; سنڌي شخصيتون: آئين فقير - پروفيسر نذير احمد سومرو

12 March, 2011

آئين فقير - پروفيسر نذير احمد سومرو

آئين فقير

پروفيسر نذير احمد سومرو

ٿيو هوش عقل حيران،
عشق ڪري آيو جُلبو جلدي ....
ٿيو هوش عقل حيران،
مٿيان ٻول چپن ۾ جهونگاريندو، سن ستر واري ڏهاڪي ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي مشهور شهر نئون ديرو ۾، هڪ قدآور، رنگ جو مشڪي، گهاٽيون ننڍيون مڇون، گهاٽي وڌيل ڏاڙهي، نه پوري رکيل نه پوري ڪوڙيل، قبول صورت، وڏيون ڳالهائيندڙ اکيون؛ جن ۾ هلڪي نشي يا عشق جي خمار جو تهه چڙهيل، مٿي تي ريلوي گارڊ يا ٽڪيٽ چيڪر/اسٽيشن ماسٽر کان ورتل ڪانن مان ٺهيل خوبصورت ٽوپلو (جيڪو اڄ ريلوي جا ملازم به ڪونه ٿا پائين پر هندستان ۾ ۽ 60 واري ڏهاڪي تائين ريلوي جي انهن ملازمن کان سواءِ، ملڪ جا صدر. وزيراعظم. گورنر، سفير، وڏا بيروڪريٽ، خانبهادر ٽائيپ زميندار، وڏيرا ۽ فلمي اداڪار شوقيه ۽ فيشن طور پائيندا هئا. ان ڪري ان ٽوپلي کي صاحبلوڪ ٽوپلو چيو ويندو هو)، بدن تي ڪڏهن گيڙو رنگ جو ۽ ڪڏهن ڪاري رنگ وارو عرب- ڪٽ ڊگهو گائون (جبو)، پيرين اگهاڙو، مُرن وٽ گهنگهرو ٻڌل، هڪ هٿ ۾ چپڙيون ۽ ٻئي ۾ يڪتارو، بازار ۾، هر دوڪان تان فقيراڻي ٻوليءَ ۾ سير ڪندو هو. نئون ديرو جي بازار ۾ ڪڏهن ڪڏهن نظر جي ور چڙهي ويندو هيو. سندس آواز ۾ اهڙو ڪو درد، سوز ۽ ميٺاڄ شامل هيو جو جڏهن ڪنهن درويش، فقير، الله لوڪ انسان، ڪنهن سنت ۽ ساڌوءَ يا ڪنهن جديد شاعر جا ٻول چپن ۾ جهونگاريندو هيو يا وڏي آواز ۾ آلاپ ڪڍندو هيو ته سندس جهونگار ۽ وڏي آواز کان متاثر ٿي راڳ رنگ جا متوالا ته پنهنجي جاءِ تي پر ڪي ڪنجوس ماڻهو به کيس ڪجهه نه ڪجهه ”دان“ ڏيندا هيا. هي فقير نئون ديرو ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو. وري جو گم ٿئي ته مهينن جا پانڌ، نظر نه ايندو هيو. 


