; سنڌي شخصيتون: برڪت علي آزاد - تهذيب الاسلام رضوي - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

12 March, 2011

برڪت علي آزاد - تهذيب الاسلام رضوي - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

برڪت علي آزاد
سندس سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي خدمتون

تهذيب الاسلام رضوي
انجنيئر عبدالوهاب سهتو


مؤلف پاران
جناب برڪت علي آزاد صاحب سنڌ جي نامور صحافين ۾ شمار ٿين ٿا. 1937ع کان صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪيائون. پنھنجي ساري زندگي صحافتي مشن کي جاري رکڻ ۾ ڳاري ڇڏيائون. آخر تائين سندن اهو ارادو هيو ته؛ هڪ اهڙي اخبار جاري ڪجي، جنھن ذريعي هر طبقي جي فڪرمند ماڻھن جي رهنمائي ڪري سگهجي.
مون هن مقالي لکڻ ۾ کين وقتاً فوقتاً زحمت ڏني ۽ کانئن مفيد مشورا پڻ ورتا، جن لاءِ مان دليون جانيون سندن ٿورائتو آهيان. ان کان علاوه پراڻين اخبارن ۽ ڪيترن ڪتابن مان، گنجائش آهر استفادو پڻ حاصل ڪيو اٿم.
هيٺ آزاد صاحب جي زندگيءَ کي ننڍڙن موضوعن ۾ ورڇيندي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ پيش ڪجي ٿي ته جيئن گهڻن لاءِ راهِ عمل پيدا ٿي سگهي.

آزاد صاحب جي ابتدائي زندگي
جناب برڪت علي آزاد جو شمار، سنڌ جي نامور ۽ هاڪارن صحافين ۾ ٿئي ٿو. پاڻ صحافت جي ميدان ۾ اهڙي ڏکئي دور ۾ قدم رکيائون جيڪو تحريڪن جو دور هيو. خلافتِ تحريڪ ۽ آزاديءَ جي تحريڪ وغيره، مڙيئي ان دور جا معاملا آهن. کيس پاڪ و هند جي جهونن ۽ محنتي صحافين سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. انھيءَ ڪري سندس صحافت ويتر پختي ٿي وئي. پاڻ پنھنجي شروعاتي دور ۾ نه صرف صحافت بلڪ ادبي، سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ به وڏا ڪم ڪيائون.
انھيءَ کان اڳي جو ’آزاد‘ صاحب جي عملي صحافت جو تفصيلي جائزو پيش ڪجي، بھتر آهي ته سندس شروعاتي زندگيءَ جو خاڪو پيش ڪجي ته جيئن سندس مڪمل شخصيت جا خدوخال واضح ٿي وڃن.
آزاد جي پيدائش ۽ سال
آزاد صاحب 1918ع ۾ امرتسر ۾ ڄائو، جنھن پڄاڻان سندس خاندان لڏي اچي جيڪب آباد ۾ رهيو. پاڻ ديني تعليم مسجد ۾، پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول ۽ ثانوي تعليم، ميونسپل هائي اسڪول جيڪب آباد مان پرايائون. جڏهن ته ميٽرڪ جو امتحان، بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائون.
آزاد جون سياسي خدمتون
آزاد صاحب پرورش اهڙي دور ۾ پاتي جنھن ۾ آزاديءَ جي جدوجھد جو جذبو هرهڪ ۾ موجود هيو ۽ هر فرد جنوني حد تائين انھيءَ جدوجھد ۾ مصروف هيو. نتيجتاً اهو فطري عمل هيو ته پاڻ به انھيءَ جذبي کان متاثر ٿيو ۽ سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. پھريون جلسو، سکر ۾ خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ منعقد ٿيو، جنھن ۾ شرڪت ڪيائين. جيئن ته انھيءَ جلسي کي چوٽيءَ جي پيشوائن (ليڊرن) خطاب ڪيو هيو، تنھنڪري مٿس به انھيءَ جو ڪافي اثر ويٺو. ان کان پوءِ خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي، جنھن جي صدارت ضلعي سکر جي ممتاز شخصيت مولانا تاج محمود امروٽي صاحب جن ڪئي. انھيءَ ڪانفرنس ۾ مولانا ابوالڪلام ’آزاد‘، پير غلام مجدد سرهندي، مولانا عبدالڪريم چشتي ۽ سيد محبوب شاهه جن شرڪت ڪئي. مولانا ابوالڪلام آزاد جي تقريري مـَلڪي مٿس وڏو اثر ڇڏيو ۽ هيءُ باقاعده آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو. ان کانپوءِ نوجوانن جي هڪ انقلابي تحريڪ ”نوجوان ڀارت سڀا“ شروع ٿي، انھيءَ ۾ به زورشور سان حصو ورتائين. انھيءَ تحريڪ جو مقصد نوجوانن ۾ سجاڳي آڻڻ ۽ کين انھيءَ ڳالهه تي متحد ڪرڻو هيو ته؛ انگريزن کي هندستان مان نڪري وڃڻ گهرجي.  (Quit India Movement)
1930ع ڌاري خلاف تحريڪ جي سلسلي ۾ جيڪب آباد کان ڪراچيءَ تائين ”لانگ مارچ“ جو پروگرام تشڪيل ڏنو ويو، جنھن جو ليڊر مسٽر چوئٿرام ڊيملا هيو. جڏهن ته آزاد صاحب جون خدمتون به نمايان هيون.
”تحريڪ عدم تعاون“ جي سلسلي ۾ سندن ذمي سکر ضلعي جو هڪڙو ڳوٺ ”ٻيچانجي“ هيو. پاڻ انھيءَ تحريڪ کي حد درجي تائين ڪامياب بڻايائون.
آزاد صاحب ”ستيه گره تحريڪ“ جي تربيت مسٽر گوڊ کان حاصل ڪئي، جڏهن ته سندس سياسي استاد مسٽر پِلي (Mr. Play) هيو.
عرض اهو آهي ته آزاد صاحب، آزاديءَ جي تحريڪ ۽ جدوجھد ۾ به ڀرپور حصو ورتو ۽ انھيءَ جي پاداش ۾ گهڻيئي دفعا ترم ياترائون به ڪيائين. ليڪن سندس جدوجھد پوءِ به جاري رهي.
’آزاد‘ صاحب جو نظريو هيو ته مقصد جي حاصلات لاءِ خون جي آخري ڦڙيءَ تائين جدوجھد ڪرڻ گهرجي ۽ انھن قومن کي زنده رهڻ جو حق آهي، جيڪي پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ تائين جدوجھد جاري رکن ٿيون.
آزاد جون سماجي خدمتون
آزاد صاحب سماجي خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون. 1935ع ۾ انجمن مجاهدين اسلام جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنھن جو صدر مرزا عبدالرحمان وڪيل هيو ۽ سيڪريٽري آزاد صاحب هيو. انھيءَ انجمن جو مقصد غريبن جي مدد ڪرڻ هيو. جيئن ته انھيءَ دور ۾ هڪ وبا به ڦھلي هئي، جنھن ۾ ڪافي جاني نقصان ٿيو هيو، تنھنڪري انھيءَ انجمن تدفين وغيره جو ڪم به سرانجام ڏنو.
