; سنڌي شخصيتون: رائچند راٺوڙ - نند لال لهاڻو

14 March, 2011

رائچند راٺوڙ - نند لال لهاڻو

سرڳواسي رائچند راٺوڙ
سنڌ جو مايه ناز محقق ۽ تاريخ دان
نند لال لهاڻو

سنڌ ڌرتي جي ٿڌڙي مٽي ٿر جي ڪُک مان جن انمول شخصيتن جو جنم ٿيو آهي، انهن ۾ سرڳواسي رائچند راٺوڙ جو نانءُ پڻ سرفهرست آهي. هو تاريخ جو مشهور استاد، محقق ۽ جاکوڙيندڙ ڪردار ٿي گذريو آهي. سندس جنم 8 نومبر 1912ع تي ٿر جي قديمي ۽ پرامن شهر چيلهار ۾ مينگهواڙ برادري جي هڪ چَتُون مل سرتاڻي جي گهر ۾ ٿيو.هن ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي محنت تحت 1929ع ۾ فائنل پاس ڪئي ۽ پوءِ هڪ فرد پرائمري استاد طور 2 مئي 1928ع ۾ چيلهار کان هن عظيم پيشي جي شروعات ڪيائين، جنهن دوران ٽيچرس ٽريننگ اسڪول حيدرآباد مان پي ٽي سي جا ڪورس ڪرڻ سان گڏوگڏ ادبي سرگرميون ۽ لکڻ واري ڪرت پڻ جاري رکيائين. نوڪري ٽوڪري هجڻ ڪري هن چيلهار کانسواءِ ڳوٺ عمر انڙ، آهوري، ديهه نورنگ سنگهه، ڀوريلو، جوڳي مڙهي، ٽنڊوجان محمد، رائلو رند،سيرو سٿڙيون ۽ مٺي ۾ پڻ نوڪري ڪئي. سندس ادبي دوستن ۾ مخدوم طالب الموليٰ، شيخ اياز، نبي بخش بلوچ، نرسنگهه داس اوجها، ابراهيم جويو ۽ ٻيا اديب شامل هئا. پاڻ پهريون ڪتاب تاريخ ريگستان لکيو، جيڪو اڄ به ٻن جلدن ۾ هر ادب جو ذوق رکندڙ جي گهر ۽ لائبريري ۾ موجود آهي، هن پير صاحب پٿوري جي سوانح عمري تي پڻ ڪتاب شايع ڪرايا هئا. ان کانسواءِ ٿر جي لوڪ ادب سميت ٻين پڻ ڪافي موضوعن تي ڪافي مواد ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل موجود آهي. سائين رائچند راٺوڙ 1968ع ۾ ڀالوا ۾ حب الوطنيءَ جي عظيم ڪردار ”مارئي“ جي ميلي ۾ مارئي بابت مقالو پڻ پڙهيو هئائين ۽ سنڌ جو ناليوارو اديب ولي رام ولڀ پڻ رائچند راٺوڙ جو شاگرد آهي. جنهن پڻ هن شخصيت کان متاثر ٿي، ادبي ڪاڄ ۾ پير پاتو . رائچند راٺوڙ هڪ نهايت ئي قابل ۽ محنتي استاد ، مخلص ۽ سچار دوست ۽ مثبت سوچ جو مالڪ هو، سندس اکر پڻ تمام سهڻا ۽ موتي داڻا هوندا هئا ۽ هو هڪ عظيم فرص شناس استاد هو سندس پٽ پرڀو ناشاد آهي، جيڪو بعد ۾ نفيس احمد شيخ ٿيو ۽ ادبي ذوق جو ماڻهو آهي ۽ ڪافي عرصي کان سنڌي ادبي بورڊ جي ٽه ماهي رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر طور پڻ ادبي خدمت ڪري رهيو آهي. رائچند راٺوڙ هڪ اهڙي سنڌ ڌرتيءَ جي پياري شخصيت هئي جنهن جي پياري نالي کان هند توڙي سنڌ ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ڌرتي جي سڃاڻپ سمجهن ٿا ۽ سندس ڪردار، عمل ۽ مهان ماڻهپي کان سڀ ڪو ئي واقف آهي ۽ اهڙا اعزاز هر ڪنهن کي ملي نه سگهندا آهن. سندس اباڻي شهر چيلهار ۾ سماجي تنظيم ريگستان ويلفيئر ايسوسئيشن پاران رائچند راٺوڙ جي نالي سان هڪ لائبريري پڻ قائم ٿيل آهي. سائين رائچند راٺوڙ 31 مئي 1968ع تي هن فاني دنيا مان پرلوڪ پڌاريو. اسان سمجهون ٿا ته سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن کي اهڙن تاريخ جي هيرن کي ڪنهن به صورت ۾ وسارڻ نه گهرجي ۽ رائچند راٺوڙجي باقي اڻ ڇپيل مواد کي ميسارجي اڏوهي جو کاڌ ٿي وڃڻ کان پهرين ڇپائي، پڌرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن نيئن سنڌي نوجوان ٽهي کي ماضيءَ جي تاريخ جو صحيح اندازو ٿي سگهي.

No comments:

راءِ ڏيندا