فقير

رياضت ٻرڙو

جمعي فقير کي ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ۽ ٻين مضمونن ۾ ’جمعو فقير منگي‘ ڪري لکيو ويو آهي، جڏهن ته تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته جمعو فقيرُ ذات جو سومرو هو. هو ڪُور سليمان ڳوٺ، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو، ۽ پوءِ ڳوٺ ڏتل ابڙي ڀرسان ڪنهن ننڍي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. جمعو فقير سومرو پنهنجين دلچسپ ڳالهين سبب، لاڙڪاڻي ۾ رهائش ڪرڻ جي ڪري ”لاڙڪاڻي جو وتايو“ سڏيو ويو. حقيقت ۾ هُو قنبر شهر ۾ ڪجھ عرصو رهڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي لڏي وڃي رحمت پور محلي ۾ ويٺو. سندس پورو نالو محمد جمن هو، پر ’جمعو فقير‘ سڏيو ويندو هو. جمعو فقير قنبر ۾ مين روڊ تي، پٺاڻ مسجد ڀرسان، صندل تي حجامڪو ڪم ڪندو هو، جنهنڪري ئي ڀُل وچان کيس ذات جو منگي سمجھيو ويو. سندس گفتن ۾ وڏي ڏاهپ هئي. هو ماڻهن کي لاجواب ڪرڻ جو فن ڄاڻيندو هو. لاڙڪاڻي لڏڻ کان اڳ هن شهدادڪوٽ ۾ گداگري به ڪئي هئي. لاڙڪاڻي ۾ عام طور گڏهه تي چڙهي گھمندو هو ۽ هٿ ۾ پنهنجي قد کان به ٻه هٿ وڏِي ڏانگ هوندي هيس. سندس ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور ٿيون، پر اهي لکيون نه ويون. ضرورت آهي ته سندس گفتن کي سهيڙيو وڃي. هتي سندس ڪجهه گفتا ڏجن ٿا:

1. جمعي فقيرَ حجامڪو ڪم ڇڏي، جڏهن گداءُ شروع ڪيو، ته هڪ ڀيري کيس ڪنهن ٻروچ خيرات ڏني، جنهن تي جمعي فقير آسمان ڏانهن منهن ڪري چيو: ٻروچ به تو کان ڊڄن ٿا.

2. هڪ ڀيري وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کيس ۱۰۰ رپيا ڏنا، جنهن تي جمعي فقير کيس چيو: اڄ جيڪڏهن مان ڀٽو هجان ها ۽ تون جمعو فقير، ته تو کي الائي ڇا ڏئي ڇڏيان ها!

ڀُٽي صاحب کلندي کيس ۵۰۰ رپيا ڏنا ۽ چيائينس: جمعا فقير دعا ڪجانءِ.

تنهن تي جمعي فقير کيس چيو: جيڪڏهن اتي به خوش ناهين، ته مون سان گڏجي هل.

3. هڪ ڀيري جمعي فقير کي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي چيو ته جمعا، ڇا کپئي؟

جمعي فقير کيس چيو: ’توڦ‘ جو ’ليسن‘ ڏي.

تنهن تي محفل ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. ڀُٽي صاحب جمعي کي چيو: توبَ جو لائسنس ڪاڏي ڪندين؟

جمعي فقير چيس: جڏهن توڦ جو ليسن گھرندس، تڏهن ته پستول جو ليسن ملندو.

4. پروفيسر منظور ڇڄڙي ٻڌايو ته هُو ۽ سندس دوستَ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پڙهي موٽي رهيا هئا، ته ڊِي سِي آفيس وٽ جمعو فقير پِني رهيو هو. هنن کيس چيو: جمعا فقير، زال جو نالو ته ٻڌاءِ.

جمعي ٺهه پهه وراڻيو: مون کي وضو ٿيل ناهي.

تنهن تي دوستن کلي چيس: جمعا، زال جو وضو سان ڪهڙو تعلق؟

جمعي فقير چيو: زالون هونديون آهن ”پاڪَ“، سو پاڪَن جا نالا بنا وضُوءَ جي ناهن کڻبا.

هن دلچسپ ۽ انوکي ڪردار جمعي فقير سومري جي وفات لاڙڪاڻي ۾ ۱۹۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي.


 

جمعو فقير

لاڙڪاڻي جو وتايو

لقمان حڪيم

جمعو فقير منگي اصل قمبر جو ويٺل آهي، ڪيتري عرصي کان محله رحمت پور لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.

ڏسڻ ۾ ته بلڪل ديوانو محسوس پيو ٿيندو؛ پر اصل ۾ آهي وڏو داناءُ. پاڻ کان ٻه هٿ وڏي ڏانگ هٿ ۾ هوندس، ڪڏهن گڏھ تي چڙهيل ته ڪڏهن گهليندو پئي نظر ايندو. بازار ۾ هجي يا ڪورٽن ۾، جتي به هوندو ماڻهن جا هجوم چوڌاري مڙي ويندس. مزاحيه رنگ جو ڳالهائڻ پر با مقصد ۽ با معنيٰ. حاضر جواب ته وري لا جواب آهي، هر هڪ با شعور ماڻهو ان سان ڳالهائڻ ۾ مسرت محسوس ڪندو آهي. کيس جيڪڏهن اڄوڪي وقت جو ”وتايو فقير“ چئجي ته بلڪل صحيح ٿيندو.

جيڪڏهن سندس سمورا لطيفه لکجن، ته هڪ چڱو ڀلو ڪتاب ٺهي سگهي ٿو. لکڻ وارا ضرور لکندا ۽ لکڻ به گهرجي، ڇو ته هي هڪ گهمندڙ ڦرندڙ موضوع آهي.

نمونه طور سندس ڪجھ لطيفا پيش ڪجن ٿا.

(1)            قمبر ۾ ميونسپالٽيءَ جي در تي، ناليءَ جي مٿان، تڏي تي جمعي فقير کي حجامت جو دڪان هوندو هو. هڪ ڀيري هڪ گراهڪ سيرب ٺهرائڻ لاءِ وٽس آيو. جمعه فقير سندس سيرب ٺاهڻ شروع ڪئي ۽ ان سان اوڀاريون لهواريون ڳالهيون به ڪندو رهيو. چڱي وقت گذرڻ بعد گراهڪ چيس ته استاد هٿ کي ڪجھ تڪڙو هلاءِ! مونکي گاڏيءَ تي وڃڻو آهي.

جمعي فقير چيس حاضر سائين! حاضر.

پر جمعي فقير جي پاڪي اڳتي ڇو ٿي هلي، چاڪيءَ جي ڏاند وانگر پئي اتي جو اتي ڦري.

آخر گراهڪ تنگ ٿي پيسا جمعه فقير جي اڳيان اڇلائي، اسٽيشن جو رستو ورتو.

جمعي فقير به اوازار جهوليءَ ۾ وجهي، ان جي پٺيان پيو. اسٽيشن تي وڃي ڏٺائين ته اهو همراه ريل جي گاڏي ۾ ويٺو آهي. هي به مٿو چڙهي ويو ۽ چيائينس ته بابا مونکي حلال جي روزي کپي، تو سڄي سيرب جا پيسا ڏنا آهن، مونکي اها ضرور ٺاهڻي آهي. ائين چئي رهيل سيرب لاهڻ شروع ڪيائين. ماڻهو ڏسندا ۽ کلندا رهيا، پر جمعو فقير ته انهن ڳالهين کان بي نياز هيو. گاڏيءَ جي ڇٽڻ تائين، سندس سيرب ٺاهيندو رهيو.

(2)           حجامڪو ڌنڌو ڇڏي، جڏهن گداءُ شروع ڪيائين، تڏهن هڪ دفعي هڪ بلوچ کيس خيرات ڏني، جمعو فقير آسمان ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، ته ٻروچ به تو کان ڊڄن ٿا.

(3)            ڪنهن چيس ته جمعا فقير ايترا ڪتا ڇو ڌاريا اٿئي؟

جمعي فقير چيس ته؛ اڄوڪي ماڻهوءَ کان ڪتو چڱو آهي.

ڪتي کي جيڪڏهن گهر وٺي وڃبو ته ڪو به نقصان نه ڪندو، پر جي ماڻهوءَ کي گهر وٺي وڃبو، ته گهر جو ڇا حشر ٿيندو اهو پاڻ سمجهين ٿو.

(4)           هڪ دفعه سابق وزير اعظم پاڪستان جناب ذوالفقار علي صاحب وٽ ويو. ڀٽي صاحب کيس هڪ سو روپيا ڏنا. جمعه فقير چيس ته ”اڄ جيڪڏهن مان ڀٽو صاحب هجان هان ۽ تون جمعو فقير هجين ها، ته تو کي الائي ڇا ڏئي ڇڏيان هان! ڀٽي صاحب کلندي پنج سو روپيا ڏنس ۽ چيائينس ته جمعه فقير دعا ڪجانءِ، جمعه فقير چيس ته جيڪڏهن اتي به خوش ناهين ته مون سان گڏجي هل.

