ايڇ ايم خوجا
قريشي حامد علي خانائي
سنڌ جو مشهور تعليمي ماهر، قومي خدمتگار ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو شيدائي، ايڇ.ايم.خوجا (حاجي خان مهر علي خوجا) تاريخ 9- جمادي الثاني 1420هه/ 20- سيپٽمبر 1999ع تي سومر ڏينهن منجهند جو ٻين بجي 92 ورهين جي ڄمار ۾، سنڌ جي تواريخي شهر حيدرآباد ۾، هن فاني جهان مان رحلت ڪري ويو.
خوجا صاحب سنڌ جو هڪ ساده دل، اصلاح پسند، غريبن ۽ مسڪينن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي ۽ انقلابي طبع جو مالڪ هو. هن پنهنجي سموري زندگي سنڌي قوم جي تعليمي خدمت ۽ علم جي شمع جي روشني ڦهلائڻ ۾ پوري ڪئي. دراصل،خوجا صاحب جي تعليمي ۽ علمي حيثيت هڪ امرِ جا ودان آهي. سنڌ جي مرڪزي شهر نوابشاهه ۾، جيستائين سندس قائم ڪيل “ايڇ. ايم.خوجا گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول” ۽ ٻيا تعليمي ادارا قائم آهن، تيستائين سندس ياد هميشه قائم ۽ دائم رهندي!
مرحوم خوجا صاحب، ضلعي بدين جي مشهور تواريخي شهر، ٽنڊي باگي جي هڪ وچولي طبقي جي “خوجا” قبيلي ۾، 8- آڪٽوبر 1907ع تي پيدا ٿيو. سندس والد بزرگوار، مهر علي خوجا وچولي قسم جو واپاري ۽ اعليٰ درجي جو حڪيم هو. خوجا صاحب کي پنهنجي والد جي صحيح تربيت ۽ خود پنهنجن صلاحيتن ۽ ذهانت کيس زندگيءَ جي هر راهه ۾ هڪ ڪامياب انسان بڻايو.
خوجا صاحب ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ، ٽنڊي باگي ۾ حاصل ڪري، ثانوي تعليم پرائڻ لاءِ هتان جي ئي “لارنيس اي.وي. اسڪول” ۾ داخل ٿيو. هيءُ اسڪول، دراصل سنڌ جي مشهور اديب ۽ شاعر، ماستر محمد صديق “مسافر”(1) جي سعي ۽ ڪوشش سان وجود ۾ آيو هو. سنڌ جو مشهور قومي رهنما، مير غلام محمد خان ٽالپر هن درسگاهه جو سرپرست هو. مير صاحب، هڪ نيڪ سيرت ۽ درويش صفت انسان هو. کيس هميشه لاڙ جي غريب ۽ اٻوجهه مسلمانن کي تعليم ۾ پوئتي پيل ڏسي، دل ۾ هڪ وڏو درد پيدا ٿيندو هو. مير صاحب پاڻ پنهنجي هڙان وڙان پئسا خرچ ڪري، ان تعليمي درسگاهه جو پايو رکيو. خوجا صاحب انهيءَ مذڪور مدرسي مان تعليم حاصل ڪندڙ اوائلي شاگردن مان هڪ هو. خوجا صاحب تي پنهنجي مهربان ۽ شفيق اُستاد، محمد صديق “مسافر” ۽ مير غلام محمد خان ٽالپر جي تعليم جي ڏس ۾ ڪيل ڪوششن ۽ جدوجهد جو وڏو اثر ٿيو. ٽنڊي باگي جي مدرسي مان پنج درجا انگريزي پاس ڪرڻ کان پوءِ، پاڻ سن 1928ع ۾ حيدرآباد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول (موجوده نـُـور محمد هاءِ اسڪول) مان نهايت ئي ڪاميابيءَ سان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان بعد، حيدرآباد جي ڊي.جي. نيشنل ڪاليج ۽ ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري، سن 1932ع ۾ بي. اي. جي ڊگري امتيازي حيثيت سان حاصل ڪيائين.
خوجا صاحب پنهنجي تعليم جي راهه ۾ ورتل ڪوششن ۽ محنتن مان اهو ثابت ڪيو ته اورچائي ، مستقل مزاجي ۽ علمي صلاحيتن جي بدولت، انسان هڪ ڪامل ۽ ڪامياب آدرشي انسان بڻجي سگهي ٿو. تعليم جي مشغلي کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، پاڻ پنهنجيءَ طبيعت جي ميلان ۽ رجحان سبب درس ۽ تدريس جو مشغلو اختيار ڪيائين، ۽ فطرتي طرح هڪ معلم جي حيثيت ۾ قوم جو معمار ٿي تعليم کاتي ۾ گهڙيو. پاڻ پهريائين 17- آگسٽ 1932ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کان پوءِ، ڪجهه وقت مدرسه هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۽ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾ اُستاد ٿي رهيو. سن 36- 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. ٽي. (بي. ايڊ) جو امتحان پاس ڪيائين. خوجا صاحب انهيءَ عرصي دوران پاڻ کي هڪ نهايت ڪامياب اُستاد ۽ اعليٰ منتظم ثابت ڪيو.
نواب شاهه جو شهر، سنڌ جي مرڪزي شهرن مان هڪ آهي. سن 1912ع ۾ نواب شاهه کي حيدرآباد ضلعي کان جدا ڪري، “نواب شاهه” جي نالي سان هڪ نئون ضلعو ٺاهيو ويو ۽ “نواب شاهه” شهر کي ان جو صدر مقام بڻايو ويو. سن 1919ع ۾ نواب شاهه شهر ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ (ڊسٽرڪٽ ڪائونسل) جي طرفان هڪ “ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول”(A.V.) قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي گڏجي تعليم حاصل ڪندا هئا. سن 1933ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هن اسڪول کي “اي. وي. اسڪول” مان “مڊل اسڪول” بڻايو. ان وقت، هن اسڪول جو هيڊ ماستر، مرحوم عبدالستار تـُـنيو هو. اسڪول ۾ هندو ۽ مسلمان استاد مقرر ٿيل هئا. سنڌ جو نامور سياستدان، هاري رهنما ۽ وڪيل، قاضي فيض محمد (1) پڻ هن اسڪول ۾ سائنس ٽيچر هو.ان وقت، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ، مرزا فرخ بيگ(2) [خعأا1] هو.
اهو زمانو، سنڌ ۾ سياسي ڪشمڪش جو دؤر هو. وطن جي آزاديءَ جون تحريڪون پنهنجيءَ جدوجهد ۾ رُڌل هيون. خاص طور تي سنڌ جي مسلمانن ۾”سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ” تمام زور تي هئي. ان ڪري، سنڌ ۾ هندو - مسلم ڇڪتاڻ ويتر وڌي ويئي هئي. سن 1933ع ۾ نواب شاهه ۾ ڪن ناخوشگوار واقعن سبب هندن ۽ مسلمانن ۾ ڪافي حد تائين نااتفاقي پيدا ٿي پيئي. هڪ هندو اُستاد، جو ڪٽر هندو آريه سماج تحريڪ جو رُڪن هو، اُن حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي شان مبارڪ ۾ گستاخي ڪئي. هندن ۽ مسلمانن جي انهيءَ باهمي رساڪشيءَ نهايت ئي سنگين رُوپ اختيار ڪيو. مسلمان شاگردن ۽ اُستادن اسڪول جو بائيڪاٽ ڪيو. ان وقت ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ، نواب شاهه اندر هندو ميمبرن جو ڪافي اثر هو، ۽ ساڳئي وقت منجهن پنهنجيءَ قوم لاءِ جذبو ۽ اتفاق هو.
نواب شاهه جي مسلمانن لاءِ اهو دؤر تمام نازڪ هو. مسلم قوم اندر اڃا ايتري بيداري ۽ سياسي شعور پيدا ڪونه ٿيو هو، ۽ نه وري سندن تعليم سان ڪو ايترو چاهه هو. خود ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ اندر ٻه گروپ هئا، جن مان هڪ اسڪول جي فائدي ۾ هو، ته ٻيو مخالفت ۾. انهن حالتن جي باوجود، ڪن ذي فهم ۽ سمجهدار مسلمان ميمبرن، نواب شاهه شهر جي هن تعليمي اداري کي تباهه ۽ برباد ٿيڻ نه ٿي گـُـهريو. شايد قدرت کي به اهو ئي منظور هو، ته خوجا صاحب جهڙي باهمت هستي نواب شاهه جي شهرين کي نصيب ٿئي!
هيءُ سن 1936ع جو زمانو هو. ان وقت ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ، پير قربان علي نوشهري فيروز (1) وارو هو.مسٽر جي. ايم. شيخ (سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سابق چيئرمين) ان وقت نواب شاهه ۾ “وَٽن ۽ ماپـُن” جو انسپيڪٽر هو. نواب شاهه جي هن واحد مسلم تعليمي اداري کي هڪ نوجوان، برجـُـستي، قابل ۽ برُدبار هيڊ ماستر جي اشد ضرورت هئي. مسٽر جي.ايم.شيخ، پير قربان علي صاحب کي مشورو ڏيندي چيو ته سندس نظر ۾ هڪ اهڙو هوشيار، محنتي ۽ جفاڪش شخص آهي، جيڪو هن اسڪول جي بگڙيل حالت کي سـُـڌاري سگهي ٿو. شيخ صاحب جو انتخابُ مرحوم خوجا صاحب هو.
پير قربان علي صاحب، بنا ڪنهن وقت وڃائڻ جي خوجا صاحب کي “مڊل اسڪول” جي هيڊ ماستريءَ جي آڇ ڪئي، جا هـُـن خوشيءَ سان قبول ڪئي. خوجا صاحب جي پيارن دوستن مان ڊاڪٽر غلام حسين جعفريءَ، (1) عثمان علي انصاريءَ (2) ۽ ٻين ڪيترن کيس لوڪل بورڊ جي نوڪري ڪرڻ کان منع ڪئي، پر پاڻ پنهنجي ارادي تي اَٽل رهيو. دراصل، هيءُ اهو زمانو هو، جو ڪوبه ماڻهو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. خاص ڪري، سنڌ جا تعليم يافته مسلم نوجوان سرڪاري ملازمت کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا هئا.
خوجا صاحب جنهن وقت هن اسڪول جي اچي واڳ سنڀالي، ته اُن وقت ان جي حالت نهايت خراب هئي. اسڪول جي اخلاقي خواه مالي حالت پڻ انتهائي تشويشناڪ حد تائين هئي، ۽ ساڳئي وقت اسڪول ۾ جيڪو تدريسي عملو هو، تنهن جي علمي قابليت ۽ لياقت تمام هيٺاهين درجي تي وڃي پهتي هئي. خوجا صاحب اهڙين سڀني مشڪل ۽ تڪليفن وارين حالتن کي، جن جو بظاهر خود ڪوبه حل سمجهه ۾ نه ٿي آيو، نهايت ئي همت، بـُـردباريءَ ۽ خوش اسلوبيءَ سان مـُـنهن ڏيئي، هن درسگاهه کي انهيءَ تباهيءَ جي ڪـُـن مان ٻاهر ڪڍي ورتو ۽ اڳتي هلي اُن کي سنڌ جي صفِ اول جي تعليمي ادرن مان بڻائي ڇڏيو.