منهنجو نالي ڀائي ۽ رازدان دوست نذير احمد پيرزادو جيڪو نئون ديرو جي هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر هيو، سو ڏاڍي دردمند دل رکندڙ انسان هيو. ڪجهه سال ٿيندا ته هيءُ بي ضرر ۽ بيچين اداس روح، هن ڪميني دنيا کي الوداع چئي، هميشه لاءِ رٺو هليو ويو. نذير احمد پيرزادو راڳ رنگ جو بيحد شوقين هيو ۽ سندس مزاج ننڍپڻ کان نه، پر ڪو ”ازلي“ عاشقاڻو هيو.
هڪ لڱا شام جو پهر هجي، مان پنهنجي ڳوٺ واري اوطاق ۾ ويٺو هيم ته نذير احمد پيرزادو هميشه جيان چپن تي مرڪ آڻيون اچي پهتو. ويهڻ سان ئي چيائين؛ ”هيڏي! ڳالهه ٻڌي اٿئي؟ اڄ نئون ديري ۾ هو فقير آيو هيو.“ پڇيومانس؛ ”ڪهڙو فقير؟ هتي فقيرن جي ڪا کوٽ آهي ڇا؟ کوڙ پيا رلن ۽ پنن.“ چيائين؛ ”نه نه! مان رولو فقيرن لاءِ ٿوروئي ٿو چوانءِ. اڙي هو صاحبلوڪ ٽوپلي وارو فقير.“ اتاولو ٿي پڇيومانس؛ ”هان ڪهڙي وقت آيو هيو؟“ ٻڌايائين؛ ”اڄ منجهند جو جيئن اسڪول بند ٿيو ۽ مان گهر ڏانهن پئي ويس ته ٽڪاڻي واري چوڪ تي ماڻهن جو ميڙ ڏٺم، جيڪي گول دائرو ٺاهيو بيٺا هيا ۽ ڇم ڇم جا آواز پئي آيا. کڻي جو ليئو پائيان ته آئين فقير يڪتاري ۽ چپڙين تي ڪنهن مڌر ڌن ۾ الائي ڪنهن جي شاعري ڳائي رهيو هيو. توکي ته خبر آهي، مان سندس آواز جو ديوانو آهيان. سو ڪنهن ڪنڊ ۾، ماڻهن جي پويان، ڪا ڇانو ڳولي اڃا بيٺم ئي مس ته فقير ڪلام پورو ڪري دان وٺي رمندو رهيو. فقير الائي ڪير آ؟ ڪٿان جو آ؟ جاچ ڪر ته ڪا محفل هڻونس ڪنا!“ مرحوم نذير احمد پيرزادو مون کي اٿاهه پيار ۾ ڀرجي بود ۾ اچي ”ڪنا“ چوندو هيو.
چيومانس؛ ”مون تي ڪهڙي اچي پئي آهي جو جاچ ڪريانس. ڪڏهن رستي ويندي ملي ويو ته کڻي معلومات وٺندومانس.“
ائين ٻه ٽي مهينا گذري ويا، پر آئين فقير نظر نه آيو. نذير احمد پيرزادي جي روز روز جي پڇ پڇان، منهنجو تجسس پڻ وڌايو. رکي رکي دل ۾ خيال اڀرندو هيو ته هونءَ صاحبلوڪ فقير مهيني ماسي رستي ويندي به ملي ويندو هيو. هن دفعي جو اسان کي تانگهه ٿي آهي ته صاحب لوڪ فقير وري الائي ڪهڙي دنيا ۾ گم ٿي ويو آهي. سير سفر ڪرڻ به نه ٿو اچي ۽ جوڳيءَ وارو ڀيرو ڀرڻ به ڇڏي ويو.
هڪ دفعي سانوڻ جي موڪلن (وئيڪيشن) وارا ڏينهن هجن، مان ۽ نذير احمد پيرزادو نئون ديرو جي سبزي مارڪيٽ ۾ هڪ ”ڇپرا“ عرف ڪانٽينينٽل هوٽل۾ ويٺا هياسين. اھا بُقي جي هوٽل جي نالي سان ۽ خصوصي طور تي سٺي چانهه جي حوالي سان ائين مشهور هئي، جيئن دادو شهر ۾ عبدالله جي چانهه. هاڻي ته نئون ديرو ۾ نه بُقو رهيو آهي، نه بُقي جي هوٽل جي چانهه ۽ نه ئي بُقي جي چانهه جو شوقين نذير احمد پيرزادو!! آرهڙ جا ڏينهن هيا. ٻن پهرن جو هڪ پئي ٿيو. ٻاهر ڪانءَ جي اک ٿي نڪتي. اوچتو صاحب لوڪ ٽوپلي وارو آئين فقير ڀڙڪو ڏئي هوٽل جي سامهون گذريو. بيري کي ڊوڙائي کيس گهرايوسين. هوٽل ۾ اچڻ سان چيائين؛ ”سرڪار! پير فقير کي يا علي مدت (مدد) آ.“
”فقير بالم ٿي  ويهه. تڪڙو آهين ڇا؟“؛ چيوسونس.
”سائين بادشاهه آهيو. فقير وٽ ڇا جي تڪڙ، ڪهڙي تڪڙ؟ حڪم ڪيو ڪو ڪم ڪار؟“ 
”ها کوڙ ڪم ڪار آهن.“ کلي چيائين؛ ”ڇو ٿا ڀوڳ ڪرايو. اسان فقيرن ۾ پڙهيل لکيل اڪابرن جو ڪهڙو ڪم پوندو؟ جي واقعي ڪو ڪم آهي ته فقراهه (فقراءُ) حاضر آهي.“ ايئن چئي يڪتارو ۽ چپڙيون هڪ طرف پنهنجي ڀر ۾ رکي، ٿڌو شوڪارو ڀريندي، چپن ۾ سمجهه ۾ نه ايندڙ الائي ڪهڙي ڀڻ ڀڻ ڪيائين. ڏٺم ته ويهڻ کان پوءِ به صاحبلوڪ ٽوپلو مٿي تي هيس ۽ لاهي نه رکيائين.
”ڏي خبر! ٿڌو پيئندين يا ڪوسو؟“
”هي ڀڳل فوني تي پراڻو رڪارڊ ڇو ٿا چاڙهيو؟“ ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيائين؛ ”گهڻا سال گذري ويا جو ڪو ان نموني ۾، انهن لفظن سان پڇندو هيو. نه ته ابا هتي ته ماڻهن جي طرفان ڇڙٻون ۽ يڇيون ملنديون آهن. بهرحال! في الحال ته چانهه پيئبي پر شرط اهو آهي ته توهان به پيئندو، نه ته بس.“
بُقي کي چانهه جو چئي، کانئس پڇيم؛ ”فقير نالو ڇا اٿئي؟“
”آئين فقير.“
”ذات جو ڪير آهين ۽ ڪٿي ويٺو آهين؟“
”ذات جو خاڪي آهيان ۽ خاڪ تي ويٺو/رهندو آهيان.“ جواب ۾ چيائين.
 فقير ڳجهارتن ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته اسان به مٿس زور ڪونه ڀريو. ڪجهه ويرم رکي پڇيومانس؛ ”فقير! ڏي خبر هيڏي ڌرتتيءَ جو ”لر“ ڪيون ڪيڏانهن پئي وئين؟“
