ماسٽر چندر
سنڌ جو مهان راڳي
سنڌ جو مهان راڳي
شاهد چنه/ نوشهروفيروز
ساهتي خطي، اهڙن املهه ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن جون يادون ساري، اڄ به نيڻن مان نير وهي پوي ٿو. ضلعي نوشهروفيروز جي قديمي نارنگين واري شهر ٺاروشاهه ۾، سنڌ جي امر راڳي ماسٽر چندر جو جنم ٿيو. سندس گيت، جادوءَ جهڙو آواز ۽ من موهيندڙ مرڪ، ڄڻ ته مهراڻ جي امرت ڌارا جهڙا مٺڙا هيا. اڄ ڏينهن تائين سنڌ توڙي هند جو، ڏيهي توڙي پرڏيهي، ڪو به ديس واسي سندس گيتن کي وساري ناهي سگهيو.
ماسٽر چندر گوبندمالهي جي شهر ٺاروشاهه ۾ 1907ع ۾ جنم ورتو. جنهن کي ننڍڙي لاڪون ئي اهڙو ته اچي عشق لڳو جو ”ڳليءَ ڳليءَ ٿو ڳايان، مان تنهنجو عاشق آهيان.“ چوڻ شروع ڪيائين. واقعي به انهيءَ عشق، چندر جي چاهت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
جڏهن برصغير ۾ ان وقت گرامو فون جي ڪمپني سندس راڳ جا رڪارڊ ڀري، مارڪيٽ ۾ آندا ته جهر جهنگ به چندر جا گيت؛
”قسمت ڪئي جدائي، ڪنهن تي ميار ناهي“
يا
”رٺائي رهن پر هجن حياتي“ گونجڻ لڳا.
اهڙو انمول گيت، چندر نه رڳو چيو پر ڌن به پاڻ ٺاهي ۽ ڳايو به پاڻ. ان سان چندر جو نانءُ، هر ماڻهوءَ جي من تي حاڪميت ڪندو رهيو. صدي گذرڻ کان پوءِ به، چندر جو آواز ڳوٺ توڙي ڳليءَ ۾ گونجي پيو. وقت جي بي رحم ورهاڱي، جهڙيءَ ريت نارائڻ شام جي نينهن کي ٽوڙي وڌو، تيئن چندر به وطن جون لوليون ڳائيندو ۽ نيڻن مان نير هاريندو، ڀٽائي جي ڀونءِ تان اڏامي ويو. جڏهن 56ع ۾ چندر پنهنجي جنم ڀومي ٺاروشاهه گهمڻ آيو ته اڄ به جهونڙا اهي يادون ساري ٻڌائين ٿا ته؛ چندر پهچڻ شرط ئي پنهنجي جنم ڀوميءَ کي چمندو ۽ روئيندو رهيو. اڄ به چندر جي جنم ڀومي، انهي ساڳيءَ حالت ۾ موجود آهي، پر چندر نه آهي.
چندر جون يادون ۽ چندر سان عشق نڀائيندڙ، سندس منسک محل ۾ رهندڙ، حاجي اختر خانزادي جو عشق به آفاقي نظر اچي ٿو. ھو چندر جي جنم ڏڻ توڙي وڇوڙي واري ڏڻ تي، کيس ڏيئا ٻاري ياد ڪري ٿو. افسوس جو چندر ڌرتي کان جدائي جو گيت؛
”ڇڏي گهر اباڻا وڃن ٿا وڃن ٿا!“ ڳائيندو هليو ويو.
ڀارت جي شهر الهاس ننگر ۾، هيءُ مهان راڳي، 1984ع ۾ وڇڙي ويو. سندس راڳ، سندس آواز، سندس گيت، سندس پريت، سدائين سنڌ ۽ سنڌ واسين کي ياد رهندو.
No comments:
راءِ ڏيندا