ڄام ڪانڀو خان
سنڌ جو مشهور
سخي
نور سنڌي
سنڌ ۾ اها چوڻي اڄ به مشهور آهي ته يار تون ته اسان لاءِ
ڄام ڪانڀو ته نه آهين. ها ڄام ڪانڀو خان سنڌ جو مشهور سخي مڙس ٿي گذريو آهي. پاڻ
سنڌ جي اهم ڄام جوڻيجو جي خاندان مان هو. پاڻ ۱۳۰۵ھ ۾ وقت جي وڏي
جاگيردار نواب ڄام محمد شريف جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ ننڍي هوندي کان سچار غريبن جو
همدرد ۽ غريبن جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندڙ هو. ڄام ڪانڀو خان جي سخاوت، نه صرف
ڄام نوازعلي واري علائقي ۾ پر ان وقت جي سنڌ هند ۾ مشهور هئي. پاڻ روزانه فجر جي
نماز پڙهي، نوڪرن کان ڪاٺ جي هڪ وڏي صندوق، جنهن ۾ چانديءَ جا رپيا هوندا هئا،
سامهون رکرائي رات دير تائين ايندڙ ضرورتمندن سوالين کي ٻڪ ڀري ڏيندو هو. وڏي سخي
هئڻ سان گڏوگڏ مهمان نواز به هو. اوطاق تي ايندڙ مهمانن توڙي فقير فقراءَ لاءِ
هڪجهڙي ماني، ڍاڪونءَ ۾ ڍڪجي ايندي هئي. پاڻ صوفياڻه راڳ جو به وڏو شوقين هوندو
هو. ڀلا گهوڙا، مهري اٺ، ڀلا ڏاند، ڀليون مينهون، ڀليون ٻڪريون رکڻ جو به شوقين
هو. وٽس 2 سئو کان وڌيڪ ڀلا گهوڙا هوندا هئا. سخي اهڙو جو ڪيترا ئي سوالي مينهون
يا ڍڳا ۽ ٻئي چوپائي مال سان گڏ، گهوڙا سي به سٺن سنجن سان ڏيڻ جي سين هڻندا هئا
ته کين اهي به ڏئي ڇڏيندو هو. سياست کان پري هو. سياست وارو ڪم پنهنجي ڀائرن
نوابزاده ڄام جان محمد خان ۽ نواب زاده ڄام مٺا خان جي حوالي ڪري ڇڏيو هيائين.
مٿيان ٻئي نواب، بمبئي اسيمبليءَ جا ميمبر رهيا ۽ ان حيثيت سان سنڌ ۾ سٺا ڪم ڪرايائون.
ڄام ڪانڀو خان لاءِ اهو مشهور آهي ته پاڻ پنهنجي مرشد حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ
جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ، سوين نوڪرن سان گڏ ڀٽ شاهه ويندي نازڪ نفيس هئڻ جي
باوجود ڀٽ شاهه کان ٻه ڪوهه پري، نوڪرن سميت گهوڙن تان لهي پير اگهاڙا ڪري پيرين
پنڌ مزار تي حاضري ڏيندا هئا. ايئن ٻه ٽي راتيون رهي، وڏيون خير خيراتون ڪندا هئا
۽ پاڻ سان آندل چانديءَ جي ٽڪن جو خرزينون فقير فقراءَ ۾ ورهائيندا هئا. لطيف جي
عرس مبارڪ ۾، زائرين لاءِ سندن پاران لنگر عام هلندڙ هوندو ھو.
ملاکڙي ۾ به ملهن کي ٽڪن جا ٻڪ ڀري ڏيندا هئا ۽ ميلي ۾
فنڪارن سان به اهڙي سخاوت ڪندا هئا. پاڻ بهترين گهوڙي سوار به هئا. سندس ويجهن
دوستن ۾ سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ مٽياريءَ وارو، سر شاهنواز ڀٽو، نواب نبي بخش خان
ڀٽو، نواب غيبي خان چانڊيو، مير بنده علي خان ٽالپر به شامل هئا. پاڻ محفلن جو مور
۽ ڳوٺاڻي ڪچهرين سان دلچسپي رکندو هو. روزي نماز جو پابند، سنڌ جي ڪيترن ئي بزرگن
سان عقيدت رکندڙ هو. بزرگن جي ميلن ملاکڙن ۾ وڃي نه صرف لنگر نياز ڪندو هو پر ملهن
۽ فنڪارن کي به دل کولي ٽڪن جا ٻڪ ڀري ڏيندو هو. سنڌ جو هيءُ عظيم سخي ۱۳۷۴
هه ۾ ۹ ربيع الثاني تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصال
جي خبر باهه وانگر سنڌ هند ۾ پکڙجي وئي. چون ٿا ته تعزيت ڪندڙن جو سلسلو سڄو سال
جاري رهيو. ڇاڪاڻ ته ان وقت سوارين جي سهوليت نه هئي. تعزيت لاءِ نه صرف سنڌ پر
هند کان به هزارين ماڻهو پهتا. تعزيت لاءِ ايندڙ ايئن روئيندا رهيا، ڄڻ سندن ڪو مٽ
مائٽ گذاري ويو هجي. سندس پٽن ۾ ڄام صادق علي خان، ڄام شيرعلي خان هئا، جيڪي وفات
ڪري ويا. ڄام صادق علي خان جي پٽن ۾ ڄام معشوق علي، ڄام ڪاشف علي ”مرحوم“، ڄام
ذوالفقار علي، ڄام شير علي جي پٽن ۾ ڄام نورعلي خان، ڄام نفيس خان ۽ ڄام نياز علي
خان شامل آهن. ڄام صادق علي خان به مهمان نوازيءَ واري روايت، پنهنجي والد کان
ورثي ۾ حاصل ڪئي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين سندس دل جو دستر خوان ايندڙ ويندڙ جي مهمانيءَ
لاءِ وڇايل رهيو.