(5)            هڪ دفعه ڪنهن پڇيس ته جمعا فقير پٽ گهڻا اٿئي؟ چيائينس ته؛ کوڙ آهن.

وري پڇيائينس ته، انهن کي به ڪجھ پڙهايو، سڌاريو اٿئي؟ جواب ڏنائين ته هڪ نڀاڳو ڪو نه سڌريو، چوڻ به اصل ڪو نه ٿو وٺي. ڇا چور ٿي پيو آهي ڇا؟

جمعه فقير چيو ته جيڪڏهن چور ٿي پوي ها ته به چڱو، پر ملان بڻجي پيو آهي، مسيت کان ٻاهر نڪري ئي ڪو نه، جڏهن ڏس تڏهن ٻانگون پيو ڏئي.

 

(لاڙڪاڻو ساه سيباڻو ص ۴۰۸ ۽ ۴۰۹ تان ٿورن سان کنيل)


 

جمعو فقير

جنھن جي ڀُٽي صاحب سان دوستي هئي!

مشتاق انصاري

لاڙڪاڻي جتي وڏن وڏن سياستدانن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي جنم ڏنو آهي، اتي ڪي اهڙا سادا ۽ الله لوڪ ماڻهو به پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي مسڪيني حال ۾ به عوام جي وڏي خدمت ڪئي اهي پر اهڙن ماڻهن جو اسان نه ڪڏهن قدر ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ڀلئي ڀلائي انهن کي ياد ڪيو آهي.

مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي جڏهن مان پنهنجي پاڙي ۾ ٻين ٻارن سان گڏ بيٺو راند ڪندو هيس ته اتان ڪڏهن ڪڏهن هڪ اهڙو شخص اچي لنگهندو هو جنهن جي هڪڙي هٿ ۾ ڊگهو توتارو هوندو هيو ۽ ٻي هٿ سان هڪڙي ٻار کي ورتيون ويندو هيو، توتاري ۾ وڏي واڪي اهو چوندو ويندو هيو ته هي ٻار ڪنهن جو آهي. اسان سڀ پنهنجي راند کي ڇڏي ان ٻار کي ڏسڻ بيهجي ويندا هياسين جيڪو روئيندو به ويندو هيو ۽ اميد ڀري نظرن سان هيڏي وڏي به نهاريندو ويندو هيو ته من نه من ڪٿي هن کي پنهنجا مٽ نظر اچي وڃن.

واپسيءَ ۾ جڏهن اهو شخص اسان کي اچي ائين ٻڌائيندو هيو ته ان ٻار جا مائٽ ملي ويا ۽ هاڻي اهو ٻار پنهنجي گهر وڃي پهتو آهي ته اهو ٻڌي اسان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. اهڙن وڃائجي ويل ٻارن کي پنهنجي مائٽن سان ملائڻ واري ان شخص جو نالو الهڏنو هيو.

الهڏنو سومرو، لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي ۾ رهندو هيو، هن کي سڀئي الهڏنو پڙهي وارو ڪري سڏيندا هئا. لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ هو پيرين پنڌ ڪنهن ٻار کي ساڻ ڪيون ايستائين پڙهو ڏيندو وتندو هيو، جيستائين ان ٻار کي وڃي پنهنجي گهر نه پهچائيندو هيو، ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي هڪ هڪڙي اهڙي لاوارث ڇوڪري هٿ آئي هئي. جيڪا ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان معذور هئي ۽ جنهن جو ذهني توازن به ڪجهه ٺيڪ نه هيو. گهڻي ڳولها ڪرڻ جي باوجود به جڏهن هن کي ان ڇوڪريءَ جا وارث نه ملي سگهيا ته پوءِ ان کي هن پنهنجي گهر ۾ ايئن وڌيڪ رهائڻ مناسب نه سمجهو تنهن ڪري ٻيو ڪو ئي چارو نه ڏسندي، ان چري ۽ لاوارث ڇوڪريءَ سان هن پاڻ نڪاح ڪري ڇڏيو. جنهن مان هن کي اڄ جوان اولاد آهي.

الهڏني پڙهي واري کانپوءِ حافظ عبدالڪريم پهوڙ به ايئن وڃائجي ويل ٻارن کي پنهنجي سائيڪل تي ويهاري سڄي شهر ۾ گهمائيندو رهندو هيو. ماڻهن کي اطلاع ڏيڻ جي لاءِ هڪڙي هٿ سان گهنڊ وڄائيندو ويندو هيو، اهڙي نموني هن ڪافي ٻارن کي پنهنجي مائٽن سان ملايو هيو. ان ڪم کان علاوه هو لاوارث لاشن کي به غسل ڏيندو ۽ پنهنجي طرف کان هنن لاءِ ڪفن دفن جو بندوبست ڪندو هيو. خاڪسار تحريڪ جو به هو ميمبر هيو، بعد ۾ هن کي لاڙڪاڻي شهر جو سالار مقرر ڪيو ويو هيو.

سال ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ ۾ آيل وڏي ٻوڏ جي دوران هن ڪيترن ئي ماڻهن جون جانيون بچايون هيون ۽ ڪيترن ئي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي خاڪسار تحريڪ جي مقرر ڪيل ڪيمپن تائين پهچايو هيو. هن جي سڄي عمر ائين عوام جي خدمت ڪندي گذري وئي.

هن وقت وري اهو ڪم علي انور کوکر ڪري رهيو آهي. جنهن کي قائم شاهه بخاري جي ڀرسان پنهنجي سيلون آهي. شروع ۾ هي به حافظ عبدالڪريم وانگي ٻارن کي پنهنجي سائيڪل تي ويهاري سڄي شهر ۾ گهنٽيون وڄائي اطلاع ڏيندو ويندو هيو، جيستائين وڃي ان ٻار کي پنهنجي گهر تائين پهچائي پر پوءِ لاڙڪاڻي جي هڪڙي ڊپٽي ڪمشنر عارف خان هن کي ان ڪم جي لاءِ پلاٽ جو ڪجهه ٽڪرو ڏنو، جنهن تي هن پوءِ پنهنجو هڪڙو ادارو خدمت معصومين جي نالي سان کوليو. ان کانپوءِ هاڻي جڏهن به شهر ۾ ڪو ٻار گم ٿيندو آهي ته ماڻهو ان ٻار کي ان اداري تائين پهچائي ايندا آهن يا اهڙو اطلاع اتي ڏيندا آهن ۽ جنهن جو به ٻار گم ٿي ويندو آهي ته اتان وڃي وٺي ايندو آهي. اهڙن ماڻهن جي سڄي زندگي ايئن انسانيت جي خدمت ڪندي گذري.

ڪنهن شخص جي گفتگو يا ان جي ڳالهين سان جيڪڏهن ڪنهن مرجهايل چهري تي ڪا ٿوري به مسڪراهٽ اچي ٿي وڃي ته اها به انسانيت جي وڏي خدمت آهي، ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو خير جهڙو ڪم ڪونهي.

لاڙڪاڻي ۾ هڪ اهڙو درويش به ٿي گذريو آهي. جنهن کي رڳو ڏسڻ سان ئي ماڻهن جي منهن تي مرڪ اچي ويندي هئي. هن پنهنجو حليو ئي اهڙو بنايو هيو جو رستي ويندي ماڻهن جو ازخود ئي هن ڏانهن ڌيان ڇڪجي ويندو هيو. ڪڏهن گڏهه تي سوار ته ڪڏهن گڏهه کي پاڻ پيو گهليندو ايندو هيو. هن جي گڏهه جي پويان ڪتن جي لوڌ هوندي هئي. هلندي هلندي هن جو گڏهه جيڪڏهن ڪٿي بيهجي ويندو هيو ته پويان ايندڙ ڪتن جي لوڌ به بيهي ويندي هئي ۽ وري جڏهن گڏهه هلندو هيو ته سڀ ڪتا به ان سان گڏ هلڻ  لڳندا  هيا. گڏهه تي سوار هجڻ جي باوجود به هن جي هٿ ۾ هڪڙي وڏي لٺ هوندي هئي، جنهن سان ڪڏهن ڪڏهن هو گڏهه کي بيهارڻ لاءِ بريڪ جو به ڪم وٺندو هيو.

