نياز همايوني
چنڊ کي مون سان پريت ٿي ويئي!
پروفيسر نذير احمد سومرو
پل پهر ته ڇا؟ ڏينهن ۽ هفتا، مهينا ۽ سال به ڄڻ ليئا ۽ جهاتيون پايو
هليا ويا. وڏو عرصو گذري چڪو آهي. 1975ع جي مهڙ جي ڳالهه آهي. سنڌ جي نامور شاعر،
نقاد ۽ اديب ذوالفقار راشديءَ سان ڪچهري ڪري، سندس بنگلي تان موٽي گهر پهتس ئي مس
ته سندس سبيءَ جي خاص مُريد، خجڪ اچي در کڙڪايو.
”خير ته آهي؟“ اوچتو اچڻ جو
سبب پڇيومانس.
”مون کي ڪهڙي خبر. سائين (ذوالفقار راشدي) تو کي سڏڻو آ. تو کي ڄُلڻو
آ. سو تون مون سان ڄُل.“ هن پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چيو. ”مون کي ڪهڙو خبر ته ڇو؟
توکي سائين سڏي ٿو پيو ۽ مون سان گڏجي هل.“
زور ان وقت گڏجي هلڻ تي هو.
ذوالفقار راشديءَ جا ضلعي سِبي بلوچستان سان تعلق رکندڙ مُريد خجڪ ۽
سيلاچي ماڻهو، چيل ڪم جي پورائي ڪرڻ کانسواءِ، نه موٽندا آھن ۽ نه ئي مُڙندا آهن.
اڄ تائين سندن مزاج اُهڙي جو اهڙو آهي.
جيئن بنگلي جي وڏي ۽ ويڪري اڱڻ ۾ پير رکيم، ڏٺم ته ساڻس هڪ اُوپرو
ماڻهو، اُس جي تڙڪي ۾ ويٺو آهي. ويجهو ٿيس ته ذوالفقار راشديءَ چيو؛
”اچ اچ! اڄ مان توکي اهڙي ماڻهوءَ سان ملايان. جيڪو سنڌ جو وڏو
مانائتو ماڻهو، وڏو شاعر پر شاعر کان وڌيڪ وڏو انسان ۽ انسان کان وڌيڪ وڏو شاعر
آهي.“
مهمان سان وڏي ادب ۽ احترام سان مليس. هُن به عمر جي وڏي تفاوت
هوندي، ملڻ ۾ ساڳي گرمجوشي ۽ انڪساري، نياز ۽ نوڙت ڏيکاري. کيس کيڪارڻ کانپوءِ،
ڀرسان پيل خالي ڪرسيءَ تي ويٺم ته ذوالفقار راشديءَ چيو؛ ”تو همايون وارو بزرگ ته
ٻڌو هوندو. هي همايون جو جديد بزرگ ته نه پر حڪيم ۽ جديد شاعر نياز همايوني آهي.
جنهن کي سنڌي شاعريءَ مان ڪاٽو ڪبو ته وڏو خال ۽ کوٽ محسوس ٿيندي.“
راشديءَ جي ان جملي تي، نياز همايونيءَ مون ڏانهن ڏسندي ٺهه پهه
وراڻيو؛ ”نه ادا، متان راشدي صاحب جي ڳالهين ۾ آيو آهين. مان ڪجهه به ناهيان.
راشدي صاحب ته بادشاهه ماڻهو آهي. مڙئي اسان پارن کي پڇ ٻڌي مهري بڻايو ڇڏي.“
جواب ۾ راشدي صاحب چيو؛ ”چئبو ته اُٿي وڃان نه؟“
ايتري ۾ ذوالفقار راشديءَ جي حويليءَ تان مٺائي ۽ چانهه آئي. چانهه
جي چسڪين ۾ ماهوار سوجهرو (سال 1974ع) ۾ هلندڙ نئين بحث جو ذڪر نڪتو. جنهن جو خاص نڪتو هيو؛
”اديب کي سياسي طور جانبدار هجڻ گهرجي يا نه؟“
انهيءَ بحث ۾ خواجه سليم، تنوير عباسي، سليم سولنگي ۽ ٻين ڪيترن حصو
ورتو. ان موقعي تي راشديءَ پنهنجي خاص چرچائي نوع ۾ چيو؛ ”اها، ديپڪ اُترادي
ڪاٿئون جي بلا آهي؟ ويچارو ڏاڍو رحم جوڳو ٿو لڳي. ايترو بزدل آهي جو پنهنجو اصلي
نالو لکڻ کان به ڪيٻائي ٿو. خدا جو شان آهي جو ڪمزور دلين وارا به علم، ادب ۽
تنقيد جي ميدان ۾ سندرو ٻڌي لهي آيا آهن. کين خبر ناهي ته سندن سندرا ڪچا آهن.
