; سنڌي شخصيتون: راشد مورائي - ساجده چنه

26 March, 2011

راشد مورائي - ساجده چنه


راشد مورائي
سنڌ جو مزاحمتي شاعر 
 ساجده چنه
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ته ڪي وري دانائيءَ جي ڪري مهراڻ جون مالهائون ٿين ٿا. اها مالها جڏهن سمنڊ جي سپنن جيان سدائين سمنڊ ڪناري جرڪندي ۽ مرڪندي رهي ته ڪيڏي نه راحت ايندي هوندي. ايئن ئي ساهتيءَ جو سرموڙ شاعر سائين راشد مورائيءَ جي ٻهڪندڙ آواز ۽ سفيد وارن تي نظر پوندي آهي ته سندس جنم ڀومي جوڻالي ۾ اسريل گيت جهومي پوندا آهن. ساهتي پرڳڻي جي هن مهان قوي راشد مورائيءَ 5 مارچ 1944ع ۾ مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڪپ تي، ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم ورتو.


پاڻ شاعر، اديب ۽ نقاد به آهي. اڄ به راشد مورائي ڪيترا ئي گيت سنڌ جا سرجي پيو. هن وقت تائين راشد مورائيءَ جون ڇپيل لکڻيون؛ جنهن ۾ کوڙ ساري شاعري، ڪهاڻيون، مضمون، خاڪا وغيره سنڌ جي سڀني رسالن توڙي اخبارن ۾ اڻ ڳڻيا موجود آهن. 300 جي لڳ ڀڳ سنڌ جي مختلف فنڪارن سندس گيت، غزل ۽ ڪافيون ڳايون آهن.
جڏهن ته ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌڙيءَ جو سوداءُ“، ”شاعري“، ”مينديءَ سندا کيت“، ”غزلن جو مجموعو“، ”سل جو شهر“ موجود آھن.
مختلف صنفن تي ڪيل شاعري؛ ديوان راشد، شعلا شعلا واءَ ۾، اڳتي تاڻ امنگ جي، پاڻيءَ جو پهرو، ڏات جي ڏيهه ۾، راشد جي رهاڻ، انصاف جو گهنڊ، ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، سنڌي ادب جي ارتقا، يتيم جذبا، عشق جو آواز، هو جي ٻول ٻريا شامل آهن.
جڏهن ته اڃا به سندس ڪيترو ئي تخليقي مواد، اڻ ڇپيل آهي. جنهن ۾؛ خط خوشيءَ مان کول، تعلقي موري جا اديب، سنڌي ادب جي سونهن، جهڙي آيس جيئن، جهڙيون انمول لکڻيون وٽس موجود آهن.
راشد مورائي سنڌ جو يگانو شاعر آھي جنهن پرائمري استاد ٿي ڪري علمي، ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن.
کيس سوين ايوارڊ؛ سنڌي ادبي سنگت، سگا، ڳوٺ سڌار سنگت ۽ ٻين سياسي، سماجي تنظيمن پاران ڏنا ويا آهن.
اڄ به سائين راشد، ٽن پٽن ۽ ڇهن نياڻين جو سهارو آهي. کيس نوجوان پٽ، شاه عنايت جي وڇوڙي جهوري ڇڏيو. تنهن جي باوجود مورو ناهي ٿورو ۾، هن مزاحمتي شاعر جي مهمان نوازي ۽ ڌرتيءَ سان عشق ڏسڻ وٽان آهي. ھو اڄ به چوي پيو ته؛
”مان باغي هان! مان باغي هان!“

No comments:

راءِ ڏيندا