قد جو ڊگهو، رنگ جو سانورو، ڏاڙهي مڇان چٽ، ڪڏهن ڏاڙهي چٽ ته ڪڏهن وري مڇان چٽ، اکين ۾ ايترو سرمو پائيندو هيو جو ڪنن تائين وهي ايندو هيس. گرمي هجي يا سردي ٻارنهن ئي مهينا هن کي ڪوٽ پاتل هوندو هيو. ڪوٽ جي کيسن مان پراڻن ڪپڙن جون ڦاٽل اڳڙيون پيون جهاتيون پائينديون هيون. مٿي تي ڪپڙو ويڙهيل ڪڏهن اهو پٽڪي وانگر ٻڌل ته ڪڏهن اسڪارف وانگر ويڙهيل، مينهوڳي جي موسم ۾ ته سڄي ساري ٻوري کي ئي کڻي ويڙهي سيڙهي مٿي تي رکندو هيو. گڏهه جي پيٽ جي هيٺان هڪڙي وڏي ڪاٺي اهڙي نموني ٻڌل هوندي هئي جو ان تي هو پنهنجا پير رکي آرام سان هلندو وتندو هيو. هو ڳالهائيندو هيو ته ماڻهن کي کل اچي ويندي هئي. پر پاڻ اصل نه کلندو هيو. اهڙي نرالي شخصيت جو مالڪ هيو جمعو فقير.

ڏسڻ ۾ ته هو هڪ عام فقير هيو پر هن جون سوچ ۽ سمجهه سان ڀريل ڳالهيون ٻڌي عقل حيران رهجي ويندو هيو. هيو ته هو اڻ پڙهيل پر چڱن ڀلن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کي به پنهنجي ڳالهين سان لاجواب ڪري ڇڏيندو هيو. جنهن مهل به هو رستي تي ڪنهن سان ڳالهائڻ بيهندو هيو ته ماڻهن جا هجوم هن جي چوڌاري گڏ ٿي ويندا هيا. هن جي گفتگو مان هن جي ڏاهپ پئي ظاهر ٿيندي هئي. هن جي ڏاهپ ته ان ڳالهه مان ئي ظاهر هئي ته ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي عظيم ليڊر سان هن جي دوستي هوندي هئي. دوستي به پڪي دوستي جڏهن به ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي ايندو هيو ته هن سان ضرور ملندو هيو. ڀٽي صاحب سان به هو ان ئي انداز ۾ ڳالهائيندو هيو. جيئن هو ٻين ماڻهن سان ڳالهائيندو هيو. ايترو ته هو ٻئي پاڻ ۾ فري ٿي ڳالهائيندا هئا جو ڀٽو صاحب هن جي ڳالهين مان  پورو پورو لطف اندوز ٿيندو هيو.

ڪوشش ڪري مون جمعي فقير جي سڀني ڳالهين کي هڪڙي هنڌ گڏ ڪيو آهي. جن مان ڪجهه ڳالهيون ته مون پڻ ڏٺيون ۽ ٻڌيون هيون، ڪجهه بابا سائين ٻڌايون هيون ۽ ڪجهه ڳالهيون وري مون جدا جدا شخصيتن جي لکيل مضمونن مان ورتيون آهن. جن ۾ پروفيسر نذير احمد سومرو، عنايت  ميمڻ  ۽ لقمان حڪيم جو” لاڙڪاڻي سان سيباڻو“ ۾ لکيل مضمون ”لاڙڪاڻي جو وتايو“ شامل آهي. منهنجي ڪيل ان ڪوشش جي باوجود به ٿي سگهي ٿو ته مون کان اڃا به ڪجهه ڳالهيون رهجي ويون هجن.

جمعي فقير جو پورو نالو محمد جمن ۽ ذات سومرو هيو. هو تعلقي قمبر جي ڳوٺ ڪور سليمان ۾ پيدا ٿيو ۽ پوءِ ڳوٺ ڏتل ابڙو ۾ اچي رهيو. جتان پوءِ لڏي اچي  لاڙڪاڻي جي رحمت پور محلي ۾ رهيو. ڪجهه وقت هو شهدادڪوٽ ۾ به رهيو هيو. قمبر ۾ رهڻ جي دوران هو حجامڪو ڪم ڪندو هو پر لاڙڪاڻي لڏي اچڻ کانپوءِ هن جا رنگ ڍنگ ئي نرالا ٿي ويا. حجامڪو ڌنڌو ڇڏي هن پنهنجا حال فقيري ڪري ڇڏيا. شروع کان ئي وٺي هي هڪ سنئون سڌو ماڻهو هيو. جيڪي ڪجهه هن جي دل ۾ هوندو هيو سو سڀني کي منهن تي چئي ڏيندو هيو. جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪندو هيو. ڪير به هجي ڪيرو به وڏو ماڻهو ڇو نه هجي ان کي سچ چئي ڏيندو هيو. جيڪا ڳالهه ڪن ماڻهن کي وڻندي هئي ته ڪن کي نه وڻندي هئي. هونءَ به چوندا آهن ته سچ هميشه ڪوڙو لڳندو آهي. پر پوءِ آهستي آهستي ماڻهن هن جي ڳالهين ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. هن جي دلچسپ ڳالهين جي شروعات به هن جي ڌنڌي واري ڪم کان ٿئي ٿي.

قمبر شهر جي هڪڙي گهٽي ۾ مين تي تڏو وڇائي جمعو فقير حجامڪو ڪم ڪندو هيو. جنهن مهل به  هن وٽ ڪو گراهڪ ايندو هيو ته پهريان هي ان کان پڇندو هيو ته:-

”ٽڪي واري سيرب ٺاهيانءِ يا آني واري؟“ جيڪڏهن گراهڪ چوندو هيس ته؛ ”ٽڪي واري“ ته ان مهل هي ڏاڙهي واري برش کي ڀرسان وهندڙ نالي جي پاڻي مان ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. اهو ڏسي گراهڪ رڙ ڪري چوندو هيس ته هي ڇا ٿو ڪرين، ته ان کي چوندو هيو ته ٽڪي واري سيرب ته ايئن ئي ٺهندي آهي. اها حالت ڏسي گراهڪ پوءِ پاڻ ئي آني واري سيرب ٺهرائڻ شروع ڪندو هيو.

هڪڙي گراهڪ اچڻ سان ئي هن کي چيو ته :- ”جمعا منهنجي ڏاڙهي ڪجهه سخت اٿئي، خيال سان لاهجانءِ!“

هن چيو ته :- ”هي به ڪا ڏاڙهي آهي، اهڙي ڏاڙهي کي ته اسان کنگهندا به ناهيون“

هڪڙي دفعي هن وٽ هڪڙو گراهڪ سيرب ٺهرائڻ آيو، جمعي فقير سندس سيرب ٺاهڻ شروع ڪئي ته هن سان اوڀاريون لنهواريون ڳالهيون به ڪندو رهيو. چڱي وقت گذرڻ بعد گراهڪ چيس ته ”استاد هٿ کي ڪجهه تڪڙو هلاءِ مون کي گاڏيءَ تي وڃڻو آهي“ جعي فقير چيس ته ”حاضر سائين“ پر جمعي فقير جي پاڪي اڳتي ڇو ٿي هلي. چاڪيءَ جي ڏاند وانگر اتي جو اتي پئي ڦري، آخر گراهڪ تنگ ٿي پئسا جمعي فقير جي اڳيان اڇلائي اسٽيشن جو رستو ورتو. جمعو فقير به اوزار جهولي ۾ وجهي ان جي پٺيان پيو. اسٽيشن تي وڃي ڏٺائين ته اهو همراهه ريل جي گاڏي ۾ ويٺو آهي. هي به مٿي چڙهي ويو ۽ چيائينس ته ”بابا مون کي حلال جي روزي کپي. تو سچي سيرب جا پئسا ڏنا اهن. هاڻي مون کي اها اڌ  ڏاڙهي، ضرور لاهڻي آهي.“ ايئن چئي رهيل سيرب لاهڻ شروع ڪيائين، گاڏي ۾ ويٺل ماڻهو هن کي ڏسي کلندا رهيا پر جمعو فقير ته انهن ڳالهين کان بي نياز هيو. گاڏي جي ڇٽڻ تائين سندس سيرب لاهيندو رهيو.


 

ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جمعو فقير

وقت جي بادشاهه ۽ هڪ گداگر جي دوستي جو حال و احوال

آصف رضا موريو

جمعو فقير پنهنجي بصيرت آميز چَرِچَنِ، ڀوڳن، سَنتُ طبيعتي ۽ معنيٰ خيز جملن جي ڏي وٺ سبب ”لاڙڪاڻو شهر جو وتايو فقـير“ طور مشهور آهي. پنهنجي من جي بادشاهه هن فقير جا گفتا سالڪن وارا ۽ فقيري رنگ ۾ رنڱيل هوندا هئا. ڇو ته غريب هوندي به هي شخص انتهائي داناءُ هوندو هيو. جانورن سان محبت ۽ ڀوڳ ٺڪائن جي ڪري، جمعو فقير جيترو پنهنجي جيئري عام ۽ خاص ۾ مشهور هوندو هيو، اوترو ئي هن وقت به هو نوجوان نسل ۾ مشهور آهي. سندس دانائيءَ ڀرين ڳالهين مان ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو ماڻهو به لاڀ پائيندو هيو، تنهن ڪري ئي جڏهن به هو لاڙڪاڻو ايندو هيو ته جمعو فقيرسان ڪچهري ڪرڻ جو الڪو هوندو هيس.