سندن چيلهين تي بيهن ئي نه ٿا. احساس ڪمتريءَ جي مريضن لاءِ کوڙ ٻيا ميدان پيا
آهن. زندگيءَ وانگر ادب به صحتمند روايتن/ڳالهين کان سواءِ زندهه رهي نه ٿو سگهي.
هي روايتون صدين جي خونِ جگر سان پالنا ۽ پرورش جون تقاضائون ڪن ٿيون.“
بحث ۾ ڦري گهري ڳالهه اچي، سنڌي شاعريءَ تي بيٺي. نياز همايونيءَ چيو؛
”نياپو (شاعري) ته سٺو پر نياپي کي نياپو آڻيندڙ نه کاري. شاعريءَ سان ٻي زال
وانگر ڏاڍو احتياط سان هلڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ ۾ قدم قدم، پلصراط تي هلڻ
برابر آهي. شعر کي پُراثر بنائڻ لاءِ، احساس جي شدت، فڪر جي گهرائي، شعور جي
بلنديءَ جي ضرورت هوندي آهي. جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.“
مون نياز همايونيءَ کي چيو؛ ”توهان هند ۽ سنڌ جي معياري شاعرن مان
ڪنهن کي وڌيڪ پسند ڪيو ٿا؟“
کلي چيائين؛ ”ڇو ڀلا جهڳڙو ڪرائڻ جو ارادو اٿئي ڇا؟ سنڌ مان جيڪڏهن بيوس، گدائي، شيخ اياز، استاد بخاري، تنوير عباسيءَ کان وٺي تاج بلوچ ۽ ٻين جا
نالا ڳڻايان. جيڪڏھن اتفاق سان ڪنهن سٺي شاعر ۽ پرين پياري دوست جو نالو فوري طور
ذهن تي نه اچڻ ڪري رهجي وڃي ته پوءِ جهڳڙو نه ٿيندو؟ مٿين نالن کان سواءِ، ٻين
اديبن ۽ شاعرن به سنڌ جي خدمت ڪئي آهي. مثال طور محمد ابراهيم جويو، پير حسام
الدين راشدي، اياز قادري، طالب المولى، حميد سنڌي، قمر شهباز، آغا سليم، سراج ميمڻ
۽ ٻين ڪيترن جا نالا آهن، جيڪي هن وقت ذهن ۾ نه ٿا اچن.“
هند جي سنڌي اديبن جو ذڪر نڪتو ته ذوالفقار راشدي ٿوري دير لاءِ
اجازت وٺي حويليءَ ويو ۽ پاڻ سان هند جي اديبن طرفان آيل ڪجهه خط ۽ ڪتاب کڻي آيو.
جن ۾ ايم ڪمل ڀارتي جي شاعريءَ جو نئون مجموعو جهريل جيءُ به شامل هو.
بعد ۾ اهو شعري مجموعو، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بي اي سنڌي لازمي/اختياري جي نصاب ۾
شامل ٿيو. ان جو ٻيو ڇاپو 1978ع ۾ نند ڪمار بندراڻيءَ، الهاس ننگر مان ڇپائي پڌرو
ڪيو.
ڪتاب جهريل جيءُ جي لاءِ ٻه اکر، ذوالفقار راشديءَ جا لکيل هيا. ڪتاب جي ورق گرداني
ڪندي، نياز همايوني بي اختيار ٿي، راشدي صاحب کي داد ڏنو. پوءِ پئي ايم ڪمل جا
ڪجهه شعر جهونگاريائين. نيٺ ذوالفقار راشديءَ چيس؛ ”ٻڌائڻو اٿئي ته وڏي آواز ۾
ٻڌاءِ!!“
نياز همايونيءَ چيو؛ ”هي شعر ڏاڍو وڻن ٿا:
ڇُلي جتي ڪٿي، اي چشـــم تــــــر چـــــڱو نه ڪيئه،
کــــلائــــي پــــاڻ تـــي پــنـــهنــجا ۽ پر چڱو نه ڪيئه،
اکين کان ننڊ ڦري، منهنجي دل کان چين کسي،
حـــيـات وهـــه ڪـري، درد جــگـــر چــــڱو نه ڪـــيئه،
ڀـــريـــا جــي وقت جي مرهم ها ڦٽ، سي اُکلي پيا،
وري مــلائي نــظــــر ســـان نــظــــر، چـــڱو نه ڪــيئه.“
ان وقت ايم ڪمل جي شاعري نياز همايونيءَ جي جهونگار ۾ متحرڪ شين
وانگر نظر آئي.