1936ع ۾ انجمن حمايتِ الاسلام جو قيام عمل ۾ آندو ويو. انھيءَ انجمن جو صدر ليفٽيننٽ ڪرنل خان محمد بروهي ۽ سيڪريٽري آزاد صاحب هيو. انھيءَ انجمن جي ذمي به مسلمانن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ڪم هيا، خصوصي طور تي بي روزگاري ختم ڪرڻ ۽ تعليم ڦھلائڻ.
1937ع ۾ ”ديھي ترقياتي پروگرام“ جي سلسلي ۾ ”سنڌ ڳوٺاڻي جماعت“ جو قيام عمل ۾ آيو، جنھن جو صدر شھيد الله بخش سومرو هيو ۽ سيڪريٽري اين.آر ملڪاڻي هيو. آزاد صاحب انھيءَ جماعت جو سرگرم ڪارڪن هيو ۽ ڳوٺاڻي خدمت ۾ پيش پيش رهيو. انھيءَ جماعت جو مقصد سنڌ جي ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ هيو. ڳوٺن ۾ بالغان جي تعليم جا مرڪز قائم ڪرڻ، لائبريرين جو قيام، ابتدائي طبي امداد جي تعليم ڏيڻ، راندين جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ وغيره. ڳوٺاڻن جي حفاظت جي لاءِ پنھنجي مدد پاڻ جي تحت انتظام ڪرڻ پڻ هيو. سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ انھيءَ جماعت وڏو ڪم ڪيو، جنھن سان ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪافي ترقي ٿي ۽ ماڻھن ۾ انھن مقصدن لاءِ ڪم ڪرڻ جو شعور پيد اٿيو.
مطلب ته آزاد صاحب، سماجي ڪمن ۾ به ڀرپور حصو ورتو ۽ عوام جي خدمت سرانجام ڏني.



آزاد جون ادبي خدمتون
معياري صحافت، انساني مسئلن جي حل جي راهه ٻڌائي ٿي. عوام ۽ حڪومت جي رهنمائي ڪري ٿي. چوٽيءَ جي ادب جو به ساڳيو ئي مقصد هوندو آهي. اديب ٿورو مختلف انداز ۾ معاشري ۽ حالات کي تبديل ڪري پنھنجي تصور مطابق بنائڻ جا خواهان هوندا آهن. معياري صحافت، ظلم، ناانصافي ۽ استحصال جي خاتمي ۽ بلند انساني قدرن کي پروان چاڙهڻ کي پنھنجي مِشن بنائيندي آهي. اهڙيءَ طرح معياري ادب ۾ به ٿورو مختلف انداز سان انھن مقصدن جي تڪميل لاءِ جدوجھد ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن صحافت کي معياري صحافت، مقبول عام صحافت ۽ زرد صحافت (Yellow Journalism) جھڙن قسمن ۾ ورهائجي ٿو ته ادب کي به صحتمند ادب ۽ معياري ادب، مقبول عام ادب ۽ غير صحتمند، بازاري ۽ فحش ادب جھڙن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. صحافت جي پيشڪش جا ذريعا به ساڳيا آهن، جيڪي ادب جي پيشڪش جا آهن. ادب، ڪتابن جي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. ادب ۾ به برا ۽ ڀلا يا دلچسپ ڪردار پيش ڪيا ويندا آهن ۽ صحافت ۾ پڻ سٺا ۽ خراب، هر طرح جا ماڻھو خبرن، تبصرن ۽ فيچرن جو سينگار بڻبا آهن.
ادب ۽ صحافت جي انھن مشترڪ قدرن جي ڪري، ڊگهي عرصي تائين ادب ۽ صحافت ۾ فرق محسوس نه ڪيو ويو. ادبي ۽ علمي تخليقون، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. ڏيھاڙي آڏو ايندڙ مسئلن تي وڏي پائي جا صحافي، عالمانه انداز ۾ خيال جو اظھار ڪندا رهيا. حتى ڪه رسالن ۽ جريدن جي صحافت کي ادبي صحافت ڪوٺيو ويندو هيو. ڪي ماڻھو انھيءَ ڳالهه کي ٻئي انداز ۾ بيان ڪندي، انھيءَ کي صحافتي ادب ڪوٺين ٿا. ڪي ماڻھو صحافت کي ادب جو تعارف يا ادب جي تربيت گاهه ڪوٺين ٿا. انھيءَ جو سبب هيءُ آهي ته گهڻيئي ناميارا اهلِ قلم، صحافت جي بٺيءَ مان ڪندن ٿي نڪتا ۽ علم ۽ ادب جي آسمان تي، ستارن وانگر چمڪيا. صحافت سان وابسته فردن کي، نئين سج نون ۽ مختلف معاملن ۽ مسئلن تي اظھار خيال ڪرڻو پوندو آهي، تنھن ڪري کين معاملن ۽ مسئلن جي فھم، تجزين، مؤثر طور تي کين بيان ڪرڻ ۽ زبان تي عبور حاصل ڪرڻ جي تربيت ملي ٿي. لاڳيتو پڙهڻ ۽ لکندو رهڻ سان علم ۾ واڌارو اچي ٿو ۽ قلم زور پڪڙي ٿو.
آزاد صاحب ترقي پسند خيالن جو اديب هيو. تنھنڪري سندس تحرير ۾ ترقي پسنديءَ جو عنصر زياده هوندو هيو.
آزاد صاحب، هيل تائين گهڻيئي ڪتاب لکيا آهن. ان کان علاوه گهڻن انگريزي ناولن جا ترجما به ڪيا اٿائين ته جيئن اهو ادب سنڌي زبان ۾  ترجمو ٿي، آسانيءَ سان گهڻن هٿن تائين پھچي سگهي ۽ گهڻا ماڻھو فائدو وٺي سگهن. پاڻ روس جي مشھور انقلابي رهنما، پرنس ڪروپاتڪن جي ڪتاب جو به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائون جنھن جو نالو آهي، ”نوجوانن ڏانھن“. اهو ترجمو پھريون دفعو 1941ع ۾ ڪيو ويو، جنھن جا هيل تائين ٽي ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن. انھيءَ کان علاوه آزاد صاحب مسٽر گوبند جي مشھور ڪتاب ”سرد آهون“ جو ديباچو به لکيو هيو، جيڪو جنوري 1942ع ۾ شايع ٿيو هيو.
دراصل آزاد صاحب جي زندگيءَ جو مقصد ئي ادب جي خدمت ڪرڻ هيو، جنھن ڪري هو هر وقت انھيءَ جستجوءَ ۾ رهندو هيو. پاڻ انھيءَ سلسلي ۾ ڪيئي خط، سائين جي ايم سيد کي لکيا هئائين، جن جو تذڪرو جناب سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“ ۾ ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح آزاد صاحب جا خط، جناب علي نواز وفائي صاحب پنھنجي ڪتاب، ”يادگار مولانا وفائي“ ۾ شايع ڪيا آهن، جيڪي سندن گرانقدر ادبي خدمتن جو اعتراف آهن.