جمعو فقير کي سدائين مَٿي سان بنڊل رومالن جا ٻڌل هوندا هئا. سڄي هٿ ۾ گڏهه جون رينون پڪڙيل، کٻي هٿ ۾ هڪ ڊگهي لٺ، ڏوئي سان پاتل چشمائي اکيون جن مان کٻي اک ٿورڙي سڄيل، ميرانجهي گودڙي، هڪ وڏو ٿانو، ڦاٽل چتيل بوٽ يا چپل ۽ پلٽڻ ڪتن ۽ ٻلين جي ڪَڍَ، روڊن، گهٽين، بازارن، ڪورٽن ۽ دوڪانن سامهون شهر ۾ گشت ڪندو نظر ايندو هيو. کيس جيڪا به کائڻ جوڳي شيءِ، مراديءَ ۾ ملندي هئي ته ان جا ڳَڀا ٽُڪر ڪري، پنهنجي رولو ساٿاري جانورن ڏانهن اڇلائيندو رهندو هيو. جن کي هو ڪامريڊ سڏيندو هيو. جيڪي سندس پويان وڏي عقيدت ۽ احترام سان، گڏهه پيران اهڙي ريت هلندا رهندا هيا، جيئن ڪنهن جنرل يا اڳواڻ سان، سندس پروٽوڪول وارا هلندا آهن.

 جمعو فقير، ذات جو سومرو ۽ قمبر تعلقي جي مشهور شهر دوست علي بنگلن جي اولهه ۾ واقع ڳوٺ ڪور سليمان  جو ويٺل هيو، جيڪو قمبر شهر کان ۲۵ ڪلوميٽر کن پري آهي. هن وقت فقير جو ڳوٺ يو سي ڪور ڪمال ۾ اچي ٿو. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي فقير ڳوٺان لڏي قمبر شهر ۾ اچي ويٺو. شهر جي خاص روڊ تي، پراڻي ميونسپالٽي آفيس جي داخلي دروازي ڀرسان، پٺاڻ واري مسجد وٽ، ان جاءِ تي سندس حجامڪو دوڪان هوندو هيو، جتي هاڻي ذوالفقار علي ڪلهوڙو جو جنرل اسٽور ۽ فوٽو اسٽيٽ مشين وارو دوڪان موجود آهي. ان دور ۾ جمعو فقير جي دوڪان سامهون، شهر جي نالي وهندي هئي. جڏهن فقير وٽ ڪو گيراڪ ڏاڙهي ڪوڙائڻ ايندو هيو ته ان کان پڇندو هيو ته؛ ”ٽڪي واري ڏاڙهي ٺاهيان يا آني واري؟“ جيڪڏهن ڪو گيراڪ چوندو هيس ته؛ ”ٽڪي واري ڏاڙهي ڪوڙ ته فقير دوڪان اڳيان وهندڙ نالي جي گندي پاڻيءَ مان وٽي ڀريندو هيو. جنهن تي جڏهن گيراڪ ڪاوڙبو هيو ته فقير چوندو هيس ته؛ ”ابا! ٽڪي ۾، ناليءَ جي پاڻيءَ سان ئي ته سيرب ٺهي سگهندي نه.“ فقير طبيعت ۾ هيو رمدو جوگي. تنهنڪري ڪجهه عرصي کان بعد، کيس قمبر ۾ مزو نه آيو ته شهر جي ويجهڙي ڳوٺ ڏتل ابڙو ۾ لڏي ڪجهه عرصو اتي رهي تهان پوءِ لڏي اچي لاڙڪاڻو شهر ۾ ٿانئڪو ٿيو.

لاڙڪاڻو اچڻ بعد، فقير شهر جي ڏاکڻئين حصي رحمت پور محلي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پڻ هن حجامڪو دوڪان کوليو. سندس ٿڌيرڙي طبيعت سبب، جلد ئي ڌنڌو ڄمي ويو پر گهڻو عرصو نه هلي سگهيو يا کڻي چئجي ته فقير ان ڪم کي وڌيڪ هلائي نه سگهيو. ان جو سبب شايد ڪمزوري ۽ پوڙهاپو هجي يا وري حجامڪي ڌنڌي ۾ متعارف ٿيل جديد شين سان فقير جهڙي پراڻي ڪاريگرن جي ناواقفيت. بھرحال عمر جي آخري حصي ۾ جڏهن سندس ڌنڌو داڙي پوئتي پوڻ لڳو ته فقير اهو ڪم ڇڏي ڏنو. ان دوران ئي سندس طبيعت ۾ فقيري رنگ جو لاڙو اسرڻ لڳو، جنه ڪري دنياوي رنگ ڍنگ ڇڏي پنهنجي گڏهه تي چڙهي گداگري ڪرڻ لڳو. جمعو فقير ٻين عام فقيرن جيان خيرات لاءِ نه هٿ ڊگهيريندو هيو ۽ نه ئي ڪنهن به قسم جي مدد لاءِ ڪنهن کان سهڪار گهرندو هيو. شهر جي رستن ۽ گهٽين ۾ گهمندي گهمندي، کيس راهگير پاڻ مرادو خيرات ڏئي ڇڏيندا هيا.

گداگريءَ کان علاوه فقير جو عمر جي آخري ڏينهن تائين هڪ ٻيو به روزانو جو معمول هوندو هيو ته هو پنهنجي گڏھه  تي چڙهي لاڙڪاڻو جي گوشت مارڪيٽ ۾ وڃي، ڪاسائين کان جانورن جي گوشت جا ڇڇڙا ڪٺا ڪندو هيو. جيڪي پوءِ لاڙڪاڻو شهر جي گهٽين، رستن ۽ چوواٽن تي ڀٽڪندڙ بي گهر، آوارا ۽ رولو ڪتن ۽ ٻلين کي اڇلائي کارائيندو رهندو هيو. ڪيترن مهينن جي ان وهنوار کان پوءِ، شهر جا اهي ڪتا به ساڻس اهڙا ته مانوس ٿي پيار ڪرڻ لڳا جو جاڏي جمعي فقير جي گڏهه جا پير، تيڏانهن رولو ڪتن جو لشڪر، سندس پويان مارچ ڪندو رهندو هيو.

ڀٽو سان تعلقات

جمعو فقير، غريب هئڻ جي باوجود، جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي دوست طور لاڙڪاڻو واسين سان گڏ دنيا ڀر ۾ مشهور هيو. ڀٽي سان سندس لاڳاپا، ويجهڙي دوست جهڙا ئي هوندا هيا، جن جي شروعات ڀٽو جي وزارت کان به اڳ ٿي هئي. ڀٽو صاحب جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هيو ته فقير کي دعوت موڪلي، پنهنجي گهر گهرائي، ساڻس خوش دليءَ سان حالي احوالي ٿيندو هو. ذوالفقار علي ڀٽو سان، فقير جو دوستاڻو تعلق، وزارت خارجه وارن ڏينهن ۾ هيئن جڙيو جو ڀٽي صاحب کي ڪنهن ٻڌايو ته شھر ۾ گڏھه تي گهمندڙ ھڪ فقيرمنش ڪو داناءُ ماڻهو آهي، جيڪومزاح جي انداز ۾ سون جا گفتا اچاريندو آهي. ڀٽي صاحب پاڻ به سامين جي سلوڪن جو قدردان هيو، تنهن ڪري هن پنهنجي ماڻهن کي چيو؛ ان فقير کي احترام سان المرتضيٰ هاؤس وٺي اچو. ماڻھن جڏهن وڃي جمعي فقير کي ٻڌايو ته؛ ”تو کي ڀٽي صاحب پاڻ وٽ گهرايو آھي“ ته فقير مٿن ڪاوڙجي پيو؛ ”مان ڪو ڀٽي جو نوڪر آھيان ڇا جو سندس سڏ تي ڀڳو وڃان.“ جڏهن فقير تي، سنگت جي ڪا حجت ۽ حيلو نه هليو ته لاچار انهن وڃي ڀٽي صاحب کي سموري ماجرا ٻڌائي. جنهن تي ڀٽو صاحب پاڻ گهران نڪري، گاڏيءَ تي چڙهي، جمعو فقير سان وڃي مليو. جيڪو ان وقت لاڙڪاڻه جي موجوده ڪينيڊي مارڪيٽ وٽ، پپر جي هڪ وشال وڻ هيٺان، بيٺو پنهنجي گڏھه کي گاهه کارائي رهيو هيو. ڀٽي صاحب کي اٽالي سان ايندي ڏسي، فقير پڇيس؛ ”ڀٽا صاحب! ڪيڏانهن ڀلجي پيو آھين؟“ ڀٽي صاحب کيس ورندي ڏني ته؛ ”فقير سائين خدمت ۾ حاضري ڀرڻ آيو آھيان.“ تنهن تي جمعي فقير کيس مرڪندي وراڻيو ته؛ ”ابا مان ڪهڙو ماستر آھيان جو حاضري ڀرڻ آيو آھين.“ ڀٽو صاحب جواب ڏنس؛ ”جيڪڏهن حاضري قبول پوي ته پوءِ سنگت ڪجي.“

جمعو فقير؛ ”ڀٽا صاحب! دوستي رکڻ سولي آ پر ٻيلي نڀائڻ  ڏکيرڙي اٿئي.“ ڀٽو صاحب به مڙڻ وارو مڙس ڪٿي هيو. چيائينس؛ ”ڀلا دوستي رکي ڏس پوءِ به مرضيءَ جو مالڪ آھين.“ تنهن تي جمعي فقير چيس ته؛ ”صاحب! تڏي تي لنگهي آيو آھين! تو کي موٽايان نه ٿو. متان ڪڏهن مهڻو ڏئي وجهين.“

اهڙيءَ ريت لاڙڪاڻو شهر جي رستن تي گداگري ڪندڙ ميرانجهي منش ۽ پنهنجي وقت جي هڪ سگهاري شهنشاهه جي دوستي جي شروعات ٿي. جيڪا ٻنهي عمر جي آخري گهڙين تائين، مڙس ماڻهو ٿي نڀائي ۽ ڏيهان ڏيهه سندن دوستي جا چرچا شهرت جا پر پائي اڏرندا رهيا. ڀٽو صاحب جڏهن به لاڙڪاڻو ايندو هيو ته جمعو فقير سان ملڻ جو وارو وس ڪري ڪو نه گسائيندو هيو. سندس سڏ تي فقير به پنهنجي ڪُتا ڪمپنيءَ سميت وزير اعظم، اميرن، سفيرن، وزيرن  ۽ ڪامورن جي سامهون المرتضيٰ هائوس پهچي ويندو هيو. انهن وڏن ماڻهن جي روب تاب ۾ ته فقير ڪٿي اچڻ وارو هيو. پر ڀٽو صاحب سان گفتگو ڪندي انهن جي هوڏ جي کل لاهڻ جو ڪو موقعو ڪو نه وڃائيندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ڀٽي جا سڀئي ساٿي کانئس سامهون ايندي لنوائيندا هئا. ايتري تائين جو ڀٽو صاحب جو تمام لاڏلو ايس پي پڃل جوڻيجو، جنهن کان شهر جا تمام بدمعاش، ڏنگا ۽ ڏاگها پاسا وٺندا هيا سو پڻ، فقير جي سامهون اچڻ کان لهرائيندو هيو ته هي مستانو متان ڪو ڀوڳ هڻي پٽڪو نه لاهي وجهي.

هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته ڀٽي صاحب جي هڪ کُليل ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ فقير، گڏهه تي سوار ٿي المرتضيٰ هائوس پُهتو ته ايس پي پڃل جوڻيجي ۽ هڪ وزير کيس اندر وڃڻ ڪو نه ڏنو. فقير به واپسي کان نابري واري ڳچ وقت تائين بيٺو رهيو جيستائين مٿس ڀٽي صاحب جي نظر نه پئي. جنهن ڏسندي ئي کيس پاڻ ڏانهن اچڻ لاءِ اشارو ڪيو. تنهن تي فقير گڏهه کي ڳٽ ڳٽ ڪندي، اڳتي وڌائيندي ايس پي ۽ وزير ڏانهن نهاريندي چيو؛ ”ڀُٽا صاحب اچون ته سهي پر تُنهنجا ڪُتا، ملڻ لاءِ اڳتي ڇڏين ئي ڪو نه ٿا!“

ان واقعي کان ٻه چار ڏينهن پوءِ، جمعو فقير وڃي ايس پي هائوس تي پهتو. اتفاق سان ايس پي پڃل شهر جي گشت لاءِ تيار ٿي پئي نڪتو، سو جُمعي کي ڏسي چيائين؛ ”جُمعا وري  ڇا کٽو اٿئي جو هيڏاهن ڀيڙو ٿيو آهين. ان ڏينهن ڀُٽي صاحب آڏو بيعزتي ڪرڻ کان پوءِ به هانءُ نه ٺريو اٿئي ڇا؟ جمعي مُرڪندي وراڻيس: ”ايس پي صاحب، ڪالهانڪو منهنجي گڏهه گُم ٿي وئي آهي. سو هتي ڳولهڻ آيو آهيان ته متان ڪٿي اُها ناناڻي (ايس پي هائوس) ته اچي نه نڪتي آهي!“ ايس پي سياڻو ماڻهو هيو، هن پنهنجي اسٽاف آڏو وڌيڪ بيعزتيءَ کان بچڻ لاءِ سَوَ جو نوٽ کڻي، جُمعي فقير جي تريءَ تي رکيو. جنهن پئسا وٺي آسمان ڏانهن منهن ڪري چيو: ”پوليسارو ۽ خرچي..... بي مرادن مان مراد، واهه موليٰ منهنجا ڀاڳ.“

جمعو فقير اهو واحد ماڻھو هو، جيڪو نه صرف ذوالفقار علي ڀٽي سان ڀوڳ چرچا ڪندو هو پر هو فقيراڻي انداز ۾ ڀٽي کي تکيون مٺيون ڳالهيون به چئي ويندو هيو. ڀٽو صاحب وزيراعظم بڻجڻ کان پوءِ جڏهن پهريون ڀيرو جمعي فقير سان مليو ۽ کيس چيائين؛ ”فقير سائين مونکي دعا ڪندو ڪر.“ تنهن تي جمعي فقير وراڻيس؛ ”ڀٽا صاحب! لڳي ٿو وزيراعظم ٿيڻ تي خوش ڪو نه آھين. ڀلا هاڻي هڪڙو ڪم ٿا ڪيون. تون مون وارو گڏھه سنڀالي جمعو ٿيءُ ته مان وري تو واري سيٽ ولاري ڀٽو ٿو ٿئان.“ تنهن تي ڀٽي صاحب ڪرسيءَ تان اٿي چيس ته؛ ”منظور آھي مونکي ڏي پنهنجو گڏھه.“ ان موقعي تي کوڙ سارا وزير، مشير ۽ اعليٰ عملدار پڻ ڪچهريءَ ۾ موجود هئا. جمعي فقير، ڀٽي کي راضي ڏسي چيو؛ ”نه ابا! مان پنهنجو گڏھه اصل ڪو نه ڏيندس. ڀٽا صاحب اڳ ۾ ئي تو وٽ جام گڏھه آهن، پهرين انهن کي ته سنڀال.“ سندس اهڙي جواب تي ڀٽي صاحب کلي ڏنو ۽ اتي موجود سڀني جا منهن لهي ويا.