”ڪهڙو سچ ڪهڙو ڪوڙ؟“ حقيقت کان آگاھ ڪندي ٻڌايائين؛ ”هتي ڪو مهربان آهي، جيڪو مون کي ”آبو“ (ڀنگ) پياريندو آهي ۽ سندس ٿاڌل گهوٽڻ جو هي ٽيم (ٽائيم) آهي. اوڏانهن تڪڙو تڪڙو پئي ويم.“
ايتري ۾ چانهه اچي وئي. چانهه پي، جبي (گاؤُن) جي پاسي واري کيسي مان ايمبيسي برانڊ سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي، منجھانئس هڪڙو سگريٽ ڪڍي وري جبي جي کيسي ۾ هٿ وڌائين پر ڪا شيءِ جو نه مليس ته چيائين؛ ”سرڪار! باڪس (ماچيس) ته ڏجو ته سگريٽ بکايان (دکايان).“ مون ماچيس سان گڏ کيس گولڊ ليف جو سگريٽ (گولڊ ليف نئون نئون مارڪيٽ ۾ آيو هو) ڏنومانس ته انڪار ڪندي چيائين؛ ”نه صاحب! اڄ ته تون پيارين ٿو پر جي منهنجو من ان سگريٽ تي هري پيو ته روز روز ۽ هر گهڙيءَ مون کي گولڊ ليف سگريٽ ڪير پياريندو؟ نه ڪي ايترا پئسا هوندم جو ايڏا مهانگا سگريٽ وٺي ڇڪيان. هونءَ به منهنجي من مون کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي، تان جو (گيڙو ڪپڙن ڏانهن اشارو ڪندي) هي حال به ان ڪرايا آهن. مون ته خوشيءَ سان ڪونه ڪيا آهن نه. هر سهڻي شيءِ ۾ شڪست (ڪشش) ٿو محسوس ڪري ۽ مون کي اهنجو ٿو ڪري. مان ڀلا آخر ڪيستائين سندس چوڻ وٺان؟ حالن کان ته اڳ ئي بي حال ڪيو اٿس. اصلي صفا وڄائي ڇڏيو اٿس. هڻي منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا اٿائين.“
ائين چئي سگريٽ کي خالي ڪري، تماڪ ۾ چرس ملائي، ٻيھر سگريٽ دکايائين. ٻه ٽي وڏا سوٽا (ڪش) هنيائين.
”فقير ڀلا خدا جي ڏني مان ڪجهه ٻڌاءِ.“ پڇيوسونس.
”گنج ٿا ٻڌايون، رڳو هڪ ٻه دم هڻان.“ مشڪي چيائين.
”استاد بخاريءَ جو ڪو ڪلام ياد اٿئي؟“ پڇيومانس.
”استاد ته وڏو سائنر (شاعر) آ،“ وضاحت ڪندي ٻڌايائين؛ ”ان ڪري ته بخاري صاحب، صدقي وڃانس سندس ذات تان، پنهنجي سائنري ۾ رڳو درد وڌا اٿس.“
چيومانس، استاد بخاريءَ جون سٽون آهن:
”او جوڳي جهٽ ڪر، ڇيريون ڇيڙ،
اهــــڙيـــــون چــئه ڪــي تازيون طرزون،
جــــــــو مــــــحـــــفــــــل کــــــــــائـــــــــي ٿــــيـــــڙ.“
پوءِ فقير پنهنجي دلسوز آواز ۽ يڪتاري، چپڙين جي لئه ۽ رڌم ۾، ڪافيءَ جي بادشاهه مصري شاهه، شڪارپور واري مجذوب ٻڍل فقير، لالو رائنڪ واري تارڪ نجفي جون ڪافيون اهڙي سُر ۽ تال واري انداز ۾ ڳاتيون جو اوڙي پاڙي وارا ۽ هوٽل وٽان گذرندڙ ماڻهو به اندر لنگهي آيا. بقيءَ جي هوٽل جي تاريخ ۾ اهڙي محفل شايد ئي ڪڏهن ڄمي هوندي. مون محسوس ڪيو ته محفل واقعي ٿيڙ پئي کاڌا. ڳائڻ کانپوءِ ڪجهه به نه گهريائين. يڪتارو ۽ چپڙيون کڻي، ڪنڌ کي نمائي، ”چڱو هاڻي سنگت کي سلا ماليڪم (اسلام عليڪم)“ چيون هليو ويو.
بقيءَ جي هوٽل به ڊهي وئي. ان هوٽل جو ننگو پٽ (ميدان) جيڪو انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو بڻجي ويو آهي. اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهي ته صاحبلوڪ ٽوپلي وارو فقير، ان گرم ۽ تنور وانگر تتل ڌرتتيءَ ۾ راڳ ڳائي، هوا جو ڪوٽ ٻڌو هيو ۽ ڌرتتيءَ کي چانڊوڪي رات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو.
ڪجهه هفتا گذريا ته هڪ ڏينهن منجهند ٽاڪ جو، آئين فقير سڙان کامان ڪندو اچي نڪتو. ملڻ سان ئي چيائين؛ ”پاڻ واري جگر (نذير احمد پيرزادي) کي به اسڪول ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته مان هلانءِ ٿو. تون به اوطاق ۾ پهچ.“ اڌ ڪلاڪ کن گذريو ته نذير پيرزادو به اچي ويو. ماني کائي، کانئس پڇيم؛ ”فقير! هيڙا حال ڪڏهن ڪيئي؟“
پهريان ته گهڻو ئي نٽايائين ۽ چيائين؛ ”وڏو داستان آهي، ٻڌي ڇا ڪندوء؟“ جڏهن اسان ٻنهي کيس گهڻو مجبور ڪيو ته؛ فقير اڄ اسين توکي ڪونه ڇڏينداسون ۽ توکي ٻڌائڻو پوندو ته پو، ڪا دير سوچي، سگريٽ دکائي ٻڌائڻ شروع ڪيائين:
”جوان ٿيو هيم، مڇن جي سانول ڦري ڪارو رنگ ورتو هيو، پر اڃا ڏاڙهي ريهه ڪري ڪونه لٿي هئي. سنڌ جي هڪ مشهور ميلي ۾ ويم. ميلائي ته ڄڻ ننڍپڻ کان ئي هيم. ميلي ۾ گهمندي ڦرندي ڪنهن جي نظر جو گهايل ٿي پيم. هوءَ ميلي ۾ ڳائي ۽ نچي رهي هئي. گهنگهرن جي تال تي ڇا ته هن جو نچڻ هيو، الائي نچندي هئي الائي وڄ وراڪا ڏيندي هئي. هوءَ قد جي پوري پني هئي، ڀوري ڀوري صفا باهه، سندس منهن تي هلڪا هلڪا موهيڙا هيا، جيڪي سندس سونهن ۾ اضافو ڪيو بيٺا هئا. سندس نيڻ خماريل ۽ ڪڪوريل هيا. ويتر سندس اکين جا وڏا ۽ گهاٽا ڇپر، سندس ڳٽن نه پر منهنجي دل جي مٿان ڇانو ڪري بيهندا هيا. لڳندو هيو ته ملائڪن کيس وڏي واندڪائي ۾ ٺاهيو هيو. گهور ڪري جو ڏسانس ته هوءَ به سمجهي وڃي ته مان کيس وڻان ٿي ۽ ائين محسوس ٿيندو هيو يا مان ائين سمجهندو هيم ته هوءَ خوش ٿي رهي آهي. ميلو ٽي ڏينهن هليو. مان رڳو هڪ ڏينهن لاءِ ويو هيم پر هن جي ڪري ٽئي ڏينهن رهي پيم. ائين هن جا ديدار درشن ڪري پنهنجون اکيون ٺاريندو ۽ دل خوش ڪندو رهيم. ميلو ختم ٿيو ته هنن ٽپڙ کنيان. مان به خوش خوش ڳوٺ هليو آيم. ڳوٺ پهتم ته مزو ئي نه پيو اچي. ڳوٺ ۽ گهر کائڻ ٿي آيا ۽ پنهنجي عمر ۾ هي پهريون دفعو پاڻ کي اداس، موڳو ۽ مونجهو محسوس ڪيم. پوءِ ميلي جون تاريخون ۽ شهر تاڙيندو رهيم.
ائين هڪ دفعي ميرن واري خيرپور جي هڪ شهر/ ڳوٺ ۾ ميلو لڳو. غربت هئي، ان ڪري انُّ وڪڻي، شام جو ڏيئن ٻرڻ جي مهل، ميلي واري پير جي چوغان (ميدان) ۾ وڃي ٺڪاءُ ڪيم. هيڏي هوڏي واجهايم پر هوءَ نظر نه آئي. گذار سومهڻي ٿي ته ڏسان ته هائو ٻيلي هوءَ سازندن سميت جيپ مان لٿي. جيستائين ميڪ اپ وغيره ڪري تيستائين مان باجي ماسٽر کي پاسو ڏنو ته مان به هڪ ٻه ڪلام توسان گڏجي ڳايان. آواز سٺو هيو، سو باجي ماسٽر به کڻي ها ڪئي. راڳ شروع ٿيو ته هن جو نچڻ ۽ مٿئون منهنجو آواز ٻڌي، کوڙ ماڻهو مڙي آيا. مون ڪلام ڳاتا؛ ”تنهنجي محبت وڌو آ مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري“ ۽ ”اڄ سڄڻ مون عيد ڪئي، جو يار جا ديدار ٿيا“. ڏاڍا پيسا پين. ائين مان هن جي ڪڍ/ پوئتان هر ميلي ۾ گهمندو، رلندو ۽ پرواني وارا ڦيرا ڏيندو رهيم ۽ الائي ڪيئن هن جي دل ۾ آکيرو ڪري ويهي رهيم. اهو به هن پاڻ باور ڪرايو هو. باجي ماسٽر اصل ۾ لکنئو جو هيو. سدائين گول پاجامو ۽ چڪن ململ جو پهراڻ پائيندو هيو. ڳالهه شروع ڪرڻ يا ڪا عجيب ڳالهه ٻڌڻ وقت ”امان يار“ چوندو هيو ته مان سندس لفظن تي ٽوڪ طور کلندو هيم ته هي به لفظ آهن؛ ”امان يار!“. هن جو اصلي نالو ته الائي ڇا هيو پر سڀئي کيس ”اڇن ميان“ ڪري ڪوٺيندا هيا. ان اڇن ميان مون کي ڪنهن ميلي ۾ نصيحت ڪندي چيو (ان نصيحت کي مان هن جي اندر جو ڪروڌ، ساڙ ۽ رقابت سمجهيو هيو)؛ ”ڄٽ! وڃي ڪنهن ڪم ڪار سان لڳ، ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪر. هي اڏامڪ پکي اٿئي متان هن سان دل لڳائي ويهين. جي هنن سان دل ڦاسائي ويٺين ته پوءِ ڌوٻيءَ جو ڪتو بڻجي ويندين، جيڪو نه گهر جو نه گهاٽ جو. تون جهنگلي گل آهين ۽ هي شهري گل. ڀانت ڀانت جا ماڻهو هنن کي سڃاڻندا ۽ هنن سان حجائتا هوندا آهن. جيڪي ڀونئر بڻجي هنن جو واس وٺڻ ايندا آهن ۽ هي جهاز توکان زور آهي، تون نه هڪلي سگهندين. ان ڪري تون ڀڄي وڃ. اُٺان ۽ مينهان جا دا ڪيها ميلا؟ او چرن ڊڀ ته او چرن ٻيلا! امان يار! سمجهي وئين نه؟ مان توکي نوجوان ۽ دل ڦينڪ عاشق ڏسي چوان ٿو ته واقعي هتان هليو وڃ. ڪجهه ڏينهن اداس رهندين پوءِ زندگي پنهنجي معمول تي هلندي رهندئي، امان يار! وڌيڪ تنهنجي مرضي.“
پر مان جو دل اڳ ۾ ڦاسائي ويٺو هيم ته مان ڇا ڪريان ها! منهنجو دل تي وس نه پيو هلي. هُو پنجابي نه چوندا آهن؛ ڦسي دا ڦڙڪڻ ڪي؟ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ ۽ چئني طرفن ڏي ڦيرا لڳائڻ کان پوءِ به محسوس ڪيم ته جيترو ويجهو رهڻ ٿو چاهيان اوترو ئي پري آهيان. ڳوٺ ۽ گهرٻار، سڀ ڪجهه تياڳي ڇڏيم ۽ گره گهٽ ته به پرينءَ وٽ، سوچي ڪوبه ميلو نه ڇڏيم.
هڪ ڏينهن ڪنهن ميلي ۾ ويم، هوءَ به اتي هئي. سندس سڄي ٽولي سان گهيتلو ته هوئين هيم، سو سڌو سندس خيمي ۾ هليو ويم. شام جا 5 کن ٿيا هوندا. مان جيئن ئي اندر داخل ٿيم، تيئن ڌرتي مون کي چڪ پائي چنبڙي پئي. اکين تي اعتبار ئي نه پئي آيو. اندر ڪو شاهينگ ويٺو هو. بندرو، گنجو، ڪارو ۽ ڪوجهو وڏي پيٽ سان پنهنجا هيڊ هاريل ڏند ڪڍي ٽهه ٽھ ڪري کلي رهيو هو ۽ هوءَ هن جي چانهن واري ڪوپ ۾ کنڊ ملائي رهي هئي. گنجي جي فاتحانه مسڪراهٽ، اڃا تائين وساري نه سگهيو آهيان.