آزاد صاحب جو خيال آهي ته ترقي يافته ملڪن ۾ ادب جي لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ اهو پڙهيو وڃي ته سٺا نتيجا نڪري سگهن ٿا. انھن ئي نظرين تحت، هيٺ ڏنل انگريزي ڪتابن جو انتخاب ڪيو اٿائين ته جيئن انھن جو ترجمو شايع ڪرائجي ۽ سنڌي زبان ۽ ادب کي فروغ ڏيارجي.
1.        فلسطين جي آزاديءَ جي تحريڪ
2.        صدر جمال عبدالناصر
3.        ٽيگور
4.        ليوٽالسٽائي
5.        ڪارل مارڪس
6.        دنيا جي مختصر تاريخ
7.        چنگيز خان
8.        ڊاڪٽر سوئيڪارنو
9.        انقلاب ايران
10.     انقلاب روس
11.     راسپوٽين
12.     ڳڀي جي تلاش 
آزاد صاحب پنھنجي واندڪائيءَ واري وقت ۾ شعر ۽ شاعريءَ جو به سلسلو شروع ڪيو. هن ”نيرنگ خيال“ ۾ علامه اقبال کي پڙهيو ۽ سندس فلسفه خوديءَ کان ان حد تائين متاثر ٿيو جو باقاعده شعر ۽ شاعري شروع ڪيائين ۽ انھيءَ مناسبت سان سندس تخلص ”آزاد“ آهي. هن هيلتائين سوين غزل لکيا آهن. هن وقت تائين پاڪستان جي چئني صوبن ۾ مشاعرن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي. سندس ڪلام، گهڻوتڻو سنڌي زبان ۾ آهي ۽ ملڪ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ اڪثر شايع ٿيندو رهيو آهي.
آزاد جون صحافتي خدمتون
آزاد صاحب جي سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتن جو جائزو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ، سندس صحافتي زندگيءَ جو تفصيلي جائزو به وٺڻ گهرجي ته جيئن آزاد صاحب جي مڪمل شخصيت سامھون اچي سگهي. انھيءَ کان اڳ جو آزاد صاحب جي صحافت کي بحث هيٺ آڻجي، اهو وڌيڪ بھتر ٿيندو ته هتي پھرين ’صحافيءَ‘ جي مڪمل تعريف ڏجي ته جيئن اهو معلوم ٿي سگهي ته آخر اها ڪھڙي چيز آھي؟ صحافت جو مقصد ڪھڙو آهي؟ انھن ٻنھي سوالن جي تشريح ڪجهه هن طرح سان ڪئي وئي آهي.
معياري صحافت، انسانن جي معاملن ۽ مسئلن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۽ انھن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش جو نالو آهي. مطلب ته چوٽيءَ جي صحافت جو مقصد انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي.
صحافت جو لفظ ”صحيفه“ مان نڪتو آهي. ”صحيفه“ جي لغوي معنى آهي؛ ڪتاب يا رسالو. بھرحال عملاً ڊگهي عرصي کان ”صحيفه“ مان مراد اهڙو ڇپيل مواد آهي، جيڪو مقرر وقتن کانپوءِ شايع ٿيندو آهي. تنھنڪري سموريون اخبارون ۽ سارا رسالا صحيفا آهن ۽ جيڪي ماڻھو انھن جي ترتيب، تحقيق ۽ تحرير سان سلھاڙيل آهن، تن کي صحافي ڪوٺبو آهي ۽ سندن پيشي کي صحافت جو نالو ڏنو ويو آهي. صحافت جو نعم البدل انگريزي لفظ جرنلزم (Journalism) آهي جيڪو جرنل مان ٺاهيو ويو آهي. جرنل (Journal) جي لغوي معنى آهي؛ ”ڏيھاڙي حساب جو وهي کاتو يا روزنامچو“. جڏهن صحافت جي شروعات ٿي ته اهڙي اصطلاح کي شايع ٿيڻ جي وقت، اخبار يا رسالي لاءِ استعمال ۾ آندو ويو. جرنل کي ترتيب ڏيڻ وارن جي لاءِ ”جرنلسٽ“ جو لفظ جڙيو ۽ انھيءَ پيشي کي جرنلزم جو نالو ڏنو ويو. صحافيءَ لاءِ لازمي آهي ته کيس عام معلومات جي ڄاڻ هجي. عام معلومات مان مراد آهي؛ عمراني علمن کان واقفيت، قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن ۾ دلچسپي، پنھنجي ملڪ، پنھنجي علائقي ۽ پنھنجي شھر جي باري ۾ تاريخي، جاگرافيائي ۽ تھذيبي معلومات.
تحرير جو مَلڪو، ٻي وڏي وصف آهي. جيڪو شخص پنھنجي مافي الضمير کي سليس ۽ سادي زبان ۾ پيش ڪري سگهي ۽ جيڪو لکڻ لاءِ ”موڊ“ ٺھڻ جو انتظار نه ڪري، اهو صحافي بنجي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص (اردو/سنڌي) صحافت ۾ اچڻ چاهي ته ان لاءِ ضروري آهي ته انگريزيءَ مان اردو/سنڌيءَ ۾ با محاوره ۽ روانيءَ سان ترجمو ڪري سگهي. جيڪي شخص انگريزي صحافت  ۾ ڪم ڪن ٿا، تن کي اردو/ سنڌي زبان کان پوريءَ طرح ڄاڻ هئڻ ضروري آهي . ڇو جو قومي/ صوبائي زبان جي ترقيءَ سان گڏوگڏ معلومات جا وڌ کان وڌ ماخذ اردو/ سنڌيءَ ۾ آهن.
تحرير جي مَلڪي لاءِ ضروري آهي ته واسطيدار زبان جي ادب جو گھرو مطالعو ڪيل هجي. جيتوڻيڪ صحافت کي صحتمند ادب ۾ ڳڻيو نه ٿو وڃي، ليڪن صحافتي ڪم ۾ ادبي قابليت گهڻي مددگار ثابت ٿيندي آهي.
مشاھدي جي قوت کانسواءِ ڪوبه شخص صحافت ۾ ڪاميابي نه ٿو ماڻي سگهي. صحافت ماحول جي تصوير چٽي ٿي ۽ ترجماني پڻ ڪري ٿي. ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته جيڪي ماڻھو صحافي ٿيڻ چاهين تن جي مشاھدي جي قوت تيز هئڻ گهرجي.
هڪڙو صاف ۽ پرسڪون ذهن، صحافت جي پيشي ۾ مدد ڏيندو آهي. ڇو جو ذهن صاف هجي ته مسائل واضح ٿيندا آهن ۽ انھن جو ٻين تائين پھچائڻ آسان ٿي پوندو آهي. جيڪڏهن ذهن الجهيل هوندو ته مسئلا سمجهڻ ۾ مشڪلات پيش ايندي آهي ۽ تحرير ۾ الجهن پيدا ٿيندي آهي. ان لاءِ پرسڪون ذهن گهربل آهي، ڇو جو صحافيءَ جي زندگيءَ ۾ پريشانيون به اينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪم ڏاڍيءَ تيزيءَ سان ڪرڻو پوندو آهي. ائين اعصابن تي ڇڪتاڻ پڻ رهندي آهي. ليڪن جنھن شخص جو ذهن پرسڪون هوندو، سو سمورين حالتن سان مقابلو ڪري سگهندو.