ڀٽي صاحب، هڪ دفعي جمعي فقير کي چيو؛ ”تو کي گهر ٺھرائي ڏيان.“ تنهن تي فقير ناراض ٿيندي چيس؛ ”جي ٻيهر ڪڏهن اهڙي ڳالهه چيئي پوءِ صاحب پاڻ واري ياري ختم.“ هڪ دفعي جي ڳالهه ڪندا آهن ته ڀٽو صاحب مهين جو دڙو ايئرپورٽ تي جهاز تان لهي ايئرپورٽ روڊ ورتيون لاڙڪاڻو شهر پيو اچي. جمعو فقير کي به ڀٽي جي اچڻ جي خبر پئي ته ابوبڪر مقام وٽان اڳ وٺي وچ روڊ تي گڏهه سوڌو بيهي رهيو. پروٽوڪول وارن کي سندس ڀٽي سان دوستي جي خبر هئي ان لاءِ ڪنهن هٽايس ڪو نه.. اتان گذرندي ڀٽي جي فقير تي نظر پئي ته پنهنجي لشڪر سميت بيهي رهيو. ساڻس حالي احوالي ٿي موڪلائڻ مهل، ھجتي انداز ۾ چيائينس ته؛ ”فقير! اڄ رات جي ماني، مون سان گڏ کائيندؤ.“ جمعي فقير چيس؛ ”هڪ شرط تي ماني کائبي ته ان دعوت تي اسان ٻنهي کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هوندو.“ تنهن تي ڀٽي صاحب پڇيس ته؛ ”ڀلا ايئن ڇو؟“ تنهن تي جمعي فقير چيس ته؛ ”ڀٽا صاحب! تون پاڻ سان جيڪي ماڻھو کنيو ٿو وتين، اهي آھن بد فضيلتا. سي سمورو مال رهڙي ويندا.“ ڀٽو صاحب، سندس ڳالهه تي ڏاڍو کليو. چيائينس؛ ”فقير! تنهنجي ڳالهه منظور آهي.“ رات جي مانيءَ وقت سرڪاري پروٽوڪول وارا، جڏھن جمعي فقير وٽ پهتا ۽ کيس گاڏيءَ ۾ ويهي هلڻ لاءِ چيائون ته فقير کين کتو جواب ڏيندي چيو ته؛ ”دعوت ۾ مون سان گڏ، منهنجو گڏھه به هلندو، ٻي صورت ۾ ڍڪي ڀلي.“ انتظاميه ۽ پروٽوڪول وارا اچي ڦاٿا. آخر مسئلو ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ويو، جنهن تي ڀٽي صاحب کين حڪم ڪيو ته؛ ”جيئن جمعو فقير چوي تيئن ڪيو.“ اهڙيءَ ريت جمعو فقير، پنهنجي گڏھه سميت المرتضيٰ هاؤس پهتو، جت نه رڳو هن پاڻ ماني کاڌي پر پنهنجي گڏھه کي به وزير اعظم جي گهر ۾ پيٽ ڀري گاهه جي دعوت کارايائين.

پاڪستان جي تاريخ جي انتهائي اڏول سياسي ڪردار، ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جهڙي پروقار ۽ قدآور شخصيت جي جمعو فقير جهڙي مسڪين ماڻهوءَ سان دوستيءَ جو راز ۽ رمز ته اهي پاڻ ئي ڄاڻن پر فقير به ساڻس ياري خوب نڀائي. ايتري تائين جو ڀٽو صاحب جي گرفتاريءَ کان پوءِ ان تي ٿيندڙ ظلم و ستم، جيل قيد، زيادتين، سزا، اپيل وغيره واري تمام عرصي ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۽ مارچن جي مورچن تي پنهنجي گڏهه تي چڙهي پنهنجي بي زبان ساٿين سان گڏ خاموش احتجاجي طور بهرو وٺندو هيو. اها ٻي ڳالهه آهي جو سندس بيڪار وجود کي نه وردين وارا اهميت ڏيندا هئا نه ميڊيا وارا ڪوريج ۽ نه ئي وري ڀٽو جا ساٿي. کيس هڪ عام تماشائي، گداگر ۽ رونشي ڪوڏيو سمجهي، نظر انداز ڪيل هن فقير جي دل جي اڌمن کي صرف ان جو گڏهه يا ان جا وفادار ڪتا ئي سمجهندا هيا جيڪي هن جا سچا همدرد ۽ ساٿي هوندا هيا. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي سينٽرل جيل راولپنڊيءَ ۾ سوريءَ کي سينگار بڻايو ته پنهنجي عظيم دوست جي شهادت تي هي جهوريل ۽ جهريل فقير، ڪيترن ئي ڏينهن تائين ٻارڙن وانگر ريهون ۽ رڙيون ڪري روئندو رهيو.  

ڀٽو صاحب جي شهادت کان پوءِ جمعو فقير جي دل به هن شهر ۽ شهر واسين مان اچاٽ ٿي وئي ھئي. تنهن ڪري آهستي آهستي شهر جي رستن ۽ گهٽين ۾ سندس واهپو گهٽبو ويو. ائين به ٻڌو ويو آهي ته پنهنجا پراوا سندس ظاهري هيئت جي ڪري ته اڳ ۾ ئي بيزار هوندا هيا، ان لاءِ زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ جمعي فقير جو ٺڪاڻو قبرستان ۾ ڪانن، پکن ۽ ڦاٽل ساٽل ڪپڙن جي ٺھيل هڪ جهوپڙي هوندي هئي، جتي پاڻ ڳچ وقت عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هيو. ان دوران سندس طبيعت به خراب رهڻ لڳي هئي. ڪو ڌڻي ڌوڪي هئس ڪو نه. جنهن ڪري آخرڪار پيريءَ جي لاچارگي ۽ هيڻائي جي ور چڙهيل هيءُ فقير، جيڪو بادشاهن جي ڪاڻِ ڪو نه ڪڍندو هيو پر وقت جو شهنشاهه سندس در تي حاضري ڀريندو هيو، ان پنهنجي دوست ذوالفقار علي ڀٽو جي وفات جي اڳلي سال ۱۹۸۰ع ۾ ئي پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪري هن دار فاني کي الوداع چيو.


 

جمن فقیر

گدھے والا - شهید ذوالفقار علی بھٹو کا دوست

آصف رضا موریو

لاڑکانه کے پرانے لوگوں کو آج بھی ذوالفقار علی بھٹو اور ایک درویش صفت فقیر شخص جمعه فقیر کی دوستی یاد هوگی۔ یه واحد شخص تھا جو بھٹو صاحب سے مذاق بھی کرتا تھا اور طنزیه جملے بھی کس دیتا تھا ۔

جمعه فقیر ذات کا سومرو اور تعلقه قمبر کے ایک گاؤں کور سلیمان کا تھا، مگر قمبر چھوڑ کر لاڑکانه میں رهنے لگا تھا ۔ اکثر لاڑکانه کی گلیوں اور رستوں پر اپنے گدھے کے ساتھه نظر آتا تھا۔ جمعه فقیر کا یه معمول تھا که وه روزانه گوشت مارکیٹ جاتا اور وهاں کے تمام ذبح کئے گئے جانوروں کی باقیات اپنے گدھے کے گودھڑوں میں ڈالتا اور پھر لاڑکانه کے آواره کتوں کو وه یه چھیچھڑے اور باقیات کھلاتا اس طرح وه کتے بھی جمعه فقیر کے گرویده هوگئے تھے، فقیر جهاں جاتا اس کے پیچھے پیچھے چلتے تھے ۔

ذوالفقار قادری لکھتے هیں که ایک بار میں نے اسے ایک چائے کا کپ دیا تو کهنے لگا ۔ “کس خوشی میں چائے پلا رهے هو؟” تو قادری صاحب نے کها که “ فقیر! امام کی سبیل هے “ تو جمعه فقیر نے کها “ اماموں سے کیسا حساب، لا دے “۔ اپنی دھن میں مگن فقیر کی باتیں صوفیانه رنگ میں رنگی هوتی تھیں ایسی گفتار عام آدمی سے ممکن نهیں هوتی۔

ذوالفقار علی بھٹو سے ان کی دوستی کا تعلق اس وقت قائم هوا جب بھٹو صاحب وزیر خارجه تھے ۔ جمعه فقیر خود چل کے المرتضیٰ نهیں گیا تھا بلکه بھٹو خود چل کر اس فقیر کو دوست بنانے کےلئے اس کے پاس گیا تھا۔

قصه کچھه یوں تھا که کسی نے بھٹو صاحب سے کها که لاڑکانه شهر میں ایک فقیر ایسا هے جس کی باتوں میں کمال کی دانائی چھپی هے تو بھٹو صاحب کو بهت تجسس هوا اور انهوں نے فقیر کو اپنے گھر لانے کیلئے اپنے کارندوں کو بھیجا۔ جب کارندوں نے اسے کها که بھٹو صاحب آپ کو بلا رهے هیں تو اس نے کها که میں کوئی بھٹو کا نوکر هوں جاؤ میں نهیں جاتا ان کے پاس ۔ بھٹو صاحب کو جب نوکروں نے بتایا که وه ایسا کهه رها هے تو بھٹو صاحب اسی وقت گاڑی میں بیٹھه کر جمعه فقیر سے ملنے نکل کھڑے هوئے۔

جمعه فقیر بھٹو کو کینیڈی مارکیٹ میں ایک پیپل کے درخت کے نیچے اپنے گدھے کو گھاس کھلانے میں مشغول ملا ۔ بھٹو صاحب گاڑی سے نیچے اترے اور فقیر کے پاس پهنچے۔ فقیر نے دیکھتے هی کها “ بھٹو کیسے بھول پڑے هو ؟ “تو بھٹو صاحب نے جواب دیا که” فقیر، حاضری کیلئے آیا هوں” فقیر نے جواب دیا که میں کوئی استادِ هوں جو حاضری بھرنے میرے پاس آئے هو ؟ بھٹو صاحب نے کها۔ چلیں یار دوستی کر لیتے هیں۔ جمعه فقیر نے کها۔ دوستی رکھنا آسان هے نبھانا بهت مشکل هے۔ اس یر بھٹو صاحب نے کها تم دوستی رکھه کر تو دیکھو ۔ باقی تم مرضی کے مالک هو ۔ اپنے گدھے کے ساتھه بیٹھے جمعه فقیر نے کها که میرے در پر چل کے آئے هو، یوں خالی هاتھه لوٹانا مناسب نهیں اور اس طرح گلیوں میں گھومنے والے اس فقیر کی ذوالفقار علی بھٹو سے دوستی هوگئی ۔