ويرم رکي ذوالفقار راشدي چيس؛ ”نذير کي پنهنجي پسند جو ڪو شعر
ٻڌاءِ!“
ان موقعي تي نياز صاحب، شمشير، تنوير، تاج بلوچ ۽ ٻين دوستن جا شعر
سر سان ٻڌايا. ڇا ته سندس ترنم هو. ڄڻ سنڌو پئي اٿليو.
پوءِ شاعريءَ جو اهو سلسلو ڳپل رات تائين جاري رهيو ۽ ماحول مشڪبوءِ
مشڪبوءِ محسوس ٿيو.
نياز همايوني، شاعريءَ جي شروعات ڪڏهن ڪئي، سا مون کي خبر ناهي. پر
نياز همايونيءَ جي شاعري ٻڌي، مون محسوس ڪيو ته فڪر سان ڪمٽمينٽ، اندروني ڀڃ ڊاهه،
دل کي لوڏيندڙ ۽ ڌوڏيندڙ زلزلن ۽ ٻاهرئين ماحول ۾ جنم وٺندڙ، اڻ وڻندڙ، انسانيت
کان ڪريل واقعن ۽ ڳالهين جي ٽڪراءَ جو ٻيو نالو نياز همايوني جي شاعري آهي. ضروري
ناهي ته نالي ۾ وڏو/مشهور شاعر ماڻهن جي پسند به هجي. ائين ته سنڌ ۾ کوڙ ساترا
جعلي شاعر پيدا ٿي پيا آهن، جن جي شعري مجموعن جا، بوڪ اسٽالن تي رکئي رکئي، اس جي
تيک ۽ مکين جي جهينگار سبب، ٽائيٽلن جا رنگ ئي اڏري ويا آهن.
ون يونٽ ٺهڻ سان، سنڌ کي اڻ ڳڻيا ۽ ايترا ته نقصان رسيا، جو انهن جو
ڪاٿو ئي نه ٿو ڪري سگهجي. ان نقصان جو ازالو، سنڌ کي ايندڙ صدين ۾ ملندڙ فائدا
(اگر مليا ته) به ڪونه ڪري سگهندا ۽ اهي نقصان، نقصان ئي رهندا. ون-يونٽ ٺهڻ سان
سنڌ کي ايترو فائدو ضرور پيو جو سنڌي شاعري چوپيل، چوسيل ۽ چٻاڙيل موضوعن ۽ لفظن
کان آجي پاجي ٿي، سنڌي ويس وڳا پائي، نج پج سنڌياڻي ٿي وئي. منجھس نئون لهجو، نئين
سوچ ۽ جديد طرز آئي.
جن شاعرن نون لاڙن هيٺ، منفرد لهجي ۾ شاعري ڪئي، تن ۾ نياز همايونيءَ
جو نالو وڏي اهميت وارو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي سياسي مسئلن کي ذاتي درد
سمجهي، سورن جو اظهار ڪيو ۽ وڏو ادبي ۽ سياسي ڪارج پورو ڪيو. ذوالفقار راشدي
پنهنجي تنقيدي ڪتاب ڪسوٽي ۾ نياز
همايونيءَ جي شاعريءَ جي تڪ تور ڪندي صفحي 59 تي لکيو آهي:
”اهڙيون پياريون سٽون ۽ لفظ، محاورا ۽ ترڪيبون، رڳو نياز همايونيءَ
جهڙن گڻوان ۽ سچن ڪلاڪارن جي زرخيز قلم مان ئي ڦٽي سگهن ٿيون. نياز ٻهراڙيءَ جي ڪن
هالو چالو نستن ۽ بي ساهن لفظن ۾ هيڪاندو ساهه ۽ سواد ڀري ڇڏيو آهي. پاروٿن خيالن
۽ الوڻن جذبن کي، تازگي ۽ چهراڻ ڏني آهي. شاعر، ٻولين جا بڻائيندڙ ۽ نگهبان ٿيندا
آهن. انهيءَ نقطي نظر کان، نياز جو پورهيو ۽ فن کيرون لهڻي.“
نياز همايوني، اسان جي دور جو اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جي
صلاحيتن ۽ ادبي خدمتن ۽ فن بابت ڪا سير حاصل ۽ جامع لکڻي اڃا تائين نظر نه آئي
آهي. سواءِ ماضيءَ ۾ تاج بلوچ جي سوجهرو لاءِ ورتل انٽرويوءَ جي، جيڪو مهتاب (چنه)
راشديءَ جي نالي ۾ شايع ٿيو يا ذوالفقار راشديءَ جي لکڻيءَ يا مهراڻ جي شاعر نمبر
۾ گرامي صاحب جي مختصر راءِ جي. ان جو سبب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته نياز جي شاعري ۽
فن تي لکڻ ڪو آسان ڪم ناهي. يا ڪنهن ٻئي شاعر کي مٿي آڻڻ لا، نياز کي لنوايو ويو!