صحافت جو بنيادي منصب اهو آهي ته عوام تائين سموري معلومات هڪي تڪي پھچائي وڃي. انھيءَ لاءِ جيڪي شخص انھيءَ پيشي کي اختيار ڪرڻ چاهين ٿا، تن ۾ هڪ ته تجسس جو جذبو هئڻ گهرجي ته جيئن حالتن جي تھه تائين پھچي سگهن ۽ معلومات جي هر پاسي کي پيش ڪري سگهن. ٻيو کين احساس هئڻ گهرجي ته معلومات صحيح هئڻ گهرجي. جيڪڏهن صحافي معلومت جي صحت جو خيال نه رکندو ته اهو جلد ناڪام ٿي ويندو. ٽيون طرز عمل ۾ اڻ ڌريو هئڻ ضروري آهي. خبرن جي ادارت ۾ اڻ ڌريو رهڻ صحافت جو بنيادي اصول آهي. اداريو لکڻ ۾ جيتوڻيڪ راءِ جو اظھار ڪبو آهي ليڪن ان ۾ به ڪن وقتن تي معلومات  مڪمل ڪرڻ لاءِ حوالن جي ڳولا جي ضرورت نه هوندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ سٺي يادگيري رکڻ وارو شخص ئي فائدي ۾ رهندو آهي .
سڀني کان آخري نقطو آهي؛ ڪم ڪرڻ جو جنون. زندگيءَ جو کڻي ڪھڙو به شعبو هجي، جيستائين ڪم ڪرڻ جو جنون نه هوندو، انسان ڪامياب نه ٿي سگهندو. ڪي اهڙا شعبا به آهن، جن ۾ سست رويي هلڻ سان به ڪم هلي ويندو آهي. ليڪن صحافت جو پيشو اهڙو آهي جو ان ۾ هر ڏينھن نه بلڪ هر لمحي، آزمائش جو مرحلو اڳيان ايندو آهي. تنھنڪري هتي جنون کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. جن شخصن کي صحافت سان واقعي دلچسپي هجي، فقط تن کي ئي ان ۾ پير پائڻ گهرجي.
صحافت جي پيشي لاءِ انھن مڙني صفتن جو هڪ هنڌ گڏ هجڻ ضروري آهي. اهو چوڻ غلط آهي ته جيڪو سٺو اديب آهي، اهو ضرور سٺو صحافي ٿي سگهي ٿو. يا جيڪي شخص ليکڪ آهن يا نقاد آهن، سي صحافت ۾ پڪ ڏاڍا ڪامياب ٿي سگهن ٿا. اديب ۾ تخليقي قوت موجود هوندي آهي، ليڪن کيس ڪيفيت (Mood) ۽ تاثير (Inspiration) جو انتظار هوندو آهي. صحافت ۾ انتظار جي ڪابه گنجائش ڪانھي. وڏا وڏا لکاري، ڀلي کان ڀلا ڪتاب لکن ٿا. سندن منصب جي اهميت جو انڪار به نه ٿو ڪري سگهجي. ليڪن تصنيف ۽ تاليف لاءِ وقت جو قيد ناهي هوندو. صحافت ۾ وقت جو قيد هر وقت چنبڙيل هوندو آهي ۽ اها وڏي آزمائش آهي. مطلب ته جيڪي ماڻھو ادبي حِس رکڻ جي بناءَ تي صحافت ۾ پير پائڻ ٿا چاهين، تن کي پنھنجي ذات کي باقي وصفن جي ڪسوٽيءَ تي به پرکڻ گهرجي ۽ چڱيءَ طرح سوچي سمهجي انھيءَ ميدان ۾ گهڙڻ گهرجي.
صحافت ۽ صحافيءَ جي تشريح ٿيڻ کان پوءِ اچو ته هاڻي اهو ڏسون ته جيڪي خصوصيتون هڪ صحافيءَ ۾ هئڻ گهرجن، سي جناب آزاد صاحب ۾ موجود آهن؟ جيئن ته اسان آزاد صاحب جي لکتن جو غور سان جائزو ورتو آهي ۽ انھن جا نمونا به هتي شامل ڪيا آهن. جنھن مان چڱيءَ طرح اندازو ٿي سگهي ٿو ته آزاد صاحب جي عام معلومات انتھائي وسيع هئي. کيس قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن ۾ دلچسپي، پنھنجي ملڪ جي تاريخي، جاگرافيائي ۽ تھذيبي معلومات جي پوريءَ طرح ڄاڻ هئي. هن هفتيوار ’اتحاد‘ جيڪب آباد ۾ هڪ مضمون لکيو هيو، جيڪو ’ايراني صحافت‘ تي هيو. اها سندن تحرير، وٽن عالمي معلومات جي ڄاڻ هئڻ جي آئينه دار آهي.
اهڙيءَ طرح روزاني هلال پاڪستان سکر (پھرين جون 1973ع) ۾ وچ اوڀر بابت مضمون آهي، جنھن مان چڱيءَ طرح سندن علميت ۽ معلومات جو اندازو ٿي سگهي ٿو.
 آزاد صاحب هيل تائين، هيٺ ڄاڻايل اخبارن ۾ ڪم ڪيو:
1.        هفتيوار نوجوان (جيڪب آباد) 1934ع .
2.        هفتيوار ڪمالِ هند (جيڪب آباد) 1934ع.
3.        هفتيوار ڪانگريس (جيڪب آباد) 1937ع.
4.        هفتيوار صبحِ زندگي (جيڪب آباد) 1942ع.
5.        هفتيوار الحنيف (جيڪب آباد) 1939ع.
6.        روزاني آزاد (ڪراچي) 1941ع.
7.        روزاني الوحيد (ڪراچي) 1943ع.
8.        هفتيوار تنظيم (ڪوئيٽا) 1947ع.
9.        هفتيوار زمانه (ڪوئيٽا) 1947ع.
10.     هفتيوار صبح سنڌ (سکر) 1972ع.
11.     هفتيوار اتحاد (جيڪب آباد) 1947ع.
12.     هفتيوار سنڌ (سکر) 1972ع.
13.     روزاني هلال پاڪستان (سکر) 1973ع.
14.     روزاني اتحاد (جيڪب آباد) 1974ع.
زمانه، صبح سنڌ ۽ سنڌ با تصوير سندن ذاتي اخبارون هيون. جيڪب آباد ۾ پرنٽنگ پريس به قائم ڪئي هئائين.