ائين چئي الائي ڇا ٿي ويس، جو فقير يڪتارو ۽ چپڙيون کڻي ملڪه ترنم نورجهان جي آواز ۾ ڳايل گانو ڳائڻ شروع ڪيائين:
”نه جاني ڪيا سفر هي ميرا
جهان هي منزل وهين لٽيرا.“

پنهنجي آواز سان اوطاق ۾ اهڙو دردناڪ سمو پيدا ڪيائين جو منهنجيون اکيون بي اختيار وسي پيون ۽ نذير احمد پيرزادي جي دل به ڀِڄي پئي. مون دل ۾ چيو؛ ”هيءُ فقير الائي ڪير آ؟ نه منهنجو مٽ نه مائٽ.... هن جو داستان ٻڌي مون ڇو روئي ڏنو آهي؟ هن فقير سان منهنجو ڪهڙو ٻنڌڻ؟“ فقير جو اچي سڏڪن ۾ پيو ته ماٺ ئي نه پئي ڪيائين. ڪا دير گذري ۽ جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن چيائين ته جهليانو پيو ته نه ٻڌو، نازڪ مزاجئو. ڇانو جا گاهه ڀلا سج جو تيک سهي سگهندا؟
فقير ڳالهائي رهيو هو ته مون کي استاد بخاريءَ جو هي شعر ذهن تي تري آيو:

”مان سڻايان، تون سڻين سڙي نه پوين،
هــــــي قــصــــو بـــــــــاهه جـــــو حصو آهي،
ســـــــامــــهــــون آهــــيــــن، حـــادثـــو آهي،
ديـــــــــد ۾ دل ۾ ڪــــو زلـــزلــــو آهـــي.“

ويرم به نه گذري ته اکين ۾ آب کنيون موڪلائيندي چيائين ته هاڻي هلون ٿا، وري جلد ملنداسون.
ان ڳالهه کي مهينا لنگھي ويا پر آئين فقير نظر نه آيو. ان وچ ۾ هڪ دفعي بقي هوٽل واري ٻڌيو؛ ”هو صاحبلوڪ ٽوپلي وارو فقير آيو هيو. تنهنجي لاءِ ڏاڍي پڇا پئي ڪيائين. اصل ڏاڍو آتو هيو، توسان ملڻ لاءِ. ڪافي دير هتي مون وٽ هوٽل ۾ ويٺو رهيو. هر هر پئي واجهايائين. نيٺ ڪڪ ۽ ملول ٿي اٿي هليو ويو.“ بقي هوٽل واري جي لفظن دل تي بوجهه رکيو.
ٻيهر به منهنجي غير موجودگيءَ ۾ هڪ دفعو گيد جي ڏينهن، جڏهن مان ڪراچي ويل هوس ته آئين فقير نئون ديرو ۾ آيو ۽ منهنجي دوست کي منهنجي لاءِ نياپو ڇڏيون ويو ته چئجانس:
”ســــوڍا تـــــوســــــــــــــــــان ســـــــــــــاءُ،
نه ته راڻا گهڻا هن راڄ ۾.“

ڪجهه مهينا گذريا، هڪ ڏينهن آءٌ نئون ديرو جي بازار مان ڪنهن ڪم سان تڪڙو تڪڙو پئي ويم، جو مون کي ضلعي خيرپور جي هڪ ڳوٺ علي بخش سروهيءَ، جيڪو مرحوم نسيم کرل جي ڳوٺ سائدي ڀرسان آهي، وڃڻو هيو. اوچتو پويان سڏ ٿيو. هڪڙو، ٻيو، ٽيو، ڪنڌ ورائي ڏٺم ته آئين فقير هو. وڏي ڳراٽڙي پائي مليومانس. چيائين؛ ”ايڏي تڪڙ؟“
چيومانس؛ ”ها فقير! ڪجهه چنتا آهي، ڪنهن ضروري ڪم سان ٻاهر وڃڻو آهي!“
کلي چيائين؛ ”زورآور! ڪشمير جهڙو ضروري مسئلو رهيو پيو آهي. ڪجهه گهڙيون ته ويهه ته ڪا دل جي ورونهن (وندر) ڪريون، ڪو دل جو اوٻر ڪڍئون.“
چيومانس؛ ”فقير ڏاڍو ضروري ڪم آهي! نه ته توسان ڪجهه گهڙيون ضرور ويهي ڪچهري ڪيان ها، وري ڪنهن ٻئي دفعي.“ ڏٺم ته سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو.
چيائين؛ ”ٻيو دفعو! ٻيو دفعو الائي ڪڏهن ايندو؟ الائي ايندو به يا نه؟ ڪير ڄاڻي؟“
چيومانس؛ ”فقير وائي سڻائي ڪر، پاڻ انشا الله ضرور ملنداسون.“
جواب ۾ چيائين؛ ”ڪنهن تي ڀروسو ڪري چوان ته ٻيهر ملنداسون؟ هن دم تي؟ هي جو ٿيو آ- دم يعني دم اچي يا نه اچي دم تي ڪهڙو ڀروسو..؟“
فقير جي لفظن تي مان به گائون مائون ٿيڻ لڳم ته بيهان يا وڃان؟ مون کي جيئن ته گهڻي تڪڙ هئي سو کيس پوريءَ طرح الوداع به نه چيم ۽ ساڻس هٿ ملايم پئي ته ايتري ۾ سرڪاري بس اچي وئي ۽ مان منجھس چڙهيم ئي مس  ته پويان فقير جا آلاپ شروع ٿيا:
”فقير جي محبت خدا جي محبت
فــــــــــــقـــــــــيـــــــــر راضــــــــــي، الله راضـــي.“