هوڏانهن نواب شاهه شهر جي هندو طبقي هڪ جـُـدا اسڪول قائم ڪيو. هنن اهو سـَمجهيو ٿي ته مسلمانن ۾ اتحاد جو فـُقدان آهي ۽ تعليم کان به عاري آهن، ان ڪري اهو اسڪول جلد ئي پاڻمرادو ختم ٿي ويندو. ليڪن، خوجا صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ هن اسڪول جو منتشر انتظام ۽ ضابطو بحال ٿي ويو. هندن سن 1939ع ۾ ان وقت جي نواب شاهه ضلعي جي ڪليڪٽر، ايڇ. ايم. وِلس کي خوش ڪرڻ جي ارادي سان سندس نالي ۾ “وِلس هاءِ اسڪول” قائم ڪيو. آگسٽ 1939ع ۾ باقاعدي هن اسڪول جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو. انهيءَ اسڪول جي تعمير جو ڪم اڃا هلندڙ هو، ته ملڪ جو ورهاڱو ٿي ويو ۽ اها عمارت اڌ ۾ رهجي ويئي. آزاديءَ کان پوءِ، خوجا صاحب جي ڪوشش سان اهو اسڪول پڻ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ کي مليو، جنهن ۾ مرڪزي اسڪول جي برانچ بڻي ۽ اڄ تائين اها “خوجا گارڊن” جي نالي سان قائم آهي.
سن 40 - 1939ع ۾ هن اسڪول کي “مڊل اسڪول” مان “هاءِ اسڪول” بڻايو ويو. خوجا صاحب جي ڪوشش سان ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ عاليشان عمارت تعمير ڪرائي ۽ باقاعدي “هاءِ اسڪول” شروع ٿي ويو. اهڙيءَ طرح، اسڪول جي صاف سـُـٿري ماحول ۽ بهترين انتظام کان متاثر ٿي، شاگردن جو تعداد وڌڻ لڳو ۽ سڄو اسڪول شاگردن سان ڀرپور نظر اچڻ لڳو. خوجا صاحب پنهنجو تـَـنُ ۽ مـَـنُ تعليم جي طرف وابسته ڪري ڇڏيو. سندس دلي لاڙو هميشه اسڪول جي ترقيءَ ۽ واڌاري طرف مائل رهيو. هن پنهنجي اڻٿڪ ڪوشش سان “ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول” کي سنڌ جي هڪ اعليٰ ۽ مثالي درسگاهه بڻايو. اسڪول جو انتطام، اُستادن جو انتخاب، شاگردن جي علمي ۽ تعليمي مسئلن ۽ انهن جي دشوارين کي حل ڪرڻ جي طرف توجهه، غريب ۽ نادار شاگردن جي امداد وغيره جو معقول بندوبست ڪيائين. اسڪول اندر هر ڪنهن قسم جي تعليمي ۽ تفريحي مشاغل جو پڻ بهترين انتظام ڪيائين. ان وقت “سنڌ يونيورسٽيءَ” جو اڃا وجود ڪونه هو. هن اسڪول جو “بمبئي يونيورسٽيءَ” سان الحاقٰ هو، جنهن جو تعليمي معيار نه صرف برصغير هند و پاڪ بلڪ بيروني دنيا جي تعليمي ماحول ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. خوجا صاحب جي خاص توجهه سبب مئٽرڪ جي امتحان جا نهايت ئي شاندار نتيجا نڪرڻ لڳا.
اهڙيءَ طرح سان “ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول، نواب شاهه” جي تعليمي ماحول ۽ علمي معيار کان متاثر ٿي، سنڌ جي دُور دراز علائقن جا شاگرد مقناطيسي ڪشش وانگر ڇڪجي ، هن اسڪول ۾ تعليم پرائڻ جي ارادي سان اچڻ لڳا. جيئن ته ان وقت شاگردن جي رهائش جو ڪوبه خاطر خواه بندوبست ڪونه هو، تنهنڪري ڪيترن ئي اهڙن ٻاهرين شاگردن کي مايوس ٿي واپس موٽڻو پوندو هو. انهيءَ ڪري ، خوجا صاحب شاگردن جي رهائش وغيره جي تڪليفن طرف پڻ خاص توجهه ڏنو. جيئن ته ٻاهرين شاگردن جي رهائش لاءِ “هاسٽل” جو هئڻ تمام ضروري هو، ان ڪري پاڻ “بورڊنگ هائوس” جي تعمير ڪرڻ جي لاءِ عملي طرح جدوجهد ڪيائين ۽ آخرڪار پنهنجي اخلاص، محبت، محنت ۽ صداقت سان ان تعميري ڪم ۾ به ڪاميابي حاصل ڪيائين.
انهيءَ سلسلي ۾، خوجا صاحب نواب شاهه ضلعي جي سرنديءَ وارن زميندارن، جاگيردارن ۽ صاحبِ ثروت ماڻهن جي درن تي وڃي، هاسٽل جي تعمير ۽ غريب ۽ نادار شاگردن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ وغيره لاءِ چندا ورتائين. خوجا صاحب جي سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ تعليمي چاهه ۽ صداقت کان متاثر ٿي، شهدادپور تعلقي (ان وقت نواب شاهه ضلعي ۾ هو) جي هڪ زميندار، ڄام جان محمد خان ٻيرانيءَ واري “هاسٽل” جي تعمير لاءِ پنجاهه هزار روپيه روڪ ڏنا، ان کان سواءِ، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ۽ سنڌ گورنمينٽ پڻ انهيءَ تعميري سلسلي ۾ ڪافي مالي امداد ڪئي. سن 1945ع ۾ انهيءَ هاسٽل جو سنگ بنياد رکيو ويو. ان وقت سنڌ جو ڪمشنر، مسٽر ڪـِـلـِـي هو. اهڙيءَ طرح، “ڄام جان محمد خان هاسٽل” جي نالي سان بورڊنگ هائوس جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو. هاسٽل جو ڪم اڃا ابتدائي مرحلن ۾ ئي هو، ته ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ ٻه خودمختيار حڪومتون – “پاڪستان” ۽ “هندستان” جي نالي وجود ۾ آيون. ملڪ جي ورهاڱي سبب وري ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش آيون، ليڪن خوجا صاحب پنهنجيءَ همت ۽ اورچائيءَ سان انهن نازڪ مرحلن کي مـُـنهن ڏنو ۽ آخرڪار “هاسٽل” کي پايه تڪميل تي پهچايو. انهيءَ هاسٽل جا ٻه طبقا هئا ۽ منجهس شاگردن جي آرام ۽ آرائش جو هر طرح بندوبست ڪيو ويو. سموري هاسٽل جديد نموني تي آراسته ٿيل هئي. هاسٽل جي اوڀرندي طرف هڪ وڏو هال هو، جنهن کي “مولانا محمد علي جوهر” جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. هاسٽل جي اولهندي ڪـُـنڊ تي لڳو لڳ شاگردن لاءِ نماز ۽ ديني تعليم جي درس وغيره لاءِ هڪ عاليشان مسجد شريف تعمير ڪرائي ويئي. هاسٽل جي اڳيان شاگردن جي تفريح لاءِ هڪ سهڻو ۽ وڻندڙ سرسبز پارڪ جوڙايو ويو. انهيءَ “ڄام جان محمد خان هاسٽل” کي “ڪامن بلاڪ” به ڪري چوندا هئا. ان هاسٽل جي ڀرسان اوڀرندي طرف کان زميندارن ۽ جاگيردارن جي ٻارن لاءِ هڪ الڳ هاسٽل تعمير ڪرائي ويئي. اها هاسٽل پڻ ٻن طبقن تي ٺهيل هئي، جا “شهباز بلاڪ” جي نالي سان سڏبي هئي. شاگردن جي جسماني قوت وڌائڻ لاءِ هڪ “جمنزم هال” ٺهرايو ويو، جتي شاگرد صبح ۽ شام جو اچي جسماني ورزش ڪندا هئا. هن وقت اهي سڀئي جايون “پيپلز ميڊيڪل ڪاليج فار گرلس، نواب شاهه” جي حوالي آهن، جن انهيءَ خوبصورت پارڪ کي تباهه ڪري، ان هنڌ هڪ ٻيو رهائشي بلاڪ ٺهرايو آهي.
انهن مٿين مڙني تعميرات کان وڌيڪ خوجا صاحب جو عظيم ڪارنامو اهو آهي، جو هن آڊيٽوريم تعمير ڪرايو، جنهن کي “لطيف هال” ڪري سڏيو وڃي ٿو. هن هال جي تعمير تي اٽڪل ڏيڍ لک روپيه خرچ ڪيو ويو. “لطيف هال”. نواب شاهه جي تواريخ ۾ سدائين امر رهندو. هن هال سان نواب شاهه شهر ۽ اسڪول جون ڪيتريون ئي سماجي، سياسي ۽ علمي يادگيريون وابسته آهن. سن 1954ع ۾ اڃا”ون يونٽ” جو ڪارو راڪاس نمودار ڪونه ٿيو هو. ان وقت سنڌ سرڪار جي وزير تعليم، سيد غلام حيدر شاهه (سنڌ جي سابق وزير اعليٰ سيد مظفر حسين شاهه جي والد) نواب شاهه ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. پهرئين سيپٽمبر 1954ع تي ڪاليج جو افتتاح ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول جي “وِلس برانچ” ۾ ڪيو ويو. سيد غلام حيدر شاهه پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ فرمايو ته ، “آءُ هيءُ ڪاليج پنهنجي پياري اُستاد جناب ايڇ. ايم. خوجا کي تحفي طور ڏيئي رهيو آهيان.” ان وقت اهو ڪاليج عارضي طور “لطيف هال” ۾ قائم ڪيو ويو هو. هن وقت اهو “لطيف هال” به “پيپلز ميڊيڪل ڪاليج فار گرلس، نواب شاهه” جي حوالي آهي.
قيام پاڪستان کان پوءِ، نواب شاهه شهر جا اڪثر هندو ۽ سـِـک لڏي پلاڻي، پنهنجو اصل ديس ڇڏي، ڀارت هليا ويا. نواب شاهه ۾ هڪ سـِـکَ زميندار جو بـَـٺو(سـِـرُن جو کـُـورو) هو. ان وقت نوب شاهه جي ڪليڪٽر، مسعود احمد خان اهو بـَـٺو خوجا صاحب کي الاٽ ڪري ڏنو. ان کان پوءِ، اسڪول جي مالي حالت ڪافي سـُـڌري. مٿي بيان ڪيل عمارتن جي تعميرات جي اخراجات جو بارُ کـُـوري جي پيدائش تي هو. ان کـُـوري جي سـِـرُن جي وڪري مان جيڪا به آمدني ٿيندي هئي، تنهن کي خوجا صاحب نهايت ئي ايمانداريءَ ۽ ديانتداريءَ سان اسڪول جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪيو.
هاسٽل جي ٻنهي بلاڪن جي سامهون “هائوس ماسٽر” جو ڪوارٽر تعمير ڪرايو ويو. استادن جي رهائش لاءِ “لطيف هال” جي پوئتان هڪ پـُـر فضا ۽ سـُـڪون وري ماحول ۾ تيرهن ڪوارٽر تعمير ڪرايا ويا ته جيئن اُستاد رهائش واري مسئلي کان آزاد ٿي، سواءِ ڪنهن فڪر ۽ خيال جي ، نهايت ئي اطمينان سان قوم جي نونهالن جي خدمت بجاءِ آڻي سگهن! افسوس سان اهو چوڻو پوي ٿو ته “ميڊيڪل ڪاليج” جي انتظاميه انهن ڪوارٽرن کي به نه بخشيو ۽ ڊاهيءَ پـَـٽُ ڪري ڇڏيو!
اسڪول جي برانچ، “وِلس هاءِ اسڪول” جو مٿي ذڪر ٿي آيو آهي. خوجا صاحب ان هنڌ هڪ سهڻو ۽ وڻندڙ نظاريدار باغ رکايو، جو هن وقت به “خوجا گارڊن” جي نالي سان سڏبو اچي ٿو. خوجا صاحب جڏهن اسڪول جو هيڊ ماستر هو، تڏهن انهيءَ باغ جو شانُ ئي نرالو هو. نواب شاهه جي شهرين لاءِ ان وقت صرف اهو ئي واحد تفريح گاهه هو. انهيءَ باغ کي ڏسڻ سان سچ پچ ته لاهور جي مشهور “شاليمار باغ” جو تصور اکين اڳيان تري ايندو هو. جيتوڻيڪ اهو باغ اڄ به قائم آهي، پر منجهس اها اڳ واري رونق ۽ شانُ باقي نه رهيو آهي.