1948ع ۾ ايراني صحافين جو، ٽي-رڪني وفد پاڪستان آيو هيو، جنھن ۾ آقاءِ احمد ملڪي روزاني ”ستاره“ تھران، آقاءِ مسعودي ايڊيٽر روزاني ”اطاعت“ ۽ روزاني ”ڪيھان“ جو ايڊيٽر آقاءِ عبدالرحمان فرح مرضي شامل هيا. انھيءَ وفد پاڪستان جي صحافين سان ملاقاتون ڪيون ۽ پاڪستان ۾ صحافت جو جائزو رتو. اهي آزاد صاحب سان به مليا ۽ ڏاڍو متاثر ٿيا. وفد ايران واپس موٽي وڃي هڪڙو ڪتاب شايع ڪيو، جنھن جو نالو هيو؛ ”يڪ ماه در پاڪستان“. انھيءَ ڪتاب ۾ انھن پنھنجا تاثرات لکيا، جنھن ۾ آزاد صاحب جو تذڪرو پڻ آهي.
هفتيوار سنڌ سکر، آزاد صاحب جي ذاتي اخبار هئي، جنھن تي هُن ڏاڍي محنت ڪئي. منجهس هر طبقه فڪر جي لاءِ تفريح جو سامان هوندو هيو؛ يعني ادبي صفحو، عورتن جو صفحو، ٻارن جو صفحو، فلمي دنيا، عامي واقعات، ڇا اوهان کي معلوم آهي؟ ديس درشن وغيره وغيره.
انھيءَ اخبار جا عام طور 30 صفحا هوندا هيا ۽ اخبار جو دائرو پوريءَ سنڌ ۾ ڦھليل هيو.
آزاد جي اداريه نگاري
ڪنھن زماني ۾ اداريه نگاري صرف ايڊيٽر جو ڪم هيو. اڄ به دنيا اندر ننڍين ننڍين اخبارن ۾ ساڳي صورت آهي. براعظم پاڪ و هند جي اردو/ سنڌي اخبارن ۾ ايڊيٽر ئي اداريه لکندا آهن. ليڪن هاڻي صحافت جي ترقيءَ سان، گڏوگڏ ايڊيٽر جا فرائض به بدلجي ويا آهن. هاڻي اخبارن ۾ جيڪي اداريه شامل هوندا آهن، تن مان ورلي ڪو اداريو ايڊيٽر جو لکيل هوندو آهي. هاڻي اداريه نگاري جن ڪارڪنن کي سونپيل هوندي آهي، سي يا ته معاون مدير سڏرائن ٿا يا کين ”اداريه نگار“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جڏهن صحافت اڃا شروعاتي مرحلن ۾ هئي ته اداريه نگاريءَ جا موضوع سياست ۽ ڪن شھري مسئلن تائين محدود هيا، جنھن ڪري اداريه نگاري به ساڳئي ئي شخص کي سونپيل هوندي هئي. هاڻي ادارت جي موضوعن جو دائرو گهڻو وسيع ۽ گهڻ-رُخو آهي ۽ ڪن موضوعن تي قلم کڻڻ لاءِ ته مھارت درڪار آهي. انھيءَ ڪري هاڻي وڏين اخبارن ۾ اداريه نگارن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي. ترقي يافته ملڪن جي تمام وڏين اخبارن ۾ اداريه نگارن جي پوري ٽيم شامل هوندي آهي. جنھن ۾ هر شخص پنھنجي موضوع ۾ ماهر جي حيثيت رکندو آهي. انھيءَ ڪري اتي اداريه نگاريءَ جو معيار تمام گهڻو بلند هوندو آهي. اسان وٽ اهو ڪم ٻن ٽن صحافين جي ذمي ڪيل هوندو آهي ۽ جيئن ته انھن لاءِ اهو ممڪن ناهي ته هر موضوع تي مھارت حاصل ڪري سگهن، تنھن ڪري اداريه نگاريءَ جو معيار بلند ناهي.
هڪ سٺي اداريه نگار ۾ هيٺ ڄاڻايل وصفن جو هجڻ ضروري آهي.
1.        اخبار جي پاليسيءَ جي پوريءَ طرح ڄاڻ هجيس. ڇو جو اداريي ۾ ذاتي راءِ نه بلڪ اخبار جي راءِ پيش ڪرڻي هوندي آهي. سندس خيالن ۾ ايتري لچڪ هئڻ گهرجي جو خلوص ۽ ديانت سان اخبار جي پاليسيءَ جي عڪاسي ڪري سگهي.
2.        وسيع علم رکڻ واري قابليت ضروري هجيس؛ جھڙوڪ تواريخ، جاگرافي، سياست، معاشيات ۽ ٻين عمرانياتي علمن ۾ دسترس حاصل هجيس.
3.        مطالعو وسيع هجيس ۽ مطالعي جي عادت جنون جي حد تائين هجيس. اخبارون، رسالا ۽ حالات حاضره جا ڪتاب مطالعي هيٺ هجنس ته جيئن علم جون شاخون وسيع ٿين ته گڏوگڏ هن جي معلومات جو دائرو به وسيع کان وسيع تر ٿيندو وڃي.
4.        محقق ذهن جو مالڪ هئڻ گهرجيس ۽ محنت به محقق وانگر ڪري سگهي. ڇو جو اداريه نگاريءَ ۾ سدائين اهڙا مرحلا به ايندا آهن جنھن ۾ اداريه نگار کي ڪنھن واقعي جي تھه تائين پھچڻ لاءِ حوالن لاءِ ڪتاب ۽ اعداد شمار لاءِ اخبارون اٿلائڻيون پونديون آهن.
5.        پڙهندڙ جي نبض تي به هٿ هجيس. کيس معلومات هجي ته عام ماڻھو ۽ خاص ماڻھو موجوده مسئلن کي ڪھڙي رنگ ۾ ڏسن ٿا. انھيءَ ڪم جون ڏکيائون واضح آهن ۽ وڏين اخبارن ۾ ته پڙهندڙ جي راءِ معلوم ڪرڻ جي لاءِ تحقيقي ادارا قائم هوندا آهن. بھرحال انھن کان بغير به ڪم ڪڍي سگهجي ٿو، بشرطيڪ اداريه نگار کي انھيءَ ڏِس ۾ ڪا رڪاوٽ نه هجي. ڇو جو هو ڪڏهن ڪڏهن دوستن يارن، سياسي ۽ معاشرتي ڪارڪنن، مختلف علمن جي ماهرن ۽ عام ماڻھن سان خيالن جي ڏي-وٺ ڪندو رهندو آهي.
6.        مسئلن جي اهميت بابت اندازو لڳائڻ جي صلاحيت موجود هجيس. کيس معلوم هجي ته ڪھڙو موضوع اهڙو آهي جيڪو کڻڻ ضروري آهي ۽ ڪھڙن تي واقعاتي ننڍڙا اداريه لکي سگهجن ٿا. ٿورن لفظن ۾ اهو چئجي ته خبرن جي اهميت کي پرکي سگهي.
7.        جيئن ته کيس ڏيھاڙي مختلف رخن وارن مسئلن تي توريل تڪيل راءِ پيش ڪرڻي هوندي آهي، تنھنڪري سندس لاءِ خبردار رهڻ ضروري آهي. اها وصف هئڻ گهرجيس ته ٿورڙي کان ٿورڙي وقت ۾ گهڻي کان گهڻو ڪم ڪري سگهي.
