; سنڌي شخصيتون: شير ميربحر - ذوالفقار خاصخيلي

18 March, 2011

شير ميربحر - ذوالفقار خاصخيلي


 شير ميربحر 
رستم سنڌ پهلوان
- ذوالفقار خاصخيلي

سنڌ جي قومي ملهه جو سدا حيات پهلوان رستم سنڌ شير ميربحر، ۲۱ جون ۱۹۲۴ع ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سندس سڄو ڌيان ملهه جي طرف هو. شروعاتي دور ۾ ننڍن ملاکڙن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ان وقت ۾ سنڌ ليول تي نئون ديرو ضلع لاڙڪاڻو ۾ زبردست ملاکڙو ٿيو، جنهن ۾ هن پهلوان پهرين جوڙ جي مشهور ملهه پهلوان اقبال جوڳي، پنڃل مهر ۽ هنڊال مڪراني کي شڪت ڏئي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀاءُ امداد علي ڀٽو طرفان رکيل انعام حاصل ڪيو.


رستم سنڌ پهلوان شير محمد ميربحر ۳۲ سالن تائين ملهه جي ميدان ۾ ناقابل شڪست رهيو. هن ڪيترن ئي ملڪي ۽ غير ملڪي پهلوانن کي شڪست ڏئي ”رستم سنڌ“ جو ٽائٽل حاصل ڪيو، جيڪو آخر تائين سندس نالي جو حصو رهيو.. ۱۹۶۲ع ۾ هالا دنگل ۾ چيڪو سلاويه جي پهلوان ذبيسڪو کي شڪست ڏني. هن ملاکڙي جو اهتمام مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ ڪيو. بعد ۾ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ هندستان جي پهلوان گرنام سنگهه کي شڪست ڏني. ان کانپوءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ انگلينڊ جي پهلوان آسٽن جيري کي شڪست ڏئي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو.
رياست خيرپور جي والي مير علي مراد خان ٽالپر فيض محل ۾ هڪ ملاکڙو منعقد ڪرايو جنهن جومهمان خاص ان وقت جو صدر پاڪستان فيلڊ مارشل محمد ايوب خان هو.
 ان ملاکڙي ۾ پهلوان شير ميربحر افغانستان جي پهلوان قطب خان سميت ٽن پهلوانن کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن تي ايوب خان کي مجبور ٿي چوڻو پيو ته شير واقعي شير آهي.
رستم سنڌ پهلوان شير محمد ميربحر سنڌ جي هلندڙ گهمندڙ ثقافت هئي پاڻ لڳاتار سنڌ جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ ملاکڙن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري ملهه جي ميدان ۾ نوان رڪارڊ قائم ڪيا.
عوامي دور جي حاڪم شهيد ذوالفقار ڀٽو سندس خدمتن کي مدنظر رکندي ۱۹۷۴ع ۾ کيس ملهه جو قومي ڪوچ مقرر ڪيو هو. پر ۱۹۷۷ع ۾ عوامي حڪومتن کي ختم ڪندڙ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق سندس قومي ڪوچ وارو عهدو ختم ڪري ڇڏيو، جيڪو بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل تي بحال ڪيو ويو.
ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي سڄي زندگي ۽ قوم جي خدمت ڪندي گذري ان سان اهو سلوڪ ڪيو ويو جو سندس مالي مدد ڪرڻ ڪرڻ بجاءِ سندس روزگار به ختم ڪيو ويو، لڳاتار ۹ مهينن جي علاج کانپوءِ ۲۸ مارچ تي سنڌ جو هي انمول هيرو اسان کان جدا ٿي ويو ۽ ويندي ويندي شڪايت ڇڏي  ويو ته مان ته سڄي زندگي ملڪ جي خدمت ڪندي گذاري پر مون سان اهو سلوڪ ڪيو ويو ته مان هڪ سنڌي پهلوان هئس.
پر زندگي جي هن آخري سفر ۾ ڪنهن ڪنهن سان شڪايتون ڪجن. شال هي شخص حورن جي هنجن ۾ هجي. سنڌ سدائين هن شخص کي ياد رکندي.

No comments:

راءِ ڏيندا