نياز همايونيءَ جي شاعري نئين ۽ سجاڳ دور جي شاعري آهي.
سندس ڊڪشن ۽ اسلوب، ايڏو ته دائمي ۽ دلپذير آهي، جو وقت جي واري ۽
لڙ، ان کي ڪڏهن به ڌنڌلو ۽ ميرو نه ڪري سگهندا. سندس شاعري، رڳو شاعري ناهي. مظلوم
سنڌين جي سچي ۽ پرخلوص پڪار آهي. نئين ٽهيءَ کي نياز جو فن ۽ فڪر، پنهنجي مطالعي
جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.
سنڌي ادب جي جديد ۽ روشن خيال عالم ۽ نقاد، مولانا غلام محمد
گراميءَ، نياز همايونيءَ جي فن تي راءِ ڏيندي چيو هو؛ ”نياز همايوني، غزل جو
بادشاهه شاعر آهي. هن پنهنجي فن ۽ هيئت ۾ انيڪ تجربا ڪيا آهن. ان ڪري هو پنهنجي
همعصر شاعرن کان گوءِ کڻي ويو آهي. سندس ڪلام، ذوقِ جماليات جي لطيف ۽ نازڪ، مسرت
انگيز ۽ سڪون بخش پهلوءَ تي مشتمل آهي. هو لفظن ۽ ترڪيبن کي اهڙي ته حسين ۽ دلڪش
انداز ۾ پيش ڪري ٿو، ڄڻ موتين جا هار پوئي ٿو.... سندس فن، سوز ۽گداز، رقت ۽ محبت
جي نازڪ ترين مسئلن ۽ زندگيءَ جي اهم ۽ دقت پسند معاملن کي رمز ۽ ڪنائي سان بيان
ڪرڻ ۾ تجربا ڪري چڪو آهي.... سندس ڪلام سريلو ۽ مترنم آهي.“
شاعريءَ بابت وڏن وڏن نقادن جا وڏا وڏا رايا موجود آهن. پر اسان جي
شاعر ۽ نقاد، تاج بلوچ، جاذب قريشيءَ جي اردو شاعريءَ بابت اردوءَ ۾ لکيو هو:
”سٺي شاعري، نئين ڄاول ٻار جي اوچتي چيٽ جيان هوندي آهي. جيڪا
خاموشين ۾ لهر پيدا ڪندي آهي. اها لهر هڪ نئين موسيقيءَ کي جنم ڏيندي آهي ۽ پوءِ
اهڙي موسيقيءَ مان هڪ نئين ۽ اڻ ٻڌل ڪنواري لئه ڦٽي، گريز پا لمحن کي سيراب ڪري
ڇڏيندي آهي. زندگيءَ جي اهڙن گريز پا لمحن کي پڪڙ ۾ آڻڻ واري کي ئي شاعر چيو ويندو
آهي.“
آءٌ تاج بلوچ صاحب جي انهيءَ تنقيدي راءِ کي، نياز همايونيءَ جي فن ۽
فڪر تي ٺهڪائيندي، چوان ٿو؛ ”سچ پچ، نياز پنهنجي عهد جو اهڙو ئي شاعر هو، جنهن
پنهنجي شاعريءَ ذريعي، هٿن مان ترڪي ويندڙ وقت جي لمحن کي پڪڙي ورتو.“
آءُ سـمنڊ جــــي ســـينـي مــان ٿــي نـڪتـس، ائـــيـــن نــــروار
الا
ڪنــواري ڇــوريءَ جــي ڇـاتيءَ مان، جيئن جوڀن جو اظهار الا
چنڊ کي مون سان پريت ٿي وئي، سج ڪيو مون سان پيار الا
-نياز همايوني
No comments:
راءِ ڏيندا