8.        جيئن ته اداريه نگاريءَ جو هڪڙو وڏو مقصد اهو آهي ته پڙهندڙن ۾ مسلسل سوچڻ جي عادت وڌي وڃي، جنھن لاءِ اداريه نگار ۾ هيءَ خصوصيت هئڻ ضروري آهي ته هو مسئلن تي جهٽ سوچي سگهي ۽ گهٽ وقت ۾ سوچي سگهي.
9.        منطق ۾ دسترس حاصل هجيس. ڇو جو جيستائين دليل دلائل پيش نه ڪري سگهندو، تيستائين پنھنجي پڙهندڙن جي راءِ تي اثر انداز نه ٿي سگهندو.
10.     سادو ۽ سليس ليڪن دليلن تي مبني نثر لکي سگهي. سندس تحرير ايڏي بلند پايي جي هجي جو تقرير جو گمان لڳي ۽ نه وري ايتري ڳتيل هجي جو پڙهڻ تي ارواح ئي نه ٿئي. سندس بيان جو انداز جاندار ۽ وڻندڙ هئڻ گهرجي.
11.     مبلغانه جذبي سان گڏوگڏ ڪم جي قابليت رکندڙ هجي ۽ خبر هجيس ته معاشري جي خدمت ڪري رهيو آهيان.
12.     ملڪي قانون، صحافت سان لاڳو قانون، صحافت جي ضابطه اخلاق ۽ قومي مصلحتن جي پوري پوري ڄاڻ هجيس.
13.     فڪر ۽ بيان جو انداز سائنسي هئڻ گهرجيس ته جيئن تصوير جي ٻنھي پاسن کي پيش ڪندي اڻ ڌريي انداز ۾ راءِ پيش ڪري سگهي.
جيڪڏهن اهي سموريون خوبيون ڪنھن اداريه نگار ۾ ڪٺيون هجن ته اهو مثالي اداريه نگار ٿي سگهي ٿو. ليڪن اها ڳالهه واضح آهي ته انھن مڙني خوبين جو هڪ جاءِ ڪٺو هئڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. بھرحال وقت گذرڻ سان گڏ، اداريه نگار جون خوبيون نکرنديون وينديون آهن ۽ تجربي سان سندس شخصيت پختي ٿئي ٿي.
آزاد صاحب جا اداريه ظاهر ڪن ٿا ته سندس تحرير سليس، عام فھم ۽ سادي سودي هوندي هئي. جيڪا هڪ طرف پڙهندڙ کي سوچڻ جي عادت وجهندي هئي ته ٻئي طرف ان جو حل به ٻڌائيندي هئي. هفتيوار سنڌ ۾ سندن اداريه، گهڻو ڪري معلوماتي هوندا هيا. سندن انتخاب پوري هفتي جي انھن اهم خبرن ڏانھن هوندو هيو جنھن ۾ عام ماڻھوءَ جي دلچسيءَ يا ان جي متاثر ٿيڻ جو تذڪرو هوندو هيو. عام طور سندس نظر مسئلن ۽ انھن جي حل ڏانھن هوندي هئي. کيس اندازو هيو ته اسان ترقي پذير ملڪ ۾ رهون ٿا تنھن ڪري هر فرد ڪنھن نه ڪنھن پريشانيءَ جو شڪار آهي.
هُن پنھنجي صحافتي دور ۾ زمانه ”اتحاد“، ”صبح سنڌ“ ۽ ”سنڌ“ جي لاءِ ڏاڍي جاکوڙ ڪئي. انھيءَ مناسبت سان اداريه به انھن اخبارن لاءِ ججها لکيائين.
روزاني ”اتحاد“ ۾ هڪ اداريو هيو؛ ”اسان جو نئون نسل ڪڏهن سجاڳ ٿيندو؟“. ٻئي اداريي جو عنوان هيو؛ ”سجاڳ پاڪستان“.ٽئين اداريي ۾ پاڻ لکيائين؛ ”جيڪب آباد ضلعي کي صنعتي ترقيءَ کان ڪيستائين محروم رکيو ويندو. اسان جا اسيمبلي ميمبر ۽ نوجوان وزير جواب ڏين“. ان مان توهان سندس اداريه جي بيباڪيءَ جو اندازو هڻي سگهو ٿا. سندس اداريه لکڻ جو مقصد ئي اهو هيو ته اهڙن مسئلن جي نشاندهي ڪئي وڃي جن جي ڪري عام ماڻھو متاثر ٿي رهيو آهي. تنھن ڪري حڪومت جو ڌيان ڇڪائي، انھيءَ مسئلي کي حل ڪيو وڃي.
آزاد صاحب جي اداريي جي ٻي خصوصيت اها هئي ته هو تصوير جا ٻئي رخ پيش ڪندو هيو ۽ اڻ ڌريي انداز ۾ پنھنجي راءِ جو اظھار ڪندو هيو.
ڪالم لکڻ
هر اخبار ۾ ڪي مستقل عنوان هوندا آهن، جن مان ڪن تحت خبرون، اعلان يا معلومات پيش ڪئي ويندي آهي ۽ ڪن تحت مزاحيه، نيم مزاحيه، ديني، طبي ۽ سائنسي پس منظر وارو مواد ڏنو ويندو آهي. مؤخر الذڪر مستقل عنوانن کي صحافتي اصطلاح ۾ ڪالم چئبو آهي ۽ لکندڙ لاءِ ڪالم نويس يا ڪالم نگار جو اصطلاح رائج آهي. ڪالم نويس گهرجي ته پنھنجو اصلي نالو ڏئي ڇڏي يا چاهي ته قلمي نالو اختيار ڪري. ڪالم نويس جي هڪ اهم شاخ، تبصره نگاري سان تعلق رکي ٿي. جنھنجو ذڪر هڪ الڳ جاءِ تي ڪبو.
اڄ کان لڳ ڀڳ اڌ يا مني صدي اڳي، اردو/ سنڌي صحافت ۾ ڪالم جي صنف گهڻو تڻو اڻ لڀ هئي. پھرين مزاحيه صحافت جي شروعات ٿي ۽ چند سالن جي اندر اندر اها اردو/ سنڌي صحافت جزوِ لاينفع بڻجي وئي. پوءِ ”دلچسپ معلومات ۽ اقتباسات“ جا هفتيوار مستقل عنوان سان سائنسي ۽ نيم سائنسي ۽ دلچسپ جاگرافيائي معلومات پيش ٿيڻ لڳي. ان کانپوءِ ”گرد و پيش“ ۽ ”پس منظر“ جي عنوانن تحت ڪي اخبارون، خبرن ۾ اچڻ وارن مقامات، شخصيت ۽ اصطلاحن جي تشريح بيان ڪرڻ لڳيون. ان کانپوءِ ”ڊائريءَ“ جو رواج پيو، جنھن ۾ نيم مزاحيه ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنجيده انداز ۾ سياسي ۽ تھذيبي واقعات ۽ رجحانات تي تبصره ٿيڻ لڳا. انھيءَ ”ڊائريءَ“ مان اها تبصره نگاري اڀري نڪتي جنھن ۾ شھر جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تھذيبي مجلسن جو حال، منظر عام تي اچڻ لڳو ۽ جڏهن صحافت عوام جي آڏو آئي ته اهڙا ڪالم به مستقل طور تي ڏنا ويا، جن ۾ ديني، طبي ۽ قانوني معلومات پيش ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح صحافتي موضوعن جو دائرو وسيع تر ٿيندو ويو.