جمعه فقیر سے بھٹو کبھی کبھار وقت نکال کر ملنے آتا رها اور یوں دونوں کی دوستی پروان چڑھنے لگی ۔ جب بھٹو صاحب پاکستان کے وزیراعظم بنے تو المرتضیٰ کو وزیراعظم هاؤس کا درجه دے دیا گیا ۔ وزیراعظم بننے کے بعد بھٹو فقیر سے ملنے آیا اور فقیر سے کها میرے حق میں دعا کرو ۔ فقیر نے کها “لگتا هے وزیراعظم بن کر خوش ( مطمٔن ) نهیں هو ۔ چلو پھر یه کرتے هیں تم میرے گدھے پر بیٹھه کر جمعه بنو، میں بھٹو بنتا هوں.”بھٹو نے کها “مجھے منظور هے مجھے اپنا گدھا دو “ کئی وزیر مشیر بھی ساتھه تھے جو یه ساری گفتگو سن رهے تھے۔

اچانک فقیر نے کها “ بھٹو! میں تجھے اپنا گدھا نهیں دوں گا میرے پاس بس یه ایک هی گدھا هے تمهارے پاس پهلے سے هی بهت گدھے موجود هیں “. پهلے انهیں تو سنبھال لو یه سنتے هی بھٹو صاحب کی بے اختیار هنسی نکل گئی اور هنستے هنستے دوهرے هوگئے اس وقت وهاں موجود سارے افسران کے چهرے دیکھنے کے قابل تھے۔

بھٹو صاحب وزیراعظم بننے کے بعد جب بھی لاڑکانه آتے وقت نکال فقیر سے ملنے ضرور آتے ۔جمعه فقیر کا کوئی مستقل ٹھکانه نهیں تھا۔ بس بھٹو صاحب پته کرتے که فقیر کهاں ملے گا وهاں پهنچتے اور گھڑی بھر ملتے ضرور تھے ۔ جمعه فقیر کا آخری ٹھکانه قبرستان میں بنی ایک جھونپڑی تھی بھٹو نے فقیر سے کها تمهیں گھر بنوا کر دیتا هوں فقیر بهت جلال میں آگیا اور کهنے لگا آج بول دیا هے آئنده بولا تو تمهاری میری یاری ختم ۔

ایک بار بھٹو صاحب موئن جو دڑو کے ائرپورٹ پر اترتے هی بولے که جمعه فقیر سے ملنا هے پروٹوکول والے وه روٹ لیں جهاں جمعه فقیر کے ملنے کے امکانات هوں قافله چلا اور بلآخر جمعه فقیر باقرانی روڈ پر اپنے گدھے کے ساتھ نظر آگیا ۔ بھٹو صاحب اس سے ملے اور کها فقیر آج رات کا کھانا میرے ساتھه کھاؤ فقیر بولا ایک شرط پر کھانا هم دونوں اکیلے میں کھائیں گے بھٹو نے پوچھا وه کیوں ؟ فقیر بولا یه جو تمهارے آدمی ساتھه هوتے هیں بڑے بھوکے هیں سارا یه کھا لیں گے اور هم دونوں کے حصے میں هڈیاں هی آئیں گی۔ بھٹو نے یه بات سنتے هی قهقهه لگایا اور بولے آپ کی شرط منظور هے تو فقیر نے کها ایک اور بھی شرط هے، سستے میں جان نهیں چھوٹے گی، تم اور میں کھانا کھائیں، لیکن میرے گدھے نے کیا قصور کیا هے۔ کیا اس کا پیٹ نهیں هے؟ بھٹو نے کها منظور هے فقیر منظور هے۔

دعوت سے ایک گھنٹه پهلے بھٹو صاحب نے اس وقت کے ڈپٹی کمشنر لاڑکانه خالد احمد کھرل اور ایس پی محمد پنجل جونیجو کو احکامات دئیے که جمعه فقیر کو المرتضیٰ لایا جائے ۔ ڈپٹی کمشنر اور ایس پی نے ڈی ایس پی عنایت الله شاهانی سے کها که جمعه فقیر کو ڈھونڈو اور اسے پروٹوکول میں المرتضیٰ لیکر آؤ جب ڈی ایس پی جمعه فقیر کو ڈھونڈنے میں کامیاب هوئے تو فقیر نے اکیلے جانے سے انکار کردیا اور کهنے لگا، هم دونوں کی دعوت هے ورنه جاؤ میں نهیں چلتا افسران بهت پریشان هوگئے اور یه بات بھٹو تک پهنچ گئی جس پر بھٹو صاحب نے کها جیسا جمعه فقیر بولتا هے ویسے هی کیا جائے اور اس طرح جمعه فقیر نے بھٹو صاحب کے ساتھه اکیلے میں دعوت کھائی اور اپنے گدھے کو بھی خوب گھاس کھلائی۔

لاڑکانه کے اس درویش فقیر نے آخر کار ۱۹۹۰ میں یه جهاں چھوڑ دیا اور یوں ایک لازوال دوستی اپنے انجام کو پهنچی۔

 

(سردار شاھ محمد شيخ جي فيسبڪ وال تان ۹ جولاءِ ۲۰۲۰ع تي کنيل)



عظيم فلسفي ڊايوجنيز ۽ جمعو فقير

پروفيسر بشير سومرو

قديم يوناني فلاسفر ڊايوجنيز (۴۱۲ يا ۴۰۴ قبل مسيح) کي Cynicism (قديم يوناني فلاسافرن جو ھڪ اسڪول جنهن جو بنياد اينٽيسٿينيز وڌو، ھن فلسفي جو اھم مقصد وڏائي، آرام ۽ خوشيء کان نفرت آهي) جي فلسفي جو ابو سڏيو ٿو وڃي. عام طور تي لفظ cynic جي معني آهي ڪتي جھڙو ڇاڪاڻ ته ھن جو برتاء ڪتي جھڙو ھوندو ھيو.

 ڊايوجنيز اٿينس ۾ عام زندگي گذاريندڙن جي بلڪل ابتڙ ھيو، ھن پنهنجي زندگيء مان خوش لباس يا آرام ڏيندڙ بسترن کي ڪڍي ڇڏيو ھيو ۽ ڪنهن سان به نه ملندو ھيو. ايتريقدر جو ھو پنندو پڻ ھيو جنهن کي ان دؤر ۾ وڏو عيب سمجهيو ويندو ھيو ڇاڪاڻ ته اٿينس ۾ پنڻ جو رواج نه ھيو.

ڊايوجنيز سان اڪثر ڪري ڪتا به گڏ ھوندا ھيا پر ھن جي سياست يا فلسفي تي گهري نظر پڻ ھوندي ھئي. ڊايوجنيز جا گفتا ڏاڍا مشهور ۽ وقتائتا ھوندا ھيا جنهن جي ڪري عام ماڻهو يا امير ھر وقت ھن سان ڪچھري ڪندا ھيا. ھن جي علمي گفتن کي ٻڌڻ جي لاء وڏا وڏا عالم ۽ ڪامورا پري پري کان ڪھي ايندا ھيا. پھريان ته ٻاهريان ماڻهو ڊايوجنيز جي حالت ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندا ھيا ته ھن ڪيئن ملون ۽ ڳالهايون ڇا. ٻيو ته ھو عام ماڻهن يا اميرن کي سوالن جا جواب اھڙي ته حاضر جوابيء سان ڏيندو پر جو ھن ملندڙ حيرت ۾ پئجي ويا ھيا ڇاڪاڻ ته جا جواب فلسفياڻا، کھرا ۽ وقتائتا ھوندا ھيا جو ٻڌڻ وان جي ڪن مھٽ ٿيندي ھئي يا وري انهن جي عقل ۽ مزاح ۾ اضافو ٿيندو ھيو.

