; سنڌي شخصيتون: رونا ليليٰ - آغا قيوم

14 March, 2011

رونا ليليٰ - آغا قيوم

رونا ليليٰ
آغا قيوم

ڍاڪا ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011ع جي افتتاحي تقريب ۾ دنيا کي جهومائي ڇڏيندڙ بنگالي گلوڪاره جنهن جو تعلقي هاڻ بنگلاديش سان آهي جا اڳ سنڌ جي مشهور گلوڪاره هئي رونا ليليٰ تقريب ۾ سنڌ سان محبت جو اظهار ڪندي لعل ميري پت رکيو ڀلا جهولي لالڻ، سنڌڙي دا، سيوهڻ دا، شهباز قلندر واري ڌمال ڳائي ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن رونا ليليٰ دنيا آڏو قلندر جي ڌمال ڳائي رهي هئي ته سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، هن جو سنڌ سان دريا جهڙو رستو هو. هن سنڌ کي ڳائي سنڌ ڌرتي جو حق ادا ڪري ڇڏيو. اڄ سنڌ جو نئون نسل سنڌي ٻولي جي  من موهيندڙ آواز واري فنڪاره کي سڃاڻي به گهٽ ٿو رونا ليليٰ سنڌي سنگيت ۽ سنڌي ٻولي جي  وڏي خدمت ڪئي. هو اڄ پاڪستان ۾ موجود نه آهي پر سنڌي موسيقي لاءِ سندس خدمتون بي مثال ۽ لازوال آهن. رونا ليليٰ پاڪستان نه پر ننڍي کنڊ جي عظيم گلوڪاره آهي جنهن کي موسيقي جا متوالا اڄ به وڏي چاهه سان ٻڌندا آهن. سنڌ به هن سان مسيحا جهڙي محبت ڪئي. گڏيل پاڪستان جي مشهور معروف فنڪاره رونا ليليٰ 1951ع ڌاري اڳوڻي مشرقي پاڪستان ۾ سيد امداد علي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس هڪ ڀيڻ دينا ليليٰ جا پڻ ڳائيندي هئي سان مخدوم محمدزمان طالب الموليٰ جي نهن هئي، رونا ليليٰ راڳ ۽ موسيقي جي تعليم استاد عبدالقادر پيارلگ کان حاصل ڪئي. بنگلاديش جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ رونا ليليٰ جو من موهيندڙ آواز سنڌي فلمن لاءِ لازم سمجهيو ويندو هو، سنڌي فلمون سندس ڳايل گانن جي ڪري ئي هٽ وينديون هيون. رونا ليليٰ سنڌي، اردو، پنجابي ، بنگالي، سرائيڪي ۽ بلوچي ۾ به ڪيئي گيت ڳايا پر سندس اصل سڃاڻپ سنڌي فلمي گيت آهن. سندس مشهور گيتن ۾ ”منهنجا سائين سنڌي ٽوپي وارا“، ”ڪيئن پرچايان توکي“، ”لڳايم نيهن جو ناتو“، ”هڪ مٺڙو الا منهنجو مٺڙو“، ” چو چور منهنجي دل جو چور“، ”منهنجي اڱڻ تي آيا“ ۽ ”اڱڻ ٻهاريان تنهنجو واٽون نهاريان“ جهڙا ڪامياب گيت شامل آهن. رونا ليليٰ اردو فلمن ۾ به ڪافي گيت ڳايا جن ۾ ”ڪاٽي نه ڪٽي ري“، توهي بتا پگلي پون“،”دنوا دنوا ۾ گنون“، ”واعدي ڪرڪي صنم تم نه آئي“، ”همين کو ڪر بهت پڇتائوگي“ جهڙا سدا بهار گيت شامل آهن. رونا ليليٰ گهڻو وقت پاڪستان (خاص ڪري سنڌ) ۾ رهي. اهي انمول گهڙيون جيڪي هن مرڪندڙ ٻهڪندڙ چهري سنڌ جي چاهه ۾ گهاريون تن جي مهرباني.


No comments:

راءِ ڏيندا