; سنڌي شخصيتون: مير غلام علي خان ٽالپر - ذوالفقار چانڊيو

15 March, 2011

مير غلام علي خان ٽالپر - ذوالفقار چانڊيو

مير غلام علي خان ٽالپر
 ذوالفقار چانڊيو
اسين جڏهن سنڌ جي مهان شخصيتن کي محبت ۽ عقيدت جي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا ته انهن شخصيتن ۾ ٽنڊومحمد خان جي مير خاندان جي مير غلام علي خان ٽالپر جو نالو به سنڌ جي انهن اعليٰ ڪردار ۽ عظيم شخصيتن جي لسٽ ۾ نمايان اچي ٿو. مير غلام علي خان ٽالپر جي خاندان جو تعلق سيوهڻ مان آهي. هن جا بزرگ قيام پاڪستان کان گهڻو اڳي ٽنڊو محمد خان لڏي آيا هئا. جتي 19 سيپٽمبر 1909ع ۾ مير غلام علي خان ٽالپر جي ٽنڊو محمد خان ۾ ولادت ٿي مير غلام علي خان ٽالپر شروعاتي تعليم حيدرآباد، ڪراچي ۽ پوءِ علي ڳڙهه يونيورسٽي مان ورتي ۽ هن بمبئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي. هن جي سياسي زندگي جو آغاز 1996ع کان ٿئي ٿو. هن پهرين چونڊن ٽنڊو باگو جي تڪ تان وڙهي ۽ ٻه ڀيرا حيدرآباد لوڪل بورڊ جو ميمبر رهيو. مير غلام علي ٽالپر سر غلام حسين هدايت الله جي ڪابينه ۾ پهريون وزير ٿيو ۽ پوءِ لاڳيتو جنرل ايوب خان جي مارشل جي دور تائين مسلسل ڪيئن ڀيرا صوبائي ۽ قوم اسيمبلي جو ميمبر ٿيو.


هن کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن ڪڏهن ته پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ چونڊ نه هارائي، مير غلام علي ٽالپر ٻه ڀيرا وزير اعليٰ سنڌ ٿيندي رهجي ويو. هڪ ڀيرو جڏهن گورنر جنرل غلام محمد هن کي سياسي ناراضگي تان ايل بي ڊي او قانون تحت نااهل قرار ڏياريو ۽ ٻيو ڀيرو يوسف هارون ۽ هن جي درميان وزير اعليٰ جي پارلياماني پارٽي جي چونڊ ۾ هڪ ووٽ تان هارائي ويو.
مير غلام علي ٽالپر جا حيدرآباد جي قاضي اڪبر خاندان سان تمام گهرا تعلقات رهيا آهن ۽ جيڪي اڄ به آهن. قاضي اڪبر جي روزاني عبرت اخبار 1954ع واري دور ۾ ايوب کهڙي جي خلاف جدوجهد ۾ مير غلام علي ٽالپر جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ قاضي اڪبر هميشه مير غلام علي ٽالپر جو بهترين ساٿي ۽ دوست رهيو. مير غلام علي ٽالپر جي 1954ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ٿيڻ ۾ به روزاني عبرت ۽ قاضي اڪبر جو وڏو عمل دخل هو. هي اهو دور هو جڏهن جي ايم سيد، سنڌ اسيمبلي ۾ قائد حزب اختلاف جو ليڊر هو. جي ايم سيد، مير غلام علي ٽالپر جي اعليٰ ظرفي سبب، ڪڏهن به سندس خلاف ايوان ۾ ڪا به رٿ نه آندي. مير غلام علي ٽالپر پاران ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ سبب، کيس گرفتار ڪري ٿر ۾ نظر بند ڪيو ويو. ايوب خان جي آمريتي دور ۾ سرڪار جي مخالفت جي باوجود، مير غلام علي ٽالپر قومي اسيمبلي جي سيٽ تي کٽي ويو. ايوب خان ۽ ايوب کهڙو پاران کيس ون يونٽ جي حمايت ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو پر هن ارڏي انسان ها نه ڪي. جنهن تان کيس نااهل قرار ڏياريو ويو. جنهن بعد هن سياست کي ڇڏي، زمينداري کي وڌيڪ وقت ڏنو.
مير غلام علي ٽالپر سنڌ ۾ انهن خاندانن مان آهي جن ورهاڱي جي وقت، سنڌي هندوئن جي گهرن ۾ وڃي کين هجرت ڪرڻ کان روڪيو. هي موڀي انسان 19 آڪٽوبر 1963ع ۾ وفات ڪري ويو.
مير غلام علي ٽالپر ۽ ان جي خاندان جون سياسي ۽ سماجي خدمتون به انيڪ آهن. خاص ڪري ٽنڊو محمد خان ضلعي جي نوجوانن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪيائين. مير غلام علي ٽالپر سنڌ جو اهو اعليٰ صفت انسان هو جنهن جا خدائي تحريڪ جي باني خان عبدالغفار خان، اردن جي بادشاهه شاهه حسين بن طلال، سعودي عرب جي فرمان روائن سعود بن عبدالعزيز ۽ شاهه فيصل، پرنس ڪريم آغا خان جهڙين شخصيتن سان دوستاڻا تعلق هئا.

No comments:

راءِ ڏيندا