ڪـانڀو خـان جـوڻيجو
سنڌ جو حاتم طائي
سنڌ جي تاريخ ۾، ڏند
ڪٿائي ديوتائن جيان، امر ۽ عظيم روايتن جو امين ليکيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ سخاوت، شجائت،
سادگي ۽ سچائي سميت سنڌ جي ٻين عظيم تهذيبي تاريخي حوالن تي لکيو وڃي ۽ ڄام ڪانڀو
خان جوڻيجو جي زندگيءَ جو ذڪر نه ڪيو وڃي ته يقينن اها تاريخ اڻپوري هوندي. سنڌ ۾ اهو
پهاڪو آھي ته: ”ڪھڙو تون ڪانڀو خان آھين!؟“
معني ته سنڌ اڄ تائين
وري ڄام ڪانڀو خان جوڻيجو جھڙو ماء پٽ ناهي ڄڻيو جيڪي سنڌ جي سخاوت جا امين بڻجي
سگهن ڄام ڪانڀو خان سنڌ جو ڏاتار سخي بڻجي سنڌ جي امر روايتن جو امين هيو هن جي
سخاوت جو ڊنڪو نه صرف سنڌ پر پوري دنيا ۾ مشھور آھي.
ڄام ڪانڀو خان جوڻيجو
سنڌ جي سابق وزيراعلي ڄام صادق علي جو والد گرامي هو. هن جي سادگي ۽ سچائي سنڌي
سگهڙن سالڪن جي زبان تي ياد رهنديون آيون آھن.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي
سنڌ جي سخين تي لکيو آھي مان اهو چوندس ته اڄ ڀٽائي هجي ها ته ڄام ڪانبو خان جوڻيجو
تي به سر ضرور لکي ها پر اڄ سنڌ جي شاعرن اديبن مؤرخن قلمڪارن هن عظيم انسان تي ڪو
سر يا ڪو ئي ڪتاب لکڻ بجائي وساري ويهي رهيا آھن.
جڏهن سنڌ ۾ سخت ڏڪار
پيو ته سنڌ جي وڏن وڏن نوابن، سردارن، جاگيردارن پنهنجون اوطاقون بند ڪري ڇڏيون
هيون پر ڄام ڪانڀو خان جوڻيجي جي اوطاق اميرن غريبن فقيرن پرديسين سميت مقامي ماڻھن
لئه هميشه کليل رهي جيڪي نه صرف ماني کائيندا هئا پر گهر وارن لئه به کڻي ويندا هئا.
ڪڏهن به ڪو در تان
سوالي خالي نه ويندو هو بدقسمتي سان اڄ اسين پنهنجي اھڙن عظيم انسانن کي وساري ويٺا
آھيون جيڪڏهن ڄام ڪانڀو خان کي سنڌ جو حاتم طائي چئون ته اهو لفظن جو وڌاء نه ٿيندو.
هڪ دفعو وڏي بارش ۾
ھڪ سوالي آيو ان سوالي کي پاڻ ٽن ڏينهن تائين ماني پنهنجي هٿن سان ڏيندو ۽
کارائيندو رهيو هڪ ڏينهن ان مسافر سوالي چيو ته:
مونکي ته ڄام ڪانڀو
خان سان ملڻو آھي ته ان تي چيائونس ته حڪم ڪر ڄام ڪانڀو خان مان پاڻ آھيان ان تي
اهو سوالي پريشان ٿي ويو ته هن بارش ۾ پنهنجي سر پاڻ خدمت ڪندو رهيو پر مونکي
احساس به نه ڏياريائين.
هڪ دفعي جي ڳالھ
آھي ته؛ هڪ امتي شخص سيد سادات سڏائي مطالبو ڪيو ته: ”مونکي پنهنجي ذاتي سواري ڪاري
ڪميت گهوڙي ڏيو، جيئن مان پنهنجي مريدن ڏانهن وڃڻ ۾ تڪليف ٿيندي آھي.“ ان تي سندس
پنهنجي قيمتي گهوڙي ان شخص جي حوالي ڪري ڇڏيائين. جڏهن اهو شخص گهوڙي سوار ٿي وڃي
رهيو هو ته ڪنهن ٻئي مهمان چيو ته: ”سائين هي شخص سيد سادات ناهي انکي ته مان چڱي
طرح سڃاڻان ٿو.
ان تي ڄام ڪانڀو
خان جوڻيجي چيس ته: ”خبردار! ان شخص لئه ڪجھ به لفظ نه چئو ڇو ته ان کي مان به چڱي
طرح سڃاڻان ٿو پر منهنجي آقا سردار مدينه جي لڄپال ذات سڏائي آيو آھي. هي ته گهوڙي
آھي ان سيد سادات جي ذات ۾ مونکان پنهنجو سر به گهري ها ته به ڏئي ڇڏيانس ها. ڇو
ته مون شخص کي نه پر ذات کي ڏسي ڏنو آھي.“
ان ڪري نبي ڪريم
صلم جي نسبت سان محبت رکندڙ ماڻھو ڪڏهن مرندا ناهن ان ڪري ته اڄ به سنڌ ۾ اهو پهاڪو
مشھور آھي ته: ”تون ڪھڙو ڪانڀو خان آھين“
(فيسبڪ جي رتوديرو سماچار پيج تان ۱۳ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا