; سنڌي شخصيتون: استاد پيرل قمبر - رسول بخش ابڙو

18 March, 2011

استاد پيرل قمبر - رسول بخش ابڙو


استاد پيرل قمبر
ڏاڍو وئين ڏک ڏيون، محبت جي هن ماريل کي
استاد پيرل قمبر 17 جولاءِ 1933ع تي بُٺيءَ لڳ مبارڪ ڪلهوڙو تعلقو ميروخان ۾ امام بخش ’عاصي‘ سومرو جي گهر جنم ورتو. سندس ڇٺيءَ جو نالو پير محمد سومرو رکيو ويو، پاڻ پرائمري استاد هوندي سنڌي تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪري ڪيترائي ذهين شاگرد پيدا ڪيائين. هو اسڪولي ۽ شاعري جي شاگردن جي وچ ۾ اڪثر ڪري مقابلا ڪرائي کين پنهنجي ذاتي پئسن مان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام ڏيندو هيو. هن شاعري جي شروعات 1950ع ۾ ڪئي. غزل، گيت، وائي، حمد، نعت ۽ چوءَ سٽو سميت هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. 1950ع ۾ کيس مجازي عشق پيرمحمد مان پيرل قمبر بڻائي ڇڏيو. سندس شاعري جو ڏانءُ اهڙو هو جو ان جي ٻيڙي دُکائڻ کان ختم ٿيڻ تائين ڪو نه ڪو غزل گيت، ڪافي، وائي يا چئو سٽو تيار ڪري وٺندو هو. ان ۾ شاعري جو سمنڊ سمايل هو. سندس شاعري جي لفظ لفظ ۽ سٽ سٽ ۾ ساهه ڀريل آهي ۽ شاعري ۾ بلند خيالي تمام گهڻي آهي.


في البديح شاعر استاد پيرل قمبر جي شاعري جو تعداد جهجهي مقدار ۾ موجود آهي. جيڪو 43 صنفن تي مشتمل آهي، استاد پيرل قمبر5 ٻولين ۾ شاعري ڪئي جن ۾ سنڌي، سرائيڪي اردو فارسي ۽ انگريزي شامل آهن. استاد پيرل قمبر 1978ع ۾ پيغمبري پيشي کان رٽائر ٿي ڪري قمبر شهر کي الوداع چئي پنهنجي والد ۽ ڀاءَ سميت شهدادڪوٽ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. استاد پنهنجي حياتيءَ ۾ شهدادڪوٽ ۾ ”بزم پيرل قمبر“ جو بنياد وڌو. (جيڪا هاڻي باضابطه طور تي پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ جي نالي سان ڪم ڪري رهي آهي) جنهن ۾ قمبر شهداڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي سميت پري پري کان نوجوان شاعري جي سکيا وٺڻ ايندا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ اڄ تائين پوري سنڌ ۾ استاد پيرل قمبر جا شاگرد پنهنجي نڪور لکڻين ذريعي شاعري جي ميدان ۾ پاڻ مڃائي رهيا آهن. استاد پيرل قمبر جا سنڌي فلمن ۾ به ڪافي گيت ڳايا ويا آهن جن ۾ هاري، پرائي زمين، سوڍا پٽ سنڌ جا، مٺڙا شال ملن، غيرت جو سوال ۽ سورٺ فلمون شامل آهن. استاد پيرل قمبر 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ”زياده ان اُپايو منتظر سارو زمانو آ“ جي مليل طرحي واري مقابلي ۾ خيرپور ڊويزن ۾ پهريون نمبر آيو هو (ان وقت لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن به خيرپور ڊويزن ۾ شامل هيون). ان طرحي جي مقابلي ۾ شعر ٺاهڻ تي صدر ايوب طرفان لاهور ۾ اڳوڻي گورنر مغربي پاڪستان جنرل محمد موسى خان سرٽيفڪيٽ ڏنو، استاد پيرل قمبر کي اردن جي شاهه حسين کان سرٽيفڪيٽ ۽ برطانيه جي راڻي ايلز بٿ کان تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ مليو. شهنشاهه ايران رضا شاهه پهلوي طرفان گولڊ ميڊل ۽ هڪ تعريفي سرٽيفڪيٽ مليو. ان کان علاوه پاڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان به انعام حاصل ڪيائون.
هن اسٽيج ڊراما، ڳجهارتون ۽ همرچا به لکيا. سندس ڪلام ريڊيو ۽ ٽي. وي تان به ڳاتو ويو آهي. سڄي عمر شادي نه ڪيائين. 24 ڊسمبر 1994ع تي وفات ڪيائين، ’ڪڙڪ مقام شهدادڪوٽ‘ ۾ دفن آهي. هر سال سندس شاگرد، سندس ورسي ڌام ڌوم سان ملهائيندا آهن.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان



پيرل قمبر
رحيم منگي
پيرل قمبر، في البديہ شاعر هو. سندس پورو نالو؛ پير محمد ولد امام بخش ”عاصي“ سومرو هو. غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ پيرل، تعلقي ميروخان جي ڳوٺ بُٺيءَ ۾ 17 جولاءِ 1933ع تي پيدا ٿيو. هن سنڌي فائنل ڪئي ۽ 3 درجا انگريزي پڙهيو. 1954ع ۾ قمبر پرائمري اسڪول ۾ ماستر ٿيو. هن 1956ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. غزل، گيت، وايون، ڪافيون، مولود، نعتون، بيت، نظم، قصيده، ڳجهارتون ۽ سهرا پڻ لکيائين. سنڌي فلمن ”سورٺ“، ”غيرت جو سوال“، ”هاري“ ۽ پرائي زمين ۾ گيت پڻ لکيائين، جيڪي مشهور ٿيا.
سنڌي، اردو، هندي، سرائڪي ۽ انگريزيءَ ۾شاعري ڪيائين. 5 هزارن کان وڌيڪ شعر لکيا اٿس. سندس ڪلام ڪيترن فنڪارن ڳايا، جن مان ڪيترا ريڊيو پاڪستان تي نشر ٿيا.
1960ع جي ڏهاڪي ۾ مغربي پاڪستان جي گورنر جنرل موسيٰ خان صدر ايوب خان طرفان انعام حاصل ڪيائين. کيس برطانيه جي راڻي ايلزبيٽ جي پٽ شهزادي چارلس جي تاج پوشي تي لکيل انگريزي شعر تي راڻي پاران تعريفي سرٽيفڪيٽ، ايران جي شهنشاهه رضا شاهه پهلوي جي تاج پوشي جي موقعي تي اردوءَ ۾ موڪليل شعر تي گولڊ ميڊل مليا.

سندس شاعريءَ جا 8 ڪتاب ڇپيا، جن ۾ سلامِ محبت، جذبئه دل، باغ فردوس، يادگار زندگي، نگاهه محبت ۽ تصوير صنم شامل آهن. 1979ع ۾ شهدادڪوٽ لڏي ويو. ”پيرل بزم قمبر“ پڻ پنهنجي جيئري شهدادڪوٽ ۾ قائم ڪيائين. کيس، سندس مڃتا ۾، شهدادڪوٽ جي اديبن ۽ سڄاڻ فردن 7 نومبر 1985ع تي 14 تولن جو سونو تاج پارايو ۽ ميونسپل شهدادڪوٽ طرفان سندس لاءِ ماهوار وظيفو مقرر ڪيو ويو. سندس وفات دل جي دؤري سبب 24 ڊسمبر 1994ع تي شهدادڪوٽ ۾ ٿي. سندس شاگردن 1997ع ۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو، اگهاڙا پير ٽانڊن تي، سهيڙي ڇپرايو. 

No comments:

راءِ ڏيندا