انهيءَ باغ جي ڀرسان “وِلس هاءِ اسڪول” واريءَ عمارت جي اوڀرندي ڇيڙي تي هڪ عاليشان “لائبريري هال” هو، جنهن ۾ اٽڪل ڏهه هزار کن ناياب ۽ نادر ڪتاب موجود هئا. سچ پچ ته هن اسڪول جو ڏيک ۽ ڏيا هڪ “يونيورسٽيءَ” واري هئي.
اسڪول جي مکيه ۽ مرڪزي برانچ جي اولهندي طرف کان خوجا صاحب جي رهائش لاءِ هڪ بنگلو هو، جو اڄ تائين قائم آهي. افسوس آهي، جو خوجا صاحب جي وڃڻ کان پوءِ، سندس ٻئي جاءِ نشين جي غلط پاليسيءَ جي ڪري، اهو بنگلو اسڪول کان کسيو ويو. هن وقت خوجا صاحب اسان وٽ نه آهي. سندس انهيءَ رهائش گاهه واري بنگلي کي “يادگار” قرار ڏيئي، اتي هڪ عاليشان ميوزيم ۽ لائبريري قائم ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جو ايندڙ نسل کيس ياد ڪري ۽ اهو اندازو ڪري سگهن ته سنڌ ڌرتيءَ اهڙا ماڻهو به پيدا ڪيا، جن پنهنجو تـَـنُ، مـَـنُ ۽ ڌَنُ سنڌي قوم لاءِ وقف ڪيو هو! (1)
خوجا صاحب نواب شاهه شهر ۾ زناني تعليم جي فروغ لاءِ به ڏاڍو پاڻ پتوڙيو. شهر ۾ ڇوڪرين جو هاءِ اسڪول ۽ ڊگري ڪاليج سندس ئي محنت جو نتيجو آهن. انهن ٻنهي ادارن مان اڄ به سوين نياڻيون تعليم جي اعليٰ زيور سان سينگارجي، عملي زندگيءَ ۾ هڪ بهترين عورت جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. “اپوا” (APWA) نواب شاهه جي پاران “اپوا” ڪنڊر گارڊن اسڪول” پڻ سندس ئي قائم ڪيل آهي. پاڻ انهيءَ اسڪول جو زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين سيڪريٽري ٿي رهيو.
پاڪستان جي سابق صدر، محمد ايوب خان جي دؤرِ حڪومت ۾ خوجا صاحب کي سندس علمي ۽ تعليمي ميدان ۾ ڪيل خدمتن جي ڏس ۾، ميونسپل ڪاميٽي، نواب شاهه جو اعزازي ميمبر منتخب ڪيو ويو. انهيءَ عرصي دوران پاڻ ميونسپل ڪاميٽيءَ جي مالياتي ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ ٿي رهيو، خوجا صاحب جي سعي ۽ ڪوشش سان موجوده گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول، نواب شاهه جي عمارت جي اڏاوت ٿي.
پاڪسان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، خوجا صاحب نواب شاهه جي آفيسرز ڪلب، يعني “حامد علي ڪلب” جو سيڪريٽري ۽ منتظم پڻ ٿي رهيو. اها ڪلب نواب شاهه ضلعي جي پهرئين ڪليڪٽر، حامد علي خان جي نالي سان قائم ٿيل آهي. خوجا صاحب، ڪلب جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ پڻ ڏاڍي جاکوڙ ڪئي.
خوجا صاحب جي تعليمي ۽ انتظامي صلاحيتن ۽ خدمتن جي مدنظر سن 1958ع ۾ آمريڪا جي حڪومت کيس ٻن مهينن لاءِ خاص دعوت ڏيئي گهرايو. آمريڪا سرڪار کيس اتان جي وڏن تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين جو سير ڪرايو. هن نه صرف اتان جا تعليمي ادارا ۽ درسگاهون ڏٺيون، پر اتي جي ڪيترن ئي سماجي ادارن جو پڻ معائنو ڪيو. اهڙيءَ طرح، کيس اتان جي برک عالمن ۽ تعليمي ماهرن سان تبادله خيالات ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو. خوجا صاحب اتان جي ڪيترن ئي ادارن ۾ عالمانه تقريرون ڪيون ۽ اتان پنهنجي سنڌي قوم، ملڪ ۽ اداري جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪافي ڪجهه حاصل ڪيو.
خوجا صاحب سن 1972ع ۾ رٽائر ڪرڻ کان پوءِ، بورڊ آف انٽرميڊيئٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، حيدرآباد جو چيئرمن مقرر ٿيو. پاڻ ست سال سانده انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. ان عرصي دوران سنڌ جي تعليم جي ڏس ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنائين.
خوجا صاحب هڪ اعليٰ شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ طبيعت جو نهايت ئي سادو هو. اجائي تصنع، نمائش ۽ بيجا شهرت کان پري رهندو هو. بلڪل خاموشيءَ ۽ دل جي لگن سان پنهنجي تعليمي اداري خواه ٻين ڪيترن درسگاهن جو بنياد وڌائين ۽ انهن کي ڪاميابيءَ سان هلايائين. پاڻ هڪ مثالي استاد جي حيثيت ۾ شاگردن ۽ استادن جي وڏي خدمت ڪيائين. نازڪ کان نازڪ مرحلن تي به نهايت خوش اسلوبيءَ ۽ وضعداريءَ سان مسئلن کي نبيري ڇڏيندو هو. پنهنجي منظم ۽ سليقي واريءَ رعبدار ۽ هر دلعزيز شخصيت جي ڪري، شاگرد توڙي اُستاد کيس هميشه پنهنجي مربيءَ وانگر سمجهندا هئا. پاڻ پنهنجي سموري زندگي مـُـجرد ٿي گذاريائين ۽ پنهنجي تن ۽ من جو لاڙو صرف پنهنجي قائم ڪيل اسڪول جي ترقيءَ ۽ واڌاري ۾ پـُـوري ڪيائين.
