; سنڌي شخصيتون: رئيس الاهي بخش ٻانڀڻ - شڪيل احمد ڪٻر

14 March, 2011

رئيس الاهي بخش ٻانڀڻ - شڪيل احمد ڪٻر

رئيس الاهي بخش ٻانڀڻ
شڪيل احمد ڪٻر

سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک سدائين املهه انسانن کي جنم ڏنو آهي. اهڙن انسانن مان هردلعزيز، درويش صفت ۽ سنڌ پرست انسان مرحوم رئيس الاهي بخش خان ٻانڀڻ به هڪ هو. مرحوم رئيس الاهي بخش خان ٻانڀڻ رياست خيرپور جي زماني ۾ هڪ وڏي ڌاڪي واري زميندار رئيس جلال خان ٻانڀڻ جي گهر ۾ سن 1933ع تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ ڪنڊياري ۾ جنم ورتو ۽ هو پنهنجي والد جو اڪيلو پٽ هو. مرحوم ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ بعد ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان فائينل پاس ڪيائين. هي اهو دور هو جڏهن ته مرحوم رئيس جلال خان حر تحريڪ دوران گرفتار ٿي خيرپور وڃي قيد ٿيو ۽ انگريز سرڪار کان معافي نه وٺڻ،وفاداري جو اعلان نه ڪرڻ تي ان وقت جي رياستي وزير اعجاز علي جي حڪم تي زهر ڏيارائي شهيد ڪيو ويو. والد صاحب جي وفات بعد مرحوم رئيس الاهي بخش خان ٻانڀڻ چار درجا انگريزي پڙهڻ بعد تعليم ڇڏي ڏني.
هو سال 1960ع يونين ڪائونسل ڪنڊياري جو چيئرمين چونڊيو ويو جڏهن ته سال 1962ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر ۽ سال 1970ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو . مرحوم سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ دوران سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جو بل اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ته سنڌيءَ جي ويرين جي هڪ وڏي انگ سندس لطيف آباد واري بنگلي تي هٿياربند ٿي حملو ڪيو. جنهن ۾ سندس جانثار ساٿين ۽ ملازمن حمله آورن جو مقابلو ڪري کيس بچائي ورتو، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ وڏي انگ ۾ ڦٽجي پڻ پيا هئا. پر هن مرد مجاهد پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي ڪڏهن به آڻ نه مڃي. مرحوم پنهنجي دور اسڪول، اسپتالون ۽ روڊ رستا ٺهرائي عوام کي جيڪي سهولتون ڏياريون اهي اڄ به هتان جي عوام کي سندس ياد ڏيارين ٿيون مرحوم رئيس الاهي بخش خان ٻانڀڻ کي جڏهن ملڪيت زمين جو حصو مليو ته هن ڪنڊياري ڳوٺ جي ڀر واري زمين تي ظفرآباد نالي سان نئون ڳوٺ آباد ڪيو جيڪو سندس پٽ جي نالي تي آهي. اتي کولرايل پرائمري اسڪول کي بعد ۾ مڊل ڪرايو ۽ هڪ شاندار هاسٽل پڻ جوڙايائون ته جيئن پري پري جا ٻارڙا ان ۾ رهي سگهن ۽ ان هاسٽل ۾ کائڻ پيئڻ جو خرچ به مرحوم پنهنجي کيسي مان ڀريندو هو. سال 1975ع ۾ جڏهن جهاجهه ريگيوليٽر تي هاءِ اسڪول منظور ٿيو ته انکي جلدي ساڳي سال هلائڻ لاءِ بجيٽ نه هئي. جنهن تي مرحوم ان وقت پاڻ 25 هزار روپيه ڏئي سامان گهرائي اسڪول هلرايو . سال 1964ع سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌ الاجي جو شعبو کوليو ويو ۽ مخير حضرات کي مالي مدد جي اپيل ڪئي وئي ته مرحوم ان ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو. مرحوم سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت ۾ ڪارروائي سنڌي ٻولي ۾ هلائڻ ، ڳوٺن ۾ نوڪريون ۽ داخلائن جي ڪوٽا وڌائڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي . مرحوم کي تعليم جي پکيڙ جو وڏو اونو هوندو هو ۽ تعليمي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ هو وڏن وڏن آفيسرن کي ظفر آباد وٺي اچي مسئلا ٻڌائيندو هو. مرحوم ڪيترن ئي غريب شاگردن جي ڳجهي طريقي سان مدد ڪندو هو جيڪي بعد ۾ پڙهي وڏن عهدن تائين پهتا. مرحوم سنڌي مسلم جماعت ڪراچي کي فعال بنائڻ سميت سنڌ سرڪار کان ديهه کانٽو ٺٽو روڊ تي 55 ايڪڙ زمين منظور ڪرائي جتي سنڌي ماڻهن لاءِ گهر جو انتظام ڪرڻو هو پر مرحوم جي وفات بعد اهو ڪم اڌورو رهجي رهيو.
رئيس الاهي بخش خان ٻانڀڻ جي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1970ع وارين چونڊن ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پ پ هر هنڌ ڪاميابي حاصل ڪري رهي هئي تڏهن هن پ پ اميدوار رئيس محمد ملوڪ شر کي 18 هزار ووٽن جي اڪثريت سان آزاد اميدوار طور شڪست ڏني ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو. جنهن تي ڀٽي صاحب به کيس تار ذريعي مبارڪباد ڏني هئي. جڏهن ته هن کان اڳ درگاهه راڻي پور جي پير سيد اڌل شاهه کي شڪست ڏئي مغربي پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو هو. مرحوم جي دوستن جو حلقو به تمام وسيع هو شهيد ڀٽو، فيلڊ مارشل ايوب خان، مرحوم محمد خان جوڻيجو، سيد غوث علي شاهه، سيد قائم علي شاهه، مرحوم نسيم احمد کرل، ميان فيض محمد عباسي، مير رسول بخش ٽالپر، ڄام صادق علي، سيد عبدالله شاهه، سردار رضامحمد ڏاهري، حاجي رحمت الله بهڻ، سيد منظور علي شاهه هالاڻي وارو،سردار امتياز ڦلپوٽو سميت انيڪ دوست سندس حلقه احباب ۾ شامل هئا.جلال الدين ظفر، سندس اولاد ۾ رئيس ساجد علي خان، زاهد علي ، ڪاشف خان، آصف خان شامل آهن. مرحوم جي وفات بعد سندس پٽ جلال الدين ظفر هڪ ڀيرو، رئيس ساجد علي ٻانڀڻ 2 دفعا ۽ زاهد علي ٻانڀڻ 2 دفعا ايم پي اي جي سيٽن تي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا رهيا آهن. هن خاندان جو اڄ پ پ سان تعلق آهي ۽ پنهنجي والد جي خدمت خلق جي پاليسي تي هلندي عوام سان ناتو جوڙي رکيو اٿن. مرحوم 1978ع ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن کي آبائي ڳوٺ آڻي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.


No comments:

راءِ ڏيندا