ڊايوجنيز جي ٻي خاصيت به ھوندي ھئي ته ھو ڏينهن جو به لالٽين کڻي گهمندو ھيو جنهن تي عام ماڻهو کانئس پڇندا ھيس ته ھو چوندو ھين ته اٿينس ۾ ھڪ ايماندار ماڻهو ٿو ڳولھيان...۔

ڊايوجنيز ۽ سڪندر اعظم

ڊايوجنيز اٿينس ۾ ايترو مشهور ٿي ويو ھيو جو سڪندر اعظم ھن سان ملڻ جي خواھشن ڏيکاري پر ھو ان وقت اٿينس ڇڏي ڪورنٿ ڏانهن ھليو ويو ھيو. جيتوڻيڪ ڊايوجنيز فلسفي جي مختلف اسڪول آف ٿاٽ جو علم رکندو ھيو پر سياست تي گهري نظر ھجڻ جي ڪري ھڪ ڏينهن ارسطوء جو شاگرد سڪندر اعظم ڊايوجنيز سان ملڻ جي لاء سندس شھر ڪورنٿ تائين سفر ڪيو. سڪندر اعظم جي پھچڻ وقت ھو سج جي روشنيء جو تيک وٺي رهيو ھيو. سڪندر اعظم جڏهن ڊايوجنيز جي سامهون بيھي ڪجهه چوڻ وارو ھيو ته ڊايوجنيز کيس چيو، *ٿورو پاسي تي ته ٿي بيھ; تون منهنجي سج جي آڏو بيٺو آهين.*

سڪندر اعظم سخت ڪاوڙ ۽ حيرت اچي ويو پر پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي ھن سان سياست، فلسفي ۽ سماج تي ڳالهايو پر ڊايوجنيز جي جوابن تي دنگ رھجي ويو. سڪندر اعظم کي ھن جي ڪپڙن ۽ رھڻي ڪھڻي جي انداز کي ڏسي ڏک ۽ حيرت مان واپس ھليو ويو.

جمعو فقير

جمعو فقير به لاڙڪاڻي جو ڊايوجنيز ھيو. ھن جا ڪپڙا اھڙا خراب ۽ ھڪ ٻئي جي مٿان سٿيل ھوندا ھيا جو ڪو به ماڻهو سندس ويجهو نه وڃي سگهندو ھيو. اکين ۾ سرمو اھڙيء طرح سان پاتل ھوندو ھيس ڄڻ ته ڏوئي سان وجهي آيو آهي. شھر ۾ سدائين گڏھ تي چڙهيل پر سندس پويان ڪتن جو ٽولو ھوندو ھيس. ھو صبح جو سوير نڪرندو مختلف ھنڌن تان ٿيندو لاڙڪاڻي جي پراڻي مڇي ۽ گوشت مارڪيٽ ۾ ڪتن جي لاء ڇڇڙا وٺڻ پھچندو ھيو (ياد رهي ته ان وقت ڇڇڙا ۽ ھڏا اڇلايا ويندا ھيا). مارڪيٽ مان ڪاسائين کان ڇڇڙا وٺي ڪري ڪتن کي کارائيندو ھيو ۽ باقي ڇڇڙا گڏھ جي آٿرن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيندو ھيو جنهن مان اڪثر سندس ڀرسان لنگهندڙن کي به ڌپ ايندي ھئي.

جمعي فقير جي پاتل ڪپڙن، گڏھ تي چڙهڻ ۽ سندس پويان ڪتن جي ٽولي کان ماڻهو بيزار ھوندا ھيا پر ھن جي فلسفياڻي ڳالهين ۽ سماج جي بدلجندڙ انداز وارن وقتائتن نڪتن ۽ موقعي جي حساب سان پھاڪن جو استعمال ۽ چرچا ايترا ته حقيقت سان ڀريل ھوندا ھيا جو ماڻهو ھن جي ڪتن يا ڊريس جو خيال من مان دور ڪري ھن سان ڪچھريون ڪندا ھيا. جمعو فقير پنهنجي راز وارو ھيو ۽ ڪنهن به قسم جي جبري قانون جو پابند نه ھوندو ھيو سواء محبت ۽ قرب جي. نه ته ھو پنندو ھيو ۽ نه ئي ڪنهن جي آڏو جھڪندو ھيو.

جمعو فقير ۽ ذوالفقار علي ڀٽو

جمعي فقير جي شخصيت پھريون ڀيرو لاڙڪاڻي شھر مان اڀري سڄي پاڪستان سان گڏ ٻاهرين دنيا تائين پھتي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزير اعظم ھوندي جمعي فقير کي لاڙڪاڻي واري بنگلي المرتضي تي گهرايو. جمعو فقير سڪيورٽيء جي پروٽوڪول کي ٽوڙيندي گڏھ تي چڙهي ذوالفقار علي ڀٽو جي سامهون بيٺو. ذوالفقار علي ڀٽي چيس، *جمعا، دعا ڪر.*

*ڀٽا صاحب، ملڪ جو بادشاهه آهين جي بادشاهي نه ٿئي پسند ته اچي گڏھ تي چڙھ۔* جمعي فقير جي اھڙي تکي ۽ بي خوف جواب تي سڄي محفل کان ٽھڪ نڪري ويا.

ڊايوجنيز ۽ جمعي فقير ۾ ھڪجھڙائي ۽ فرق:

**ڊايوجنيز کي Cynic يا ڪتن وارو سڏيندا ھيا پر ھن سان ڪتا شھر ۾ گڏ نه ھوندا ھيا.

**جمعي فقير کي فقير سڏيندا ھيا پر ھن سان ھميشه ڪتا به گڏ ھوندا ھيا. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ خاص طور تي فقير ۽ ڪتي جو وير مشهور آهي پر اھو جمعي فقير تي لاڳو نه ھيو.

**ڊايوجنيز جو فلسفو ھي ھيو ته سماج ۾ ھٿرادو واڌ يا اربنائيزيشن سان خوشيون ختم ٿي وڃن ٿيون جنهن جي ڪري سماج ھڪ گهري ڏک ۾ ھليو ٿو وڃي. ھو ھميشه چوندو ھيو ته اخلاقيات اسان کي فطرت جي سادگيء ڏانهن سڏي ٿي.

**جمعي فقير جو فلسفو صلح ڪل وارو ھيو يعني ھندو مسلم اتحاد. پاڪستان ٺهڻ کان پوء ھندن سان انسانيت جي ناتي محبتون ونڊڻ ۽ انهن جي مذھبي ڏڻن ۾ ڪا به مداخلت نه ڪرڻ لاء زور ڀريندو ھيو. جڏهن ته ستر واري ڏھاڪي ۾ فرقي پرستيء زور وٺڻ شروع ڪيو ته ھن وري به امن جي صدا ھنئي.

**ڊايوجنيز اٿينس ۾ ٻاهرين دولت اچڻ جي ڪري عياشي، قيمتي لباس، بھترين نسل جا گهوڙا، وڏائي ۽ خود غرضيء کان پاسيرو ٿي عام ماڻهن کي روڪيندو ھيو ۽ جڏهن ماڻهن ھن جو چوڻ نه ورتو ته ھو انهن کان نفرت ڪري اڪيلو رھندو ھيو.

**جمعي فقير ملڪ جي معاشي حالتن کي محسوس ڪندي ماڻهن جي چھرن تي مايوسيء جا ڪارا ڪڪر ڏسندي انهن مان چرچن ۽ پھاڪن جي ذريعي ذھني دٻاء (ڊپريشن اسٽريس ۽ اينزائٽي) ڪڍڻ جي وڏي ڪوشش ڪندي کين کلائيندو ھيو ته جيئن ھو فطرت جي سادگيء ڏانهن واپس ٿين ۽ پيسن جي پويان ڀڄ ڊڪ ايڏي نه ڪن جو ھو جوانيء ۾ ئي ٿڪجي پون.

**ڊايوجنيز کي يونان جو سڀ کان وڌيڪ نالي وارو فاتح سڪندر اعظم مليو پر ھن جي فلسفي يا ھن جي زندگيء مان ڪجهه پرائڻ کان سواِء دنيا فتح ڪرڻ جي لاء نڪري پيو.

**جمعي فقير کي وري ذوالفقار علي ڀٽو جھڙو قابل ۽ شاطر وزير اعظم مليو جنهن ھن جي ڏاھپ ڀرين گفتن تي ڌيان نه ڌريندي ملڪي سياست کان مٿي عالمي ڪردار ادا ڪندي ھينري ڪسنجر سان گڏيو ۽ پوء ھن جي بھترين سفارتڪاريء جي نتيجي ۾ مائوزي تنگ جھڙو وڏو اڳواڻ سوويت يونين جھڙي عالمي طاقت کان ڌار ٿي ويو جنهن جي ڪري سوويت يونين ۽ ڪميونزم کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، جنهن کان پوء اسلامي ملڪن کي گڏ ڪري عالمي قوت لاء اڀاريو ۽ پاڪستان کي پھرين نيوڪليئر رياست ڪندي ڦاسيء تي چڙھيو.

 

(ڏھاڙي سوڀ ڪراچيءَ ۾ ۲۹ آڪٽوبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا