; سنڌي شخصيتون: پرمانند ميوارام - شوڪت حسين شورو

12 March, 2011

پرمانند ميوارام - شوڪت حسين شورو

پرمانند ميوارام
سنڌي نثر نگاريءَ جو ايڊيسن!
شوڪت حسين شورو
سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورتخطي ٺهڻ کان پوءِ جيڪو اوائلي نثر لکيو ويو، ان دور جي ليکڪن کي سنڌي نثر جا چار ٿنڀا سڏيو وڃي ٿو. انهن ۾ سرواڻ واري حيثيت ميرزا قليچ بيگ کي حاصل آهي ۽ ساڻس گڏ باقي ٽي ٿنڀا ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي، رشي ڏيارام گدومل ۽ پرمانند ميوارام آهن. پرمانند ميوارام نه رڳو اوائلي سنڌي نثر جو هڪ ٿنڀو آهي، پر نثر جي اوائلي دور کي وچولي دور کان الڳ ڪرڻ واري چائنٺ به آهي، مضمون نگاري ۽ لغت نويسي ۾ پرمانند ميوارام سنڌي زبان جو هڪ اهم اديب ليکيو وڃي ٿو.


پرمانند ميوارام رامچنداڻي جو جنم 1866ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. هن شروعاتي تعليم ڪرسچن اسڪول ۾ حاصل ڪئي، پر پوءِ ڪن سببن جي ڪري هو انگريزي پنجين درجي کان وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. ڪجهه وقت سرڪاري نوڪريءَ ۾ رهيو، پر هن گهڻو عرصو ماستري ڪئي. ڊاڪٽر گربخشاڻي سندس پيارو شاگرد هو، جنهن کي هن سنڌيءَ ۾ لکڻ لاءِ همٿايو هو. پرمانند عيسائي مذهب اختيار ڪيو. هو خدا ۾ ايمان رکندڙ، اوچي اخلاق وارو انسان هو. طبيعت جو نهٺو، درويش مزاج ۽ يار ويس ماڻهو هو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ پنهنجين ساروڻين ۾ لکيو آهي ته کيس سندس پيءُ ٻڌايو هو ته پرمانند جو پيءُ مسلمان ٿيو هو. ميوارام پروفيسر ملڪاڻيءَ جي پيءُ جو مامو هو. پروفيسر ملڪاڻيءَ پرمانند بابت لکيو آهي: ”ٻئي چوٿين ڏينهن اسان جي گهر ايندو هو ۽ پنهنجي ماسيءَ (منهنجي ڏاڏيءَ) سان اوڀاريون لهواروين ڪندي، پنهنجي کيسي مان چوپڙي ڪڍي هوءَ جيڪي به محاورا ۽ اصطلاح، چوڻيون ۽ پهاڪا ڪم آڻيندي هئي، سي نوٽ ڪندو هو.“ پروفيسر ملڪاڻيءَ جو پيءُ زميندار هو. پرمانند ساڻس گڏجي ٻنيءَ تي ويندو هو ته اتي هارين نارين ۽ ڪمدارن ڪاراون جا گفتا لکندو ويندو هو. اهڙي ريت سنڌ جو سفر ڪندي، سالن جي ڪشالن کان پوءِ هن پنهنجون ٻه مشهور سنڌي-انگريزي ۽ انگريزي-سنڌي ڊڪشنريون جوڙيون. پرمانند ميوارام ”جوت“ مخزن ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. 1900ع کان ”جوت“ جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ان کي پنهنجي وفات تائين پورا چاليهه سال چالو رکندو آيو. ”جوت“ هر ٻئين هفتي نڪرڻ واري ننڍڙي اخبار هئي، جنهن جا چار صفحا هوندا هئا. ٿورن صفحن هجڻ سبب ان ۾ ڇپجندڙ ليک به هميشه ننڍا هوندا هئا. ڪو به ليک 2-3 صفحن کان وڏو نه هوندو هو، پرمانند ”جوت“ جو پرچو شايع ٿيڻ سان سويل صبح جو پيدل نڪري پوندو هو ۽ مٽن مائٽن، يارن، دوستن جي گهرن ۾ هٿئون هٿ پرچو پهچائي ايندو هو. ”جوت“ اصل ۾ عيسائي مذهب جي ڦهلاءَ لاءِ ڪڍي هئائين. ان ۾ اڪثر مضمون عيسائي اصولن ۽ شخصيتن تي لکيل هوندا هئا. ڪن ۾ ڪرستاني متن تي اُتساهه وچان اُپٽار ڪندي ڪڏهن ڪڏهن هندو ڌرم جي اصولن تي تنقيد پڻ ڪندو هو، پر ان موضوع تي ايندڙ جواب پڻ کليءَ دل سان ڇپيندو هو. اهڙي طرح ڪيترن ڌرمي مسئلن جي ”جوت“ ۾ ڇنڊڇاڻ ٿيندي هئي. جوت ۽ پرمانند ڄڻ هڪ ئي شخصيت جا ٻه نالا هئا. ماڻهو کيس پرمانند جوت وارو سڏيندا هئا. هو ”جوت“ ۾ پاڻ ته لکندو ئي هو، پر نون لکندڙن کي به لکڻ لاءِ همٿائيندو هو. پرڀياس ڀيرو مل (ڪاڪي ڀيرو مل مهر چند جو پٽ)، پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي ۽ ديوان واڌو مل گنگا رام جا مضمون پهرين ”جوت“ ۾ شايع ٿيا، پوءِ اهي مشهور  ليکڪ بڻيا. پرمانند پنهنجي نوجوان ماروٽ منگها رام ملڪاڻيءَ کي به سنڌيءَ ۾ لکڻ لاءِ همٿائيندو هو.
پرمانند ميوارام جو نثر بنيادي طرح سان ”صحافتي ادب“ جو نمونو آهي، جنهن جو مقصد هوندو آهي، ٿوري ۾ ۽ جلد گهڻن پڙهندڙن تائين  پنهنجي ڳالهه کي اثرائتي ڍنگ سان پهچائڻ. ان لحاظ کان پرمانند ميوارام کي سنڌيءَ جو اوائلي ڪالمسٽ پڻ چئي سگهجي ٿو. هن جا مضمون اڪثر ڪري ڌرمي، اخلاقي، تعليمي، سائنسي، تاريخي ۽ سماجي موضوعن تي لکليل هوندا هئا. تنهن کان سواءِ اعليٰ شخصيتن جون مختصر جيونيون به لکندو هو، سئر سفر جا دلچسپ بيان ڪندو هو. مزيدار ٽوٽڪن ۽ پرولين وسيلي سنڌي ادب ۾ جا مذاق جي کوٽ هئي، سا پوري ڪيائين. هن جن موضوعن تي مضمون لکيا، تن ۾ جيو-جنتو (پکي، نانگ، ڪوئل، ماڪوڙيون، جيت، ماکيءَ جي مک، پلو، ڪوريئڙو وغيره) تاريخي هنڌ، (برهمڻ آباد، ڪاهوءَ جو دڙو، دهليءَ ۾ بادشاهن جا محلات وغيره) شڪار (شڪار ڪندڙ پکي، مير علي مراد جو شڪار، ڪوريئڙو شڪار ڪيئن ٿو ڪري وغيره)، قدرت جا نظارا (سج، خلقت تي اسرار جو تاثير)، اخلاق سان واسطو رکندڙ موضوع (صبر، جتين جو سينڱ، سج-ٻه پاڇا، ڌيرج ۽ حليمائي، هٺ، خوشامد، ضمير وغيره)، شخصيتن تي (سر چارلس نيپئر، سر ٿامس مور، منشي آوتراءِ صاحبراءِ، مرزا جي رُويا وغيره)، جهنگ جو شئل شڪار، سارنگ ساوڻ لايا وغيره. پرمانند ميوارام جي ڪوشش اها ئي رهي ته هر مضمون مان سکيا ۽ سبق حاصل ڪرڻ جا نقطا ڳولي ڪڍي. ”جوت“ ۾ ڇپيل پرمانند جا ليک سهيڙي ڪتابي صورت ۾ ”گل ڦل“ جي نالي سان ڇپيا ويا. سندس ٻيو ڪتاب ”دل بهار“ آهي، ان ۾ به ”جوت“ مان ڪٺيون ڪيل وندرائيندڙ ۽ نصيحت ڀريون آکاڻيون ۽ ٽوٽڪا شامل آهن. پرمانند ميوارام ڏيتي ليتي جي مسئلي تي پهريون اصلوڪي آکاڻي ”لڇڻ وڌيڪ ڪين لڌا“ لکي هئي. ان کان گهڻو پوءِ هڪ سماجي آکاڻي ”هيري جي منڊي“ 1934ع ۾ خطن جي صورت ۾ لکيا هئائين. هن ”يوسف مصري“ جي نالي سان هڪ تاريخي ڪهاڻي پڻ لکي هئي.
اوائلي دور جي نثر نويسن ۾ پرمانند ميوارام ئي اهڙو نثر نويس آهي، جنهن ترجمن جي نسبت اصلي مضمون وڌيڪ انداز ۾ لکيا آهن ۽ هن جا مضمون ڄاڻ ڏيندڙ آهن. پرمانند ميوارام 1938ع ۾ گذاري ويو. کائنس پوءِ سندس هڪ پوئلڳ ن.ف. ڪوٽواڻي ڪراچيءَ مان ”جوت“ ڪڍڻ لڳو، جنهن جو 1946ع ۾ گولڊن جوبلي پرچو ڪڍيو ويو هو. ”جوت“ جي انهيءَ پرچي ۾ ڀيرو مل مهرچند پنهنجي مضمون ۾ پرمانند بابت لکيو ته ”سندس ليک اهڙا هئا، جهڙا ائڊيسن صاحب جا مضمون، جنهن ڪري کيس سنڌ جو ائڊيسن سڏي سگهجي ٿو.“

1 comment:

  1. پرمانند صاحب جي ٻولي واهه جي آهي. سڀني سنڌين کي سندس ليک پڙهڻ گهرجن سندس مضمون درسي ڪتابن ۾ شامل هجڻ گهرجن

    ReplyDelete