خوجا صاحب، سنڌ جي عظيم شاعر، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جو وڏو شيدائي هو. پاڻ تعليمي ۽ سماجي سرگرمين سان گڏ علم ۽ ادب جو به ڪم ڪيائين. وقت بوقت ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ پاڻ هميشه شريڪ ٿيندو هو. فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي دؤر ۾ نئين تعليمي پاليسيءَ تحت، حڪومت طرفان انٽرميڊيئيٽ ڪلاسن لاءِ نصاب طور تيار ڪرايل تواريخ جو ڪتاب کيس ترجمي لاءِ مليو، جنهن کي پاڻ تمام سهڻي، سلوڻي ۽ عام فهم سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيائين . اهو ڪتاب “اسلامي تاريخ يعني برصغير پاڪ و هند جي مسلمانن جي تاريخ” جي نالي سان سن 1962ع ۾ شايع ٿيو، جو ڊيمي سائيز ۾ 712 صفحن تي مشتمل آهي. انگريزي زبان ۾ سندس هڪ ڪتابڙو “Secondary Education “ جي نالي سان پڻ شايل ٿيل آهي.
خوجا صاحب تعليمي، تدريسي، علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين سان گڏ، موسيقيءَ سان به دلچسپي رکندو هو. خاص ڪري ڪلاسيڪي گائڪي کيس ڏاڍي پسند هئي. سن 55- 1954ع ڌاري برصغير هند و پاڪ جو مشهور گويو، استاد بڙي غلام علي خان، قاضي ميان فيض محمد جي دعوت تي نواب شاهه آيو هو. قاضي صاحب انهيءَ محفل جو انتظام خوجا صاحب جي اسڪول واري بنگلي ۾ ڪيو هو. راقم به پنهنجي والد، حڪيم قاضي ميان محمد يعقوب قريشيءَ سان گڏ محفل ۾ حاضر هو. مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڪلاسيڪي راڳ ٻـُـڌو ۽ حـِـظُ حاصل ڪيو.
خوجا صاحب هڪ اعليٰ آدرشي انسان هو. وٽس رنگ، نسل، ذات پات ۽ مذهب وغيره جو ڪوبه سـَـنڌو ڪونه هو. سندس اڳيان سڀ انسان هڪ جهڙا هئا. سندس نظريو “انسانيت” هو. هن وٽ هندو، مسلمان، عيسائي ۽ اَڇـُـوت وغيره جو ڪوبه امتياز نه هو. وٽس پيار ۽ محبت جو عنصر هو. سندس مخالف به سندس شخصيت کان متاثر هوندا هئا. سندس اصول هو “خدمت ۽ قرباني”، جنهن تي ساريءَ ڄمار عمل ڪيائين. برصغير جي ورهاڱي کان اڳ وٽس اسڪول ۾ هندو استاد به هئا، جهڙوڪ: مسٽر جيوت رام، مسٽر هاسارام ڀاٽيه ۽ مسٽر منگهن داس. اهي ٽئي نهايت قابل، هوشيار، ايماندار ۽ مانائتا استاد هئا. افسوس جو سن 1948ع ڌاري اهي استاد ڪن مجبورين سبب اسڪول ڇڏي هندستان هليا ويا.
خوجا صاحب تعليم کاتي ۾ جيتوڻيڪ هڪ اعليٰ ۽ بلند مقام جي حيثيت جو مالڪ هو، پر ان هوندي به منجهس سادگي، نهٺائي، نماڻائي ۽ نمرتا سمايل هئي. پاڻ نهايت ئي خوش خلق، همدرد، هڏ ڏوکي، قوم جو خادم ۽ بلند ڪردار جو صاحب هو. سندس شخصيت نهايت ئي پـُرڪشش ۽ اثر انگيز هئي. سنڌ جي وڏن تعليمي ماهرن، قابل اُستادن ۽ برک سياستدانن سان سندس بهترين تعلقات قائم هئا. خوجا صاحب کي انهيءَ بلند مقام تي پهچائڻ ۾ خاص طرح سان ان وقت ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ نواب شاهه جي پريزيڊنٽ، خانبهادر غلام رسول خان جتوئيءَ(1) جو وڏو هٿ هو. خانبهادر جتوئيءَ، خوجا صاحب کي اسڪول جي انتظامي ڪمن ۾ بااختيار بڻايو . خوجا صاحب جا جتوئي خاندان سان زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين تعلقات قائم رهيا.
هن اسڪول مان سنڌ جا وڏا عالم، اديب، شاعر، وڪيل، جج، سياستدان، قومي رهنما، انجنيئر ۽ ڊاڪٽر پيدا ٿيا، جن جي ڪارنامن سان سنڌ جي تواريخ جا باب ڀريل آهن. خوجا صاحب جي خدمتن جي يادگار کي قائم رکڻ لا”، سنڌ سرڪار هن اسڪول کي سندس ئي نالي، يعني: “ايڇ. ايم. خوجا گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول” جو باقاعدي سرڪاري اعلان ڪيو.
خوجا صاحب جي اها دلي تمنا هوندي هئي، ته سندس آخرين آرامگاهه به سندس ئي برپا ڪيل اسڪول جي حد ۾ ٿئي. انهيءَ لحاظ کان پاڻ پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي “ڄام جان محمد خان هاسٽل” جي اولهه ۾ قائم ڪيل مسجد جي ڀرسان پنهنجي مزار جو نشان ٺهرايو هئائين. پر اسان سنڌ وارا هميشه بي قدريءَ جو مظاهرو ڪندا آهيون. سندس حياتيءَ ۾ ئي “پيپلز ميڊيڪل ڪاليج فار گرلس” جي هڪ پرنسيپال صاحب اهو مزار جو نشان ڊهرائي ڇڏيو. ان کان پوءِ، پاڻ دل شڪسته ٿي پيو ۽ سندس ئي وصيت موجب کيس حيدرآباد ۾ پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ڪرايو ويو.