بس ته رواني ٿي وئي پر آئين فقير جا آلاپ، منهنجو پيڇو ورهين تائين ڪندا رهيا.
ان ڳالهه کي ڪئين هفتا، مهينا ۽ پوءِ سال گذريو. مينهوڳيءَ جي مهيني آءٌ لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ رتوديرو کان ويگن ۾ چڙهيم. منهنجي ڀرسان هڪ ڪرڙوڍ ھمراھ ويٺو هيو. پڇيائين؛ ”ابا ڪير آن؟ ڇا ڪندو آن؟ پگهار ڪيتري ٿي؟“
جواب ۾ چيومانس؛ ”تون ڪير ۽ ڪٿان جو آهين؟“
ٻڌايائين؛ ”ملان جي ڳوٺ جو آهيان.“
امالڪ پڇيومانس؛ ”ڏي خبر آئين فقير خوش آ؟“
”ابا، آئين فقير ته ويچارو گذاري ويو. ڪلمي جو ثباب (ثواب) هجيس، مرحيات ڏاڍو سٺو ماڻهو هيو.“
مون سمجهيو ته مينهوڳيءَ مان مند ڦري ڌرتتي ٿي پئي آهي. تصور ۾ ڏٺم ته آئين فقير صاحبلوڪ ٽوپلو پايو مينڍ ۾ جهونگاري رهيو هو:

ٿيو هوش عقل حيران
۽ وري ائين لڳو ڄڻ چوي پيو ته:
سرڪار چيو نه هيو مانءِ ته
ٻيو دفعو ڪنهن ڏٺو آ؟
آ-دم-دم تي ڪهڙو ڀروسو.

No comments:

راءِ ڏيندا