ڪالم نويسيءَ جو ٻيو فائدو هيءُ ٿيو جو شخصي صحافت هڪ نئين روپ ۾ اڳيان اچي وئي. اڄ کان پنجاهه ساٺ سال اڳي، پوري صحافت؛ شخصي صحافت هئي. اخبار پنھنجي ايڊيٽر ۽ پنھنجي مالڪ جي نالي سان هلندي هئي. جنھن ڪري مٿس ايڊيٽر جي شخصيت جي گھري ڇاپ هوندي هئي. جڏهن صحافت پکڙي ۽ ان جي مختلف پاسن ترقي ڪئي ته اخبار جي ڪم جو دائرو وسيع تر ٿيو. ائين ايڊيٽر جي شخصيت اخبار جي شخصيت ۾ گم ٿيڻ لڳي. هيڏانھن اهو عمل جاري هيو، هوڏانھن ڪالم نويس جي روپ ۾ شخصي صحافت هڪڙي نئين انداز ۾ نمودار ٿي پئي. وري اهو انداز اهڙو آهي، جو ڪڏهن ناپيد نه ٿيندو، ڇو جو ماڻھو فقط خبرون، اداريه ۽ فيچر نه ٿا چاهين، اهي اهو به چاهين ٿا ته اخبار ۾ ڪي شخص ساڻن اڪيلي ۾ سڌو سنئون مخاطب ٿين.
ڪالم نويس جون ڪي صنفون اهڙيون آهن جن ۾ تربيت حاصل ڪري هڪ صحافي پنھنجا فرائض خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏيئي سگهي ٿو. مثال طور؛ ڊائريءَ کي ئي وٺو، جنھن ۾ سياسي ۽ تھذيبي واقعات ۽ رجحانات تي تبصرو ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اخبارنويس جو مشاھدو تيز هجي ۽ منجهس واقعات ۽ رجحانات جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ڏانءُ موجود هجي ۽ ٻوليءَ تي به عبور حاصل هجيس ته هو ڊائري لکي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح شھر جي علمي، ادبي، تھذيبي ۽ ثقافتي مجلسن جو احوال مرتب ڪرڻ جي لاءِ ڪنھن مشڪل مرحلي اختيار ڪرڻ جي ضرورت نه ٿيندي آهي. جيڪڏهن صحافت جون بنيادي قابليتون موجود هجن ته اهو ڪم به خوش اسلوبيءَ سان نباهي سگهجي ٿو.
انھيءَ نظريي تحت جيڪڏهن اسان آزاد صاحب جو غور سان مطالعو ڪيون ته اها ڳالهه اڳيان اچي ٿي ته صحافت سان لاڳيتي وابستگيءَ سبب آزاد صاحب، بحيثيت ڪالم نويس به مانائتيون خدمتون انجام ڏنيون آهن. هلال پاڪستان سکر ۾ هڪ مستقل ڪالم ”سچيون ڳالھيون“ گامون سچار جي فرضي نالي سان لکندو هيو، جيڪو ڏيھاڙي شايع ٿيندو هيو. انھيءَ ۾ چٿر به هوندي هئي ۽ مزاح جو پۡھلو پڻ هوندو هيو. اهڙيءَ طرح آزاد صاحب پنھنجي هفتيوار ”سنڌ“ ۾ اسلامي تعليمات جو ڪالم، مستقل لکندو هيو، جيڪو مسلمانن جي تواريخ تي مبني هوندو هيو. انھيءَ کان علاوه ٻيو ڪالم، ”هفتي جو ويچار“ جي عنوان سان ”سنڌ“ ۾ ڇپبو هيو، جنھن ۾ هو پوري هفتي جي مکيه مکيه خبرن تي تبصرو ڪندو هيو. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته آزاد صاحب، صحافت جي هر شعبي ۾ مھارت رکندو هيو. انھيءَ جو اهم سبب اهو هيو ته سندس مطالعو وسيع هيو. ايڏو ذهين هيو جو وقت ۽ موقع جي نزاڪت کي يڪدم سمجهي ويندو هيو ۽ هر انھيءَ ڳالهه کي قلمبند ڪندو هيو جنھن جي صحافت کي ضرورت هئي.
ڪالم لکڻ جي لاءِ جنھن معيار جي ضرورت هوندي آهي، انھيءَ تي ڪنھن حد تائين آزاد صاحب پورو لٿو ۽ ان جو سبب محض هيءُ هيو ته هو لاڳيتو صحافت سان واڳيل رهيو.
فيچر نگاري
فيچر  (Feature)  جو اصطلاح گهڻن ئي مضمونن ۾ رائج آهي. مثال طور جيڪڏهن ڪنھن خبر جي هڪ پَھلوءَ کي نمايان ڪرڻ مقصود هجي ته ايڊيٽر پنھنجي ماتحت ڪارڪن کي چوندو آهي ته هن پھلوءَ تي فيچر ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪو شخص اهڙي خبر آڻي، جنھن ۾ انساني دلچسپيءَ جا خاص پَھلو موجود هجن ۽ ڊرامائي پيشڪش جو امڪان موجود هجي ته چيو ويندو آهي ته انھيءَ جو فيچر ٺاهيو. مستقل عنوانن تحت جيڪي خاص ڪالم ڏنا وڃن ٿا، تن کي مستقل فيچر سڏبو آهي. فيچر انھيءَ مضمون کي چئبو آهي، جنھن جي اسلوبِ تحرير ۾ نيم ڊرامائي، داستانيءَ ۽ پڙهندڙ سان سڌو سنئون گفتگوءَ جو انداز، نمايان هجي. اها هڪ اهڙي بي تڪلفي ۽ بي ساختگيءَ سان آراسته هجي، جنھنکي پڙهڻ لاءِ هر شخص جي دل گهري. مطلب ته فيچر ۾ ابلاغ کي آسان ۽ همه-گير بڻايو ويندو آهي.