نواب شاهه شهر جي عوام کي خوجا صاحب جي شخصيت تي جيترو ناز ڪرڻ گهرجي، ته اهو جـُـڳائي ٿو. نواب شاهه شهرواسي ڪڏهن به هن تعليمي مرد مجاهد جي احسانن جو بارُ لاهي نٿا سگهن. سچ پچ ته خوجا صاحب انيڪ خوبين ۽ خاصيتن جو جامع هو. رب ڪريم کيس مرهي ۽ سندس پوين، عزيزن، پرستارن ۽ غمزده شاگردن کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي. آمين! ساڳئي وقت، سنڌي قوم ۽ خاص ڪري نواب شاهه جي عوام کي اها همت ۽ قوت عطا ٿئي، جو خوجا صاحب جي قائم ڪيل علم جي شمع کي اُجهامڻ جي بجاءِ روشن رکن، جو مرحوم جي زندگيءَ جو نصب العين هو. اهڙن املهه ماڻڪن لاءِ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ فرمايو آهي:
تان ڪـِي وَٽـِنِ وَڃُ، جان آهينِ اوطاقن ۾،
سامي سفر هليا، رائو چـِتائي رُڃُ،
اهڙو جـَـنِ اُهـُڃُ، سي ڪـَرمِ مـِلندءِ ڪاپڙي.
*
جـُه صرافـَنِ لـَـڏِئو، ته تون پڻ لـَڏِج سونَ!
قدر لـَهندءِ ڪونه، نيئي گڏيندءِ گڏُونءَ سين.
*
(ماهوار”نئين زندگي” ڪراچي سنڌ،آگسٽ 1962ع
- سـَـنواريل ۽ وڌايل)
(1) محمد صديق “مسافر” (1879ع - 1961ع) سنڌي زبان جو هڪ وڏو اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، هن ڪيترائي علمي، ادبي ۽ درسي ڪتاب لکيا آهن. سندس شاعريءَ جو مجموعو “ڪليات مسافر” جي نالي سان شايع ٿيل آهي.
(1) قاضي ميان فيض محمد، “ساهتي” پرڳڻي جي قديم شهر ،”هالاڻيءَ” جي مشهور صديقي خاندان جو چشم ۽ چراغ هو. سندس پڙ ڏاڏو، قاضي ميان محمد صادق، ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ هالاڻي شهر جو قاضي هو. قاضي فيض محمد 23- نومبر 1908ع تي هالاڻيءَ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو قاضي ميان نبي بخش هو. ابتدائي تعليم هالاڻيءَ ۾ پرائڻ کان پوءِ، ثانوي تعليم خيرپورميرس ۽ نوشهري فيروز هاءِ اسڪولن مان ورتائين. سن 1929ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1935ع ۾ بي.ايس.سي. ڪيائين. 1940ع ۾ ايل.ايل.بي جو امتحان پاس ڪري، نواب شاهه ۾ وڪالت جي شروعات ڪيائين. سياسي زندگيءَ جي ابتدا سن 1919ع ۾ خلافت تحريڪ ۽ ڪانگريس هلچل واري وقت کان ڪيائين. 1928ع ۾ “سائمن ڪميشن” جي خلاف “سائمن گو بئڪ” جا نعرا هنيائين. 1933ع ۾ خاڪسار تحريڪ ۽ 1943ع ۾ مسلم ليگ ۾ بهرو ورتائين. 1948ع کان هاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ 1951ع ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو صدر مقرر ٿيو. شيخ مجيب الرحمان جي دؤر ۾ عوامي ليگ پارٽيءَ جو نائب صدر هو. وڪالت ۽ سياست سان وابسته رهڻ جي باوجود، علم ۽ ادب جي سرگرمين ۾ حصو ورتائين. پاڻ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ناول، مضمون، ۽ شعر لکيائين. 25- ذوالحج 1402هه/ 13- آڪٽوبر 1982ع تي رحلت ڪيائين. (جي.ايم.سيد: “جنب گذايم جن سين” - جلد ٻيو، ص 114 کان 199
(2) مرزا فرخ بيگ، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي وڏي ڀاءُ، مرزا صادق علي بيگ (1845ع کان 1912ع) جو وڏو فرزند هو. مرزا فرخ بيگ بئريسٽر هو. پاڻ هڪ خاص وضع قطع جو صاحب هو. نواب شاهه جي ڀرسان سندس آبائي زمينداري هئي. شروع ۾ پاڻ وڪالت ڪندو هو، پر پوءِ اها ڇڏي، زمينداريءَ طرف توجه ڏنائين. نواب شاهه ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پهريون پريزيڊنٽ هو. پاڻ انهيءَ عهدي تي 1- مارچ 1923ع کان 28- فيبروري 1933ع تائين فائز رهيو. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي موجوده شاندار عمارت سندس تعميراتي مذاق جو مظهر آهي. نواب شاهه جي زمينداري ڪوآپريٽو بئنڪ جو چيئرمن به ٿي رهيو. وڏيءَ عمر ۾ هيءُ جهان ڇڏيائين ۽ حيدرآباد ۾ اباڻي قبرستان ۾ مدفون ٿيو.
(1) پير قربان علي، سنڌ جو هڪ نامور قانوندان ۽ وڏيءَ سياسي بصيرت جو مالڪ هو. پاڻ “ساهتي” پرڳڻي جي مشهور تواريخي شهر “نوشهري فيروز” جو ويٺل هو. پير صاحب بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي . پاس ڪئي هئي. ان سان گڏ ايل. ايل. بي جو امتحان به پاس ڪيو هئائين. تعليم جي مشغلي کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز نوشهري فيروز ۾ وڪالت سان ڪيائين. پاڻ خانداني طرح زميندار هو ۽ سياسي طرح وڏيءَ سوچ ۽ فڪر وارو هو. 1928ع ۾ نواب شاهه ڊسٽرڪٽ لوڪل بورد جي اليڪشن ۾ ميمبر چونڊجي آيو. پاڻ نواب شاهه ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو ٻه دفعا پريزيڊنٽ ٿي رهيو. پهريون دفعو 1- آڪٽوبر 1933ع کان 28- فيبروري 1937ع تائين ۽ ان بعد 1- نومبر 1940ع کان 31- ڊسمبر 1944ع تائين ٻيهر پريزيڊنٽ ٿي رهيو. اهڙيءَ طرح، پير صاحب جي نواب شاهه ضلعي ۾ ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾، نواب شاهه ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ آفيس ۾ قائم ميٽنگ هال کي ڏانهس منسوب ڪري. ان جو نالو “پير قربان علي هال” نالو رکيو ويو. 1953ع ۾ پاڻ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو، ۽ اهڙيءَ طرح پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر مقرر ٿيو. ون يونٽ جي قائم ٿيڻ کان پوءِ، 1955ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو به ميمبر پڻ چونڊجي آيو. 12-ڊسمبر 1968ع تي وفات ڪيائين. کيس ٻه فرزند ٿيا: هڪ پير خالد قربان ۽ ٻيو طارق قربان.
(1) ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، سنڌ جي تعليم کاتي جو هڪ برجستو ۽ اعليٰ انتظامي صلاحيتن وارو آفيسر ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر صاحب تعليم جي ڏس ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن تعليمي ميدان ۾ وڏا اڻ مٽجندڙ نشان ڇڏيا آهن. ڊاڪٽر غلام حسين جعفري سن 1905ع ۾ دادو ضلعي جي “ڀان سيد آباد” ۾ ڄائو. ابتدائي سنڌيءَ جي تعليم پنهنجي ڳوٺ “ڀان” ۾ ورتائين. 1924ع ۾ ناز هاءِ اسڪول، خيرپور ميرس مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1928ع ۾ بي. اي. جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري، تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. مدرسه هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر ٿي رهيو. انهيءَ دوران علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ايم. اي. ۽ ايل. ايل. بي. ڪيائين، 1947ع ۾ آمريڪا ۾ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان ايم. ايڊ ۽ ڪارنيل يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ.ڊي جي سند ورتائين. سن 1951ع ڌاري نواب شاهه ضلعي جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي آيو ۽ پوءِ جلد ئي ٽريننگ ڪاليج فارمين، حيدرآباد سنڌ جو پرنسيپال مقرر ٿيو. ون يونٽ جي قيام کان پوءِ، 1955ع ۾ لاهور ۾ مغربي پاڪستان جو اسسٽنٽ ڊي. پي.آءِ. ٿيو، جتان 1959ع ۾ حيدرآباد ريجن جو تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر ٿي آيو. پاڻ زندگيءَ جو وڏو عرصو تعليم جي خدمت ڪندي، 1960ع ۾ پينشن تي لٿو. پينشن تي لهڻ کان پوءِ، بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، حيدرآباد سنڌ جي قيامِ عمل ۾ اچڻ کان پوءِ، ان جو پهريون چيئرمن مقرر ٿيو. 1973ع ۾ پبلڪ اسڪول، حيدرآباد سنڌ جو پرنسيپال ٿيو. 29- جون 1977ع تي رحلت ڪيائين.
(2) عثمان علي انصاري هڪ وڏو تعليمي ماهر، عالم، اديب، محقق ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو وڏو عاشق هو. پاڻ 21- آڪٽوبر 1901ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين. 1918ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1923ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي . جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ انگلينڊ روانو ٿي ويو، جتان 1925ع ۾ ايم. اي. ۽ صحافت ۾ ڊپلوما ڪيائين. 1925ع ۾ مدرسه هاءِ اسڪول ميرپورخاص جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو. ٻن سالن جي عرصي کان پوءِ، 1927ع ۾ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري فيروز جو پرنسيپال ٿيو. 1940ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عهدي تي فائز ٿيو. 1951ع کان 1957ع تائين سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊي. پي. آءِ. ٿي رهيو ۽ انهيءَ عهدي تان پينشن تي لٿو. انصاري صاحب تعليمي ۽ انتظاميه مشغولين جي باوجود، سنڌي علم ۽ ادب سان به لاڳاپيل رهيو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سان سندس جنون جي حد تائين عشق هو. پاڻ “شاهه جو رسالو” به ايڊٽ ڪيو هئائين، جو 1997ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان شايع ٿيو. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري ۽ رسالي “مهراڻ” جي ابتدائي دؤر ۾، ان جو مئنيجنگ ايڊيٽر به ٿي رهيو. هن افسانا به لکيا. سندس افسانن جو مجموعو “پنج” جي نالي سان شايع ٿيل آهي. “سچل سرمست جو سنڌي ڪلام” سندس بهترين تاليف آهي. 2- سيپٽمبر 1962ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين.
(1) سن 2003ع ۾ نوابشاهه ضلعي جي علم پرور ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر، محترم عبدالقادر منگي صاحب انهيءَ رهائشي بنگلي کي تواريخي ورثو قرار ڏيئي، ان کي “ايڇ. ايم. خوجا ميموريل لائبريري” جو درجو ڏنو.
(1) خانبهادر غلام رسول خان جتوئي، پاڪستان جي مشهور ۽ معروف سياستدان، رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ جو والد هو. پاڻ 1- جنوري 1945ع کان 31- ڊسمبر 1952ع تائين ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ نواب شاهه جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو.
محترم انجنئر سهتا سائين تمام قيمتي معلومات مهرباني لک احسان
ReplyDeleteمحترم پروفيسر شفيق احمد جوکيو صاحب، چڱن ريمارڪس ڏيڻ لاءِ مھرباني.
ReplyDelete