اوائل ۾ اخبارن ۾ حالات حاضره تي جيڪي مقالا شايع ڪيا ويندا هيا، تن ۾ معلومات جو انبار ڪٺو ڪيو ويندو هيو. ليڪن تحرير جي اسلوب تي انھيءَ نقطه نگاهه کان زور نه ڏنو ويندو هئو ته جيئن ان سان دلچسپيءَ ۾ اضافو ٿئي. جڏهن مقصد اهو ٿيو ته اخبارون عوام تائين پھچن ۽ انھن جي اشاعت وڌي ته اهو به محسوس ٿيو ته زبان سادي هجي، اسلوبِ تحرير ۾ ڪشش هجي ته جيئن گهڻي کان گهڻا ماڻھو، مضمونن جو مطالعو ڪن. اتان فيچر جي شروعات ٿي. ليڪن گهڻي عرصي کان پوءِ فيچر ۽ عام مضمونن ۾ فرق وڌيو ۽ ٻنھي کي الڳ الڳ صنف تسليم ڪيو ويو. جيتوڻيڪ وڏي ۾ وڏا مضمون به ڇپجندا رهيا ۽ فيچر به. اهو به تصور عام هيو ته فيچر صرف هلڪن ڦلڪن موضوعن تي لکڻ گهرجي ۽ وڏن وڏن سنجيده مسئلن تي مقالا، پراڻي انداز ۾ لکيا وڃن. اڳتي هلي صحافين محسوس ڪيو ته جيڪڏهن کين عوام جي دلين تائين پھچڻو آهي ته ضروري آهي ته اها ڳالهه ائين چئي وڃي ته جيئن هر شخص جي سمجهه ۾ ويھجي وڃي ۽ منجهانئس لطف اندوز به ٿئي. تنھن ڪري وڏن، ضخيم ۽ ڳوڙهن صفحن وارن مقالن جي اشاعت گهٽجي وئي. وڏي کان وڏي ۽ ڳُوڙهي کان ڳوڙهي مسئلي تي به فيچر لکيا وڃڻ لڳا. اڄ ساري دنيا ۾ صحافي جو اهو ئي انداز ٿي ويو آهي؛ اخبار عوام پسند هجي يا خواص پسند، گهڻ اشاعتي هجي يا محدود اشاعتي، فيچر نگاريءَ تي خاص زور ڏنو وڃي ٿو. سچ پڇو ته هاڻي دنيا جي سمورن علمي حلقن، انھيءَ حقيقت کي مڃي ورتو آهي ته ڏکئي کان ڏکين هنري (Technical)  مسئلن تي به عام فھم ٻوليءَ ۾ مضمون لکڻ گهرجن. ڇو جو مقصد به اهو ئي آهي ته گهڻي کان گهڻن ماڻھن تائين پھچي.
ڪنھن نئين/ سيکڙاٽ صحافيءَ کي جيڪڏهن چئجي ته؛ ”ڪو فيچر لک“ ته اهو فوراً پڇندو؛ ”ڪھڙي موضوع تي لکان؟“ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کيس انھيءَ سوال جي حاجت ئي نه هجي ۽ هو خود سوچي سگهي ته ڪھڙا ڪھڙا اهي موضوع آهن جن تي فيچر لکي سگهجن ٿا. اها صلاحيت پيدا ڪرڻ جو هڪڙو طريقو آهي، ان لاءِ اخبارن جو مطالعوڪري ۽ پنھنجو پاڻ کان هيٺيان سوال پڇي؟
1.        اڄ جا اهي ڪھڙا گرما گرم موضوع آهن جن بابت ماڻھو وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ گهرن ٿا.
2.        اهڙيون خبرون ڪھڙيون ڪھڙيون آهن، جيڪي بظاهر گهڻيون اهم ناهن ليڪن سندن ڪي اهڙا پھلو آهن جن بابت ماڻھو گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ چاهين ٿا.
3.        خبرن ۾ ايندڙ واقعن ڏانھن جيڪي اشارا ڪيا ويا آهن، سي ان امر جا گهرجاؤ آهن ڇا ته مٿن فيچر لکيو وڃي ته جيئن جڏهن اهي واقعا وجود ۾ اچن ته ماڻھو انھن جي اهميت سمجهي سگهن!
آزاد صاحب روزاني ”اتحاد“ جيڪب آباد ۽ روزاني ”هلال پاڪستان“ سکر ۾ مستقل طور فيچر لکيا. وقت ۽ ضرورت جي مطابق مختلف موضوع قلم هيٺ آندائين جن جا تعميري پھلو هوندا آهن. ان کان علاوه، پنھنجي هفتيوار ”سنڌ“ سکر ۾ فيچر لکڻ جو سلسلو جاري ڪيائين. عورتن جي صفحتي تي، ”ايران جي جون آف آرڪ؛ طاهر قرة العين“ جي عنوان سان فيچر لکيائين. اهڙيءَ طرح روزاني ”اتحاد“ جيڪب آباد ۾، ”هي جيڪب آباد آهي يا غلاظت آباد“ جي عنوان سان انھن واقعن تي روشني وڌائين جن کان انتظاميه يا بي خبر هئي يا انھن کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪندي پئي آئي. بھرحال انھن لکتن جو مڙئي خاطر خواه اثر ٿيندو هيو ۽ مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي هئي. قصو ڪوتاه، آزاد صاحب جون خدمتون بحيثيت فيچر نگار جي به قابل قدر آهن جن کي نظر انداز ڪرڻ، صحافت سان نا انصافي ٿيندي.
آخري ڳالهه
جناب برڪت علي آزاد جي زندگيءَ جو، اڳ کان آخر تائين، مطالعو ڪرڻ  مان معلوم ٿيو ته آزاد صاحب پنھنجي ڪامياب زندگي گذاري آهي. سياست ۾ رهيو ته عزم سان، سماجي خدمتون انھيءَ انداز سان ڪيائين جو ٻين جو درد پنھنجو درد سمجهيائين، ادب جي ميدان ۾ آيو ته ادب ڦھلائڻ جو جذبو جنون جي حد تائين ۽ صحافت ۾ قدم رکيائين ته پنھنجو الھه تلھه مٿس قربان ڪري ڇڏيائين.
منھنجو مشاهدو اهو آهي ته اهڙا ماڻھو گهٽ پيدا ٿيندا آهن جيڪي هر شعبي ۾ ايڏا محو ٿي وڃن جو کين پنھنجي وجود جو احساس به نه رهي.
مددي ڪتاب:
1.        خورشيد، عبدالسلام، ڊاڪٽر؛ فنِ صحافت.
2.        خورشيد، عبدالسلام، ڊاڪٽر؛ داستان صحافت.
3.        خورشيد، عبدالسلام، ڊاڪٽر؛ صحافت ۽ پاڪ و هند.
4.        حجازي، مسڪين، پروفيسر؛ فن ادارت.
5.        حجازي، مسڪين، پروفيسر؛ صحافتي زبان.
6.        جي ايم سيد؛ اڄ پڻ چِڪيم چاڪَ.
7.        وفائي، علينواز؛ يادگر مولانا وفائي.
8.        آزاد، برڪت علي، مترجم، نوجوانن ڏانھن.
9.        گوبند؛ سرد آهون.
10.     اخبارون: روزاني هلال پاڪستان سکر ۽ اتحاد جيڪب آباد، هفتيوار سنڌ سکر ۽ اتحاد جيڪب آباد.
11.     برڪت علي صاحب سان روبرو ملاقاتون پڻ.

(ايم اي صحافت لاءِ لکيل مونو گراف سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سال 83-1982ع)

No comments:

راءِ ڏيندا